Get Adobe Flash player

ٻين مذهبن ۽ فرقن جي ڀيٽ ۾ اسلام جو هڪ خاص امتياز ۽ اهم خاصيت هيءَ به آهي ته هيءُ هڪ معاشرتي ۽ سماجي دين آهي . اسلام نه فقط انسان جي انفرادي ضرورتن، معنوي ۽ روحاني پهلوئن ۽ نفساني خواهشتن مدنظر آهي رکيو بلڪه ان سان گڏ کيس ٻين ماڻهن سان گڏ رهڻ لاءِ اجتماعي زندگيءَ جي قانونن ۽ اصولن کان پڻ آگاھ ڪيو آهي.

 

البته سڀ کان پهريان هن اهم نُڪتي ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته دنيا جي هڙني انسانن جي دلي خواهش ۽ تمنا اها ئي هوندي آهي ته اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪامياب ٿين. مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته هر ماڻهو اهو چاهي ٿو ته هو دنيا ۾ سڀني کان بهتر ۽ مٿي هجي ۽ دنيا جون بهتر کان بهترين شيون پڻ وٽس هجن، وٽس دنيا جو وڏي ۾ وڏو عهدو هجي ۽ هو ترقيءَ جي سڀ کان وڏي منزل تي پهچي وڃي ۽ سندس زندگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪمي نه رهي ۽ سدائين ڪاميابيون سندس قدم چمنديون رهن.

هيءَ هڪ واضح ۽ پڌري حقيقت آهي ته دنيا ۾ ڪوبه اهڙو انسان نه آهي جيڪو مال، دولت، ترقي ۽ ڪمال کان نفرت ڪندو هجي. هر انسان جي فطرت ۾ جتي ترقي ۽ ڪمال جو شوق ۽ ٻين تي برتريءَ جو جذبو پاتو وڃي ٿو اتي سندس دل ۾ هيءَ خواهش به موجود هوندي آهي ته سندس ترقي ۽ ڪمال جي سفر ۾ هڪ لمحو به ڪا رڪاوٽ نه اچي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جي ترقيءَ جي رفتار ۾ ڪجھ دير جي لاءِ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿي وڃي ٿي ته اهو انسان ان رڪاوٽ جي ڪري مايوس ۽ غمگين نظر ايندو آهي.

    هيءَ اهائي خصوصيت ۽ فطري شيءِ آهي جنهن کي علماءِ اسلام، mحبّ ڪمالn  واري فطري خاصيت جي نالي سان ياد ڪيو آهي. دنيا ۾ شايد ئي ڪوانسان اهڙو هوندو جنهن جي دل ۾ اها فطري شيءِ نه پاتي وڃي يا ان جي باري ۾ ڪوئي شڪ ۽ شبهو پاتو ويندو هجي، اهوئي سبب آهي ته دنيا جي مختلف دينن ۽ مذهبن ۾ ان ڳالهه اتفاق آهي بلڪه سڀئي متفقه طور ان صفت کي قبول ڪري پنهنجي پنهنجي طريقي سان اها ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انسان کي سعادت ۽ ڪمال جي اعلى درجي تائين پهچائجي. جيتوڻيڪ سندن وچ ۾ حقيقي ۽ واقعي ڪمال ۽ سعادت جي معنى ۽ ان تائين پهچڻ جي رستن ۾ اختلاف ضرور موجود آهي. اهي الهي دين هجن يا مادي ۽ غير الهي مذهب هجن، انهن سڀني جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اها پروڙ پوي ٿي ته انهن دينن ۽ مذهبن منجھان هرهڪ ان ڳالھ جي دعوى ٿو ڪري ته فقط انهيءَ جو ئي ٻڌايل رستو، حقيقي سعادت ۽ ڪمال تائين پهچائي ٿو.

