Get Adobe Flash player

روزيدار کي صبح جي آذان کان وٺي مغرب تائين ڪجھ عمل انجام ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي پر جيڪڏهن انهن عملن مان ڪنهن کي انجام ڏيئي ته ان جو روزو ٽٽي پوندو آهي اهڙن عملن کي “ مبطلاتِ روزا ” چوندا آهن، مبطلات روزا هيٺيان آهن

 

1. کائڻ ۽ پيئڻ.. 

    2. گھاٽي دز يا دونهي کي نڙيءَ تائين پهچائڻ

3. الٽي ڪرڻ.

4. همبستري ڪرڻ.

5. مشت زني ( هٿن سان منيءَ کي ٻاهر ڪڍڻ )

6. فجر جي آذان تائين جنابت جي حالت ۾ رهڻ.

 

تفصيلي وضاحت

1.کائڻ ۽ پيئڻ...

  1. جيڪڏهن روزيدار عمدا ( ڄاڻي واڻي ) ڪا شيءِ کائي يا پيئي ته ان جو روزو باطل ٿي ويندو.

 2. جيڪڏهن ڪو شخص ڏندن جي وٿين ۾ موجود ڪا شيءِ ڳهي ڇڏي ته ان جو روزو باطل ٿي ويندو..

3. ٿڪ ڳهڻ سان روزو باطل نه ٿيندو آهي ڀلي گھڻي مقدار ۾ ئي ڇو نه هجي.

4. جيڪڏهن روزيدار ڀل ۾ ( خبر نه هجيس ته روزي سان آهي ) ڪا شيءِ کائي يا پيئي ته ان جو روزو باطل نه آهي.

5. انسان ڪمزوريءَ جي ڪري روزي کي ٽوڙي نٿو سگھي پر جيڪڏهن ڪمزوري ايتري هجي جو معمولا قابل برداشت نه هجي ته پوءِ روزو نه رکڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي..

روزي جي حالت ۾ انجيڪشن هڻائڻ جو حڪم

 غذائي يا طاقت جي انجيڪشن کان علاوهه  بيمارين جي انجيڪشن هڻائڻ سان روزو نه ٿو ٽٽي ڀلي کڻي ڪنهن عضوي کي بي حس ئي ڇو نه ڪري ڇڏي..

 

2. گھاٽيءَ دز ( غبار ) کي نڙيءَ تائين پهچائڻ 

1. جيڪڏهن روزيدار گھاٽي دز (غبار) کي نڙيءَ تائين پهچائي ته ان جو روزو باطل ٿي ويندو. دز چاهي کائڻ واري ڪنهن شيءِ جي ڇو نه هجي جيئن: اٽو وغيرہ... يا ڪنهن کائڻ واري شيءِ جي نه هجي  جيئن: مٽي وغيرہ...

2. هيٺين صورتن ۾ روزو باطل نه ٿيندو آهي:

      1.       دز گھاٽي نه هجي. 

      2.      نڙيءَ تائين نه پهچي. ( يعني فقط وات ۾ داخل ٿي هجي ) 

      3.       بي اختيار نڙيءَ تائين پهتو هجي. 

      4.       ياد نه هجيس ته روزي سان آهي. 

      5.       شڪ ڪري ته گھاٽو غبار نڙيءَ تائين پهتو آهي يا نه... 

 

    3.سڄي مٿي کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ

 1. جيڪڏهن روزيدار ڄاڻي واڻي پنهنجي سڄي مٿي کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏي ته ان جو روزو باطل ٿي ويندو.

2. هيٺين صورتن ۾ روزو باطل نه ٿيندو آهي... 

1.       ڀل ۾ مٿي کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي. 

 2.           مٿي جي هڪ حصي کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي. 

3.       اڌ مٿي کي هڪ دفعو ۽ ٻي اڌ مٿي کي ٻيو دفعو پاڻيءَ ۾ ٻوڙي. 

4.       اچانڪ پاڻيءَ ۾ ڪري پوي. 

5.       ٻيو ڪو شخص زبردستي روزيدار جي مٿي کي پاڻي ۾ ٻوڙي. 

6.       شڪ ڪري ته سڄو مٿو پاڻي ۾ ٻڏو يا نه... 

    4.الٽي ڪرڻ....

1. جيڪڏهن روزيدار ڄاڻي واڻي الٽي ڪري ڀلي پوءِ ڪنهن بيماري ڪري ڇو نه هجي ان جو روزو باطل آهي.

2. جيڪڏهن روزيدار کي ياد نه هجي ته روزي سان آهي ، يا بي اختيار الٽي ڪري ته ان جو روزو باطل نه آهي...

5.استمناء

1، جيڪڏهن روزيدار اهڙو ڪو ڪم ڪري جنهن سان ان جي مني نڪري وڃي  ته ان جو روزو باطل آهي.

2، جيڪڏهن بي اختيار مني نڪري وڃي مثلا: ننڊ ۾ تڙ پئجي ٿي وڃيس ته ان جو روزو باطل نه آهي.

 

سبق ٻٽيهين جو خلاصو...

1، کائڻ پيئڻ، گھاٽي دز نڙيءَ تائين پهچائڻ، سڄي مٿي کي پاڻي اندر ٻوڙڻ، الٽي ڪرڻ،همبستري ڪرڻ، استمناء ڪرڻ، ۽ صبح جي آذان تائين جنابت جي حالت ۾ باقي رهڻ سان روزو باطل ٿي ويندو آهي.

2، لعاب دهن ( ٿڪ ) ڳهڻ سان روزو باطل نه ٿو ٿئي...

3، انجيڪشن جيڪڏهن غذا طور نه هجي ته ان جي هڻائڻ سان روزو باطل نه  ٿيندو آهي.

4، روزيدار جيڪڏهن ڀل ۾ ڪا شيءِ کائي يا پيئي ته ان جو روزو صحيح آهي ...

5، جيڪڏهن دز گھاٽي نه هجي يا گھاٽي هجي پر نڙيءَ تائين نه پهچي، يا روزيدار شڪ ڪري ته نڙيءَ تائين دز پهتي آهي يا نه؟ ته ان جو روزو صحيح آهي،

6، جيڪڏهن ڪو ڀل ۾ پنهنجي مٿي کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، يا بي اختيار پاڻي ۾ ڪري پوي، يا زبردستي ان کي پاڻيءَ ۾ ڪيرايو وڃي ته اهڙي صورت ۾ ان جو روزو باطل نه آهي...

7، جيڪڏهن روزيدار بي اختيار يا نه ڄاڻيندي ته ڪو روزي سان آهي الٽي ڪري ته ان جو روزو باطل نه آهي....

8، جيڪڏهن روزيدار کي تڙ پئجي وڃي ته ان جو روزو باطل نه آهي...

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو ؟

1. روزي جي حالت ۾ خلال  ڏندڻ ڏيڻ جو ڇا حڪم آهي......؟

2. ڇا روزي جي حالت ۾ چيگم چٻاڻڻ سان روزو باطل ٿي ويندو آهي.......؟

3. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پاڻي پيندي ياد اچي وڃي ته هو روزي سان آهي ته ان جو ڇا حڪم آهي، ۽ ان جي روزي جو حڪم ڇا آهي.........؟

4. سگريٽ پيئڻ مبطلات روزا جي ڪهڙي قسم منجھان آهي.......؟

 

5. روزي جي حالت ۾ پاڻيءَ ۾ ترڻ جو ڇا حڪم آهي.......؟