Get Adobe Flash player

اسلام جي نگاهه ۾ عورت جي شخصيت تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي جيڪا ڪمال ۽ پارسائي جي رستن کي طي ڪندي انسانيت جي بلند مَرتَبن تائين پهچي سگهي ٿي، عورت بَشَرِيت جي پهرئين تربيت گاهه ۽ پُشت پَناههَ آهي جيڪا پنهنجي سهڻي تربيت جي ذريعي صالح ۽ پارسا فَرزَندُ معاشري کي

سَونپي سگهي ٿي ۽ هڪ امت کي گمراهي کان نجات ڏياري سگهي ٿي، عورت جو مقام ۽ سندس منزلت ان ڳالهه جي گُهر ڪري ٿي ته هو حِجَابُ جي صدف ۾ ئي ٺهي ٿي جتي سندس انساني ۽ بلند حيثيت ۽ مان مرتبو محفوظ رهي ٿو ۽ نتيجي ۾ هو حَريصُ ماڻهن جي لوڀي نگاهن کان به محفوظ رهندي، ڇاڪاڻ ته پردو عورتن جي لاءِ عِفاف ۽ پرهيزگاري جي خيمي جيان آهي، اهڙي ريت خدا تي ايمان ۽ آخرت جو  ڀَو پڻ حجاب ۽ پردي دارِي جا پائيدار ٿَنڀ آهن.

جيتوڻيڪ عورت خدا پاڪ جي جمالِياتي خلقت جو مظهر آهي ۽ اسلام چاهي ٿو ته اِهو نايابُ گوهر حجاب جهڙي خزاني منجهه ئي پوشيده رهي تاڪه هَوَسُ ۽ شهوت جهڙي آفتن کان محفوظ رهي، پر جيڪڏهن حجاب لهي وڃي ۽ بي پَردگِي جون خَبيثُ لتون پارسائي ۽ پاڪدامني جي سَرحَدُن کي پائمال ڪندي حياءُ ۽ ڀَرم جي چهري کي نابود ڪري ڇڏين ته پوءِ اهڙي عورت کي ڪابه شئ لالچي ۽ هَوسي اکين کان بچائي نٿي سگهي ڇاڪاڻ ته بي پرده عورت هميشه شَهوتِي نگاهن جو شڪار رهندي آهي، ليڪن پرديدار عورت اُها هوندي آهي جيڪا ڪنهن به حالت ۽ ڪهڙي به ماحَول ۾ عِفت جي غِلاف مان ٻاهر نه نڪرندي آهي ۽ هميشه پردي ۾ رهندي آهي، تنهنڪري لازمي آهي رڳو عورتون نه بلڪه مردن کي به گهرجي ته پنهنجي عورتن جي ڍَڪُ جو خاص خيال رکن جهڙوڪ اميرالمومنين(ع) پنهنجي پُٽُ امام حسن(ع) کي فرمائن ٿا: جيڪڏهن چاهين ٿو ته عورتن جون نگاهون ٻين نامحرم مردن تي نه پون ته کين پردي ۾ رک، ڇاڪاڻ ته اُهي جيترو پردي ۾ رهنديون اوترو ئي انهن لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ ڀلو آهي، اُنهن جو ٻاهر نڪرڻ ان کان بَد تَر نه آهي جو نامحرم ماڻهو انهن جي سامُهُون اچن، جيڪڏهن ڪري سگهين ٿو ته اِهو ڪر جو اُهي توکان سواءِ ڪنهن به ٻئي مرد کي نه سڃاڻين.[1]

دل ته چاهي پئي ته حجاب جهڙي ضروري موضوع کي تفصيل سان لکيو وڃي ۽ قرآن مجيد ۽ ائمه معصومين (ع) جي نوراني ڪلام جي روشني ۾ سندس فضيلت کي چڱي ريت پڌرو ڪندي پردي دارِي جا فائدا ۽ پوءِ بي پردگي ۽ ان جا نقصان بيان ڪجن، پر موضوع کي مدنظر رکندي ۽ مقالي جي ظرفيت کي ڏسندي اسان جي ڪوشش اِها هوندي ته هِن مقالي ۾ رڳو بي پردگي ۽ ان جا نقصان ذڪر ڪيا وڃن، لهذا پهرين ٿوري لفظن ۾ حجاب جي معنى کي بيان ڪيون ٿا ۽ ان کان بعد ۾ پنهنجي سَگههَ آهَرَ بي پردگي جا اسباب ۽ ان جي نقصانات کي ذڪر ڪريون ٿا.