      اسان اهو بيان ڪري چڪا آهيون ته ترقي ۽ ڪمال جي خواهش ۽ ان جي محبت سان گڏوگڏ هر انسان جي هيءَ خواهش به هوندي آهي ته سندس ان ڪمال ۽ ترقيءَ ۾ ڪڏهن به ڪا شيءِ رڪاوٽ به نه بڻجي ۽ ترقيءَ جو هيءُ سلسلو سدائين جاري رهي، جنهن منجھان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هر ماڻهوءَ جي دل ۾ اهڙي ڪمال ۽ ترقيءَ جي تمنا موجود آهي جنهن جي ڪائي حدّ ۽ توڙ نه آهي ۽ جيڪڏهن ان کي مڃجي ته هيءُ اهوئي ڪمال آهي جنهن ڏانهن اسلام هڙني انسانن کي سڏيو (دعوت ڏني) آهي، يعني پنهنجي پالڻهار جو قرب ۽ ان تائين رسائي، ڇاڪاڻ ته هن جهان ۾ فقط خداوند متعال ئي ڪمال مطلق  (بي نهايت ڪمال) جو مالڪ آهي.

اسلام جي نظر ۾ هر انسان، ان وقت ئي حقيقي ڪمال جي منزل تائين پهچي سگھي ٿو جڏهن هو خدا پاڪ جو قرب حاصل ڪري ۽ الله سائينءَ جي قرب حاصل ڪرڻ جو طريقو هيءُ آهي ته جيڪي شيون واجب ڪيون اٿس تن کي ادا ڪيو وڃي ۽ جيڪي حرام قرار ڏنيون اٿس تن کان پاسو ڪري ان جي رضا حاصل ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اسلام جي نظر ۾ خداوند عالم کان سواءِ هر شيءِ هڪ نه هڪ ڏينهن فنا ٿي وڃڻي آهي. بس جيڪي مال ۽ دولت کي خوشبختي ۽ سعادت سمجھن ٿا اهي وڏي ڌوڪي ۾ مبتلا آهن؛ ڇاڪاڻ ته مال ۽ دولت ڀلي جيترو به وڌيڪ ڇو نه هجي وري به اهو محدود ۽ فنا ٿيڻ وارو آهي، ان کان سواءِ خود انساني زندگيءَ ۾ ڪجھ اهڙيون ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون جيڪي مال ۽ دولت جي هوندي به حل نه ٿيون ٿي سگھن، ڇاڪاڻ ته دولت جي زور تي هر شيءِ حاصل نه ٿي ڪري سگھجي، ليڪن الله پاڪ هر شيءِ جو خالق آهي ۽ سندس ذات ئي هر خير ۽ چڱي ڪم جو سرچشمو ۽ مرڪز آهي ۽ هو هر شيءِ جي فنا ٿيڻ کان پوءِ به باقي رهڻ وارو آهي، تنهن ڪري مٿس توڪّل ۽ ڀروسي جي ذريعي ئي انسان، حقيقي بي نيازي ۽ ابديت جي منزل تائين پهچي سگھي ٿو.

ان باري ۾ قرآن مجيد ۾ الله پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: >يَا ايُّهَا النَّاسُ اَنتُمُ الْفُقَرَاء اِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيدُ< [1] اي انسانؤ! اوھين سڀ الله جا مُحتاج آھيو، ۽ الله بي پرواھ ۽ ساراھ جوڳو آھي.  

     هن آيت منجھان اهو معلوم ٿيو ته انسانُ، الله سائينءَ (جيڪو غني مطلق آهي) جي سامهون نه رڳو فقير آهي بلڪه فَقر جو مجسّمو آهي.

