Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 56 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

اسان جي ڇهين امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي دور ۾ مديني منوره  ۾ جيڪا علمي فضا پيدا ڪئي ۽ محمد آل محمد عليهم السلام جي علم ۽ دانش جي دسترخوان وڇائي علم جي طالبن کي سڏيو ۽ علم ۽ دانش اونهي سمنڊ ۾ املهه موتي ڪڍي، علم جي آتن اڳيان پيش ڪيا. ائين پاڻ هزارين شاگردن جي تربيت سان گڏوگڏ، اسلامي علمن جي ترقيءَ سان گڏ انساني ۽ طبعي علمن جي ترقيءَ ۾ خاطر خواهه ڪردار ادا ڪيو.

  جنهن جي نتيجي ۾ امام عليه السلام جا ڪيترائي هونهار شاگرد جهڙوڪ ،زرارة بن اعين، ابان بن تغلب،محمدبن مسلم ،هشام بن حڪم، معاويه بن بريد عجلي، جابر بن حيان ۽ ابوبصير وغيره سامهون آيا جن اسلامي دنيا جي علمي ميدان ۾ اهڙو ته  انقلاب اندو  جنهن جا اثر اڄ تائين نظر اچن ٿا.

    امام عليه السلام جي انهن هونهار ، وفادار ۽ فرمانبردار شاگردن   مان عبدالله بن ابي يعفور به هڪ آهي اسان هن مختصر مقالي ۾ سندن زندگيءَ، فضيلت ۽ امام جي نظر ۾ سندس قدر منزلت تي هڪ نظر وڌي وئي آهي.

مختصر تعارف

سندن نالو عبدالله، ڪنيت ابو محمد آهي   جڏهن ته  سندن پيءُ جو نالو واقد يا واقدان آهي جيڪو ابي يعفور جي نالي سان مشهور هئو. نجاشي سندن بابت لکي ٿو: ثقة ثقة جليل في اصحابنا ڪريم على ابي عبد الله عليه السلام (عبدالله بن ابي يعفور قابل اعتماد ۽ اسان جي بزرگ عالمن منجهان آهي، امام صادق عليه السلام سندس مٿان تمام گهڻو مهربان هئا) [1] سندن پيدائش ڪڏهن ٿي؟ ان بابت ڪا معلومات ڪانهي ليڪن تاريخي ڪتابن مطابق پاڻ ڪوفي ۾ پيدا ۽ امام جعفرصادق عليه السلام جي دور ۾ زندگي گذاريائون ۽ امام جي زندگيءَ ۾ ئي وفات پاتائون . ڪجهه روايتن مطابق سندن وفات ”سنة الطاعون“  يعني وبا واري سال ٿي جيڪو 131 هجري  ٿئي ٿو[2] 

پاڻ پوري زندگي علم ۽ دانش جي ڳولا ۾ گذرايائون . سندن شمار امام جعفر صادق عليه السلام جي علمي مڪتب جي هونهار ۽ مکيه شاگردن ۾ ٿئي ٿو. [3]  امام جعفرصادق عليه السلام کان علاوهه پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالڪريم بن ابي يعفور ۽ ابو صامت کان به ڪسب فيض ڪيائون . [4]

  عبدالله بن ابي يعفور کان مختلف اسلامي موضوعن جهڙوڪ فقه، اخلاق ، آداب معاشرت، علم حقوق وغيره ۾  500 کان وڌيڪ حديثون، شيعه حديثي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيون آهن. [5] پاڻ هڪ ڪتاب به لکيو اٿائون جنهن کي ڪيترن بزرگ صحابين نقل ڪيو آهي جن مان ثابت بن شريح به آهي[6] فقه ۽ حديث کانسواءِ  پاڻ علم قرائت به ماهر هئا ۽ اڪثر ڪري پاڻ مسجد ڪوفه ۾ قرآن مجيد جي سهڻي آواز ۾ قرائت به ڪندا هئا. [7] پاڻ علمي ميدان ۾ ڪيترائي شاگرد تربيت ڪيائون جن مان مشهور  هشام بن سالم ، حماد بن عثمان، حماد بن عيسى ،عبدالله بن سنان ،عبدالله بن مسڪان،ابان بن عثمان وغيره شامل آهن جن سندن علمي صلاحيتن مان فيض ورتو ۽ مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي خدمت ڪيائون.