 

حجاب جي معنى

حجاب، حجب منجهان ورتل آهي جنهن مطلب آهي مانع (يعني رنڊڪ ۽ روڪيندڙ) ۽ هر اُها شئ جيڪا ڪنهن ٻي شئ (کي ڏسڻ) کان مانع هجي لغت ۾ اهڙي شئ کي حجاب چيو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت حجاب، پردي جي معنى ۾ به استعمال ٿئي ٿو.

 

بي پردگي جا ڪارَڻُ ۽ سَبَبُ

بي پردگي جي وجود ۾ اچڻ جا ڪارَڻُ ايترا ته گهڻا آهن جن کي ڳڻي نٿو سگهجي پر تنهن هوندي به بي حجابي جي ڪجهه مکيه سببن کي پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا

1)    جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي

    بي پردگي جو هڪ سبب، حجاب جي مسئلي جي باري ۾ بي علمي ۽ جهالت آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهون اسلامي تعليمات کان آگاهه نه هجڻ جي ڪري نٿا ڄاڻين ته اسلامي حجاب جون حدون ڪهڙيون آهن، لهذا انهيءَ اڻ ڄاڻائي جي ڪري اُهي بي پردگي جو شڪار ٿي وڃن ٿا، پر اهڙي طرح جي بي حجابي شريعت جي ضد ۾ نه آهي.

2)    اخلاقي فساد

ڪجهه اهڙا بد حجاب ماڻهون به آهن جيڪي ديني حڪمن کي ڪنهن به قسم جي اهميت نٿا ڏين، ڇاڪاڻ ته اُهي اوباشُ، آواره ۽ بدچال هجڻ جي ڪري غير اخلاقي ڪم انجام ڏين ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي مُهلڪ اخلاقي بيماريون جنم وٺن ٿيون جن منجهان سڀ کان وڏي مرض جو نالو بد حجابي ۽ بي پَردگِي آهي.

3)     معاشرتي حالات جو اثر

ڪجهه ماڻهون اهڙا آهن جيڪي پنهنجو پاڻ ڪو به ارادو نٿا رکن اُهي اهڙي وهندڙ مادي وانگر هوندا آهن جنهن کي جهڙي قسم جي سانچي ۾ وِجهيو وڃي انهيءَ جهڙي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿا، اهڙا افراد بي پرده قومن جي تقليد ڪندي بي پردگي جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي ئي رنگ ۾ رنگجي وڃن ٿا.

4)    روحي ۽ رواني بيماريون

ڪجهه بدحجاب ماڻهو اَفسُردَگِي جهڙي رواني ۽ ٻين روحي بيمارين ۾ وڪوڙيل هجڻ جي ڪري چاهن ٿا ته ٻيا ماڻهون سندن تائيد ڪن پوءِ جيڪو ڪجهه به پيا ڪن، ۽ انهن ئي مرضن جي ڪري اهي کوڙ سارا گناهه انجام ڏيڻ لڳن ٿا ۽ انهن منجهان هڪ بي پردگي آهي.

5)    وقت تي شادي نه ٿيڻ

اهڙيون عورتون جيڪي شادي جي عمر تائين پهچي وڃن ٿيون پر جڏهن سندن ڪو به رشتو نه ٿو اچي ته اهي پنهنجي لاءِ شريڪ حيات ڳولَڻُ لاءِ بي پردگي جو سَهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ ڏِينهَان ڏينهُن بي پَردگِي ۽ بيحيائي ۾ واڌارو ٿيندو  وڃي ٿو.

