Get Adobe Flash player

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جو شمار اسان جي انهن امامن مان ٿئي ٿو جن انتهائي سخت حالات ۾ امامت جهڙو عظيم فريضو نڀايو ۽ ماڻهن کي حق جي راهه ڏيکاري ۽ هرقسم جون مصيبتون سر تي سهي حق جا واٽ ڏيکاري ، اسان هن مختصر تحرير ۾ سندن املهه ۽ ناياب  ڪلام مان ڪجهه انمول حديثون پيش ڪري رهيا اهيون اميد ته ڌڻيءَ در قبول پونديون.

 

1. قالَ عليه السلام : افضَلُ العِبادَةِ بَعدِ المَعرِفَةِ‌ انتِظارُ‌ الفَرَجِ [1]

معرفت کان پوءِ بهترين عبادت ٻارهين امام جي ظهور جو انتظار اهي

2.قالَ عليه السلام : رَحِمَ اللّهُ عَبْدا تَفَقَّهَ، عَرَفَ النّاسَ وَلايَعْرِفُونَهُ.[2]

الله سائين رحمت نازل ڪري ان ٻانهي تي جنهن علمِ دين سکيو ،ماڻهن کي سڃاتو ليڪن ماڻهو کائنس غافل اهن.

3. قالَ عليه السلام : ما قُسِّمَ بَيْنَ الْعِبادِ اءفْضَلُ مِنَ الْعَقْلِ، نَوْمُ الْعاقِلِ اءفْضَلُ مِنْ سَهَرِالْجاهِلِ.[3]

ماڻهن  ۾ عقل کان وڌيڪ  بهتر شيءِ  نه ورهائي اهي ، عقل مند انسان جي ننڊ جاهل جي راتين جي جاڳڻ کان وڌيڪ بهتر اهي.

4. قالَ عليه السلام : انَّ اهْلَ الا رْضِ مَرْحُومُونَ ما يَخافُونَ، وَ اءدُّوا الا مانَةَ، وَ عَمِلُوا بِالْحَقِّ.[4]

زمين وارا جيستائين الله کان ڊڄندا رهن، امانت دار ۽ حق تي عمل ڪندا رهن ، سندس رحمت جي سائي ۾ رهندا.

5. قالَ عليه السلام : بِئْسَ الْعَبْدُ يَڪونُ ذاوَجْهَيْنِ وَ ذالِسانَيْنِ.[5]

بدترين انسان اهو اهي جيڪو ٻه چهرا ۽ ٻه زبانون رکي ٿو. (يعني جيڪو سامهون هڪڙو ۽پرپٺ ٻيو اهي).

6. قالَ عليه السلام : الْمَغْبُونُ مَنْ غَبِنَ عُمْرَهُ ساعَةً.[6]

هر اهو انسان گهاٽي ۾ اهي جنهن جي عمر هڪ لمحي لاٰءِ به بيهوده گذري ٿي

7 . قال عليه السلام : مَنِ اسْتَشارَ لَمْ يَعْدِمْ عِنْدَ الصَّوابِ مادِحا، وَ عِنْدَالْخَطا عاذِرا.[7]

جيڪو انسان مشورو ڪري ڪم ڪري ٿو جيڪڏهن ڪامياب ٿيو ته سندس تعريف ڪئي ويندس ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿيو ته سندس عذر قبول ڪيو ويندو.

8 .قالَ عليه السلام:مَنْ لَمْ يَڪنْ لَهُ مِنْ نَفْسِهِ واعِظٌ تَمَڪنَ مِنْهُ عَدُوُّهُ يعني الشّيطان .[8]

جيڪو شخص پنهنجي نفس کي پاڻ نصحيت نه ڪري (ضمير جو سڏ نه ٻڌي) شيطان مٿس حڪومت ڪندو.

9. قالَ عليه السلام : لايَخْلُو الْمُؤْمِنُ مِنْ خَمْسَةٍ: سِواڪ، وَمِشْطٍ، و سَجّادَةٍ، وَ سَبْحَةٍ فيها اءرْبَعٌ وَ ثَلاثُونَ حَبَّة، وَ خاتَمُ عَقيقٍ.[9]

مومن پنجن شين کان خالي ناهي هوندو : ڏندڻ، ڪنگو،مصلّو، 34 داڻن واري تسبيح ۽ عقيق جي منڊي

10. قالَ عليه السلام : لاتَدْخُلُواالْحَمّامَ عَلَى الرّيقِ، وَلاتَدْخُلُوهُ حَتّى تُطْعِمُوا شَيْئا.[10]