امام جي نظر ۾ عبدالله بن يعفور جو مقام

عبدالله بن ابي يعفور جي فضيلت، مقام ۽ منزلت ڇا آهي؟ سندس ايمان، علمي لياقت، امام سان محبت، امام جي اطاعت وغيره ۽ اهڙي نموني امام جي نظر ۾ سندس ڇا مقام هئو ؟ اهڙي قسم جي سوالن جي جواب ڏيڻ ۽ سندن زندگيءَ جي مختلف پهلوئن بابت تفصيلي معلومات لاءِ اسان هتي عبدالله بن يعفور بابت ذڪر ٿيل ڪجهه روايتون ذڪر ڪريون ٿا.

1.امام سان عقيدت جو هڪ نمونو

عَنِ الحَڪَمِ بنِ مِسڪِين الثَقَفِيِ، قَالَ حَدَثَنِي ابُو حَمزَةَ مَعقِلٌ العِجلِيُ، عَن عَبدِ اللَهِ بنِ ابِي يَعفُور، قَالَ قُلتُ لِابِي عَبدِ اللَهِ (ع) وَ اللَهِ لَو فَلَقتَ رُمَانَة بِنِصفَينِ، فَقُلتَ هَذَا حَرَامٌ وَ هَذَا حَلَالٌ، لَشَهِدتُ انَ الَذِي قُلتَ حَلَالٌ حَلَالٌ وَ انَ الَذِي قُلتَ حَرَامٌ حَرَامٌ، فَقَالَ رَحِمَڪَ اللَهُ رَحِمَڪَ اللَهُ. [8]

حڪم بن مسڪين ثقفي ابو حمزه معقل عجليءَ کان روايت ڪري ٿو ته عبدالله بن ابي يعفور امام صادق عليه السلام کي چيو: خدا جو قسم ! اي منهنجا مولا جيڪڏهن اوهان هڪ ڏاڙهونءَ کي ڀڃي ٻه اڌَ ڪريو ۽ پوءِ فرمايو ته هيءُ اڌُ حلال ۽ هو ٻيو اڌ حرام اهي ته آءُ ان ڳالهه کي قبول ڪندس ۽ گواهي ڏيندس ته جنهن کي توهان حلال چيو، اهو حلال ۽ جنهن کي توهان حرام چيو، اهو حرام آهي. ته امام عليه السلام  کيس دعا ڏيندي ٻه دفعا چيو؛ الله سائين توتي پنهنجي رحمت نازل ڪري .

2.فرض جي ادائگي ۽ اطاعت

1.عَن زِيَادِ بنِ ابِي الحَلَالِ، قَالَ، سَمِعتُ ابَا عَبدِ اللَهِ (ع) يَقُولُ: مَا احَدٌ ادَى الَينَا مَا افتَرَضَ اللَهُ عَلَيهِ فِينَا الَا عَبدُ اللَهِ بنُ ابِي يَعفُور. [9]

زياد بن حلال چوي ٿو ته امام صادق عليه السلام کان ٻڌم ته فرمايائون: جيڪو حق الله اسان بابت ماڻهن تي واجب ڪيو آهي ، اهو عبدالله بن ابي يعفور کان وڌيڪ ڪنهن ادا ناهي ڪيو.

