Get Adobe Flash player

پاڪ پالڻهار انسان کي آزاد ۽ خود مختيار پيدا ڪيو آهي، ڀلائي يا برائي جي چونڊ سندس وس ۾ آهي، رب پاڪ، نبيءَ سڳورا موڪلي ڪري حق ۽ باطل جو تعارف ڪرائي ڇڏيو آهي؛

هاڻ انسان جي مرضي آهي ته هو حق جي چونڊ ڪري مٿس عمل ڪري ڪاميابي ماڻي يا شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري پنهنجي دنيا ۽ آخرت وڃائي ويهي.

جيڪي به انسان زندگي گذارڻ جو صحيح ڏس پنڌ نبين کان وٺن ٿا ۽ الله سائين جي مرضيءَ مطابق زندگي گذارين ٿا تن حقيقت ۾ پنهنجي ضمير جي فيصلي کي قبول ڪيو آهي ۽ فطرت جي تقاضي آڏو سر جهڪايو آهي. پاڻ کي (لا محدود آزاديءَ) کان جيڪا حيوانن جو خاصيت آهي، نجات ڏئي ڪري، رب جي فرمان کي تسليم ڪري ”الم اعهد اليڪم“ جي تاج جو حقدار بڻايو آهي.[1]

قرآن مجيد جي ڪيترين ئي آيتن ۽ حديثن مان خبر پوي ٿي ته رب پاڪ جا آزاد ٻانها اهي ئي آهن جن آسماني ذميوارين کي دل سان قبوليو ۽ مٿن عمل ڪيو. ٻيا ته پنهنجي نفس جا غلام بڻجي شيطان جا پوڄاري ٿي وڃن ٿا، حقيقت ۾ اهي پاڻ کي ان فضيلت کان پاڻ محروم ڪن ٿا.

الله پاڪ جي اهڙن فرضن ۽ حڪمن مان  هڪ روزو به آهي جنهن سان نفس کي پاڪ ڪرڻ، دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ ۽ صحيح سالم رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. روزي جي اسلام ۾ تمام گهڻي تاڪيد ٿي آهي. روزو رب پاڪ طرفان مومنن لاءِ هڪ عظيم تحفو آهي، جيڪو ڌڻي سڳوري پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اسان مٿان واجب قرار ڏنو آهي. روزو انسان کي ڪيترين ئي براين کان آزاد ڪري انهن کي پاڙان ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. روزو نفس جي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ جو بهترين وسيلو آهي. عبادت ۽ بندگي جي ان عظيم نموني مان بهتر کان بهتر طور تي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ ان جو فلسفو سمجهي . تنهن اسان هن مختصر تحرير ۾ روزي جي فلسفي کي بيان ڪريون ٿا.

1. روزي جو روحاني فلسفو 

آيتن ۽ روايتن جي روشني ۾ روزي جي معنوي فلسفي کي ٻن شين ۾ پسي سگهجي ٿو:

الف) تقوا ۽ پرهيزگاري

 تقوا اسلام ۾ بنيادي حيثيت ۽ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي؛ ڪيترين ئي عبادتن جو اصلي فلسفو تقوا حاصل ڪرڻ آهي، بلڪ شايد عبادت ۽ بندگي جو اصلي فلسفو به تقوا آهي.

پاڪ پالڻهار جو فرمان آهي: يا اَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا ڪُتِبَ عَلَيْڪُمُ الصِّيامُ ڪَما ڪتِبَ عَلَى الَّذينَ مِنْ قَبْلِکڪمْ لَعَلَّڪمْ تَتَّقُون‏[2]اي ايمان وارو! توهان تي روزا واجب ڪيا ويا آهن جيئن توهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا هئا ته جئين اوهان پرهيزگار بڻجي وڃو.

