Get Adobe Flash player

اسان شيعن کان سوال ڪيو ويندو آهي ته اسان آذان ۾ اشهد انّ علياً ولي الله ڇو چوندا آهيون ۽ حضرت علي عليه السلام جي ولايت جي شاهدي ڇو ڏيندا آهيون؟ بهتر آهي ته ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ هيٺين نڪتن تي غور ڪيو وڃي:

 

      1.سڀني شيعا مجتهدن، فقهه تي مشتمل پنهنجي استدلالي يا غير استدلالي ڪتابن ۾ ان ڳالهه کي وضاحت سان لکيو آهي ته حضرت علي عليه السلام جي ولايت جي شاهدي آذان ۽ اقامت جو جز نه آهي ۽ ڪنهن کي به اهو حق حاصل نه آهي ته علي عليه السلام جي ولايت جي شاهدي کي آذان ۽ اقامت جو جز سمجهي زبان تي جاري ڪري. (يعني اهو سمجهي ته اهو خدا طرفان آذان ۾ شامل ڪيو ويو آهي)

     2. قرآن مجيد جي نگاهه ۾ حضرت علي عليه السلام، الله جا ولي آهن ۽ الله سائين هن آيت ۾ مومنن مٿان علي عليه السلام جي ولايت کي بيان ڪيو آهي:

   انّما وليُّڪم اللهُ و رسولُه و الَّذِين آمنُوا الَّذِين يُقِيمُون الصَّلاةَ و يُوتُونَ الزَّڪاةَ و هُم رَاڪعُون ( ايمان وارو بس توهان جو ولي الله آهي ۽ ان جو رسول آهي ۽ اهي ايمان وارا  (توهان جا ولي آهن) جيڪي نماز قائم ڪندا آهن ۽ حالت رڪوع ۾ زڪات ڏيندا آهن.) [1]

اهل سنت جي صحيح ۽ مستند ڪتابن به ان ڳالهه کي وضاحت سان بيان ڪيو آهي ته هي آيت شريفه حضرت علي عليه السلام جي شان ۾ ان وقت نازل ٿي، جڏهن پاڻ پنهنجي منڊي مبارڪ رڪوع جي حالت ۾ فقير کي عطا ڪيائون. [2]

جڏهن اها آيت حضرت امير المومنين علي عليه السلام جي شان ۾ نازل ٿي ته شاعر اهل بيت عليهم السلام حسان بن ثابت ان واقعي کي هن ريت پنهنجي شعرن ۾ بيان ڪيو:

فانت الذي اعطيت اذ انت راڪع     فدتڪ نفوس القوم يا خير راڪع
فانزل فيڪ الله خـــــــــير الــــولاية     و بيّنها في محڪمــات الشــــــرائع

اوهان اهي آهيو جن رڪوع جي حالت ۾ زڪات ادا ڪئي. اي بهترين رڪوع ڪرڻ وارا اوهان مٿان پوري قوم جون جانيون نثار ٿي وڃن. الله سائين جي ذات اوهان جي حق ۾ بهترين ولايت نازل ڪئي آهي ۽ ان کي شريعت جي تبديل نه ٿيندڙ احڪام ۾ (قرار ڏنو ۽) بيان ڪيو آهي.

  3. رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن فرمايو: اِنَّمَا الاَعمَالُ بِالنيّاتِ بيشڪ عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.

ان بنياد تي جڏهن علي عليه السلام جي ولايت انهن اصولن منجهان هڪ آهي جن اصولن کي قرآن مجيد وضاحت سان بيان ڪيو آهي ۽ ٻئي پاسي ان جملي اَشهَدُ انَّ عَلِياً وَلِيُّ الله کي آذان جو جز سمجهي ادا نه ڪيو وڃي ته اسان لاءِ پيغمبر جي رسالت جي شاهدي سان گڏ علي عليه السلام جي ولايت جو اعلان ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ هتي هڪ نڪتي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، اهو هي ته اگر آذان ۾ ڪنهن جملي جو اضافو ڪرڻ مناسب نه آهي ۽ ان ذريعي شيعن تي اعتراض ڪيو ويندو آهي ته هيٺين ٻن ڳالهين جي ڪهڙي توجيهه ڪئي ويندي انهن جو جواب ڪير ڏيندو:

1. معتبر تاريخ شاهد آهي ته هي جملو حَيَّ علي خَيرِ العَمَل آذان جو جز هئو.[3]

