Get Adobe Flash player

    1_حاضر يا غائب جو معيار.

مَنْ شَهِدَ أَمْراً فَكَرِهَهُ كَانَ كَمَنْ غَابَ عَنْهُ وَ مَنْ غَابَ عَنْ أَمْرٍ فَرَضِيَهُ كَانَ كَمَنْ شَهِدَه.[1]

جنهن شخص ڪنهن ڪم کي ٿيندو ڏٺو ليڪن ان کان نفرت ڪيائين،اهو ان شخص وانگر آهي جيڪو اتي موجود نه هجي ۽ جيڪڏهن ڪوشخص ڪنهن ڪم کي ٿيندي نه ٿو ڏسي پر ان تي راضي هجي ٿو ته اهو ان ماڻهو وانگر آهي جنهن ان ڪم کي ٿيندي ڏٺو هجي.

 

2_بهترين هديو .

الْعَافِيَةُ أَحْسَنُ عَطَاء.[2]

سلامتي ۽ تندرستي (خدا جي طرف کان هڪ) بهترين هديوآهي. 

3_تڪڙي  اظهار جو انجام.

إِظْهَارُ الشَّيْ‏ءِ قَبْلَ أَنْ يُسْتَحْكَمَ مَفْسَدَةٌ لَه.[3]

ڪنهن به ڪم جي پوري ٿيڻ کان پهريان ان جو اعلان ڪرڻ ان جي برباديءَ جو سبب آهي.

4_مومن جي عزت .

عِزُّ الْمُؤْمِنِ فِي غِنَاهُ عَنِ النَّاس.[4]

مومن جي عزت،ان جي ماڻهن کان بي نياز ٿيڻ ۾ آهي. 

5_ مومن ٽن شين جو محتاج هوندو آهي.

الْمُؤْمِنُ يَحْتَاجُ إِلَى تَوْفِيقٍ مِنَ اللَّهِ وَ وَاعِظٍ مِنْ نَفْسِهِ وَ قَبُولٍ مِمَّنْ يَنْصَحُه.[5]

مؤمن، الله جي توفيق، پنهنجي نفس جي تلقين ۽ نصيحت ڪرڻ واري جي نصيحت کي قبول ڪرڻ جو محتاج هوندو آهي.

6_ڪفران نعمت جو  انجام.

نِعْمَةٌ لَا تُشْكَرُ كَسَيِّئَةٍ لَا تُغْفَر.[6]

اها نعمت جنهن جو شُڪر نه ڪيو وڃي،ان گناهه وانگر آهي جيڪو بخشيو نه ويندو. 

7_بڇڙو دوست

إِيَّاكَ وَ مُصَاحَبَةَ الشَّرِيرِ- فَإِنَّهُ كَالسَّيْفِ يَحْسُنُ مَنْظَرُهُ وَ يَقْبُحُ أَثَرُه.[7]

بڇڙي دوست کان پاسو ڪريو .ڇو جو هو ان تلوار وانگر آهي جنهن جو ظاهر ته تمام سهڻو هوندو پر اثر تمام برو هوندو آهي. 

8_پهريا ن خالق ،پوءِ مخلوق.

رِضَا النَّاسِ بَعْدَ رِضَا اللَّه.[8]

ماڻهن خوشنودي خ،الله جي خوشنوديءَ کان پوءِ آهي.

9_توبه ۾ دير ڪرڻ

تَأْخِيرُ التَّوْبَةِ اغْتِرَار.[9]

تو به ۾ تاخير ڪرڻ غفلت آهي.

10_ جنهن کي الله رکي، ان کي ڪير چڱي؟

كَيْفَ يُضَيَّعُ مَنِ اللَّهُ كَافِلُه.[10]

جنهن جي سنڀال ڪندڙ الله هجي ،ان کي ڪير ٿو تباهه ڪير سگهي؟ 

11_ بري نيت رکڻ جو انجام.

مَنْ لَمْ يَرْضَ مِنْ أَخِيهِ بِحُسْنِ النِّيَّةِ لَمْ يَرْضَ بِالْعَطِيَّة.[11]

جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڀلي نيت نه رکندو اهو(ڪنهن به)هدئي ۽ بخشش تي راضي نه رهندو 

12_ خدا هر وقت ناظر آهي.

اعْلَمْ أَنَّكَ لَنْ تَخْلُوَ مِنْ عَيْنِ اللَّهِ فَانْظُرْ كَيْفَ تَكُون.[12]

آگاهه رهه! هرگز الله جي نظرکان لڪي نه ٿو سگهين،ته پوءِ ڏس ته ڪهڙي حال ۾ آهين.؟ 

13_رسول خدا (ص) جو عورتن کان بيعت وٺڻ جو طريقو.

كَانَتْ مُبَايَعَةُ رَسُولِ اللَّهِ ص النِّسَاءَ أَنْ يَغْمِسَ يَدَهُ فِي إِنَاءٍ فِيهِ مَاءٌ ثُمَّ يُخْرِجُهَا وَ تَغْمِسُ النِّسَاءُ بِأَيْدِيهِنَّ فِي ذَلِكَ الْإِنَاءِ بِالْإِقْرَارِ وَ الْإِيمَانِ بِاللَّهِ وَ التَّصْدِيقِ بِرَسُولِهِ عَلَى مَا أَخَذَ عَلَيْهِن.[13]

رسول خدا (ص) جو عورتن کان وٺڻ جو طريقو هي هيو ته پيغمبر اڪرم (ص) پنهنجي هٿ مبارڪ کي پاڻي جي ڀريل ٿاءُ ۾ وجهندا هئا ۽ ٻاهر ڪڍندا هئا، پوءِ عورتون پاڻي “ هٿ وجهي الله تي ايمان، رسول خدا (ص) جي تصديق ڪنديون هيون ان عهد مطابق جيڪو انهن کان عهد ورتو هيو. 

14_تفقه.

التَّفَقُّهُ ثَمَنٌ لِكُلِّ غَالٍ وَ سُلَّمٌ إِلَى كُلِّ عَال.[14]

تفقه (يعني شريعت ۽ شرعي مسئلن جو سکڻ) هر قيمتي شيءِ جي قيمت ۽ هر بلندي ڏانهن وڃڻ جو ڏاڪڻ آهي.

 

 



[1]    . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:456 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[2]    . بحار الانوار، ج‏75 ص:365 ؛ باب‏27

[3]    . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:457 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[4]    . بحار الانوار، ج‏75 ص:365 ؛ باب‏27

[5]    . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:457 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[6]    . بحار الانوار، ج‏75 ص:365 ؛ باب‏27

[7]    . بحار الانوار، ج‏75 ص:364 ؛ باب‏27

[8]    . بحار الانوار، ج‏75 ص:360 ؛ باب‏27

[9]    . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:456 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[10]    . بحار الانوار، ج‏75 ص:363 ؛ باب‏27

[11]    . بحار الانوار، ج‏75 ص:364 ؛ باب‏27

[12]    . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:455 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[13]    . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:457 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[14]    . بحار الانوار، ج‏1 ص:218 ؛ باب‏6