6)    عورتن جي مزاج۾ هار سينگار ڏانهن لاڙي جو هجڻ

فطري طور تي عورتن جي طبيعت ۾ بناوت ۽ سينگار جي عادت پاتي وڃي ٿي انهيءَ ڪري عورتون پنهنجي پاڻ کي ٺاهه ٺوهه ۽ هار سينگار ڪري خوبصورتي جي قَالبُ ۾ ڍالَڻُ جي ڪوشش ڪن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ بي پردگي جنم وٺي ٿي ڇاڪاڻ ته اهڙيون عورتون جمال ۽ سونهن جي نشي ۾ ايتريون ته مست ٿي وڃن ٿيون جو کين ڪنهن به طرح جي حجاب جو خيال ئي نٿو رهي.

 

بي پردگي جا نقصان

خبر پئي ته بي پردگي هڪ اتنهائي مهلڪ مرض آهي جيڪو جيئن پوءِ تيئن اسان جي معاشري کي وڪوڙيندو پيو وڃي ۽ بي پردگي جي وجود ۾ اچڻ جا ڪارَڻُ به تمام گهڻا آهن، ۽ هاڻ اِهو ڏسڻو آهي ته بي پردگي جا ڪهڙا نقصان آهن، جيتوڻيڪ بي پردگي جا نقصان پڻ سندس اسباب جيان ايترا آهن جو کين شمار نٿو ڪري سگهجي پر خلاصو ڪندي بي حجابي جي ڪجهه نقصانات کي ذڪر ڪريون ٿا

1)    بي پردگي، آخرت ۾ عرياني جو سبب آهي

رُبَّ ڪَاسِيَةٍ في الدُّنْيَا عَارِيَةٍ في الْآخِرَةِ.[2] (ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون آهن جيڪي دنيا ۾ ته ڍڪيل ۽ پردي ۾ آهن پر آخرت ۾ عريان ۽ برهنه هونديون. (مراد اُهي عورتون آهن جيڪي پردو ته ڪن ٿيون پر سندن ڪپڙا ايترا سنها ۽ باريڪ هوندا آهن جيڪي بدن کي ڍڪڻ لاءِ مناسب نه هوندا آهن يا سندن لباس ايترو ته تَنگ ۽ سوڙهو هوندو آهي جنهن جي ڪري بدن جا خد وخال واضح طور تي ظاهر هوندا).

هڪ حديث ۾ امام باقر(ع) انهي مطلب ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿا:لَا يَصْلُحُ لِلْمَرْاَةِ الْمُسْلِمَةِ اَنْ تَلْبَسَ مِنَ الْخُمُرِ وَ الدُّرُوعِ الَّتِي لَا تُوَارِي شَيْئاً.[3]ڪنهن به مسلمان عورت لاءِ اِهو جائز نه آهي ته هو اهڙا ڪپڙا پائي جيڪي چڱي ريت سندس بدن کي ڍڪي نه سگهن.

واضح آهي ته امام(ع) جي مراد فقط اِها نه آهي ته عورتن کي اهڙو لباس نه پائڻ گهرجي جنهن جي هيٺان سندن جسم ظاهر هوندو پر امام(ع) جو مراد اهو به آهي ته کين اهڙا ڪپڙا به نه پائڻ گهرجن جيڪي سوڙها ۽ تنگ هوندا آهن.

2)    بي پردگي، خدا ۽ عورت جي درميان موجود پردي کي ٽوڙي ڇڏي ٿي.

نبي سڳورا (ص) فرمائين ٿا:ايّما امراة وضعت ثيابها في غير بيت زوجها فقد هتڪت ستر ما بينها و بين اللَّه عزّ و جلّ.[4] (جيڪا به عورت پنهنجي مڙس جي گهر کان علاوه (ڪنهن ٻي جاءِ تي) برهنه ٿئي ٿي (يعني اسلامي پردي جو خيال نٿي رکي) ته اهڙي عورت ۽ سندس پالڻهار جي درميان موجود پردو به ٽوڙي ڇڏي ٿي.