   اها آيت روزي جي فلسفي کي تمام مختصر پر انتهائي با معني جملي ”لعلکم تعقلون“ ۾ بيان ڪري ٿي. روزو تقوا ۽ پرهيزگاري جي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي؛ روزي دار انسان اڃ، بک وغيره کي برداشت ڪري عملي طور تي ثابت ڪري ٿو ته هو حيوان وانگر کاڌي پيتي جو اسير نه آهي بلڪه نفس جي مهار سندس پنهنجي هٿ ۾ اٿس، هو پنهنجي نفس کي چڱي نموني قابو ۾ رکي سگهي ٿو. روزي جو سڀني کان وڏو ۽ اهم روحاني فلسفو اهو ئي آهي.

جيڪي انسان هر قسم جا لذيذ ۽ وڻندڙ کاڌا ۽ مشروب پاڻ وٽ رکن ٿا ۽ جڏهن کين گهرج ٿئي ٿي انهن کي استعمال ڪن ٿا، اهي انهن وڻن وانگر آهن جيڪي دريا جي ڪناري باغ جي چوديواري منجھ واڌ ويجھ ڪن ٿا، اهي انتهائي نازڪ ۽ ڪمزور هوندا آهن، انهن ۾ دفاع جي سگھ تمام گهٽ هوندي آهي جيڪڏهن ڪجھ ڏينهن سندن پاڻي بند ڪجي ته خشڪ يا ڪماڻجي ويندا. پر جيڪي وڻ برپٽ بيابانن ۾ جبل پهاڙن جا سينا سوراخ ڪري واڌ ويجھ ڪن ٿا، شروع ۾ ئي سخت طوفانن، سج جي تپيل گرمي ۽ سياري جي ساڙيندڙ ٿڌ جو مقابلو ڪندا آهن، اهي انتهائي مضبوط ۽ فولادي بڻجي ويندا آهن. روزو به انساني روح سان ڪجھ اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو. وقتي پابندين وسيلي کيس مضبوط ۽ فولادي ارادي جو مالڪ بڻائي ٿو. سرڪش نفساني خواهشات تي ڪنٽرول ڪرڻ سان انسان جي دل کي نوراني بڻائي ڇڏي ٿو.[3]

   روزو هڪ انتهائي عظيم عبادت آهي جيڪڏهن ان کي پنهنجي گهربل تمام آدابن سان گڏ انجام ڏجي ته نفس جي پاڪائي ۾ ان جو وڏو ڪردار آهي. روزو نفس کي گناهن جي پليدي مان پاڪ ڪرڻ ۽ بڇڙي اخلاق کان نجات ڏيڻ سان گڏوگڏ انسان جي معنوي ترقي ۽ تڪامل ۾ بنيادي اثر رکي ٿو. روزي دار انسان گناهن کي ڇڏڻ وسيلي پنهنجي نفس اماره کي قابو ۾ آڻي ٿو. روزو گناهن کي ڇڏي ڏيڻ جي هڪ تمرين آهي. جيڪو انسان گناهن کان پاسو ڪري ٿو ۽ کائڻ پيئڻ کي الله جي راضپي خاطر ڇڏي ڏئي ٿو ، رب پاڪ ان کي هڪ خاص نورانيت عطا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اڃ، بک واري حالت انسان کي روحاني ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ آمادھ ۽ تيار ڪري ٿي.اسلام گهڻي کائڻ جي مذمت به ان ڪري ئي آهي جو گهڻي کائڻ سان انسان وٽ دعا، راز ۽ نياز ۽ مناجات جو حال نٿو رهي. انسان بک جي حالت ۾ بهتر نموني عبادت ڪري سگهي ٿو.

رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و وسلم جن فرمائن ٿا: ”لا تشبعوا فيطفي نور المعرفه من قلوبڪم؛ گهڻو نه کائو ڇاڪاڻ ته گهڻي کائڻ سان توهان جي دلين ۾ معرفت جو نور وسامي ويندو.[4]

      امير المومنين امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: نعم العون علي اسر النفس و ڪسر عبادتها التجوع؛ نفساني عادتن ۽ نفس کي ٽوڙڻ لاءِ بک بهترين مددگار آهي[5]

مولا کان ئي هڪ ٻئي روايت آهي ته الله سائين معراج واري رات رسول خدا صلي الله عليه و آله و وسلم کي فرمايو: اي احمد! ڪاش بک، خاموشي ۽ اڪيلائي ۾ راز نياز جو مزو چکين ها. پاڻ سڳورن عرض ڪيو: پالڻهار!بک جو فائدو ڇا آهي؟ پالڻهار فرمايو:حڪمت،دل جي حفاظت، منهنجو قرب، دائمي حزن، گهٽ خرچ، حق ڳالهائڻ ۽ ان جي پرواھ نه رهڻ ته آساني ۾ آهي يا سختي ۾. [6]

علامه طباطبائي هن آيت ”لعلڪم تتقون“ جي تفسير ۾ لکن ٿا ته اسلام جي اعلى تعليمات مان اهو ئي سمجھ ۾ اچي ٿو ته پالڻهار جي ذات ان کان پاڪ آهي جو ڪنهن شي جي محتاج هجي، هو ته هر قسم جي عيب ۽ محتاجي کان پاڪ آهي. ان بنياد تي عبادت جو فائدو صرف ئي صرف ٻاني کي ملي ٿو، جهڙوڪ گناھ به ائين ئي آهن. قرآن پاڪ فرمائي ٿو:

 يا اَيُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَراءُ اِلَى اللَّهِ وَ اللَّهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَميد (اي انسانو! اوهين سڀئي الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي پرواھ ۽ ساراھ لائق آهي.)[7]

تنهنڪري اطاعت يا نافرماني جو فائدو يا نقصان انسان کي ئي ملندو، جيڪو محتاجي جو مجسمو آهي. خاص طور تي روزي لاءِ ارشاد فرمايو ويو آهي: لعلکم تتقون، روزو ان لاءِ آهي ته جئين توهان پرهيزگار بڻجي وڃو، ان لاءِ نه آهي ته الله کي توهان جي روزن جي ضرورت آهي.

روزي سان پرهيزگار حاصل ٿئي ٿي، ان ۾ ڪنهن قسم جو ڪو شڪ نه آهي، ڇو جو فطري طور تي هر انسان ڄاڻي ٿو ته روحاني ڪمال حاصل ڪرڻ جو پهريون ڏاڪو هي آهي ته انسان لاپرواهي ۽ شهوت پرستي تي غالب اچي، سرڪش ۽ نافرمان نفس کي قابو ۾ آڻي، مطلب ته جيڪو به عمل الله کان پر ڪري، ان کان پاسو ڪري. اها تقوا پرهيزگاري ۽ احتياط ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي.[8]

جيڪو انسان رب جي حڪم تي زندگي جي ضروري ۽ بنيادي شين کان پاسو ڪري سگهي ٿو اهو حرام ۽ ناجائز ڪمن ۾ پالڻهار جي حڪم جي بهتر نموني سان اطاعت ڪري سگهي ٿو. روزو انسان ۾ اها سگھ پيدا ڪري سگهي ٿو تنهنڪري حديث ۾ آيو آهي ته روزي دار جو ساھ کڻڻ به تسبيح آهي ته سندس ننڊ به عبادت آهي.