خالي پيٽ  حمام ۾ داخل نه ٿيو (غسل نه ڪريو)  ۽ ڪا شيءِ کائڻ  بغير به داخل نه ٿيو (يعني پيٽ ڀريل ۽ خالي پيٽ واري حالت ۾ نه حمام نه وڃو )

11. قالَ عليه السلام : ايّاڪ وَالْمِزاحَ، فَانَّهُ يَذْهَبُ بِنُورِ ايمانِڪ، وَيَسْتَخِفُّ مُرُوَّتَڪ. [11]

(بيجا بيهوده) مذاق کان پاسو ڪريو ڇاڪاڻ ته اها توهان جي ايمان جي نور کي ختم ڪيو ڇڏي ۽ عزت ابرو کي گهٽائي ٿي.

12. قالَ عليه السلام : اللَّحْمُ يُنْبِتُ اللَّحْمَ، وَالسَّمَڪ يُذيبُ الْجَسَدَ.[12]

گوشت،گوشت (۽ چربي) وڌائي ٿو ۽ مڇي (چرٻي) ۽ جسم(جي گوشت) کي ڳاري ٿي.

13. قالَ عليه السلام : مَنْ صَدَقَ لِسانُهُ زَڪى عَمَلُهُ، وَ مَنْ حَسُنَتْ نيَّتُهُ زيدَ فى رِزْقِهِ، وَ مَنْ حَسُنَ بِرُّهُ بِاخْوانِهِ وَ اهْلِهِ مُدَّ فى عُمْرِهِ. [13]

جنهن جي زبان سچ ڳالهائي ٿي ان جا عمل پاڪ ٿين ٿا، جنهن جي نيت ڀلي هجي تنهن جي رزق ۾ اضافو ٿئي ٿو،جنهن پنهنجي (ديني) ڀائرن ۽ گهر وارن سان نيڪي ڪئي تنهن جي عمر ۾ اضافو ٿئي ٿو.

14. قالَ عليه السلام :  اذَا مَاتَ الْمُؤْمِنُ بَڪتْ عَلَيْهِ الْمَلَائِڪةُ وَ بِقَاعُ الْارْضِ الّتِي ڪانَ يَعْبُدُ اللّهَ عَلَيْهَا [14]

جڏهن مومن جي وفات ٿئي ٿي ته ان تي ملائڪ ۽ زمين جا اهي حصا روئن ٿا جتي الله جي عبادت ڪئي اٿائين

15. قالَ عليه السلام : الْمُؤْمِنُ مِثْلُ ڪفَّتَىِ الْميزانِ ڪلَّما زيدَ فى ايمانِهِ زيدَ فى بَلائِهِ.[15]

مومن تاراجي (ساهميءَ) جي ٻن پلڙن وانگر اهي جيترو سندس ايمان وڌندو اوترو ئي سندس امتحان وڌندو.

16. قالَ عليه السلام : مَنْ ارادَ انْ يَڪونَ اقْوىَ النّاسِ فَلْيَتَوَڪلْ علَى اللّهِ. [16]

جيڪو ماڻهو چاهي ٿو سڀني کان وڌيڪ طاقتور ٿئي ته کيس گهرجي ته الله تي ڀروسو رکي

17. قالَ عليه السلام : اداءُالا مانَةِ وَالصِّدقُ يَجْلِبانِ الرِّزْقَ، وَالْخِيانَةُ وَالْڪذْبُ يَجْلِبانِ الْفَقْرَ وَالنِّفاقَ.[17]

سچائي ۽ امانتداري انسان جي رزق ۾ اضافو ڪن ٿيون. جڏهن ته ڪوڙ ۽ خيانت غربت ۽ منافقت  اڻين ٿيون.

18. قالَ عليه السلام : ابْلِغْ خَيْرا وَ قُلْ خَيْرا وَلاتَڪنْ امَّعَة [18]

نيڪي ڪر،ڀلو ڳالهاءِ ۽ لاپرواهه ۽ غير ذميوار نه ٿي.

