Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 11 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

     اسان جي امام پاڪن ۾ فقط امام جعفر صادق عليه السلام ئي اها واحد هستي آهي جنهن کي سڀني کان وڌيڪ ڪمل طور دين اسلام جو حقيقي روپ ۽ ان جو صحيح پيغام نشر ڪرڻ جو موقعو مليو. جڏهن سندن زماني ۾ بني اميه ۽ بني عباس هڪٻئي سان ڇتي ويڙهه ۾ مشغول هئا، امام عليه السلام ان سونهري موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي هڪ اهڙي ديني درسگاهه جو بنياد رکيو

جنهن هزارين مفڪرن ۽ دانشورن کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني ۽ هر هنڌ قال الصادق عليه السلام جو پڙاڏو گونجڻ لڳو. ايتري تائين جو جڏهن اسان عالمن جي ڪتابن تي نظر ٿا ڦيرايون ته اسان کي امام عليه السلام  جي شاگردن جو تعداد 4000 چار هزار تائين ملي ٿو.

مختصر تعارف 

امام عليه السلام جي با اعتماد ۽ هونهار صحابين مان هڪ عبدالله بن سنان بن طريف به آهي، تاريخ مان سندس پيدائش جي تاريخ ۽ جڳهه معلوم نه ٿي ٿئي سواءِ ان جي ته سندن تعلق ٻئين صدي هجري سان آهي ۽ اهو احتمال ڏئي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪوفي ۾ ڄميا ان ڪري جو کيس ڪوفي ڪوٺيندا هئا، ڪيترين ئي روايتن جي سند ۾ سندن نالو ملي ٿو جيڪي لڳ ڀڳ يارنهن سئو ڇائيتاليهه 1146 روايتون آهن.

سندس لکيل ڪتابن ۾ ڪتاب صلاة آهي جيڪو عمل يوم و ليله جي نالي سان مشهور آهي، ڪتاب الصلواه الکبير جيڪو حلال ۽ حرام جي ٻين بابن ۾ لکيل ڪتاب آهي، تاريخ ۾ سندن وفات جي تاريخ ۽ جڳهه بيان نه ٿي آهي.

عبدالله بن سنان جا استاد ۽ شاگرد

  عبد الله بن سنان نقل حديث ۾ امام جعفر صادق عليه السلام، امام موسي ڪاظم عليه السلام جي شاگردي اختيار ڪئي ان کان علاوهه ابان بن تغلب البڪري، اسحاق بن عمار الصيرفي، ابو حمزه الثمالي، پنهنجي والد سنان بن طريف، ذريح بن محمد المحاربي ۽ عبد الله بن ابي يعفور العبدي به سندن استادن ۾ سرفهرست آهن.

اهڙي نموني نقل حديث ۾ سندن شاگردن جو تعداد به گهٽ ناهي جن مکيه هيءُ آهن: حسن بن محبوب السراد، علي بن اسباط، محمد بن ابي عمير، عبد الله بن المغيره، فضاله بن ايوب الازدي، سندس ڀاءُ محمد بن سنان ۽ يونس بن عبد الرحمان وغيره آهن.

عبدالله بن سنانعلم رجال جي ماهرن جي نظر ۾

  1.  مشهور رجالي محقق نجاشي پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت سندس ذڪر ڪيو آهي.

مولي بني هاشم، يقال مولي بني ابي طالب و يقال مولي بني العباس، کان خازناً        للمنصور والمهدي والهادي والرشيد، کوفي ثقة من اصحابنا جليل لا يطعن عليه في شيءِ... 

      پاڻ بني هاشم سان لاڳاپو رکندو هئو، ڪجهه چيو آهي ته بني ابي طالب سان وابسته هئو (۽ ڪجهه) ٻين وري کيس بني عباس مان شمار ڪيو آهي، منصور دوانقي، هادي، مهدي ۽ هارون رشيد عباسي جو خزانيدار هئو، ڪوفي جو رهاڪو هئو، سندس ڳاڻيٽو اسان جي قابل اعتماد ۽ ثقه عالمن منجهه ٿئي ٿو، ان ڏانهن ڪنهن به ڪنهن عيب ۽ برائيءَ جي نسبت  نه ڏني آهي.[1]