3)    بي پردگي جو انجام جهنم آهي

ٻن ٽولن وارا ماڻهو دوزخ ۾ ويندا، ... هڪڙو ٽولو انهن عورتن جو آهي جيڪي آهن ته پردي ۾ پر ان هوندي به عريان ۽ برهنه آهن، ۽ هيءَ اُهي عورتون آهن جيڪي پنهنجي مٿي جي وارن کي گڏ ڪري اهڙي ريت ٻڌن ٿيون جيئن اُٺُ جي پُٺِي (اڀريل) هوندي آهي، اهڙيون عورتون هَرگِز بهشت ۾ داخل نه ٿينديون.[5]

4)    بي پرده عورت جي نماز قبول ناهي

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:اَيُّمَا امْرَاَةٍ تَطَيَّبَتْ لِغَيْرِ زَوْجِهَا لَمْ تُقْبَلْ مِنْهَا صَلَاةٌ حَتَّى تَغْتَسِلَ مِنْ طِيبِهَا ڪَغُسْلِهَا مِنْ جَنَابَتِهَا.[6] (جيڪا عورت پنهنجي شوهر کي ڇڏي ڪري ڪنهن ٻي جي لاءِ خُوشبُو لڳائي ٿي (۽هارُ سِينگارُ ڪري نامحرمن آڏو اچي ٿي) ته اهڙي عورت جي نماز قبول نه آهي جيستائين ...غسل ڪري ان بوءِ کي ڌوئي ختم نٿي ڪري ڇڏي.

هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ سڳورا (ص) فرمائن ٿا:اِذَا رَاَيْتُمُ اللاَّتِي اَلْقَيْنَ عَلَى رُؤُوسِهِنَّ مِثْلَ اَسْنِمَةِ الْبُعْرِ فَاَعْلِمُوهُنَّ اَنَّهُ لاَ تُقْبَلُ لَهُنَّ صَلاَةٌ.[7] جڏهن ڏسو ته عورتون پنهنجي وارن کي ٻڌن ٿيون جيئن اُٺُ جي پٺي هوندي آهي ته کين چئي سگهو ٿا ته توهان جي نماز قبول نه آهي.

5)    بي پردگي، زنا جي مثل آهي

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:اَيُّمَا أمرأة اسْتَعْطَرَتْ فَمَرَّتْ بِقَوْمٍ لِيَجِدُوا رِيحَهَا فهي زَانِيَةٌ.[8]

جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي پاڻ کي معطر ڪري ۽ خوشبو لڳائي ٻاهر نڪري ۽ مردن وٽان لنگهي وڃي تاڪه اُهي سندس بوءِ کي سنگهڻ ته اهڙي عورت زناڪار آهي (يعني سندس اِهو عمل زنا ڪرڻ جي برابر آهي ڇاڪاڻ ته اها زنا جي مقدمات کي فراهم ڪري ٿي).

6)    بي پردگي، طلاق ۾ واڌاري جو ڪارڻ آهي

بي پردگي جو هڪ تمام وڏو نقصان طلاق ۾ واڌارو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪافي سارا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بي پردگي جي ڪري ۽ بي پردا عورتن جي بيشرمي ۽ بيحيائي کي ڏسي ڪري پنهنجي پردي نشين گهروارين کان بَد ظَن ٿي وڃن ٿا ۽ بي پردا عورتن ڏانهن مائل ٿين ٿا جنهن جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، ۽ اهوئي سبب آهي ته جن مُلڪن ۾ بي پردگي ۽ بي حجابي رائِج آهي اُنهن ملڪن ۾ طلاق جو تعداد به تمام گهڻو آهي ۽ جِيئَن بي بي پردگي ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو تِيئَن طلاق ۾ به واڌارو ٿيندو وڃي ٿو.

7)    بي پردا عورت شيطان جو هٿيار آهي

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:الْمَرْاَةُ عَوْرَةٌ فَاِذَا خَرَجَتِ اسْتَشْرَفَهَا الشَّيْطَانُ وَاَقْرَبُ مَا تَڪُونُ مِنْ رَبِّهَا اِذَا هِيَ فِي قَعْرِ بَيْتِهَا.[9]عورت، ڍڪيل ۽ پوشيده هوندي آهي، پوءِ جيئن ئي گهران ٻاهر نڪري ٿي ته شيطان کيس فريب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽ جيترو به هو پنهنجي گهر ۾ رهي ٿي اوترو ئي خدا جي ويجهو هوندي آهي.