اميرالمومنين جو فرمان آهي:       "

فان التقوى الله دواء داء قلوبڪم و بصرعمي افئدتڪم و شفاء مرض اجسادڪم و صلاح فساد صدورڪم و طهور دنس انفسڪم و جلاء غشاء ابصارڪم و امن جاشڪم و ضياء سواد ظلمتڪم؛ بيشڪ تقوا توهان جي دلين جي بيمارين لاءِ دوا، روح جي نابينائي لاءِ نور، جسماني بيمارين لاءِ شفا، سيني جي فساد لاءِ اصلاح، نفس جي گندگي لاءِ پاڪائي، اکين جي پردن کي کولڻ واري، اندروني پريشاني لاءِ راحت ۽ اونداهين لاءِ روشني آهي. [9]

 (ب) خلوص جو امتحان

خلوص ۽ اخلاص، روحاني ڪمال جو سڀني کان مٿانهون درجو آهي؛ اخلاص وسيلي انساني دل، خدائي نور جو مرڪز بڻجي سگهي ٿي. جنهن سان حڪمت ۽ دانائي دل کان نڪري زبان تي جاري ٿين ٿيون.

امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: فرض الله الصيام ابتلاءَ لاخلاص الخلق؛ الله سائين روزي کي مخلوق جي خلوص آزمائڻ لاءِ واجب ڪيو آهي.[10]

بيبي زهرا سلام الله عليها پنهنجي خطبه فدڪيه ۾ فرمائن ٿيون: فرض الله الصيام تثبيتا للاخلاص، الله سائين روزي کي اخلاص کي پائيدار ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ واجب ڪيو آهي. [11] 

انهن روايتن مان چڱي نموني خبر پوي ٿي ته روزي جو اخلاص سان گهرو رابطو آهي، روزي سان انسان ۾ خلوص پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن انسان، نفساني خواهشات کان پاسو ڪري ۽ خاص وقت ۾ پاڻ کي فقهي حڪمن جو پابند بڻائي ته ان ۾ خلوص وڌندو جنهن سان سندس روحاني مقام ۽ مرتبي ۾ واڌاءُ ايندو.ان بنياد تي روزي جي مشڪلات ۽ سختين کي برداشت ڪرڻ لاءِ خلوص جي ضرورت آهي، روزي دار کي گهرجي ته اهو عمل الله جي راضپي خاطر انجام ڏئي. تنهنڪري روايت ۾ روزي جي ايتري فضيلت بيان ڪئي وئي آهي ته: الصوم لي و انا اجزي به، روزو الله لاءِ آهي ۽ ان جي جزا به رب پاڪ پاڻ ئي ڏيندو.[12]

حضرت اميرالمومنين عليه السلام فرمائن ٿا ته: الاخلاص ثمرة العباده، اخلاص عبادت جو ثمر ۽ نتيجو آهي.[13] عبادت اها ئي قبول ٿيندي ۽ انسان جي ڪمال جو موجب بڻجندي جيڪا هر قسم جي ڏيکاءُ، رياڪاري وغيره کان پاڪ هجي، جنهن کي رڳو الله جي راضپي لاءِ انجام ڏنو وڃي. رمضان ۾ الله سائين جو حقيقي مهمان اهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو ان مبارڪ مهيني ۾ خلوص پيدا ڪري ۽ رب خاطر سختين کي برداشت ڪري.

2- روزو ۽ قيامت جي ياد

    روزي جو هڪ ٻيو فلسفو قيامت جي ياد ڏيارڻ آهي، مطلب ته انسان قيامت جي بک ۽ اڃ کي ياد ڪري هن دنيا ۾ بک ۽ اڃ کي برداشت ڪري. قيامت ڏانهن ڌيان انسان جي عملن ۾ عجيب قسم جي تبديلي پيدا ڪندو. جنهن سان ان جي عمل جي حيثيت وڌي ويندي ۽ هو وڌيڪ ثواب جو حقدار بڻجندو.

