Get Adobe Flash player

اسان پهريان به عرض ڪري چڪا آهيون ته شيعن جو راسخ عقيدو آهي ته خلافت وارو منصب ۽ عهدو، الله سائين عطا ڪندو آهي. اهڙي ريت سندن اهو به عقيدو آهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم کان پوءِ شروع ٿيندڙ امامت، ڪجهه لحاظن کان نبوت وانگر آهي،

جهڙي ريت ضروري آهي ته پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم کي خدا معين ڪري اهڙيءَ ريت اهو به ضروري آهي ته سندن وصي کي به خدا معين ڪري، ان حقيقت جي سلسلي ۾ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جي زندگي ۽ تاريخ بهترين شاهد آهي، ان ڪري جو پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم ڪجهه موقعن تي پنهنجو خليفو معين فرمايو آهي اسان هتي انهن مان ٽي نمونا ذڪر ڪريون ٿا.

پهريون نمونو: دعوت ذوالعشيره

 بعثت جي شروعات ۾: جڏهن پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم کي حڪم مليو ته پنهنجي ويجهن مائٽن کي هن آيت مبارڪه ”و انذر عشيرتڪ الاقربين“ ([1]) مطابق توحيد جي دين ڏانهن دعوت ڏئي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم انهن سڀني سان مخاطب ٿي فرمايو:

 هن واٽ ۾ جيڪو به منهنجي مدد ڪندو، اهو منهنجو وصي، وزير ۽ جانشين بڻجندو. سندن الفاظ هي هئا. فايڪم يوازرني في هذا الامر علي ان يکون اخي و وزيري و خليفتي فيڪم (توهان مان ڪير آهي جيڪو هن ڪم ۾ منهنجي مدد ڪري، اهو توهان ۾ منهنجو ڀاءُ، وزير، وصي ۽ جانشين بڻجي؟ )

ان ملڪوتي آواز تي صرف ۽ صرف امير المومنين علي بن ابي طالب عليهما السلام لبيڪ چيو ۽ ان مهل پاڻ سڳورن پنهنجي مائٽن ڏانهن منهن ڪري فرمايو: انّ هذا اخي و وصيي و خليفتي فيڪم فاسمعوا له و اطيعوه  ([2]) . (بيشڪ هي علي (ع) توهان ۾ منهنجو ڀاءُ وصي ۽ جانشين آهي، سندس ڳالهيون ٻڌو ۽ سندس پيروي ڪريو.)

ٻيون نمونو: غزوه تبوڪ

 غزوه تبوڪ جي موقعي تي: پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم ، حضرت علي عليه السلام کي فرمايو:

اما ترضى ان تکون مني بمنزلة هارون من موسى الا انه لا نبي بعدي( ڇا تون ان ڳالهه تي راضي ۽ خوش نه آهين ته تنهنجي مون سان اها نسبت آهي جيڪا هارون جي موسى سان هئي، سواءِ ان جي جو مون کان بعد ڪو نبي نه ايندو) ([3])

يعني جهڙي ريت هارون (ع)، حضرت موسى(ع) جو بلا فصل وصي ۽ جانشين هئو اهڙي ريت تون به منهنجو بلا فصل خليفو ۽ جانشين آهين.

ٽيون نمونو: واقعه غدير

هجرت جي ڏهين سال رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم، حجة الوداع کان موٽندي غدير خم جي ميدان تي مسلمانن جي وڏي ميڙ ۾ حضرت علي عليه السلام کي مسلمانن ۽ مومنن جو ولي معين ڪيو ۽ فرمايو: (من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه، جنهن جو مان مولا ۽ سرپرست آهيان، ان جو هاڻي هي علي ع سرپرست ۽ مولا آهي)

هتي اهم نڪتو آهي اهو آهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله و سلم پنهنجي خطبي جي شروعات ۾ ارشاد فرمايو: الست اولى بڪم من انفسڪم، ڇا مان توهان جي جانين تي توهان کان وڌيڪ حق نه ٿو رکان؟

ان مهل سڀني مسلمانن هڪ زبان ٿي پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جي تصديق ڪئي هئي، تنهن ڪري هتي اهو چوڻ ضروري آهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جي ان حديث جي روشني ۾ جيڪا برتري ۽ مڪمل اختيار رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم کي حاصل هيو، اها ئي برتري ۽ مڪمل اختيار علي عليه السلام کي به حاصل آهي.

