Get Adobe Flash player

       ڪربلا جي رڻ پٽ ۾ حق ۽ باطل جي وچ ۾ ٿيل معرڪي ۾ تلوار مٿان خون جي حيرت انگيز فتح پوري دنيا جي مظلومن کي اها سگهه ڏني جو هو ظالم جي سامهون بيهي سگهن ۽ ان سان مهاڏو اٽڪائڻ جي جرئت ڪندي کائنس پنهنجو حق گهري سگهن ۽ دنيا جي نظرن ۾ کيس اهڙو ته ننگو ڪن جو کيس لڪڻ جي ڪا واٽ نه ملي .

ڪربلا جي معرڪي ۾ ان تاريخي فتح ۾ جتي امام حسين عليه السلام ۽ سندن باوفا ساٿين جو ڪردار هئو، اتي سندن شهادت کانپوءِ ، اسيرن جي ان قافلي جو به وڏو ڪردار رهيو آهي جن کي ڪربلا کان ڪوفي ۽ پوءِ ڪوفي کان شام طرف نيون ويو . جيڪڏهن ائين چئجي ته شايد غلط نه هوندو ته جيڪڏهن اهو قافلو نه هجي ها ته ڪربلا وارن جو پيغام هرگز دنيا وارن جي ڪنن تائين نه پهچي ها ۽ يزيد ۽ يزيديت ائين دنيا وارن جي سامهون رسوا ۽ بدنام نه ٿين ها جيئن اڄ آهن.

            ان قافلي جي سالار بيبي زينب سلام الله عليها هئي جنهن دنيا وارن کي ٻڌايو ته ڪربلا ۾ ڪهڙو ڪِيس ٿيو، نينوا جي برپٽ ۾ ماريل انسان باغي نه پر ان رسول جي اولاد هئو جنهن دنيا لاءِ اسلام جو پيغام آندو . مسلمانن جي روپ ۾ وڙهڻ لاءِ آيل درندا نه فقط انسانيت کان ڪريل هئا بلڪه اهي حيوانيت جي به آخري حدن کي اورانگهي چڪا هئا. جن لاءِ انسانن سان دشمني فقط ان جي مرڻ ۽ هن دنيا ۾ وڃڻ تائين ختم نه ٿي ٿئي. بلڪه هو دشمن جي جسم کي چيري ڦاڙي ان جا جيرا بڪيون ڪڍي کائڻ لاءِ تيار آهن. جيڪي دشمن جي جنازن تي به رحم نه ٿا ڪن ۽ انهن کي گهوڙن جي سنبن سان ڳڀا ڳڀا ڪري انهن مٿان ٽهڪ ڏين ٿا ۽ فخر سان چون ٿا ڏسو اسان ڪهڙو نه وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.؟

   اهي انسان اسلام لاءِ ايترو ته ننگ ۽ عار آهن جو پنهنجي ئي مسلمانن جي عورتن ۽ ٻارن تي به رحم نه ٿا ڪن ۽ انهن کي رومي ۽ زنگي غلامن وانگر  زنجيرن ۾ جڪڙي بازارن ۾ گهمائن ٿا . اسلام جي نالي تي مسلمانن مٿان حڪومت ڪن ٿا ليڪن مسلمانن جي ئي بيت المال مان عيش ۽ نوش جو محفلون برپاڪن ٿا .

اها حضرت بيبي زينب (س) جيڪا اهڙي دور ۾ ۽ اهڙي  ئي قسم جي ماڻهن جي سامهون ، اٿي کڙي ٿي ۽ پنهنجي حيرت انگيز خطبن ذريعي مسلمان جي ضمير کي جنجهوڙيائين ،انسانيت کي غفلت جي اگهور ننڊ مان بيدار ڪندي يزيد کي سندس ئي درٻار ۾ اهڙو رسوا۽  خوار ڪيائين جو شامي درٻار ۾ ڪربلا جي فتح تي جشن جي محفل ماتم ۾ تبديل ٿي وئي، يزيد جا پنهنجا ئي حامي، مظلوم ڪربلا مٿان ماتم ڪندي نظر آيا ۽ پوءِ لعنت ملامت ، ذلت ۽ ڦٽڪار جي اهو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿيو جيڪو قيامت تائين  يزيد جو پيڇو نه ڇڏيندو .