عظيم رجالي نجاشي جي ان بيان مان سندس مقام جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته  بني عباس جي ظالمانه حڪومت ۾ خزانچي جي عهدي تي رهي ڪري ثقه ۽ قابل اعتماد جو لقب حاصل ڪرڻ ۽ امام پاڪن جون مرضيون ماڻڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، معصوم امام جتي بني عباس جي حڪومت کي غاصب، ظالم ۽ فاسد ڪوٺيندا هئا اتي ان ڳالهه لاءِ به تيار نه هوندا هئا ته ساڻن وابسته ماڻهون انهن ظالم حڪومتن جي ڪمن ۾ زري برابر به انهن جي مدد ڪن، اها بحث فقهي ڪتابن ۾ ظالمن طرفان ڪنهن عهدي کي قبول ڪرڻ جي حرمت جي عنوان سان بيان ٿي آهي. جيئن امام عليه السلام جو هي قول: جنهن کي شيخ انصاري پنهنجي فقهي ڪتاب مڪاسب جي ابتدا ۾ تحف العقول جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي. 

و امام وجه الحرام من الولاية: فولاية الوالي الجائر، و ولاية ولاته، فالعمل لهم والکسب لهم بجهة الولاية معهم حرام محرم، معذب فاعل ذالک علي قليل من فعله او کثير...  

ليڪن حڪومت جو حرام پهلو اهو آهي ته ڪنهن ظالم والي يا حاڪم طرفان منصوب ٿجي يا ان جي نمائندن پاران ڪو عهدو ملي، بس انهن لاءِ ڪم ڪرڻ، انهن طرفان منصوب ٿي وڃڻ ۽ انهن لاءِ ڪمائڻ حرام آهي، چاهي ان ڪم ۾ سندن گهٽ ۾ گهٽ مدد ڪري يا گهڻي، ٻنهي صورتن ۾ عذاب جو حقدار آهي....

جيتوڻيڪ حديث ڊگهي آهي پر ايتري مقدار ذڪر ڪرڻ سان اسان جو مقصد حل ٿي ٿو وڃي، هاڻي جيڪڏهن ڪجهه حالتن ۾ امام پاران پنهنجي هڪ صحابي کي اها اجازت ڏيڻ ته ظالمن جي نظام ۾ رهي ۽ انهن جو مددگار بڻجي،ضرور به ضرور ڪنهن نهايت عظيم مصلحتن سبب آهي ۽ جن مان هڪ مصلحت، پنهنجي مومن ڀائرن جي مدد ڪرڻ آهي ،جيڪي مختلف حڪومتي هٿڪنڊن جو شڪار ٿي ڦاسي پون پيا.

 ان مان عبدالله بن سنان جي عظمت کي پرکي سگهجي ٿو ته ظالمن جي نظام ۾ رهي ڪري به مومنن جي ايتري حمايت ۽ مدد ڪيائين جو ثقه ۽ قابل اعتماد جي سند وارو اعزاز وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

نجاشي واضح نموني چئي ٿو ته اهڙو جليل ۽ وڏي مرتبي وارو آهي جو ڏانهس ڪنهن برائي جي نسبت ئي نه ٿي ڏئي سگهجي، لفظ ثقه علم رجال جي اصطلاحن ۾ هڪ رائج لفظ آهي خاص طور تي نجاشي ۽ شيخ طوسي جي رجال ۾ ان جو گهڻو استعمال ٿيو آهي.

خلاصو اهو ته عالمن جي اقوال تي نظر  وجهي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ثقه يعني اهڙو شخص جيڪو شيعه ۽ سنين وٽ عدالت جي اتفاقي معني جو مصداق هجي.

2.شيخ طوسي : پنهنجي ڪتاب ۾ سندس ذڪر هن ريت ڪيو آهي: ثقة، له کتاب، اخبرنا به جماعة عن محمد بن علي بن الحسين بن بابويه عن ابيه عن سعد بن عبد الله عن ابراهيم بن هاشم (و يعقوب) بن يزيد و محمد بن الحسين بن ابي الخطاب عن محمد بن ابي عمير عن عبد الله بن سنان.  

