Get Adobe Flash player

ڪجهه ڏينهن پهريان يورپي يونين  پاران لبنان جي مشهور شيعه تنظيم حزب الله جي عسڪري ونگ کي دهشتگرديءَ واري بليڪ لسٽ ۾ داخل ڪيو ويو جنهن سبب تنظيم جي ملٽري عهديدارن جي يورپي ملڪن ڏانهن سفر تي پابنديءَ سميت لبنان اندر موجود يورپي ملڪن جو سفارتي اسٽاف به انهن سان لاڳاپا رکي نه سگهندو .

حزب الله لاءِ اها ڳالهه نئين ناهي ڇاڪاڻ ته ان کان پهريان به آمريڪا ،فرانس جرمني ۽ برطانيه پاران اڳ ئي انفرادي طور قدم کڻندي حزب کي دهشتگرديءَ واري لسٽ ۾ شامل ڪري چڪا آهن.

  سوال اهو آهي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جن مغربي ملڪن کي اهو قدم کڻڻ تي  مجبور  ڪيو آهي ؟ جڏهن ته سڀني کي خبر آهي ته حزب الله ، القاعده سميت ٻين سڀني مذهبي شدت پسند تنظيمن کان چٽو فرق رکي ٿي جيڪي کلي عام دهشتگرديءَ ۾ ملوث رهيون آهن ۽ جن جو ٽارگيٽ  اڪثر  ڪري بيگناهه عام ماڻهون رهيا آهن.

اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ صهيوني قابض فورسز خلاف لبنان جي ڏکڻ ۾ وجود ۾ اچڻ واري مزاحمتي  تحريڪ کان هڪ منظم تنظيم جي شڪل وٺندڙ حزب الله ، لبنان ۾ نه فقط اتان جي شيعا طبقي ۾ مقبول آهي بلڪه سني ۽ عيسائي طبقي ۾ تمام گهڻي مقبول آهي. جنهن جو سبب  اسرائيل خلاف سندس بيمثال مزاحمت سان گڏ  عام ماڻهن لاءِ بغير ڪنهن فرق جي رفاهي ۽ اجتماعي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.

لبنان جي سياسي ميدان ۾ به حزب الله جو تمام وڏو اثر آهي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته لبنان ۾ ۾ ايندڙ ڪابه حڪومت حزب الله جي حمايت کانسواءِ قائم ٿي نٿي سهگي .جڏهن ته لبناني قانون مطابق ملڪ جو وزير اعظم سني،صدر عيسائي ته قومي اسمبليءَ جو اسپيڪر شيعه هجڻ ضروري آهي جيڪو پڻ حزب الله جي سياسي اثر کي وائکو ڪري ٿو.

     حزب الله پنهنجي پوري تاريخ ۾ نه ڪنهن مسجد ۾ بم ڌماڪو ڪيو آهي ، نه مدرسو تباهه ڪيو آهي ، نه بازار ۾ ماڻهون ماريا آهن، نه ئي وري مذهب جي بنياد تي ڪڏهن عام ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، حزب الله پنهنجي پوري تاريخ ۾ نه ڪڏهن ڀتو ورتو آهي، نه زبردستي زمين ڦٻائي آهي ، نه ئي وري مخالفت جي بنياد تي ڪنهن مخالف کي لڏايو آهي، حزب الله جي ماڻهن پنهنجي شهرن ۽ بازارن ۾ غنڊاگردي ڪندي ماڻهن کي هراسان ڪيو آهي. نه ئي کين فطري ۽ چندي جون پرچيون ڏئي زبردستي پيسا ورتا آهن. هاڻي اتي سوال اهو پيدا ٿئي ته آخر ڇو يورپي يونين پاران حزب الله کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان تي مختلف پابنديون مڙهيون ويون آهن.؟

ان يورپي اقدام جا ٻه سبب ئي ٿي سگهن ٿا. هڪ حزب الله جي آمريڪا ۽ يورپ جي اسرائيل نواز پاليسي جنهن جنهن تحت هو اسرائيل جي تحفظ ۽ مدد لاءِ پوري دنيا ۾ هر اهو قدم کڻن ٿا جنهن سان اسرائيل کي فائدو پهچي ٿو. جڏهن ته حزب الله جيڪا وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي سڀني کان وڌيڪ دشمن ۽ مخالف آهي ۽ اسرائيل جي وجود لاءِ هميشه هڪ وڏو خطرو شمار ٿئي ٿي. تنهنڪري آمريڪي،اسرائيلي دٻاء جو شڪار ٿيندي يورپي يونين مجبور ٿي آهي ته حزب الله جي عسڪري ونگ کي بليڪ لسٽ ڪري.

هڪ ٻيو سبب شام ۾ هلندڙ ويڙهه آهي جنهن کي آمريڪا ،اسرائيل ۽ ڪجهه يورپي ملڪن سميت ڪجهه عرب ملڪن گذريل ٻن سالن کان شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد شام مان آمريڪا ۽ اسرائيل مخالف حڪومت ختم ڪري پنهنجي من پسند حڪومت آڻڻ آهي .ليڪن اڃان تائين هو بشار اسد جي حڪومت کي ڪيرائي نه سگهيا آهن .