2.عَنِ ابنِ ابِي عُمَير،عَن عِدَة مِن اصحَابِنَا، قَالَ ڪَانَ ابُو عَبدِ اللَهِ (ع) يَقُولُ: مَا وَجَدتُ احَدا يَقبَلُ وَصِيَتِي وَ يُطِيعُ امرِي الَا عَبدُ اللَهِ بنُ ابِي يَعفُور.  [10]

ابن ابي عمير روايت ڪري ٿو ته حضرت امام جعفر صادق عليه السلام چوندا هئا ته عبدالله بن يعفور کان وڌيڪ مون ڪنهن ٻئي کي اهڙو نه پاتو آهي جيڪو اسان جي نصحيت کي قبول ڪري ۽ اسان جي حڪم جي فرمانبرداري ڪندو هجي.

3.امام پاران عبدالله جي ايمان جي تصديق 

 عَنْ زَيْدٍ الشَّحَّامِ، قَالَ قَالَ لِي ابُو عَبْدِ اللَّهِ (ع) مَا وَجَدْتُ احَدا اخَذَ بِقَوْلِي وَ اطَاعَ امْرِي وَ حَذَا حَذْوَ اصْحَابِ ابَائِي غَيْرَ رَجُلَيْنِ رَحِمَهُمَا اللَّهُ: عَبْدُ اللَّهِ بْنُ ابِي يَعْفُورٍ وَ حُمْرَانُ بْنُ اعْيَنَ، امَا انَّهُمَا مُؤْمِنَانِ خَالِصَانِ مِنْ شِيعَتِنَا، اسْمَاؤُهُمْ عِنْدَنَا فِي ڪتَابِ اصْحَابِ الْيَمِينِ الَّذِي اعْطَى اللَّهُ مُحَمَّدا.

زيد شحام چوي ٿو ته امام جعفر صادق عليه السلام مون کي فرمايو: مون ناهي ڏٺو ڪنهن شخص اسان جي ڳالهه کي ٻڌو ، ان تي عمل ڪيو ۽ منهنجي وڏڙن جي دوستن جي سيرت تي هليو سواءِ ٻن ماڻهن جي اهي عبدالله بن ابي يعفور ۽ حمران بن اعين آهن، الله جي رحمت هجي انهن ٻنهي تي، اهي ٻئي مومن ۽ اسان جي انهن خالص شيعن مان آهن، جن جا نالا  ”ڪتاب اصحاب يمين“ ۾ لکيل آهن، جيڪو الله سائين رسول الله (ص) کي عنايت ڪيو آهي.

4.امام جو سچو شيعوهجڻ جي آس

عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ جُمْهُورٍ عَمَّنْ حَدَّثَهُ عَنِ ابْنِ ابِي يَعْفُورٍ قَالَ لَزِمَتْهُ شَهَادَةٌ فَشَهِدَ بِهَا عِنْدَ ابِي يُوسُفَ الْقَاضِي فَقَالَ ابُو يُوسُفَ مَا عَسَيْتُ انْ اقُولَ فِيڪ يَا ابْنَ ابِي يَعْفُورٍ وَ انْتَ جَارِي مَا عَلِمْتُڪ الَّا صَدُوقا طَوِيلَ اللَّيْلِ وَ لَڪنْ تِلْڪ الْخَصْلَةُ قَالَ وَ مَا هِيَ قَالَ مَيْلُڪ الَى التَّرَفُّضِ فَبَڪى ابْنُ ابِي يَعْفُورٍ حَتَّى سَالَتْ دُمُوعُهُ ثُمَّ قَالَ يَا ابَا يُوسُفَ تَنْسُبُنِي الَى قَوْمٍ اخَافُ انْ لَا اڪونَ مِنْهُمْ قَالَ فَاجَازَ شَهَادَتَهُ‌ [11]

بغداد جي قاضي ابو يوسف وٽ عبدالله بن ابي يعفور ڪنهن قضاوتي مسئلي تي شهادت ڏيڻ لاءِ حاضر ٿيو. ته قاضيءَ کيس  چيو ته مون کي خبر آهي ته تون سچار ۽ رات جو عبادتگذار آهين ليڪن تو ۾ هڪ عيب آهي جو تو رافضيت (شيعت) طرف مائل آهين! ان موقعي تي ابن ابي يعفور ايترو ته رنو جو سندس ڳلن تي لڙڪ جاري ٿي ويا ۽ پوءَ چيائين : اي ابو يوسفَ تون مون کي اهڙي قوم ڏانهن منسوب ڪئين ٿو، جو آءُ ڏڄان ٿو متان (قيامت جي ڏينهن) آءُ انهن مان نه هجان...

