Get Adobe Flash player

عراق جي شهر “ انبار” ۾ جتي ايرانين جي اڪثريت هئي جڏهن ڪو معزز ۽ وڏو ماڻهو ايندو هئو ته ان شهر جا وڏا ۽ امير ماڻهو ۾ هوندا هئا سندس استقبال لاءِ ايندا هئا ۽ ان جي سوراريءَ سان گڏ ڊوڙڻ شروع ڪندا هئا هڪ دفعي حضرت مولا اميرالمومنين (ع) جو ان شهر مان گذر ٿيو ته انهن ايرانين مولا جي سواري اڳيان ڊورڙڻ شروع ڪيو

ته مولا انهن کي گھرايو ۽ انهن کان پڇا ڪئي ته اهو توهان ڇا ٿا ڪيو۽ توهان هي ڪهڙو ڪم ٿا ڪيو؟

  انهن ماڻهن اهو جواب ۾ چيو ته اسان اهو هڪڙي قسم جو احترام ٿا ڪيون ۽ اهو ڪم اسان جي معاشري ۾ اها هڪ قسم جي ادبي سنت آهي جو اسان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو استقبل ائين سندس اڳين ڊوڙندي ڪندا آهيون .

مولا امير(ع) انهن کي فرمايو: اهو ڪم توهان کي دنيا ۾ مشڪلات ۾ وجھندو ۽ آخرت ۾ عذاب جي طرف ڇڪيندو هميشه اهڙا ڪم توهان کي ذليل ۽ خوار ڪندا لهذا انهن ڪمن کان توهان پرهيز ڪيو .جڏهن ته اوهان جي ان ڪم سان ان شخص کي به ڪو فائدو نه ٿيندو .  

(داستان راستان ، شهيد مرتضى مطهري)