Get Adobe Flash player

اسان شيعه دوست ڊاٽ ڪام طرفان ماهه شعبان ۽ اهل بيت عليهم السلام جي خوشين جي مهيني  جي آمد ۽ حضرت امام حسين عليه السلام  حضرت غازي عباس علمدار،حضرت امام زين العابدين ۽ شهزاده علي اڪبر عليهم السلام  ۽ ٻين پاڪ معصومن جي ولادت باسعادت جي موقعي تي سڀني مسلمان ڀائرن،شيعيان حيدرڪرار ۽ محبان اهل بيت عليهم السلام جي خدمت ۾ مبارڪباد پيش ڪريون ٿا

            ڪجهه ڏينهن اڳ شام جي گاديءَ واري هنڌ دمشق جي زينبيه واري علائقي ۾ رسول الله صلى الله عليه وآله جي نواسي حضرت  علي ۽ بتول عليهما السلام جي نياڻي امام حسين عليه السلام جي ڀيڻ حادثه ڪربلا جي عيني شاهد فاتحه شام حضرت بيبي زينب سلام الله عليها جي روضي تي  ڪجهه دهشتگردن

پاران راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو ويو جنهن سان روضي جي ٻاهرين حفاظتي ديوار کي ٻن پاسن کان نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ سان هڪ ڄڻو شهيد ٿي ويو . بيبي صاحبه جي روضي تي  ٿيل اهو حملو ، پهريون حملو نه آهي ان کان پهريان به  ٻٽي ڀير ا حملا ٿي چڪا آهن . سوال اهو آهي ته آخر بيبي زينب (س) جي روضي تي اهي حملا ڇو ڪيا پيا وڃن ؟ ۽ انهن جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي.؟

        ان سوال جو جواب اسان کي عالمي حالات ۽ خاص ڪري وچ اوڀر ۾ هلندڙ عالمي طاقتن جي راند ۾ ڏسڻ گهرجي . اها ته سڀني کي خبر آهي ته گذريل ٻن سالن کان شام ۾ خانه جنگي هلي رهي آهي جنهن جي شروعات عرب دنيا ۾ شروع ڪيل آمريڪا ۽ ان جي حوارين پاران ”عرب بهار“ يا عرب اسپرنگ نالي مهم سان ٿي. جنهن ذريعي عرب دنيا جي ڪيترن ئي وڏين وڏين حڪومتن کي ختم ڪيو ويو، مصر جو حسني مبارڪ هجي يا ليبيا جو ڪرنل قذافي، تيونس جو علي زين العابدين هجي يا يمن جو عبدالله صالح سڀئي استعماري قوتن جي ان سازش جو شڪار ٿيا جيڪا آمريڪا انهن لاءِ سٽي هئي ،جنهن جو هدف وچ اوڀر جي ملڪن ۾ آمريڪا مخالف قوتن کي ڪچلڻ سان گڏ پراڻن کلاڙين کي مٽائي ان جي جاءِ تي پنهنجي پسند جا نوان چهرا رکڻ هئو.

     جيڪڏهن ائين چئجي ته ان سازش جو اصل هدف پوري  مشرق وسطي جي  علائقي ۾ اسرائيل جي مقابلي ۾ ايندڙ هر قسم جي عربي ۽ غير عرب طاقت کي ختم ڪرڻ هئو ته شايد غلط نه هوندو  ته جيئن اسرائيل کي وچ اوڀر  جي مضبوط ترين ملڪ طور سامهون آندو وڃي ،جنهن کي ڪو خطرو نه هجي، عرب دنيا جي طاقتورترين فوج  رکندڙ ملڪن ۾  عراق کان علاوهه مصر ۽ شام ئي آهن جن وٽ هڪ مضبوط فوج آهي ، جڏهن ته ٻيا ملڪ يا ته آمريڪا جا پٺو آهن يا ان اڳيان ڪجهه ڪرڻ جي سڪت نه ٿا رکن.