امام رضا عليه السلام فرمائن ٿا: ”انما امروا بالصوم لڪي يعرفوا الم الجوع والعطش فيستدلوا علي فقر الآخرة“ ماڻهن کي روزي جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جئين اڃ ۽ بک کي محسوس ڪن جنهن سان آخرت جي غربت کي سمجهي سگهن.[14]

رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جن خطبه شعبانيه ۾ فرمائن ٿا: و ذڪروا بجوعڪم و عطشڪم جوع صوم القيامه و عطشه“ روزي جي اڃ ۽ بک سان قيامت جي اڃ ۽ بک کي ياد ڪريو.[15]

3- روزو ۽ عدالت جو قيام

روزي جو هڪ اجتماعي اثر جيڪو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي عدالت جو قيام آهي، روزو معاشري ۾ مساوات ۽ برباري قائم ڪري ٿو. معاشري جو امير ۽ مٿانهون طبقو روزي وسيلي غربين ۽ محروم طبقي جي حالت جو احساس ڪري سگهي ٿو جنهن کان پوءِ انهن ۾ غريبن لاءِ همدردي اڃا وڌي وڃي ٿي.

جيتوڻيڪ اهو به ممڪن آهي ته بکين ۽ اجهي نه رکڻ وارن انسانن جو حال احوال ٻڌائي اميرن جي دلين ۾ سندس همدردي پيدا ڪجي پر اهو اثر ڪجھ وڌيڪ دير نه رهندو جڏهن ته جيڪڏهن هو پاڻ روزو رکي ڪري اهو محسوس ڪن ته سندن همدردي دائمي ۽ حقيقي هوندي. روزو معاشري ۾ برابري ۽ مساوات پيدا ڪري ٿو، اميري ۽ غريبي جي احساس کي گهٽ ڪري معاشري ۾ هڪ قسم جو اعتدال ۽ ميانه روي پيدا ڪري ٿو.

امام صادق عليه السلام جي مشهور حديث آهي ته هشام بن حڪم کائنس روزي جي واجب هجڻ جي سبب بابت سوال ڪيو ته امام فرمايو: "انما فرض الله الصيام ليستوي به الغني والفقير و ذلڪ انّ الغني لم يڪن ليجد مسّ الجوع فيرحم الفقير، و انّ الغني ڪلما اراد شيئا قدر عليه، فاراد الله تعالي ان يستوي بين خلقه، و ان يذيق الغني مسّ الجوع والالم، ليرق علي الضعيف و يرحم الجائع" الله سائين روزو ان لاءِ واجب ڪيو آهي ته جئين امير ۽ فقير ۾ برابري پيدا ٿئي، اهو ائين ته امير بک کي محسوس ڪري جو فقير سان همدردي ڪري. امير جڏهن به ڪا شي چاهي پيو ان کي خريد ڪرڻ جي سگھ رکي پيو؛ الله سائين چاهيو ته پينهنجي مخلوق ۾ برابري ۽ مساوات پيدا ڪري ۽ امير کي بک جو احساس ڏياري ته جئين فقير سان همدردي ڪري ۽ بکايل تي رحم کائي. [16]

حمزه بن محمد کان روايت آهي ته: قال: "ڪتبت الي ابي محمد العسڪري عليه السلام: لم فرض الله عزّوجلّ الصوم؟ فورد في الجواب: ليجد الغني مسّ الجوع فيمنّ علي الفقير" مون امام عسڪري عليه السلام ڏانهن خط لکيو ته: الله سائين روزي کي ڇو واجب ڪيو آهي؟ مولا جواب ۾ لکيو ته: ته جئين امير بک کي محسوس ڪري جنهن کان پوءِ غريب تي احسان ڪري [17]

اهڙي قسم جي ٻين ڪيترين ئي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته روزي جي واجب ٿيڻ  جوهڪ فلسفو معاشري ۾ عدل ۽ انصاف جو قيام آهي جنهن سان مساوات ۽ برابري جو ماحول پيدا ٿئي۽ معاشري مان طبقاتي نظام جهڙي لعنت جو خاتمو ٿئي.