حضرت امام حسينD جن علوم ۽ معارف سان ڀريل پنهنجي مشهور دعا ”دعاءِ عرفه “ ۾ پالڻهار جي بارگاھ ۾ هن طرح عرض ڪن ٿا ته: mما ذا وجد مَن فقدڪ و ما الّذي فقد من وجدڪn پالڻهار! ان وٽ ڪهڙي شيءِ آهي جنهن توکي نه پاتو ۽ ان وٽ ڪهڙي شيءِ نه آهي جنهن توکي پاتو؟ هن جملي ۾ حضرت امام حسينD هن اهم حقيقت کي روشن ڪيو آهي ته خدا پاڪ جو وجود ئي اڪمل ۽ ڪامل ترين وجود آهي. بس جنهن جو رخ (منهن) خدا کان علاوه ڪنهن ٻئي ڏانهن هوندو اهو ضلالت ۽ گمراهيءَ جي واديءَ ۾ پهچي ويندو. ليڪن جيڪو خدا پاڪ سان وابسته هوندو اهو ڪمال جي طرف وڌندي بي نيازيءَ جي ان منزل تائين پهچي ويندو جتي کيس ڪنهن ڪَمي ۽ نقص جو احساس ئي نه ٿيندو. جڏهن اسلام، الله تعالى جي قُرب کي انسان جو ڪمال ۽ سعادت جو سڀ کان اعلى مقصد قرار ڏنو آهي ته هاڻي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ان منزل تائين پهچڻ جي لاءِ اسلام اسان کي ڪهڙي رستي جي تعليم ڏني آهي؟ ۽ ان جي لاءِ ڪهڙو طريقو ٻڌايو اٿس؟

مٿين سوال جو جواب خداوند متعال هن آيت ۾ بيان ڪيو آهي: >فَمَن ڪَانَ يَرْجُو لِقَاءَ رَبِّهِ فَلْيَعْمَلْ عَمَلًا صَالِحًا وَلَا يُشْرِڪْ بِعِبَادَةِ رَبِّهِ اَحَدًا< [2] پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ملڻ جي اميد رکي تنھن کي گھرجي ته چڱا ڪم ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ۾ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪري.

هن آيت منجھ انسان جو خدا پاڪ تائين پهچڻ جا ٻه شرط بيان ڪيا ويا آهن:

1 . چڱا ۽ نيڪ عمل انجام ڏيڻ.

2 . اخلاص ۽ خدا پاڪ جي عبادت ۾ شرڪ کان پرهيز

       اسلام جي نظر ۾ ڪنهن به انسان کي حقيقي سعادت ان وقت ئي نصيب ٿي سگھي ٿي جڏهن اهوالله پاڪ جي اوامر ۽ نواهي (حُڪمن) جي مڪمل پابندي ڪري، يعني تمام واجب شين کي انجام ڏئي ۽ سڀني حرام ڪمن کان پاسو ۽ پرهيز ڪري، ڇاڪاڻ ته ان سان الله سائينءَ جي ذات خوشنود ۽ راضي ٿئي ٿي، ۽ اها ئي الله پاڪ جي حقيقي بندگي آهي ۽ انهيءَ سان ئي انسان کي حقيقي آزادي حاصل ٿي سگھي ٿي. جڏهن اسان خدا پاڪ جي ڪنهن به حڪم تي نظر ٿا وجھون ته اسان کي ان حڪم جو سماجَ ۽ معاشري سان ڪوئي نه ڪوئي تعلق (رابطو) ضرور نظر اچي ٿو ۽ تمام گھٽ ڪوئي اهڙو شرعي حڪم نظر اچي جنهن جو تعلق فقط ڪنهن هڪ فرد سان هجي ۽ ان ۾ ٻين کي نظر انداز ڪيو ويو هجي. يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اسلامَ، خداوند عالم جي وسيع رحمت تائين پهچڻ جو واحد ذريعو، عبادت کي قرار ڏنو آهي، البته ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ان عبادت جي بنياد تي انسان، ان سماج ۽ معاشري کان بالڪل الڳ ٿي وڃي جنهن ۾ هن اک کولي آهي (جنم ورتو آهي) يا جبلن، جھنگلن ۽ غارن ۾ وڃي اڪيلائي واري زندگي گذاري ۽ دنيا سان ڪنهن به قسم جو ڪو رابطو ۽ لاڳاپو نه رکي، بلڪه ان جي ابتڙ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن جي مشڪلات ۾ سندن هٿ ونڊائڻ يا هڪ ٻئي سان تعاون ۽ ڀائيچاري سان به خدا پاڪ جو قرب حاصل ٿئي ٿو ۽ اها شيءِ به الله سائينءَ جي عبادت ئي آهي.