ثقه ۽ ڀروسي جوڳو آهي، هڪ ڪتاب جو ليکڪ آهي جنهن جي اسان کي هڪ ٽولي محمد بن علي بن الحسين جي ذريعي، انهن پنهنجي بابي جي زريعي، انهن سعد بن عبد الله جي ذريعي، انهن ابراهيم بن هاشم (۽ يعقوب) بن يزيد ۽ محمد بن الحسين بن ابي خطاب جي ذريعي انهن محمد بن ابي عمير جي ذريعي انهن عبد الله بن سنان جي ذريعي خبر ڏني آهي.[2] 

   ڏسو شيخ طوسي به کيس ثقه ۽ قابل اعتماد ڪوٺيو آهي ۽ اهو تمام وڏو اعزاز آهي، ٻئي ڳالهه جيڪا شيخ طوسي جي بيان مان ظاهر آهي ۽ جتان هڪ ٻيو پهلو به قابل بحث آهي اهو مشايخ الثقات وارو پهلو آهي ۽ مشايخ الثقات يعني جيڪي ثقه آهن انهن جو شيخ يا استاد هجڻ، خاص ڪري، محمد بن ابي عمير، صفوان بن يحيي ۽ احمد بن محمد بن ابي نصر بزنطي لاءِ مشهور آهي ته انهن جي روايت چاهي مرسل هجي، چاهي مسند، ليڪن ثقه ۽ قابل اعتماد کان علاوهه ڪنهن ٻئي کان روايت نقل نه ڪندا آهن[3]

۽ اوهان مٿي بيان ڪيل شيخ طوسي جي عبارت ۾ ڏٺو ته محمد بن ابي عمير، عبدالله بن سنان کان ڪتاب نقل ڪيو آهي ۽ اهو خود عبد الله بن سنان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ خود وڏن رجالي عالمن پاران سندس توصيف ۾ اهڙا سهڻا جملا جن کي مان وري دهرايان ٿو ته       

       شيخ نجاشي قدس سره سندس باري ۾ چيو: ڪوفي، ثقة، من اصحابنا، جليل، لا يُطعن عليه في شيء ڪوفي آهي ثقه ۽ قابل اعتماد هجڻ سان گڏ اسان جي عالمن منجهان آهي (يعني شيعه عالم ۽ فقيه آهي) معزز ۽ عظمت وارو آهي ڪنهن به تهمت ۽ برائي جي ڏانهس نسبت نه ٿي ڏيئي سگهجي.[4]

   شيخ طوسي قدس سره سندس باري ۾ چيو: وڪان رحمه الله من ثقات رجال ابي عبد الله عليه السلام خدا مٿن رحمت نازل ڪري، ابو عبدالله امام صادق عليه السلام جي قابل اعتماد ماڻهن منجهان هئا.[5]

3. علامه حلي (قدس سره) ساڳئي شيخ نجاشي وارا جملا دهرائي ٿو البته سندس ڪوفي هجڻ کي ذڪر نه ٿو ڪري ۽ چئي ٿو: ثقة من اصحابنا جليلا، لا يُطعن عليه في شيء  ثقه ۽ قابل اعتماد هجڻ سان گڏ اسان جي عالمن منجهان آهي (يعني شيعه عالم ۽ فقيه آهي) معزز ۽ عظمت وارو آهي ڪنهن به تهمت ۽ برائي جي ڏانهس نسبت نه ٿي ڏيئي سگهجي.[6]

4. ابن دائود حلي (قدس سره) سندس رتبو هن ريت ٿو بيان ڪري: ثقة جليل، منزه عن الطعن قابل اعتماد، وڏي عظمت وارو (۽) هر برائي جي نسبت کان پاڪ آهي يعني ان مقام تي پهتل آهي جو ڪير ڏانهس برائي جي نسبت به نه ٿو ڏيئي سگهي.[7]

انهن سڀني فضيلتن جي ذڪر کان بعد ۾ آءُ سندن متعلق امام صادق عليه السلام جو هڪ جملو ٿو نقل ڪريان جنهن مان سندس تمام وڏي عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو امام عليه السلام ان صالح فقيه ۽ عالم جي باري ۾ ارشاد فرمايو: جيئن جيئن عبد الله جي عمر گذرندي ٿي وڃي تيئن تيئن زياده پاڪ ۽ بهتر ٿو ٿيندو وڃي.[8]

الله سائين مٿس رحمتون ۽ برڪتون وسائي پنهنجي پوري زندگي تعليمات اهلبيت عليهم السلام جي نشر و اطاعت ۾ صرف ڪيائين

مددي ڪتاب ۽ حوالا ...



[1]   رجال النجاشي، باب العين، منه عبد الله 2141 

[2]   فهرست الطوسي، باب العين، باب عبد الله، صفحو 291 

[3]   دروس موجزه في علمي الرجال والدرايه، صفحه 101

[4]  رجال النجاشي:214 رقم558 

[5]  اختيار معرفة الرجال 2/710 ح770 

[6]  خلاصة الاقوال: 192 

[7]  رجال ابن داود: 120 رقم120 

[8]   رجال نجاشي، صفحه 103