Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 53 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

رب پاڪ هن ڪائنات کي جوڙيو ۽ ان ۾ موجود هر شي کي انسان جي ڀَلي لاءِ خلق ڪيو پر ان انسان جو مقصد هيءَ فاني دنيا نه آهي بلڪه انسان بقا جي منزل جو پانڌيئڙو آهي ، جيڪا منزل الله پاڪ جو راضپو ۽ جنت آهي. ان منزل تائين پهچڻ لاءِ به الله سائين بندن لاءِ انتظام ڪيو ۽ هادين جو هڪ سلسلو جاري رکيو ،

جنهن سلسلي جي شروعات حضرت آدم عليه السلام کان ٿي ۽ حضرت خاتم محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جي آخري جانشين ۽ امت جي آخري امام، حضرت امام مهدي(عج) جي وجود پاڪ سان جاري آهي.

   انهن هادين جي ڏسيل واٽ جي تبليغ لاءِ ڪيترن ئي مجاهدن جاکوڙ ڪئي آهي، انهن مجاهدن مان امامن عليهم السلام جا خاص صحابي سڀني کان اڳڀرا آهن. انهن خاص صحابين ۾ ابان بن تغلب جو وجود تاريخ ۾ چمڪندڙ ستاري جيان نظر اچي ٿو. اسان هن مقالي ۾، ان مجاهد صحابيءَ جي زندگيءَ کي مختصر طور بيان ڪريون ٿا.    

نالو ،نسب ۽ ڪنيت

سندس نالوابان بن تغلب بن رِباح هئو ۽ سندس ڪنيت ابو سعيد هئي ۽ سندن تعلق البُڪري الجريري خاندان سان هئو ۽ سندن اصل ڪوفي جو رهاڪو هو . ان ڪري کيس ”ابو سعيد بُڪري ڪوفي“ پڻ سڏيو ويندو آهي. (1) 

شيخ طوسي جو چوڻ آهي ته” ابان بن تغلِب  قابل اعتماد، وڏي مرتبي ۽ منزلت وارو انسان هو، پاڻ امام زين العابدين ، امام باقر ۽ امام صادق عليهم السلام جي صحابين کان ڪسب فيض ڪيو ۽ انهن امامن کان ڪيتريون ئي روايتون نقل ڪيون اٿس . ابان بن تغلِب ٽنهي امامن جو قابل اعتماد صحابي رهيو ۽ انهن وٽ سندس سٺو مانُ ۽ مقام هو.(2)

سندس پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ تاريخي ڪتابن ۾ چٽي نموني بيان ناهي ٿيل پر اهو ضرور ثابت آهي ته ٻي هجري قمريءَ جي راوين ۽ عالمن مان هڪ هو.

علمي مقام ۽ مرتبو

     ابان بن تغلب فقيه، قاري ۽ مفسر قرآن، حديث، ادب، لغت ۽ نحو جي ميدان ۾ ماهر هو. هن ”الغريب في القرآن“ نالي ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ قرآن جي ڏکين لفظن کي ان دور جي شاعرن جي شعرن جا شاهد ۽ مثال آڻيندي سهڻي نموني بيان ڪيو آهي.  ابان بن تغلب جڏهن به مديني منوره ۾ ايندو هئو ته ٻين گھڻن عالمن وٽ هلندڙ درسَ بند ٿي ويندا هئا ۽ گھڻا ماڻهو هن جي درس ۾ ايندا هئا.   (3) 

         پر اهو ياد رهي ته اهو درس به هو امام باقر عليه السلام جي فرمان جي تابعداري ڪندي ڏيندو هو . امام باقر عليه السلام کيس فرمايو هئو ته : اجلس في مسجد المدينة، وافتِ الناس؛ فانّي اُحبّ ان يُرى في شيعتي مثلڪ(4) ”مديني جي مسجد ۾ ويھ ۽ ماڻهن لاءِ فتوا ڏي ،ڇاڪاڻ ته اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي شيعن ۾ تو جهڙن ماڻهن کي ڏسون“   

   اهڙي ئي هڪ ٻي روايت ۾ آيو آهي ته امام صادق عليه السلام ابان کي فرمايو:يا ابان! ناظر اهل المدينة، فانّي احبّ ان يڪون مثلڪ من رواتي (5) ”اي ابان مديني وارن تي نظارت ڪر ۽ آئون چاهيان ٿو ته تو جهڙو انسان ، اسان جي راوين مان هجي“ .

    ابان بن تغلب جو علمي مقام ان مان به سمجھي سگھجي ٿو ته پاڪ حديث جي راوين کي ڏانهس رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جهڙيءَ ريت امام صادق عليه السلام ،مسلم بن ابي حيّة نالي راويءَ کي فرمايو: ”ائتِ ابان بن تغلب، فانّه قد سمع منّي حديثاً ڪثيراً، فما روى لڪ فاروه عنّي“ (6) ابان بن تغلب مون کان ڪيتريون ئي حديثون ٻڌيون آهن، ان کي وٺي اچ ته تنهنجي لاءِ روايتون بيان ڪري ۽ تون اهي روايتون منهنجي حوالي سان بيان ڪر.  

ابان بن تغلب جا لکيل ڪتاب

ڪنهن انسان جي علمي مقام کي صحيح طرح سمجھڻ لاءِ هڪ واٽ اها به آهي ته ان جي لکيل ڪتابن تي نگاھ وڌي وڃي. اسان هتي فهرست طور سندس لکيل ڪتابن کي بيان ڪريون ٿا.