         اسلام ۾ جتي تمام گھڻن حڪمن جو تعلق اجتماعي ۽ معاشرتي ڪمن سان آهي ان جاءِ تي اڪثر عبادتن کي به جماعت سان ادا ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي، ايستائين جو اعتڪاف جيڪو هڪ مستحب عمل آهي ۽ ظاهري طور تي ڏٺو وڃي ته اعتڪاف جي ذريعي فقط هڪ فرد جي اصلاح ٿئي ٿي. مگر هيءُ اعتڪاف به ان وقت صحيح هوندو آهي جڏهن ان کي ڪنهن (عام مسجد ۾ نه، بلڪه) جامع مسجد ۾ انجام ڏنو وڃي ۽ ان دوران جيڪڏهن ڪوئي مسجد کان ٻاهر نڪتو ته سندس اعتڪاف باطل ٿيو وڃي، ليڪن هن ۾ به ڪجھ ضروري ڪمن جي ڪري مسجد کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته انهن ضروري ڪمن ۽ شين جو به تعلق (رابطو) ڪنهن نه ڪنهن سماجي معاملي ۽ مسئلي سان آهي. جيئن مريضن جي عيادت جي لاءِ ٻاهر نڪرڻ و غيره.

۽ ٻيو اهو ته اهي انساني قدرن جن تي حقيقي سعادت جو دارومدار آهي انهن جو استحڪام ۽ مضبوط رهڻ به پاڻ ۾ رابطو رکڻ ۽ تعلقات باقي رکڻ تي وابسته آهي. بلڪه هي چوڻ ضروري آهي ته انساني وجود جي اعلى قدرن جهڙوڪ: ايثار، محبت ۽ قرباني وغيره جا جوهر به ايستائين کلي ڪري سامهون نه ٿا اچي سگھن جيستائين انسان ٻين جي وچ ۾ رهي ڪري زندگي بسر نه ڪري. مٿي بيان ڪيل گفتگو جي روشنيءَ ۾ اسان اهڙن ڪجھ اسلامي حڪمن کي بيان ڪريون ٿا جن ۾ اجتماع، سماج ۽ معاشري کي ئي مدنظر رکيو ويو آهي، ۽ انهن جا فائدا پوري جي پوري قوم يا معاشري کي حاصل ٿين ٿا.

1 . جماعت نماز

ظاهري طور تي ائين محسوس ٿو ٿئي ته جماعت نماز (جيڪا خدا پاڪ جي عبادت ۽ بندگيءَ جو سڀ کان اهم ستون ۽ علامت آهي) هيءَ هڪ انفرادي عبادت آهي، ڇاڪاڻ ته هر انسان پنهنجي پالڻهار جي رضا ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان (نماز) کي اڪيلو ۽ الڳ به پڙهي سگھي ٿو. ليڪن اسلام جي نگاھ ۾ جماعت نماز جي ايتري اهميت ۽ فضيلت آهي جو ان کي اصل نماز جي طريقي جي لحاظ سان بيان ڪيو ويو آهي. (يعني اهو بيان ڪيو ويو آهي ته اصل نماز جو طريقو، نماز جماعت آهي نه جدا ۽ ڌار نماز پڙهڻ). جهڙي نموني قرآن پاڪ ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: >وَاَقِيمُواْ الصَّلاَةَ وَآتُواْ الزَّڪَاةَ وَارْڪَعُواْ مَعَ الرَّاڪِعِينَ< [3] ۽ نماز پڙھو ۽ زڪات ادا ڪريو ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏجي رڪوع ڪريو.

