Get Adobe Flash player

خداوند   متعال جي صفتن کي ٻن حصن ۾ وِرهايو ويو آهي. هڪ صفاتِ ذات  ۽ ٻيو صفاتِ فعل. جڏهن ته صفات ذات کي پڻ ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي: صفاتِ جمال ۽ صفاتِ جلال.

صفاتِ جمال منجهان مراد اُهي صفتون آهن، جيڪي خدا جي لاءِ هميشه ثابت ۽ برقرار

آهن جهڙوڪ: علم، قدرت، اَزليت، اَبديت، تنهنڪري انهن صفتن کي صفاتِ ثبوتيه چيو ويندو آهي، ۽ صفاتِ جلال مان اُهي صفتون مراد آهن جيڪي خدا ۾  پاتيون نٿيون وڃن جهڙوڪ: جهل، عَجز ۽ محتاجي،جسم وَغيرَه انهيءَ لاءِ اهڙي قسم جي صفتن کي صفاتِ سلبيه چيو ويندو آهي، ۽ اِهي ٻنهي قسمن جون صفتون خداوندعالَم جون صفاتِ ذات يعني اهي صفتون آهن جن کي سمجهڻ لاءِ خداوند متعال جي افعال يا ڪمن ڏانهن ڏيڻ جي ضرورت ناهي.

جڏهن ته صفاتِ فِعل مان مراد اُهي صفتون آهن جيڪي خدا جي افعال يا ڪمن ذريعي سمجهه ۾ اچن ٿيون يعني جيستائين خدا ان فعل کي انجام نه ڏئي ان صفت جو اُن تي اطلاق نٿو ٿئي، جڏهن هو اهو ڪم انجام ڏيندو آهي ته اُن صفت سان متصف ٿي ويندو آهي جهڙوڪ: خالِق، رازِق، محي ۽ مميت. (يعني خلق ڪرڻ وارو، روزي ڏيڻ وارو، زندهه ڪرڻ وارو ۽ موت ڏيڻ وارو).

آخر ۾ اسان وري به تاڪيد ڪريون ٿا ته خداوندعالم جون صفاتِ ذات ۽ صفاتِ فعل لامحدود آهن، ڇاڪاڻ ته سندس ڪمالات نه ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ نه ئي سندس افعال ، جيتوڻيڪ انهن منجهان ڪجهه صفتون ٻين صفتن جو سرچشمو ۽ اصل شمار ٿين ٿيون، ته ڪي ٻين لاءِ شاخون شمار ٿين ٿيون، ان بنياد تي اِهو چئي سگهجي ٿو ته خدا جون هيٺ ذڪر ٿيل پنج صفتون خداوندعالم جي سڀني نالن ۽ صفتن لاءِ اصل ۽ سرچشمو آهن ۽ باقي سڀئي انهن جو شاخون آهن: وحدانيت، علم، قدرت، اَزليت ۽ اَبديت.[1] 

 



[1]   . تفسير پيام قرآن، ج4 ص:59