1.تفسير القرآن 2. معاني القرآن 3. ڪتاب القراءات 4. الغريب في القرآن 5. ڪتاب الفضائل الاصول في الرواية على مذهب الشيعة7. ڪتاب صفّين    .     (7) 

انهن ڪتابن ۾ موجود عظيم مطلبن ڏانهن نگاھ ڪجي ته چٽي نموني معلوم ٿي ويندو ته ابان بن تغلب علمي اعتبار سان ڪهڙي مرتبي تي فائز هو.

ابان بن تغلب بابت عالمن جو نظريو

مشهور رجال جي عالم نجاشي جو چوڻ آهي ته :  عظيم المنزلة في اصحابنا، لقي علي بن الحسين وابا جعفر وابا عبد الله(عليهم السلام)، روى عنهم، وڪانت له عندهم منزلة وقدم. (8) 

”اسان جي اصحابن ۾ وڏي منزلت وارو آهي، جنهن علي بن الحسين(امام سجاد)، امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق عليهم السلام کان روايتون نقل ڪيون آهن ۽ انهن وٽ سندس وڏي منزلت ۽ مقام هو.“ 

      مشهور عالم شيخ طوسيءَ ان بابت چيو آهي ته : ڪان قارئاً فقيهاً لغوياً نبيلاً (9) هو (ابان بن تغلب) قاري، فقيه، ماهرلغوي هو.“

شيخ ابن داؤد حلي جو چوڻ آهي ته : ثقة جليل القدر،سيّد عصره وفقيهه، وعمدة الائمّة (عليهم السلام)، روى عن الصادق(عليه السلام) ثلاثين الف حديث (10) 

(ابان بن تغلب) عظيم مرتبي وارو ثقه(سچار)، پنهنجي دور جو فقيه ۽ سردار، امامن پاڪن جو ڀروسي مند آهي، جنهن امام صادق (ع) کان ٽيھ(30) هزار روايتون نقل ڪيون آهن .

شيخ عبدالله مامقاني ابان بن تغلب بابت چوي ٿوته: فوثاقة الرجل، وعظم شانه، وجلالة قدره، متّفق عليه بين الفريقين، مستغنٍ عن البيان (11) سچار مرد، وڏي مقام ۽ مرتبي وارو هو. فريقين(سني ۽ شيعه) جو ان جي قابل اعتماد هجڻ تي اتفاق آهي ۽ بيان ڪرڻ کان بي نياز آهي (يعني ان جي شخصيت بيان جي محتاج نه آهي)

انهن عالمن سڳورن جي عبارتن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ابان بن تغلب هڪ عالم ۽ عظيم هستي آهي جنهن علم جي هر ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آهي .

 ابان بن تغلب جا نقل حديث ۾ شاگرد 

ابان بن تغلب کان کوڙ راوين روايتون نقل ڪيون آهن جيڪي نقل حديث ۾ سندن شاگرد سڏجن ٿا اسان هتي انهن مان ڪجهه مکيه صحابين جا نالا ذڪر ڪريون ٿا .

ابان بن عثمان الاحمر، ابراهيم بن الفضل الهاشمي، ابو جميلة المفضّل بن صالح ، جميل بن درّاج النخعي، عبد الرحمن بن الحجّاج البجلي، عبد الله بن سنان، علي بن رئاب، هشام بن سالم الجواليقي    .  

امام علي (عليه السلام) بابت ابان بن تغلب جو عقيدو

   هن مقام تي مناسب سمجھيوسين ته هن مجاهد صحابيءَ جو امام علي عليه السلام بابت ڇا نظريو هو؟ ان کي بيان ڪريون ٿا.

 عبدالرحمن بن حجاج روايت ڪري ٿوته: ”هڪ ڏينهن ابان بن تغلب جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هوس ته اوچتو هڪ شخص آيو ۽ ابان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو: اي ابو سعيد مون کي ٻڌاءِ ته رسول پاڪ 6    جي رحلت کان پوءِ پاڻ سڳورن  6  جي گھڻن صحابين عليA    جي پيروي ڪئي؟ ابان چيو: لڳي ٿو ته تون علي A  جي فضيلت کي صحابين جي پيروي ڪرڻ مان معلوم ڪرڻ چاهين ٿو. ان شخص وراڻيو ته ها ائين ئي آهي . ان تي ابان چيو : الله پاڪ جو قسم اسان صحابين جي فضيلت کي علي  A جي پيروي ۽ اطاعت ڪرڻ مان معلوم ڪندا آهيون. (12) 

هن روايت ۾ ابان فضيلت جو معيار امام علي  A  جي پيروي کي قرار ڏنو آهي . 

سندس وفات

مشهور قول مطابق سندس وفات 141 هجري قمريءَ ۾ ٿي هن مجاهد صحابيءَ جي وفات جي خبر جڏهن سچارن جي سردار، امام صادق عليه السلام تائين پهتي ته ان مهل امام ڏک جا اظهار ڪندي فرمايو: رحمه الله، اما والله لقد اوجع قلبي موت ابان(13)” الله سائين ان تي رحم ڪري ، الله پاڪ جو قسم ابان جي موت اسان جي دل کي ڏکايو آهي .

آخر ۾ ڪريم رب کان اها دعا آهي ته اسان سڀني کي ائمه معصومن عليهم السلام جي سچن صحابين جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري .

مددي ڪتاب ۽ حوالا                     

1. معجم رجال الحديث 1/131    . 

2. فهرست شيخ طوسى ، ص 5 و 6    . 

3. رجال النجاشي  ص 10

4. رجال نجاشي ، ص 7    . 

5. خلاصة الاقوال: 74    . 

6. رجال النجاشي:ص 13

7. معجم رجال الحديث (بحث: ابان ابن تغلب)

8. رجال النجاشي: 10    . 

9. الفهرست: 57    .

    10. رجال ابن داود: 29

11.   تنقيح المقال 3/94

12. رجال نجاشي، ص 12    . 

 

13. من لا يحضره الفقيه 4/435    .