8)    بي پردگي، نصيحت ۽ هدايت جي راهه بند ٿيڻ جو سبب

اِها حقيقت آهي ته جيڪڏهن انسان پاڻ ڀلو هوندو ته سندس ڳالهه به اثرائتي هوندي پر جيڪڏهن انسان پاڻ ته بد عمل هجي ليڪن ٻين کي چڱائي ڏانهن سڏ ڪري ته اهڙي ماڻهو جي ڳالهه ڪو به اثر نٿي رکي ڇاڪاڻ ته ٻيا ماڻهون کيس چئي سگهن ٿا ته پنهنجا لڇڻ ڪهڙا چڱا ٿئي جو اسان کي نصيحت ڪرين ٿو؟ يعني معلوم ٿيو ته بَد ڪِردارُ  انسان نه ته ٻين کي برائي کان روڪي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري کين چڱائي جي نصيحت ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪير به اهڙي قسم جي انسان جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، اهڙي ريت بي پردگي پڻ نصيحت ۽ صَلاَحَ جي رستن کي بند ڪري ڇڏي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪو شخص پاڻ بي حجاب هجي ۽ ظاهِر ظُهُورُ بيحيائي جو مظاهرو ڪندو هجي اُهو ڪڏهن به ٻين ماڻهن کي بُڇڙائِي کان نٿو روڪي سگهي، انهيءَ لاءِ ته وڏن بزرگن جو چوڻ آهي ته بي پردگي بَلڪِ هَڙَئِي بُڇڙايُون هَر طَرحَ جي نصيحت ۽هدايت ڀري ڳالهه جي راهه کي بند ڪري ڇڏن ٿيون، نه نصيحت ڪرڻ واري جي مَتِ مؤثر هوندي آهي ۽ نه نصيحت ٻڌڻ وارن ۾ کيس قبول ڪرڻ جي قَابِليَت باقي رهي ٿي.

نيتجو

گذريل بَحثُ جو نتيجو اِهو نڪري ٿو ته: بي پردگي جي سببن ۽ سندس نقصانات کي ڏسندي اِها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته جنهن مقدار ۾ بي پردگي، معاشري کي گندو ڪري رهي آهي ۽ نوجوانن جي زندگيءَ سان گمراهي ۽ ضَلاَلَت جهڙو ڀَيانَڪُ کيڏ کيڏي رهي آهي ان مقدار ۾ ٻي ڪا به شئ ماڻهن کي تباهي جي کَڏَ ڏانهن نه پئي گهِلي ۽ جيڪڏهن بي پردگي کي روڪيو نه ويو ته هوريان هوريان اِهو مرض ڪائنات جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويندو، پوءِ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته گمراهي جي ان اونهي ۽ تارِيڪ کوهه ۾ نه ڪِرون ۽ ضلالت جي زنجيرن ۾ اُلجهَيل انسانيت کي رهائي ڏيارون ته پوءِ اسان کي بي پردگي ۽ بد حجابي جو خاتمو ڪرڻو پوندو، نه ته جئين بي پردگي ۾ اضافو ٿيندو ويندو ائين ئي بشريت شَيطانِي ڄارُ ۾ ڦاسندي ويندي، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هر شخص، بي پردگي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تياري وڃي ۽ پهريان پنهنجي پاڻ کي ۽ پوءِ ٻين کي به آماده ڪري ته جيئن هر انسان جي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي وڃي ته جيڪڏهن نجات حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ بي پردگي ۽ ان جهڙن ٻين بيمارين کي ناس ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته پوءِ هڪ ڏينهن هر باشعور انسان بي پردگي جو دشمن ٿي پوندو ۽ اهڙي ريت سارو سَنسارُ بي پردگي کان پاڪ ٿي ويندو ماڻهو نجات جي راهه تي هلي پوندا.

 مددي ڪتاب:

 



[1]. الڪافي، ج‏5 ص:338.

[2]. صحيح بخاري، ج1 ص:54.

[3]. مڪارم الاخلاق، ص:93

[4]. نهج الفصاحة، ص:360.

[5]. پيام پيامبر، ص:420.

[6]. من لا يحضره الفقيه، ج‏3 ص:440.

[7]. ڪنز العمال،ج16 ص:163.

[8]. مسند احمد بن حنبل، ج4 ص:413.

[9]. صحيح ابن حبان، ج12 ص:413