      عراق جي تباهيءَ کانپوءِ مصر کي به هڪ اهڙي اندروني ويڙهه جو شڪار ڪيو ويو آهي جو اتان جي فوج کي اها جرائت نه پئي ٿي جو هو اسرائيل ۽ آمريڪا جي اجازت کانسواءِ رڳو غزه جي فلسطيني عوام کي زندگيءَ جو بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ رفح جي سرحد کولي سگهي، اخوان المسلمين ۽ مصر جي سيڪيولر قوتن کي مصر مٿان حڪومت جي اهڙي چٽاڀيٽيءَ ۾ ملوث ڪيو ويو آهي جنهن مان کين ٻاهر نڪرڻ ۽ ٻئي اسلامي دنيا بابت سوچڻ لاءِ شايد سالن کان پوءِ به فرصت نه ملي.

    اهو ساڳيو ئي نقشو شام به استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ليڪن  بشار الاسد جي وفادار فوج سندس ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ اتان جي مخالف ڌرين ۾ به اها طاقت نه هئي جو هو سياسي يا ميداني سطح تي بشار الاسد کي شڪست ڏئي سگهن . آمريڪا شام ۾ ڪجهه هفتن اندر حڪومت جي تبديليءَ جو پروگرام کڻي آيو هئو ليڪن پنهنجي پهرئين نقشي ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عراق ۽ افغانستان وانگر ٻاهرين جنگ مسلط ڪرڻ جو ٻيو نقشو کڻي اقوام متحده ويو ليڪن اتي به هو ناڪام ٿيو جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته شام، شروع کان ئي عراق ۽ افغانستان جي برعڪس روسي بلاڪ سان وابسته آهي . ۽ هن وقت به شام جي مشهور بندرگاهه طرطوس روسي فوج جي هٿن ۾ آهي . روس جي مجبوري اها آهي ته جيڪڏهن روس شام کي ڇڏي ڏئي ته پوءِ کيس پوري وچ اوڀر تان هٿ ڌوئڻا پوندا ۽ تيل سان مالا مال هن خطي تي فقط آمريڪا جو ئي انحصار هوندو . اهوئي سبب آهي جو روس نه فقط اقوام متحده جي سلامتي ڪونسل ۾ شام مٿان جنگ جي مخالفت ڪئي بلڪه اها به ڌمڪي ڏني ته شام تي اهڙي حملي جي صورت ۾ روس به ان ۾ لهي پوندو جنهن نتيجو ٽئين عالمي جنگ کان سواءِ ڪجهه نه هوندو.

   اتي آمريڪا کي پراڻن دوستن جي ياد آئي ۽ هن ترڪيءَ سميت ڪجهه عرب ملڪن جي ذريعي شام ۾ اهو ساڳيو ئي نقشو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ روس خلاف استعمال ڪيو ويو هئو. يعني مفادن جي جنگ کي مذهب جي نالي تي شروع ڪيو وڃي جنهن ذريعي نام نهاد جهاد جي نالي تي پوري دنيا ۾ شدت پسند گروپن کي پاڪستان ۾ آڻي کين مالي مدد سان گڏ فني تربيت ڏئي افغان جهاد تي روانو ڪيو ويو هئو ۽ روس جهڙي عالمي طاقت کي افغانستان جي سرزمين تان تڏا ويڙهڻا پئجي ويا هئا.

       هاڻي پاڪستان وارو ڪردار ترڪي ۽ اردن ادا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پاڪستان سميت پوري دنيا مان القاعده ڪارڪنن ۽ ٻين مذهبي شدت پسند تنظيمن جي دهشتگردن کي شام روانو ڪيو ويو آهي . کين هر قسم جي مالي ۽ فني مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ،جيڪي اسلام جي نالي پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن خلاف جهاد ۾ مشغول آهن بيگناهن جو خون وهائي رهيا آهن ۽ اسلام جي نالي تي پنهنجي هر شيعه توڙي سني مخالف کي قتل ڪري رهيا آهن ته جيئن آمريڪا ۽ مغربي طاقتن جا مفاد محفوظ رهي سگهن .