         جيئن ته جنگ جي ميدان ۾ جتي هر پاسي کان دشمن جي حملي جو خطرو موجود هوندو آهي ۽ هر طرف پوري ڌيان سان نظر رکڻي پوندي آهي ان جاءِ تي پاڻ سڳورن3 جن جماعت سان نماز ادا ڪئي. خاص طور تي حضرت امام حسينD ڏهينءَ جي ڏينهن چؤطرف هزارين دشمنن جي گھيري جي باجود تيرن جي بارش هوندي به ظهر جي نماز جماعت سان ادا ڪئي جنهن جي لاءِ سندن هڪ باوفا صحابي سعيد بن عبد اللهD سپر بڻجي سندن حفاظت ڪندو رهيو ۽ دشمنن جي تيرن کي پنهنجي بدن سان روڪيندي روڪيندي آخرڪار پنهنجي وقت جي امام جي سامهون شهادت جو جام پيتائين. هي سڀئي قربانيون فقط نمازِ جماعت جي لاءِ پيش ڪيون ويون هيون.

حضور پاڪ3 جن جو ارشاد آهي ته: mلَا صَلَاةَ لِمَنْ لَمْ يُصَلِّ فِي الْمَسْجِدِ مَعَ الْمُسْلِمِينَ اِلَّا مِنْ عِلَّةn. [4] جيڪو شخص مسجد ۾ اچِي مسلمانن سان گڏ (جماعت) نماز نه پڙهي ان جي نماز، نماز نه آهي مگر ڪوئي عذر هجيس ته.

اهو ئي سبب آهي جو اسلامي فقيهن پنهنجي فتوائن جي ڪتاب (توضيح المسائل) ۾ جماعت نماز ۾ نه اچڻ کي شرعي اعتبار سان برو قرار ڏنو آهي ۽ فرمايو اٿن ته: مسلمان جي لاءِ ڪنهن عذر ۽ مجبوري کانسواءِ جماعت نماز کي ترڪ ڪرڻ مناسب نه آهي. اهڙي نموني جيڪڏهن نماز ۾ پڙهي ويندڙ سورتن يا ٻين ذڪرن کي ڏٺو وڃي ته ڀلي ڪو اڪيلو (بغير جماعت جي) ئي نماز پڙهي تڏهن به انهن ۾ جمع جا صيغا استعمال ڪيا ويا آهن. جيئن: >اِيَّاڪَ نَعْبُدُ واِيَّاڪَ نَسْتَعِينُ< [5] ۽ آخر ۾ جڏهن نمازي سلام پڙهندو آهي ته ان ۾ به جمع جا صيغا موجود آهن. جيئن: mاَلسَّلَامُ عَلَينَا و عَلى عِبَادِ اللهِ الصَّالِحِينَn جنهن منجھان اهو معلوم ٿو ٿئي ته اڪليو (بغير جماعت واري) نماز ۾ به اسان کي ٻين مؤمنن جو خيال رکڻ گھرجي.

2 . نمازِ  جمعه

اسلام، جُمعي جي ڏينهن نمازِ جمعه کي ظهر جي نماز جو بدل قرار ڏنو آهي ۽ ان جي تمام گھڻي اهميت ۽ فضيلت بيان ڪئي وئي آهي، ۽ هيءَ نماز فقط جماعت سان ئي پڙهي سگھجي ٿي. ان کان علاوه ان جو هڪڙو شرط هيءَ پڻ آهي ته نماز کان پهريان پيش نماز (جماعت نماز پڙهائيندڙ) خطبي ۾ ماڻهن جي سماجي ۽ معاشرتي مسئلن تي به روشني وجھي ۽ مٿن هڪٻئي جي مشڪلات کي حل ڪرڻ جي لاءِ زور وجھي.