جيڪڏهن ان حقيقت جو اعتراف ڪجي ته  غلط نه هوندو ته عربي غربي مدد  ۽ حڪومت کان ڪاوڙيل عام ماڻهن جي حمايت سبب شروعاتي ڏينهن ۾  شام جي هڪ وڏي حصي ٿي مخالفن کي چڱي ڀلي ڪاميابي ملي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ سندن اثر رسوخ ۾ اضافو ٿيو .ان موقعي تي مغرب طرفان القاعده ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي ڪارڪن کي شام ۾ ڪارواين لاءِ نه فقط کلي ڇوٽ ملي بلڪه آمريڪا ۽ ڪجهه عرب ملڪن پوري دنيا ۾ ويڙهاڪ گڏ ڪري ترڪيءَ ۽ اردن ذريعي شام پهچايا ته جيئن اهي جلد ئي حڪومت کي ڪيرائي سگهن .  جن اتي اهڙو ته قتل عام شروع ڪيو جو حڪومت جو ساٿ ڇڏي باغين جي حمايت ڪندڙ عوام کي ان حمايت تان هٿ کڻڻو پيو ۽ کين اندازو ٿيو ته اها جنگ شامي عوام لاءِ نه پر عالمي کلاڙين جي مفادن لاءِ وڙهي پئي وڃي ۽ شامي عوام جو ڪردار فقط قربائي جي جانور جيترو آهي ۽ جنگ جي شروعات ۾ اها پيشگوئي ڪئي وئي هئي ته جلد ئي بشار الاسد جي حڪومت هلي ويندي . ليڪن ان موقعي تي عالمي سطح تي روس ، چين ۽ ايران جي حمايت کان علاوهه داخلي سطح تي بشار الاسد جي وفادار فوج پاران سندس ساٿ نه ڇڏڻ سبب ٻه سال گذرڻ باوجود ختم نه ٿي .ليڪن شامي فوج دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به خاطر خواهه ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي ۽ ملڪ خانه جنگيءَ جو شڪار ٿي ويو

شامي جنگ جو نقشو تقريبا ٻه مهينا اڳ ان وقت تبديل ٿيو جڏهن حزب الله پاران شامي جنگ ۾ لهي پوڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن سان ميداني سطح تي نقشو تبديل ٿي ويو حزب الله جنهن کي ميداني لڙائيءَ ۾ دفاعي ويڙهه ۾ اسرائيل خلاف لبنان ۾ لڙڻ سبب تمام وسيع تجربو هئو.

شام جي جنگ ۾ حزب الله جو لهي پوڻ (جنهن جا ڪجهه سياسي ڪارڻ هئا) سبب ٿيو جو هڪ طرف شامي فوج جا حوصلا وڌن ۽ ٻئي پاسي مخالف دهشتگرد ڊڄي پوئتي هٽن. جنهن جو نتيجو هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي دوران ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن شامي فوج، اسرائيل ۽لبنان سرحد تي واقع اهم دفاع شهر ” القصير“ کي باغين کان ڇڏائي ڪرائي ورتو . جنهن کي گذريل ٻن سالن دوران شامي فوج جي اهم ڪاميابي تصور ڪيو ويو. جڏهن ته القصير کانپوءِ هن وقت تائين تلڪخ، قابون،ريف دمشق، حمص، لازقيه کان علاوهه حلب جي 60 فيصد کان مٿي حصي تي شامي فوج جو تسلط حاصل ڪري چڪي آهي.۽ مخالف هاڻي پوئتي هٽندي هٽندي ترڪيءَ جي سرحد سان لڳي رهيا آهن. عرب تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حلب جو شهر باغين جي هٿان نڪري ويو ته اها شام ۾ مخالفن جي مڪمل شڪست سان گڏ جنگ جي پڄاڻي به هوندو.

آمريڪا ۽ ان جا عربي ۽ غربي حامي، شام ۾ پنهنجي ان شڪست جو ذميوار حزب الله کي سمجهن ٿا ، جنهن جي شامي جنگ ۾ لهي پوڻ سان نه فقط سندن اربين ڊالر ضايع ٿي ويا بلڪه سندن ٻه سالا محنت تي به پاڻي ڦري رهيو آهي . اهو ئي سبب آهي ته وچ اوڀر جي عرب ملڪن جي تنظيم عرب ليگ پاران حزب الله کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ کان فورا پوءِ يورپي يونين پاران به حزب الله جي عسڪري ونگ کي دهشتگرديءَ واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ته جيئن شايد ان ذريعي حزب الله کي ڊيڄاري کيس شام جي جنگ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي.

 

ليڪن تنظيم جي سربراهه سيد حسن نصرالله پاران ٻه ڏينهن اڳ اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن مغربي ملڪ اهو سمجهن ٿا ته هو پنهنجي ان فيصلي سان اسان کي ڪمزور ڪري سگهندا يا اسان جي ارادن کي ٽوڙي سگهندا ته اها سندن ڀل آهي ،هن چيو ته اسان لاءِ اهوفيصلو نئون ناهي اسان کي ان جي گهڻو اڳ اچڻ جي اميد هئي ، اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جو اسان آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي بليڪ لسٽ ۾ آهيون ،تنهن هوندي هن يورپي يونين جي ان فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته يورپي يونين جو اهو قدم اسرائيل کي شهه ڏيڻ آهي ته جيئن هو دهشتگريءَ جي آڙ ۾ ٻين قومن تي حملو ڪري ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته آمريڪا ۽ يورپي يونين به انهن حملن ۾ برابر جا شريڪ هوندا .تنهن ڪري اڃان به وقت آهي ته يورپي ملڪ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي ان فيصلي کي واپس وٺي ڇڏي.!