ان ويڙهه کي مذهبي رنگ ڏيڻ خاطر   شيعه سني ويڙهه جو نالو ڏنو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ايران ۽ لبنان جي شيعه تنظيم حزب الله جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل جا دشمن آهن شروع کان ئي شام جي حمايت پيا ڪن. جڏهن ته دنيا جا اڪثر ماڻهون ان حقيقت کان غافل آهن ته شام هڪ سني ملڪ آهي ۽ جن جي اڪثريت فقط ان ڪري بشار الاسد سان گڏ آهي جو هو نه ٿا چاهن ته سندن ملڪ ۾ مذهب جي نالي تي ماڻهن جو قتل عام ٿئي يا ملڪ جو امن ۽ سڪون تباهه ٿئي شام ۾ نه فقط شيعا سني بلڪه عيسائين جو به وڏو تعداد آهي جيڪي سالن کان اتي امن ۽ سڪون سان رهيا آهن،

        هاڻي جڏهن شام ۽ عالمي حالات کي سمجهي چڪاسين ته ان سوال جو جواب به آسانيءَ سان ملي وڃي ٿو ته بيبي زينب سلام الله عليها جي روضي ته حملا ڇو ٿي رهيا آهن؟ فقط ان ڪري ته جيئن شام ۾ مذهبي فرقه واريت جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪايو وڃي . ۽ شيعه سني مذهبي اختلاف جي بنياد تي ، نه فقط شام جا ماڻهو ن بلڪه پوري دنيا مان مختلف طبقن ۽ فرقن جا ماڻهون ان جنگ ۾ لهي پون جنهن جي نتيجي ۾، شام ۾ اها تباهي اچي جو نه فقط بشار الاسد جي حڪومت ختم ٿي وڃي بلڪه ايندڙ ڪيترن سالن تائين گهرو ويڙهه سبب اتان جي ماڻهن کي سڪون نصيب نه ٿئي.

           عرب تجزيه نگارن مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل آخري حملو ان ڪري به وڌيڪ اهميت جو حامل آهي جو ان کي اهڙي وقت انجام ڏنو ويو آهي جڏهن حڪومت خلاف برسرپيڪار دهشتگردن کي مسلسل شڪست ٿي رهي آهي ۽ سندن هٿان لبنان جي سرحد تي واقع اهم دفاعي شهر القصير جي نڪرڻ کانپوءِ، تلڪلخ ، لازقيه ، قابون سميت هاڻي ترڪيءَ واري سرحد جي ويجهو واقع اهم شهر حلب به نڪري رهيو آهي جنهن کي مخالفن جو مکيه ڳڙهه شمار ڪيو وڃي ٿو .

      ياد رهي ته القصير ۾مخالفن کي شڪست ملڻ ۾ شامي فوج کان علاوهه لبنان جي شيعه تنظيم حزب الله جو به وڏو ڪردار هئو. جنهن تي عالمي ميڊيا سان گڏ عرب ميڊيا ۾ تمام گهڻو کنيو ويو هئو ۽ پروپيگنڊا ڪئي وئي هئي ته شامي فوج، شيعه تنظيم سان گڏ مظلوم سني عوام کي ماري رهي آهي ليڪن حقيقت اها آهي ته حزب الله پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي ڇاڪاڻ ته شام عرب دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جنهن حزب الله جي اسرائيل خلاف جنگين ۾ مدد ڪئي بلڪه تربيت کانسواءِ کين لاجيسٽڪ سپورٽ به ڪئي هئي. هاڻي جيڪڏهن اتي به اسرائيل ۽ آمريڪا جي چاپلوس حڪومت اچي وڃي ٿي يا اتي طويل عرصي تائين خانه جنگي هلي ٿي ته ان سان خطي ۾ موجود سندس واحد حامي به هليو ويندو.

