Get Adobe Flash player

    6.فجر جي آذان تائين جنابت جي حالت ۾ رهڻ

جيڪڏهن ڪو شخص فجر جي آذان تائين جنابت جي حالت ۾ باقي رهي ۽ غسل نه ڪري، يا جيڪڏهن ان جي ذمي تيمم هجي ۽ هو تيمم نه ڪري ته ڪجهه صورتن ۾ ان جو روزو باطل ٿي ويندو. ان سلسلي جا ڪجھ مسئلا هيٺ بيان ڪجن ٿا.

 

1. جيڪڏهن ڄاڻي واڻي فجر جي آذان تائين غسل نه ڪري، يا جيڪڏهن ان جي ذمي تيمم آهي ۽ جيڪڏهن هو تيمم نه ڪري ته، جيڪڏهن اهو عمل رمضان جي روزن يا قضا روزن جي وچ ۾ هجي ته ان جو روزو باطل آهي. باقي ٻين روزن ۾ ڪو عيب ناهي .

2.جيڪڏهن ڪنهن کان غسل يا تيمم ڪرڻ وسري وڃي ۽ ڪجھ ڏينهن کانپوءِ کيس ياد اچي ته پوءِ جيڪڏهن رمضان جا روزا هجن ته ان ڪي قضا ڪري. (جيڪڏهن رمضان جي مهيني جا قضا روزا هجن ته احتياط واجب جي بنا تي اهي روزا به قضا ڪري ته صحيح آهي.)

باقي رمضان ۽ رمضان جي قضا روزن کان علاوہه ٻين روزن جي دوران هجي جيئن: نذر يا ڪفاري جا روزا هجن ته اهي روزا صحيح آهن.

3. جيڪڏهن روزيدار کي روزي جي حالت ۾ تڙ پئجي وڃي ته ضروري نه آهي ته فورا غسل ڪري ۽ ان جو روزو صحيح آهي.

4. جيڪڏهن روزيدار جنابت جي حالت ۾ رمضان جي ڪنهن رات ۾ ڄاڻيندو هجي ته صبح  جي آذان کان پهريان جاڳي نه سگھندس ته ان کي ( غسل ڪرڻ کان بغير ) سمهڻ نه گھرجي. ۽ جيڪڏهن سمهي پوي ۽ صبح جي آذان تائين سجاڳ نه ٿي سگھي ته ان جو روزو باطل آهي.

اهي ڪم جيڪي روزيدار جي لاءِ مڪروہ آهن

1. هر اهو ڪم جيڪو ڪمزوري ۽ سستي جو سبب بڻجي. جيئن: خون ڏيڻ وغيره

2. خوشبودار گلن ۽ جڙي ٻوٽين جو سنگھڻ... ( عطر هڻڻ مڪروہه نه آهي )

3. بدن تي پهريل ڪپڙن کي آلو ڪرڻ.

4. آلي ڪاٺي سان ڏندڻ ڪرڻ.

روزي جي قضا ۽ ڪفارو...

جيڪڏهن ڪو شخص روزو پنهنجي مقرر وقت ۾ نه رکي سگھي ته کيس اهو روزو سال جي ٻئي ڪنهن ڏينهن تي رکڻ گھرجي، ان بنياد تي جيڪو روزو پنهنجي وقت کانپوءِ رکيو وڃي ته ان کي “ قضا روزو ” چوندا آهن.

 روزي جو ڪفارو...

ڪفارو اهو ٽنڊ آهي جيڪو روزو ٽوڙڻ جي جرم ۾ معين ٿيل آهي، جيڪو هي آهي:

1. هڪ غلام آزاد ڪرڻ.

 2.  ٻه مهينا روزا رکڻ جنهن 31 ڏينهن لڳاتار روزو رکي.

3. 60 فقيرن کي پيٽ ڀري کاڌو کارائڻ يا هر هڪ کي هڪ مدّ (3 پاءَ ) طعام ڏيڻ.  

 جنهن شخص تي روزي جو ڪفارو واجب ٿي وڃي ان کي مٿي ذڪر ٿيل ٽن ٽنڊن مان ڪنهن به هڪ کي ڏيڻ گھرجي. جيئن ته اڄڪلهه “ غلام ” فقهي معنى ۾ نه  ٿو موجود ناهي، لِهذا ٻيون يا ٽيون مورد انجام ڏنو وڃي پر جيڪڏهن انهن مان ڪو به انجام ڏيڻ ڪنهن لاءِ ممڪن   نه هجي ته جيترو ٿي سگهي فقيرن کي ماني کارائي، جيڪڏهن ائين به نه ڪري سگهي ته استغفار ڪرڻ گهرجي.