3 . امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر

امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو مطلب آهي ته نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ براين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. قرآن مجيد،امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي آڌار تي مسلمانن کي سڀ کان بهترين امت قرار ڏنو آهي. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد آهي ته: >ڪُنتُمْ خَيْرَ اُمَّةٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَتَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنڪَرِ وَتُؤْمِنُونَ بِاللّهِ< [6] اوھين ماڻهن لاءِ بهترين امت بڻجي آيا آهيو جيڪي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھيو ۽ مَدن ۽ ڪُڌن ڪمن کان روڪيندا آھيو ۽ الله تي (ڪامل) ايمان رکو ٿا .

   امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي اهميت ۽ فضيلت جي باري ۾ به گھڻي مقدار ۾ روايتون موجود آهن جن کي اختصار جي ڪري اسان هن جاءِ تي بيان نٿا ڪريون. ليڪن هڪ نُڪتي ڏانهن توجه ڏيارڻ ضروري آهي ته انهن ٻنهي فريضن کي فقط انهيءَ ڪري شرعي حڪم قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن سماج ۽ معاشري جي اخلاق کي سنواري ان کي هر قسم جي براين ۽ بڇڙاين کان محفوظ رکي سگھجي.

4 ۽ 5. خمس ۽ زڪات

      خمس ۽ زڪات کي به اسلامَ، مالدار ماڻهن تي انهيءَ ڪري واجب قرار ڏنو آهي ته جيئن ان جي ذريعي اسلامي حڪومت، غريبن، فقيرن ۽ قوم جي ٻين ضرورتمند ۽ محتاج ماڻهن جي ڪفالت ڪري ۽ ٻين اهم ڪمن کي انجام ڏئي سگھي. زڪات هڪ ايڏو ته اهم فريضو آهي جو خداوند عالم قرآن مجيد ۾ ڪافي مرتبا ان جو ذڪر ڪيو آهي. پوري قرآن پاڪ ۾ شايد ڪا اهڙي جڳھ هجي جتي نماز سان گڏ زڪات کي ذڪر نه ڪيو ويو هجي. جهڙي ريت الله پاڪ جو ارشاد آهي ته: >وَاَقِيمُواْ الصَّلاَةَ وَآتُواْ الزَّڪَاةَ وَارْڪَعُواْ مَعَ الرَّاڪِعِينَ< [7]  نماز پڙھو ۽ زڪات ادا ڪريو ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏجي رڪوع ڪريو. ۽ هڪ ٻي جاءِ تي ارشاد آهي ته: >الَّذِينَ اِن مَّڪَّنَّاهُمْ فِي الاَرْضِ اَقَامُوا الصَّلَاةَ وَآتَوُا الزَّڪَاةَ وَاَمَرُوا بِالْمَعْرُوفِ وَنَهَوْا عَنِ الْمُنڪَرِ وَلِلَّهِ عَاقِبَةُ الاُمُورِ< [8] اھي ماڻھو کين جيڪڏھن زمين ۾ غلبو ڏينداسون ته نماز پڙھندا ۽ زڪات ادا ڪندا ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا ۽ بُرن ڪمن کان روڪيندا، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي خدا جي لاءِ آھي.

        سماج ۽ معاشري جي باري ۾ اسلام جا ٻيا به کوڙ سارا احڪام موجود آهن جن جا اسان في الحال ڪجھ نمونا ئي ذڪر ڪيا آهن. ان کان علاوهه جهاد،حجّ،اتحاد، مسلمانن جي معاملن ۽ مسئلن جو خيال رکڻ، نيڪي ۽ تقوى ۾ هڪٻئي جو تعاون ڪرڻ، ۽ يتيمن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ پڻ اسلام جا اجتماعي احڪام آهن.