بيبي زينب (س) جي اها جرئت ،شجاعت، صبر ۽ بردباري ڪائنات جي سڀني مظلومن جي لاءِ آس ۽ اميد جو باعث بڻي جنهن کين ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ کيس رسوا ڪرڻ جي سگهه ڏني.۽ بيبي زينب (س) هميشه هميشه لاءِ مظلوميت جي اهڙي نشاني بڻجي وئي جو جڏهن به زينب جو نالو آيو اتي مظلوميت ۽ ان جي سامهون ايندڙ تي ظالم جي مهر لڳي وڃي ٿي. ۽ ائين زينب تاريخ ۾ هميشه هميشه لاءِ امر ٿي وئي.

    اڄ چوڏنهن سئو سالن کانپوءِ بيبي زينب (س) جو نالو  ٻيهر ماڻهن جي زبانن تي آهي،ميڊيا ٻيهر اعلان ڪري پئي ته اڄ وري ظالم مظلوم تي حملو ڪيو آهي ، اڄ وري حق ۽ باطل جي جنگ درپيش آهي. ليڪن اڄ بيبي زينب (س) نه پر سندس مزار مسلمانن کي پڪاري رهي آهي، غفلت جي اگهور ننڊ ۾ ستل ضميرن کي جنجهوڙي رهي آهي، ته اٿو ! اڄ وري اسلام خطري ۾ آهي ، جو اسلام جي نالي تي باطل ٻيهر مسلمانيت جي نقاب ۾ ظاهر ٿيو آهي. جنهن ۾ اسلام ۽ انسانيت جي ڪا بوءِ ناهي ، اهي اڄ به اسلام جي نالي تي پنهنجي ئي مسلمانن جو خون وهائي رهيا آهن! ، سندن جسمن جا ڳڀا ڳڀا ڪري رهيا آهن! سندن سينا چيري انهن جا جيرا بڪيون چٻاڙي فخر سان اعلان ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن موقعو مليو ته ٻيهر ائين ڪنداسين!  ۽ سندن ٻارن ۽ عورتن تي به رحم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

 

  بيبي زينب (س اڄ به مظلوم آهي،سندس مزار اڄ به مظلوم آهي ، اڄ به بيبي زينب (س) مظلوميت جي نشاني آهي جيڪا هر زنده دل ۽ جاڳيل ضمير انسان کي ٻڌائي رهي آهي ته ڏسو! جن جي ابن ڏاڏن کي چوڏنهن سئو سال پهريان سندن ئي قلعي ۾ رسوا ڪيو هئم ، اڄ سندن ناجائز اولاد پلاند ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نه آتو آهي جو منهنجي قبر تي رحم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.؟ اٿو ۽ ڏسو اڄ انسانيت ڪيتري ڪري چڪي آهي ؟ حيوانيت ڪيتري وڌي چڪي جو دشمن جي قبر سان به دشمني؟! ، دنيا جي دستور مطابق انسانن جي دشمن سان دشمني سندس زندگيءَ تائين ئي محدود هوندي آهي ته پوءِ اڄ هيءُ ڪير آهن ؟ جيڪي انسانذات جي چهري تي اهڙو بدنما داغ بڻجي ويا آهن جيڪو هزارين بيگناهه انسان جي خون سان به ڌوپي نه ٿو ڌوپجي؟ ڏسو آءُ پاڪ رسول (ص) جي نواسي ، علي ۽ بتول جي نياڻي اڄ به اوتري ئي مظلوم آهيان جيتري ڪالهه ڪربلا ۾ هئس! اٿو ۽ منهنجي مظلوميت کي سمجهو ته جيئن اڄ جي يزيد ۽ يزيديت کي سڃاڻي سگهو.