ahadith-91_عقل ۽ فڪر جي ڪمال جي علامت. دَلِيلُ الْعَقْلِ التَّفَكُّرُ وَ دَلِيلُ التَّفَكُّرِ الصَّمْت.[1] عقل جي علامت غور وفڪر ڪرڻ آهي ۽ فڪر جي سڃاڻپ خاموشي آهي. 2_هميشه حق چوڻ گهرجي. قُلِ الْحَقَّ - وَ إِنْ كَانَ فِيهِ هَلَاكُكَ فَإِنَّ فِيهِ نَجَاتَكَ وَ...
16760
امام-موسى-ڪاظم-عليه-السلام-جون-چاليهه-حديثونحضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جو شمار اسان جي انهن امامن مان ٿئي ٿو جن انتهائي سخت حالات ۾ امامت جهڙو عظيم فريضو نڀايو ۽ ماڻهن کي حق جي راهه ڏيکاري ۽ هرقسم جون مصيبتون سر تي سهي حق جا واٽ ڏيکاري ، اسان هن مختصر تحرير ۾ سندن املهه ۽ ناياب  ڪلام مان ڪجهه...
23630
imamkazim-1تاليف رسول جعفريان شيعن جو ستون امام حضرت موسى ڪاظم A آهي جنهن کي مسلمانن خاص ڪري شيعن،دشمنن جي مقابلي ۾ حلم،بردباري ۽ پنهنجي غصي کي ڪنٽرول ۾رکڻ ڪري ”ڪاظم“ جو لقب ڏنو. سندن ولادت سن 128 هه ڌاري ابواء  - مديني ۽ مڪي جي وچ ۾ موجود هڪ ڳوٺ - ۾ ٿي. جڏهن ته...
57880
imamkazim-2حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام(1) تاليف:  رسول جعفريان امام موسى ڪاظم عليه السلام جي سياسي جدوجهد       امام موسى ڪاظم Dجنهن دور ۾ زندگي  گذاري هئا سو عباسي حڪمرانن جي ظلم ۽ ڏاڍ  ڀري حڪومت جي پهرئين مرحلي جو حصو هئو . عباسين ڪجهه ئي عرصو پهريان...
53660
imamkazim-3حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام(1) حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام(2) تاليف : رسول جعفريان  روايتن جو ٽيون قسم    امام A جي گرفتاريءَ ۽ قيد ٿيڻ جا ٻيا به دليل هئا جن هڪ هيءُ آهي ته : شيعن کي روڪيو ويو هئو ته امام ۽ سندن رهبريءَ متعلق هر قسم جي ڳالهه...
42780
حضرت-امام-موسى-ڪاظم-عليه-السلام-جي-زندگيهن ڪتاب ۾ امام ڪاظم عليه السلام جي سياسي ڪردار ۽ سندن انجام ڏنل ڪارنامن تي هڪ تجزياتي نگاهه وڌي وئي آهي ۽ امام (ع) جي عظيم جدوجهد کي بهترين نموني ذڪر ڪيو ويو آهي،هيءُ ڪتاب 84 صفحن تي مشتمل آهي  .  هيءُ ڪتاب حقيقت ۾ مشهور شيعه مورّخ رسول جعفريان جي تحرير...
23870
2009-12-04-15-40-55سوچيان ٿو ته اکيون ڀرجي ٿيون اچن. يا منهنجا موليٰ! شام دمشق ۾ ۽ اها به جناب زينب خاتون سلام الله عليها جي روضي مبارڪ ۾ مون ناچيز ۽ گنهگار جي ايتري ۽ اهڙي شاندار آجيان! ۽ ان جو ته ڪڏهن تصور ۾ به ڪو نه هئم ته ائين عزت بخشي ويندي  مون غريب عزادار کي ۽ ان...
131280