Get Adobe Flash player

حضرت امام رضا عليه السلام جي شهادت کان هڪ سال پوءِ بغداد ۾ هڪ ڏينهن مامون رشيد شڪار جي نيت  سان پنهنجي لشڪر سميت،محل کان ٻاهر آيو ته ڏٺائين ته ڪجهه ٻار راند ڪري رهيا آهن ۽ انهن سان گڏ هڪ ڏهن يارنهن سالن جو ٻار بيٺو آهي، بادشاهي لشڪر جو جاهه و جلال ڏسي راند ڪندڙ ٻار ڊڄي ڀڄڻ لڳا ليڪن اهو ٻار پنهنجي جاءِ تان چُريو به نه،

اهو ڏسي مامون تعجب ۾ پئجي ويو، ان ٻار جي ويجهو اچي کائنس سوال ڪيائين ته ٻين وانگر تون ڇونه ڀڳين؟

ٻار وراڻيو: رستو ايترو سوڙهو نه هئو جو منهنجي وڃڻ سان ويڪرو ٿئي ها جڏهن ته ڪو گناهه به نه ڪيو اٿم جنهن جي سزا ملڻ کان ڊڄان،جڏهن ته خليفي۾ به اهوگمان نه ٿو رکان ته ڪنهن بي گناهه کي نقصان پهچائي؟

مامون جواب ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ سوال ڪيائين ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ۽ ڪنهن جو پٽ آهين؟

ٻار وراڻيو: منهنجو نالو محمد آهي ۽ مان علي بن موسى الرضا (عليهما السلام) جو فرزند آهيان

مامون سندن والد تي درود موڪليندي شڪار تي روانو ٿي ويو ۽ اتي پنهنجي شڪاري باز کي شڪار لاءِ موڪليائين ته ڪجهه دير کان پوءِ اهو موٽي آيو جڏهن ته سندس چهنب ۾ هڪ ننڍڙي زنده مڇي هئي.هن اها مڇي پنهنجي هٿ ۾ رکي .... واپسيءَ تي وري ساڳئي جاءِ تان گذريو ته وري به امام محمد تقي عليه السلام کي اتي بيٺل ڏٺائين،جڏهن ته ٻار راند ڪري رهيا هئا . هو امام جي ويجهو آيو۽ سوال ڪيائين: ٻڌاءِ ته منهنجي مٺ ۾ ڇا آهي؟

امام عليه السلام فرمايو: الله پاڪ پنهنجي قدرت سان درياءَ ۾ ننڍڙيون مڇيون خلقيون آهن، جن کي بادشاهن جا باز شڪار ڪن ٿا ۽ بادشاهه ان کي پنهنجي هٿن ۾ لڪائي آل رسول عليهم السلام جو امتحان وٺن ٿا.

 

(ڪتاب ڪشف الغمه جلد 2 صفحو 344)