Get Adobe Flash player

تاريخ مان اها ڳالهه ثابت آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن پاڻ مسلمانن کي انهي طريقي سان صلوات پڙهڻ جي تعليم ڏني آهي. جڏهن هي آيت:

 

 اِنَّ اللَّـهَ وَمَلَائِڪَتَهُ يُصَلُّونَ عَلَى النَّبِيِّ،يَا اَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا صَلُّوا عَلَيْهِ وَسَلِّمُوا تَسْلِيمًا[1]

نازل ٿي ته مسلمانن، پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم کان پڇيو ته: اسان صلوات ڪيئن پڙهون؟

        پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو:

لا تُصلُّوا عَلَيَّ الصَلاة البتراء

(مون مٿان اڌوري صلوات نه پڙهو). تنهن تي مسلمانن پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم کان ٻيهر سوال ڪيو ته: پوءِ ڀلا اسان ڪهڙي ريت صلوات پڙهون؟ پاڻ فرمايائون:  چئو:

اللهُمَّ صَلِّ عَلي محَمَّد و آل محَمَّد. ([2])

اهل بيت اطهار عليهم السلام، ان عظيم مقام ۽ مرتبي جا مالڪ آهن، جنهن کي امام شافعي پنهنجي مشهور  شعرن ۾ قلمبند ڪيو آهي:

يَا اَهلَ بَيتِ رَسُولِ الله حُبُّڪُم      فَـــــرضٌ مِنَ اللهِ فِي القُرآنِ اَنزَلَه

ڪَفَاڪم مِن عَظِيم القَدرِ اَنَّڪُم     مَن لَم يُصَلِّ عَليڪم لا صَلاةَ لَه [3]

ترجمو: اي رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جا اهل بيت، الله سائين اوهان جي محبت کي قرآن ۾ نازل ڪري سڀني مٿان فرض ڪيو آهي، اوهان جي مقام ۽ مرتبي لاءِ بس ايترو ڪافي آهي ته جيڪو به پنهنجي نماز ۾ اوهان مٿان صلوات نه پڙهي ان جي نماز ئي نه ٿيندي.

 



[1] - سورت احزاب، آيت 56

[2] - الصواعق المحرقه (ابن حجر) ڇاپو ٻيون، مڪتبه القاهره، مصر، باب 11، فصل اول، صفحو 1146 ، اهڙي ئي روايت تفسير در المنثور، جلد 5، سورت احزاب جي آيت 56 جي تفسير ۾ به موجود آهي علامه جلال الدين سيوطي ان کي محدثن، ڪتب صحاح، ڪتب مسانيد (جيئن عبدالرزاق، ابن ابي شيبه، احمد، بخاري، مسلم، ابو دائود، ترمذي، نسائي، ابن ماجه ۽ ابن مردويه) کان نقل ڪيو آهي. ذڪر ٿيل راوين ڪعب بن عجره کان ۽ ان رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم کان روايت نقل ڪئي)

[3] - الصواعق المحرقه ،ابن حجر، باب 11، صفحو 148، فصل اول ۽ ڪتاب اتحاف ،شبراوي صفحو 29 ۽ ڪتاب مشارق الانوار ،حمزاوي مالڪي، صفحو 88 ۽ ڪتاب المواهب ، زرقاني ۽ ڪتاب الاسعاف ،صبان صفحو 199.