3. روزو ۽ جسماني تندرستي

قديم طب وانگر هاڻوڪي ميڊيڪل سائنس به ان ڳالھ کي تسليم ڪيو آهي ته کائڻ پيئڻ ۾ پرهيز ۽ احتياط، تندرستي لاءِ معجزي جهڙو اثر ڪن ٿا؛ ڇو جو ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ گهڻو کائڻ آهي. جڏهن انسان گهرج کان وڌيڪ کائي ٿو ته اهو مواد هضم نٿو ٿئي جنهن جي نتيجي ۾ چرٻي پيدا ٿئي ٿي ۽ رت جو وهڪرو متاثر ٿئي ٿو ۽ مختلف قسم جا جراثيم وجود ۾ اچن ٿا، جيڪي عجيب غريب نت نئين بيمارين جو باعث بڻجن ٿا. رمضان جو مبارڪ مهينو اهڙين بيمارين کي ختم ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي.

روزو اضافي ۽ زائد چرٻين کي ساڙي ختم ڪري ڇڏي ٿو، جنهن سان جسم جي صفائي ٿي وڃي ٿي ۽ معدي کي سڪون ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته انسان جو معدو سڄو سال 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو تنهن ڪري ان لاءِ به سڪون ۽ وقفو لازمي آهي، جيڪو کيس روزي جي صورت ۾ ملي ٿو. خاص طور تي ان ڪري به جو اسلام جي سفارش آهي ته سحري ۽ افطار ۾ به افراط ۽ گهڻي کائڻ کان پرهيز ڪجي ته جئين روزي جو گهربل فائدو حاصل ڪري سگهجي.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آلو وسلم جي مشهور حديث آهي ته: صوموا تصحوا؛ روزو رکو ته جئين تندرست رهو [18]پان سڳورن کان هڪ ٻي روايت آهي ته: والمعدة بيت ڪل داء و الحمية راس ڪل داء" معدو سڀني بيمارين جي پاڙ ۽ پرهيز سڀني کان ڀلي دوا آهي.[19]

ڪتاب طب النبي ۾ پاڻ سڳورن کان روايت آهي ته: "لاتميتوا القلب بڪثرة الطعام والشراب فان القلب يموت ڪالزرع اذا ڪثر عليه الماء" گهڻي کائڻ ۽ پيئڻ سان دل کي ماري نه ڇڏيو دل به پوک وانگر مري ويندي آهي جيڪڏهن ان کي گهڻو پاڻي ڏجي.[20]

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته روزي جو هڪ فلسفو جسماني تندرستي آهي. مطلب ته اسلام چاهي ٿو ته روح سان گڏوگڏ جسم به تندرست ۽ بيمارين کان پاڪ صاف رهي.ان سان گڏ ڌڻي در دعا آهي ته پاڪ پالڻهار محمد و آل محمد عليهم السلام جي صدقي اسان کي حقيقي روزي رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 



[1]   -. سورت يس جي آيت 60 ۽ 61 کان اقتباس

[2]   _سورت بقره، آيت 183

[3]   -تفسير نمونه، ج1، ص 624

[4]   -مستدرڪ، ج3، ص81

[5]   - مستدرڪ، ج3، ص81

[6]   - خودسازي، آيت الله اميني، ص209

[7]   - سورت فاطر، آيت15

[8]   - ترجمه تفسير الميزان، ج3، ص9

[9]   - بحار الانوار، ج93، ص369

[10]   - من لايحضره الفقيه، ج2، ص43

[11]   - بحار، ج96، ص356و عيون الاخبار، ج1، ص230

[12]   - وسائل الشيعه، ج7، ص292

[13]   - غرر الحڪم، ص17

[14]   - من لا يحضره الفقيه، ج2، ص43

[15]   - بحار، ج96، ص356و عيون الاخبار، ج1، ص230.

[16]   - بحارالانوار، ج93،ص371

[17]   - وسايل الشيعه، ج7، باب اول ڪتاب صوم، ص3 و 4

[18]   - بحارالانوار، ج96، ص 255

[19]   -ارڪان اسلام، ص108

[20]   - بحارالانوار، ج66، ص331