هيٺين صورتن ۾ روزي جي قضا واجب آهي ليڪن ڪفارو نه آهي

1. ڄاڻي واڻي الٽي ڪري

2. رمضان مهيني ۾ غسل جنابت ڪرڻ وسري وڃيس ۽ ان ئي حالت ۾ هڪ يا چند ڏينهن روزا رکي.

3. رمضان ۾ تحقيق ڪرڻ (ته صبح ٿي چڪو آهي يا نه؟) کانسواءِ ڪو اهڙو ڪم ڪري جنهن سان روزو ٽٽندو هجي مثلا پاڻي پئي ۽ پوءِ خبر پويس ته صبح ٿي چڪو هئو.

نوٽ: جيڪڏهن رمضان مهيني ۾ روزو نه رکي يا ڄاڻي واڻي روزي کي ٽوڙي ته قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب آهي.

سبق 33 جو خلاصو

1. جيڪڏهن رمضان يا رمضان جي قضا روزن ۾ ڪو شخص فجر جي آذان تائين جنابت جي حالت ۾ باقي رهي ۽ غسل نه ڪري، يا جيڪڏهن ان جي ذمي تيمم هجي ۽ هو تيمم نه ڪري ته ان صورت ۾ سندس روزو باطل ٿي ويندو.

2. رمضان مهيني ۾ غسل جنابت ڪرڻ وسري وڃيس ۽ ان ئي حالت ۾ هڪ يا چند ڏينهن روزا رکي ته انهن جي قضا واجب آهي.

3. جيڪڏهن روزيدار کي روزي جي حالت ۾ تڙ پئجي وڃي ته ضروري نه آهي ته فورا غسل ڪري ۽ ان جو روزو صحيح آهي.

4. جيڪڏهن روزيدار جنابت جي حالت ۾ رمضان جي ڪنهن رات ۾ ڄاڻيندو هجي ته صبح  جي آذان کان پهريان جاڳي نه سگھندس ته ان کي ( غسل ڪرڻ کان بغير ) سمهڻ نه گھرجي. ۽ جيڪڏهن سمهي پوي ۽ صبح جي آذان تائين سجاڳ نه ٿي سگھي ته ان جو روزو باطل آهي.

5. خوشبودار گلن ۽ جڙي ٻوٽين جو سنگھڻ. يا اهڙو لباس پاڻ مڪروہه آهي .

6. وقت گذرڻ کانپوءِ رکيو ويندڙ روزي کي قضا روزو ۽ ڄاڻي واڻي نه رکيل روزي تي رکيل ٽنڊ کي ڪفارو چوندا آهن.

7. جنهن تي ڪفارو واجب ٿئي ته کيس هڪ غلام آزاد ڪرڻ يا ٻه مهينا روزا ۽ سٺ مسڪينن کي کاڌوکارائڻ  گهرجي.

8. جيڪڏهن روزيدار ڄاڻي واڻي الٽي ڪري يا رمضان ۾ غسل جنابت ڪرڻ وسري وڃي ۽ هڪ يا ٻه ڏينهن پوءِ کيس ياد اچي ته ان جي قضا واجب آهي.

9. رمضان ۾ تحقيق ڪرڻ کانسواءِ (ته صبح ٿي چڪو آهي يا نه؟) ماني کائي۽ پوءِ خبر پويس ته صبح ٿي چڪو هئو. ته ان جي قضا واجب آهي

10.جيڪڏهن رمضان مهيني ۾ ڄاڻي واٺي روزو نه رکي ته قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب آهن.

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو؟

1. روزو جي قضا ۽ ڪفاري ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

2. جيڪڏهن مستحب روزي ۾ صبح جي آذان تائين غسل نه ڪري ته ان روزي جو حڪم ڇا آهي؟

3 جيڪڏهن اهڙي وقت ۾ جاڳي جڏهن غسل ڪرڻ جو وقت نه هجي ته ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

4. روزي جي حالت ۾ عطر هڻڻ جو ڇا حڪم آهي؟

5. جيڪڏهن هڪ ماڻهوءَ جي گهڙي پوئتي ٿي وڃي ۽ سحري کانپوءِ خبر پويس ته صبح جي آذان کانپوءِ ماني کاڌي اٿائين ته ان تي قضا واجب آهي يا ڪفارو؟