19. قالَ عليه السلام : تَفَقَّهُوا فى دينَ اللّهِ، فَانَّ الْفِقْهَ مِفْتاحُ الْبَصيرَةِ، وَ تَمامُ الْعِبادَةِ، وَ السَّبَبُ الَى الْمَنازِلِ الرَفيعَةِ وَالرُّتَبِ الْجَليلَةِ فِى الدّينِ وَالدّنيا. [19]

 الله جي دين جو علم حاصل ڪر، بيشڪ علم دين، بصيرت جي چاٻي، عبادت جو ڪمال ۽ دنيا ۽ اخرت جي اعلى منزلن ۽ بلند مقامن تائين پهچڻ جو ذريعو اهي

20. قالَ عليه السلام : فَضْلُ الْفَقيهِ عَلَى العابِدِ ڪفَضْلِ الشَّمْسِ عَلَى الْڪواڪبِ، وَ مَنْ لَمْ يَتَفَقَّهْ فى دينِهِ لَمْ يَرْضَ اللّهُ لَهُ عَمَلا.[20]

عابد مٿان عالم جي فضيلت ائين اهي جيئن سج جي تارن مٿان فضيلت. جيڪو شخص الله جي دين جي ڄاڻ نه ٿو رکي، الله سندس عملن تي راضي ناهي

21. قالَ عليه السلام : عَظِّمِ العالِمَ لِعِلْمِهِ وَدَعْ مُنازَعَتَهُ، وَ صَغِّرِالْجاهِلَ لِجَهْلِهِ وَلاتَطْرُدْهُ وَلڪنْ قَرِّبْهُ وَ عَلِّمْهُ.[21]

عالم جي سندس علم جي ڪري عزت ڪر ۽ ساڻس جهيڙو نه ڪر ،جاهل کي اهميت نه ڏي ليڪن کيس تڙ به نه ليڪن کيس قرب ڏي ۽ علم سيکار.

22. قالَ عليه السلام : صَلوةُ النّوافِلِ قُرْبانٌ الَى اللّهِ لِڪلِّ مُؤ مِنٍ. [22]

نافله نمازون هر مومن کي الله جي ويجهو ڪن ٿيون.

23. قالَ عليه السلام : مَثَلُ الدّنيا مَثَلُ الْحَيَّةِ، مَسُّها لَيِّنٌ وَ فى جَوْفِهَا السَّمُّ الْقاتِلِ، يَحْذَرُهَاالرِّجالُ ذَوِى الْعُقُولِ وَ يَهْوى الَيْهَاالصِّبْيانُ بِاءيْديهِمْ.[23]

دنيا جو مثال نانگ وانگر اهي، جنهن جي ٻاهران کل نرم ۽ وڻندڙ اهي ليڪن سندس پيٽ ۾ زهر قاتل اهي. عقلمند ان کان ڊڄندا رهن ٿا (۽ ان کان پاسو ڪن ٿا) جڏهن ته (بي عقل) ٻار ان ڏانهن جذب ٿين ٿا.

24. قالَ عليه السلام : مَثَلُ الدُّنيا مَثَلُ ماءِالْبَحْرِ ڪلَّما شَرِبَ مِنْهُ الْعطْشانُ ازْدادَ عَطَشا حَتّى يَقْتُلُهُ. [24]

دنيا جو مثال سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر اهي جنهن مان اڃايل جيترو پئندو اوتري سندس اڃ وڌندي ويندي ايستائين جو سندن جان وٺي.

25. قالَ عليه السلام : انَّ الحَرامَ لا يُنمى‏ وان نُمِىَ لا يُبارَڪ فيهِ [25]

بيشڪ حرام مال وڌندو ناهي ۽ جيڪڏهن وڌندو ته ان ۾ برڪت نه هوندي اهي

26.  قالَ عليه السلام : مَنْ نَظَرَ بِرَاءيْهِ هَلَڪ، وَ مَنْ تَرَڪ اءهْلَ بَيْتِ نَبيِّهِ ضَلَّ، وَمَنْ تَرَڪ ڪتابَ اللّهِ وَ قَوْلَ نَبيِّهِ ڪفَرَ. [26]

جنهن (دين ۾) پنهنجي راءِ هلائي هلاڪ ٿي ويو، جنهن ال رسول (عليهم السلام) کي ڇڏيو، گمراهه ٿيو، جنهن الله جي ڪتاب ۽ نبي جي  قول (سنت) کي ڇڏيو، سو ڪافر ٿيو .

27. قالَ عليه السلام : ا نَّ اللّهَ لَيُبْغِضُ الْعَبْدَ النَّوّامَ، ا نَّاللّهَ لَيُبْغِضُ الْعَبْدَالْفارِغَ. [27]

الله سائين گهڻي ننڊ ڪندڙ  ۽ بيڪار ماڻهوءَ کي دشمن سمجهي ٿو.

28. قالَ عليه السلام : التَّواضُعُ: انْ تُعْطِيَ النّاسَ ما تُحِبُّ انْ تُعْطاهُ. [28]

تواضع جي معنى اها اهي ته ماڻهن لاءِ اهو ڪم ڪرين جيڪو چاهين ٿو ته هو تهنجي لاءِ ڪن .