ليڪن ٻئي خليفي پنهنجي خلافت جي زماني ۾ اهو سوچيو ته اهو جملو آذان ۾ ٻڌي ڪٿي ماڻهو اهو گمان نه ڪن ته تمام عملن مان صرف نماز ئي بهترين عمل آهي ۽ پوءِ جهاد تي وڃڻ ڇڏي ڏين. تنهن ڪري اهو جملو آذان مان ختم ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ آذان انهي حالت تي باقي رهي. [4]

2.) الصلاة خير من النوم) هي جملو رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن جي زماني ۾ آذان جو جز نه هئو. بعد ۾ اهو جملو آذان ۾ وڌايو ويو آهي. [5]

ان جي ڪري ئي امام شافعي پنهنجي ڪتاب الاُمّ ۾ چيو آهي: اڪره في الاذان الصلاة خير من النوم لان ابا مخدوره لم يذڪره [6]

آذان ۾ الصلاة خير من النوم چوڻ مون کي پسند نه آهي ۽ مان ان کي مڪروهه ٿو سمجهان ان ڪري جو ابو مخدوره (هڪ راوي ۽ محدث) ان جملي کي (پنهنجي حديث ۾) ذڪر نه ڪيو آهي.

نتيجو

جيڪڏهن آذان ۾ ڪنهن به جملي کي ان جو جزء سمجهي اضافو ڪرڻ (يعني اهو چوڻ ته اهو خدا جي حڪم سان آذان ۾ وڌايو وڃي ) بدعت آهي ۽ جائز ناهي پر جيڪڏهن ان کي پنهنجي ايمان جو تقاضا مطابق ۽ قرآن جي  بنيادي اصولن تي عمل مطابق هجي ۽ ماڻهو ان کي ثواب خاطر پڙهي ته ڪو حرج  ناهي

جيڪي ماڻهو شيعن تي آذان ۾ وڌاء جو الزام ڏيڻ ٿا اهي ٻڌائن ته الصلواة خير من النوم ڇو وڌايو ويو ۽ ان جو حڪم چاهي جيڪو جواب توهان ان لاءِ ڏيندئو اسان به ڏينداسين.

 



[1] - سورت مائده، آيت 55

[2] - ان باري ۾ ڪيترا ئي ڪتاب موجود آهن ته اها آيت حضرت علي عليه السلام جي شان ۾ نازل ٿي آهي. ليڪن انهن سڀني ڪتابن کي هتي ذڪر ڪرڻ ممڪن نه آهي تنهن هوندي به انهن منجهان ڪجهه کي اسان هتي ذڪر ڪريون ٿا:

 1_ تفسير طبري، جلد 6، صفحو 186.

 2_ احڪام القرآن (تفسير جصاص) جلد 2، صفحو 542.

 3_ تفسير البيضاوي، جلد 1، صفحو 345.

 4_ تفسير الدر المنثور، جلد 2، صفحو 293

[3] -  ڏسو ڪتاب ڪنز العمال، ڪتاب الصلوة، جلد 4، صفحو 266: (کان بلال يوذن بالصبح فيقول: حَيَّ علي خَيرِ العَمَل. بلال جڏهن صبح جي آذان ڏيندو هئو ته چوندو هئو حَيَّ علي خَيرِ العَمَل ) اها ڳالهه سنن بيهقي، جلد 1، صفحو 424 ۽ 425 ۽ موطا جلد 1، صفحو 93۾ به درج ٿيل آهي)

[4] -ڏسو ڪتاب ڪنز العرفان، جلد 2، صفحو 158 ۽ ڪتاب الصراط المستقيم ۽ جواهر الاخبار والآثار ۽ شرح تجريد (قوشچي) صفحو 484 ۾ آهي ته: صعد المنبر و قال: ايها الناس ثلاث کن علي عهد رسول الله انا انهي عنهن و احرمهن و اعاقب عليهن و هي متعة النساءِ و متعة الحج و حَيَّ علي خَيرِ العَمَل خليفو منبر تي ويٺو ۽ چيائين: اي انسانو ٽي ڪم رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي زماني ۾ حلال هئا مان انهن کان منع ٿو ڪريان ۽ انهن کي حرام قرار ڏيان ٿو ۽ جنهن به مخالفت ڪئي ان کي سزا ڏيندس اهي ٽي ڪم هي آهن متعه حج، متعه نساء ۽ حَيَّ علي خَيرِ العَمَل.

[5] - ڪنز العمال، ڪتاب الصلوة، جلد 4، صفحو 270

[6] - دلائل الصدق، جلد 13، القسم الثاني، صفحو 97 مان ورتل