جنهن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته جهڙي ريت پاڻ سڳورا صلى الله عليه و آله وسلم مومنن تي برتري ۽ فوقيت رکندا هئا، اهڙي طرح حضرت علي عليه السلام به مومنن جي جانين تي برتري ۽ فوقيت رکن ٿا. ان ڏينهن حسان بن ثابت نالي هڪ شاعر غدير جي ان تاريخي واقعي کي پنهنجي شعرن ۾ هن ريت قلمبند ڪيو.

يناديهم يــــــــوم الـــغدير نبيهم          بخـــــــــــم واسمع باالرسول مناديا

فقال فمن مــولاڪم ونبيـــڪم؟         فقالو ولـــم يبدوا هناڪ التعامـــيا

الٰهڪ مـــــــــولانا و انت نبيـــــــنا         و لـــــــم تلق منا في الـــولاية عاصيا

فقـــــال له قـــــم يا علـــــــــي فاننــــي      رضــــيتڪ مــن بعدي امـــاما و هـــاديا

فمن ڪــــنت مـــــــولاه فهذا وليه         فڪونوا له اتباع صــــــدق مــــــــواليا

هناڪ دعا: اللهـــــــــــم وال ولـيه         و ڪــن للذي عــــادى عليًا معاديا ([4])

(ترجمو غدير جي ڏينهن سندن نبي خم ۾ کين سڏي رهيو هئو ۽ تون ٻڌ رسول (ص) کي سڏيندي ڏس ، چيائين آءُ ڪنهن جو مولا ۽ نبي آهيان ؟ ته چيائون هتي ان جو ڪو منڪر نظر نه ٿو اچي، تنهنجو خدا اسان جو سرپرست ۽ تون اسان جو نبي آهين ۽ تون اسان ۾ ان سرپرستيءَ ۾ ڪو نافرمان نه پائيندي ، پوءِ هن کي ڇيائين اٿ اي علي! جون آءَ راضي آهيان جو تون مون کان بعد هاديءَ امام هجين،جنهن جو آءُ مولا آهيان ،ان جو هيءَ مولا پوءِ سندس سچار پيروڪار رهو ۽ پوءِ دعا گهريائين اي پروردگار سندس حبدار جودوست ۽ عليءَ جي دشمن جو دشمن رهه.)

       حديث غدير، اسلام جي اهڙين متواتر ([5]) حديثن مان هڪ آهي، جن کي شيعه عالمن کان علاوهه تقريبن ٽي سئو سٺ 360 سني عالمن به نقل ڪيو آهي. ([6])

ايستائين جو هن حديث جو سندي سلسلو، پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جي هڪ سئو ڏهه 110 صحابين تائين پهچي ٿو ۽ اسلامي دنيا جي ڇويهه 26 وڏن عالمن هن حديث جي سندي سلسلي جي باري ۾ الڳ ڪتاب لکيا آهن.[7]

....................................

 



[1] - سورت شعراء، آيت 214

[2] - تاريخ طبري، جلد 2، صفحو 62، 63 ، تاريخ ڪامل، جلد 2، صفحو 40، 41 ،مسند احمد، جلد 1، صفحو 111 ، شرح نهج البلاغه (ابن ابي الحديد) جلد 13، صفحو 210، 212.

[3] - سيرة ابن هشام، جلد 2، صفحو 520 ، الصواعق المحرقه، ڇاپو ٻيون، مصر، باب 9، فصل 2، صفحو 121

[4] - هي شعر المناقب، خوارزمي مالڪي، صفحو 80 ، تذڪرة خواص الامة، سبط ابن جوزي حنفي، صفحو 20 ، ڪفاية الطالب، مصنف گنجي شافعي، صفحو 17 وغيره ۾ بيان ٿيو آهي

[5] - متواتر، اهڙي حديث کي چوندا آهن جيڪا راوين جي هڪ ايتري وڏي تعداد کان نقل ٿي هجي ۽ ان ۾ ذري برابر به ڪوڙ جو انديشو نه هجي.

[6] - نموني طور، ابن حجر جي ڪتاب الصواعق المحرقه، ڇاپو ٻيون، مصر، باب 9 ۽ فصل 2، صفحي 122 جو مطالعو ڪريو

[7] - وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو علامه اميني ره جي معرڪة الآراء ڪتاب الغدير