29. قالَ عليه السلام : يُسْتَحَبُّ غَرامَةُ الْغُلامِ فى صِغَرِهِ لِيَڪونَ حَليما فى ڪبَرِهِ وَ يَنْبَغى لِلرَّجُلِ انْ يُوَسِّعَ عَلى عَيالِهِ لِئَلا يَتَمَنَّوْا مَوْتَهَ.[29]

بهتر اهي ته ٻارن کي ننڍپڻ کان وڏن ڪمن کي انجام ڏيڻ تي عادي بڻايو ته جئين وڏا ٿي بردبار ٿين ۽ ماڻهوءَ کي گهرجي ته پنهنجي گهر وارن کي سهولت (۽ اسائش) ۾ رکن ته جيئن اهي سندس موت جي تمنّا نه ڪن.

30. قالَ عليه السلام : لَيْسَ مِنّا مَنْ لَمْ يُحاسِبْ نَفْسَهُ فى ڪلِّ يَوْمٍ، فَانْ عَمِلَ حَسَنا ا سْتَزادَ اللّهَ، وَ انْ عَمِلَ سَيِّئا اسْتَغْفَرَاللّهَ وَ تابَ الَيْهِ.[30]

جيڪو انسان هر روز پنهنجو محاسبو نه ڪري سو اسان مان نه اهي ،جيڪڏهن (ان ڏينهن) چڱو ڪم ڪيو اٿائين ته الله سائين ان ۾ اضافو ڪندو ۽ جيڪڏهن برو عمل ڪيو اٿائين ته الله سائين سندس مغفرت فرمائيندو 

31. قالَ عليه السلام : لِڪلِّ شَيْي ءٍ دَليلٌ وَ دَليلُ الْعاقِلِ التَّفَڪر.[31]

هر شيءَ لاءِ نشاني اهي ۽ عاقل جي نشاني سوچ ويچار ڪرڻ اهي.

32. قالَ عليه السلام : ما فِى الْميزانِ شَيْيءٌ اثْقَلُ مِنَ الصَّلاةِ عَلى مُحَمَّدٍ وَ الِ مُحَمّدٍ.[32]

قيامت جي ڏينهن عمل جي تور ۾ ڪابه شيءَ محمد و ال محمد (عليهم السلام) مٿان درود موڪلڻ کان وڌيڪ نه هوندي.

33.  قالَ عليه السلام : قَليلُ الْعَمَلِ مِنَ الْعاقِلِ مَقْبُولٌ مُضاعَفٌ وَ ڪثيرُالْعَمَلِ مِنْ اءهْلِ الْهَوى وَالْجَهْلِ مَرْدُودٌ.[33]

عاقل جو ٿورو عمل قبول ۽ ٻيڻو اجر رکي ٿو، جڏهن ته جاهل ۽ نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ واري جو گهڻو عمل به قبول نه اهي.

34. قالَ عليه السلام: وَشَعْرُالْجَسَدِ اذا طالَ قَطَعَ ماءَ الصُّلْبِ، وَارْخىَ الْمَفاصِلَ،وَ وَرِثَ الضَّعْفَ وَالسِلَّ[34]

جيڪڏهن جسم جا (اضافي) وار وڌي وڃن ته مردانگيءَ جو پاڻي کٽندو، هڏن جي جوڙن ۾ سستي،ڪمزوري ۽ سهڪو اڻيندو،

35. قالَ عليه السلام : ثَلاثَةٌ يَجْلُونَ الْبَصَرَ: النَّظَرُ ا لَى الخُضْرَةِ، وَالنَّظَرُ ا لَى الْماءِالْجارى ، وَالنَّظَرُ ا لَى الْوَجْهِ الْحَسَنِ.[35]

ٽي شيون اکين جو نور وڌائن ٿيون: ساوڪ،هلندڙ پاڻي ۽ سهڻي چهري تي نظر.

36. قالَ عليه السلام : انَّ الا رْضَ لا تَخُلُو مِنْ حُجَّةٍ، وَ اءنَا وَاللّهِ ذلِڪ الْحُجَّةُ. [36]

زمين ڪڏهن به الله سائينءَ جي حجت کان خالي ناهي رهندي .خدا جو قسم (هن وقت) ائون الله جي حجت اهيان.

37. قالَ عليه السلام : سُرْعَةُ  الْمَشْىِ تَذْهَبُ بِبَهاءِ  الْمُؤْمِنِ.[37]

ڊوڙڻ سان مومن جي ابرو ۽ شان شوڪت هلي وڃي ٿي .