   مختصر لفظن ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته اسلام هڪ اهڙو دين آهي جنهن پنهنجي مڃڻ وارن کي سعادت تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي معاشرتي ۽ سماجي حق ادا ڪرڻ، هڪ ٻئي سان سٺا ۽ سهڻا تعلّقات رکڻ ۽ پاڻ ۾ ملي جُلي زندگي ڪرڻ، محبت ۽ هڪ ٻئي جي مدد ۽ تعاون ڪرڻ جو رستو اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. ۽ جيڪڏهن اسان انهن شين کي تسليم ڪريون ٿا ته اسان کي هيٺيون ٻه ڳالهيون پڻ قبول ڪرڻيون پونديون:

1 . ڪنهن به سماج يا معاشري جي سڀني ماڻهن جا هڪٻئي تي ڪجھ نه ڪجھ حق ضرور آهن جن کي ادا ڪرڻ ضروري آهي.

2 . هر سماج ۽ قوم جي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ اخلاقي ۽ سماجي اصول ۽ قانون ضروري آهن جن تي پابند رهڻ سان ئي هر شخص جي شخصيت جي قدر ۽ قيمت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

تنهن ڪري جيڪڏهن ڪوئي انسان انهن حقن جو خيال نه رکي ۽ انهن کي ادا نه ڪري ته ماڻهن جي نظر ۾ ان جي ڪائي قيمت نٿي رهي ۽ اهو سڀ ڪنهن جي نگاھ ۾ خوار ۽ ذليل رهي ٿو.

ايندڙ سبقن ۾ اسان جي اهائي ڪوشش هوندي ته انهن حقن کي مختصر طور تي بيان ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي ڄاڻڻ کان پوءِ اسان سڀئي بهترين طريقي سان انهن تي عمل ڪري سگھون.

هن سبق جو خلاصو

جيڪڏهن ڪوانسان ترقي ۽ ڪمال جي آخري منزل تائين پهچڻ چاهي ته اسلام جي نظر ۾ ان جو واحد رستو پنهنجي پالڻهار جو قُرب حاصل ڪرڻ آهي.

جڏهن اسان هن شيءِ تي ايمان آندو ته خدا پاڪ کان سواءِ هر شيءِ فاني (فنا ٿيڻي) آهي ته پوءِ الله سائينءَ تي توڪل ۽ ڀروسي جي سهاري ئي اسان حقيقي ڪمال تائين پهچي سگھون ٿا ۽ ان جي لاءِ خداوند متعال هي ٻه شرط آهن:

1 . نيڪ عمل

2 . توحيد ۽ بندگيءَ ۾ اخلاص. (يعني شِرڪ کان پاسو ڪرڻ)

هي ٻئي شرط ان وقت پيدا ٿي سگھن ٿا،جڏهن شريعت جي مڪمّل پابندي ڪئي وڃي ۽ سماجي حق ادا ڪيا وڃن

سوالات:

1 . ڪمال، هڪ فطري شيءِ آهي ان جو مطلب ڇا آهي؟

2 . اسلام جي نظر ۾ اَبدي سعادت حاصل ڪرڻ جو شرط ڇا آهي؟

3 . صرف ٻين سان تعلقات قائم ڪري ئي اسان ڇو ابدي سعادت تائين پهچي سگھون ٿا؟

4 . جماعت نماز جي اهميت جي باري ۾ نبي اڪرم3 ڇا فرمايو آهي؟

5 . امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي باري ۾ قرآن مجيد جي هڪ آيت بيان ڪريو؟

6 . اسلام ۾ خمس ۽ زڪات جي ايتري وڌيڪ اهميت ڇو آهي؟

 



[1] سورت فاطر، آيت: 15

[2] سورت ڪهف، آيت: 110

[3] سورت بقره، آيت: 43

[4] وسائل شيعه، ج 8 ص 293

[5] سورت حمد، ايت: 5

[6] .سورت آل عمران، آيت: 110

.[7] سورت بقره، آيت: 43

[8] .سورت حجّ، آيت: 41