38. قالَ عليه السلام : انَّما امِرْتُمْ انْ تَسْئَلُوا، وَلَيْسَ عَلَيْنَاالْجَوابُ، ا نَّما ذلِڪ ا لَيْنا. [38]

توهان کي (اسان اهلبيت (ع) کان ) سوال ڪرڻ جو حڪم اهي ليڪن اسان تي جواب ڏيڻ واجب ناهي. (جيڪڏهن) اسان (مصلحت ڏٺي ته) جواب ڏينداسين. (ورنه خاموش رهنداسين)

39. قالَ عليه السلام : ماذِئْبانِ ضارِبانِ فى غَنَمٍ قَدْ غابَ عَنْهُ رُعاؤُها، بِاضَرَّ فى دينِ مُسْلِمٍ مِنْ حُبِّ الرِّياسَةِ.[39]

ڪرسيءَ سان محبت جو خطرو مسلمان لاءِ، بي ڌنار  رڍن جي ڌڻ تي ٻن بگهڙن کان به وڌيڪ اهي.

40. قالَ عليه السلام : الا يمانُ فَوْقَ الا سْلامِ بِدَرَجَةٍ، وَالتَّقْوى فَوْقَ الا يمانِ بِدَرَجَةٍ، وَ الْيَقينُ فَوْقَ التَّقْوى بِدَرَجَةٍ، وَ ما قُسِّمَ فِى النّاسِ شَيْيءٌ اقَلُّ مِنَ الْيَقينِ. [40]

ايمان اڻڻ،مسلمان ٿيڻ کان هڪ درجو وڌيڪ اهي ۽ تقوى ايمان کان هڪ درجو مٿي اهي. جڏهن ته يقين تقوى کان هڪ درجو وڌيڪ اهي.  جڏهن ته ماڻهن ۾ يقين کان گهٽ ڪابه شيءِ تقسيم نه ڪئي وئي اهي.

 

 



[1] - تحف العقول، ص403

[2] - نزهة النّاظر و تنبيه الخاطر حلواني : ص 122، ح 2.

[3] - تحف العقول : ص 213

[4] - تهذيب الا حڪام : ج 6، ص 350، ح 991

[5] - تحف العقول : ص 291

[6] - نزهة الناظر و تنبيه الخاطر حلواني : ص 123، ح 6

[7] - نزهة الناظر و تنبيه الخاطر: ص 123، ح 13

[8] - نزهة الناظر و تنبيه الخاطر: ص 124، ح 15.

[9] - بحارالا نوار: ج 98، ص 136، ح 76

[10] - وسائل الشّيعة : ج 2، ص 52، ح 1454

[11] - وسائل الشّيعة : ج 12، ص 118، ح 15812

[12] - وسائل الشيعة : ج 25، ص 78، ح 21240

[13] - تحف العقول : ص 388، س 17

[14] - اصول ڪافي : ج 1، ص 38

[15] - تحف العقول : ص 301

[16] - بحارالا نوار: ج 75، ص 327،ح 4.

[17] - تحف العقول : ص 297

[18] - تحف العقول : ص 304،

[19] - تحف العقول : ص 302

[20] - تحف العقول : ص 303،

[21] - تحف العقول : ص 209

[22] - وسائل الشيعة : ح 4 ص 73، ح 4547.

[23] -  بحارالا نوار: ج 1، ص 152، ضمن ح 30.

[24] - تحف العقول : ص 292

[25] - اصول ڪافي ، ج 5، 125

[26] - اصول ڪافي : ج 1 ص 72 ح 10

[27] - وسائل ج 17 ص 58 ح 4.

[28] - وسائل الشّيعة : ج 15، ص 273، ح 20497.

[29] - وسائل الشّيعة : ج 21، ص 479، ح 27805.

[30] - وسائل الشّيعة : ج 16، ص 95، ح 21074

[31] - تحف العقول : ص 285

[32] - اصول ڪافي : ج 2، ص 494، ح 15.

[33] - تحف العقول : ص 286، بحارالا نوار: ج 70، ص 111، ح 14.

[34] - وسائل الشّيعة : ج 2، ص 65، ح 1499

[35] - وسائل الشّيعة : ج 5، ص 340، ح 3، محاسن برقي : ص 622، ح 69.

[36] - اصول ڪافي ج 1 ص 179 ح 9.

[37] - خصال : ج 1 ص 9 ح 30.

[38] - مستدرڪ الوسائل : ج 17، ص 278، ح 35.

[39] - وسائل الشّيعة : ج 15، ص 350، ح 1، مستدرڪ : ج 11، ص 381، ح 1

[40] - وافي : ج 4، ص 145، ح 1، بحارالا نوار: ج 67، ص 136، ح 2.