5.امام سان ڪيل عهد جي وفا

عن حماد بن عثمان، قال: اردت الخروج الى مڪة فاتيت الى ابن ابي يعفور مودعا له فقلت:الڪ حاجة؟ قال: نعم تقرئ ابا عبد الله السلام، قال: فقدمت المدينة فدخلت عليه، فسالني ثم قال: ما فعل ابن ابي يعفور؟ قال: قلت: صالح جعلت فداڪ، اخر عهدي به و قد اتيته مودعا له فسالني ان اقرئڪ السلام، قال: و عليه السلام اقرئه السلام صلى الله عليه، و قل: ڪن على ما عهدتڪ عليه.[12]

حماد بن عثمان چوي ٿو ته مون جڏهن مڪي وڃڻ جو ارادو ڪيو ته ابن ابي يعفور کان موڪلائڻ ويس ۽ کيس چيم ڪو ڪم هجي ته ٻڌاءِ . چيائين: امام صادق عليه السلام کي منهنجا سلامَ ڏجان، پوءِ جڏهن آءُ مديني ۾ امام جي خدمت ۾ پهتس ته امام مون کان پڇيو ته ابن ابي يعفور ڇا حال آهن؟ ته عرض ڪيم: ٺيڪ آهي. آخري ملاقات ۾ توهان لاءِ سلام موڪليا اٿائين. امام عليه السلام فرمايو: کيس منهنجا ڏجان ،سندس مٿان الله جي رحمت هجي ۽ کيس چئو: مون سان ڪيل عهد تي باقي رهه.

6.امام پاران عبدالله بن ابي يعفور جو دفاع ڪرڻ 

عَنْ عَلِيِّ بْنِ اسْبَاطٍ، عَنْ شَيْخٍ مِنْ اصْحَابِنَا لَمْ يُسَمِّهِ، قَالَ: ڪنْتُ عِنْدَ ابِي عَبْدِ اللَّهِ (ع) فَذَڪرَ عَبْدَ اللَّهِ بْنَ ابِي يَعْفُورٍ رَجُلٌ مِنْ اصْحَابِنَا فَنَالَ مِنْهُ، فَقَالَ مَهْ! قَالَ، فَتَرَڪهُ وَ اقْبَلَ عَلَيْنَا، فَقَالَ: هَذَا الَّذِي يَزْعُمُ انْ لَهُ وَرَعا وَ هُوَ يَذْڪرُ اخَاهُ بِمَا يَذْڪرُ

علي بن اسباط کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام وٽ هڪ شخص آيو ۽ عبدالله بن يعفور جي گلا ڪرڻ شروع ڪئي ته امام ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس چيو: خاموش! ۽ پوءِ اسان کي فرمايائون : هيءُ شخص سمجهي ٿو ته پرهيزگار آهي ان جي باوجود پنهنجي ڀاءُ جي غيبت ڪري ٿو.

7.علمي قابليت ۽ امام جي تصديق

عبدالله بن ابي يعفور  ۽  معلى بن خنيس ٻئي امام صادق عليه السلام جا شاگردَ ۽ پاڻ ۾ گهرا  دوست هئا ۽ هميشه پاڻ ۾ مختلف مسئلن تي بحث ۽ گفتگو ڪندا هئا. سندن وچ ۾ ڇڙيل مختلف بحثن تي مشتمل روايتن مان اسان هتي ٻه روايتون ذڪر ڪريون ٿا جن مان ابن ابي يعفور جي علمي قابليت جي خبر پوي ٿي.

1. عَنْ ابِي الْعَبَّاسِ الْبَقْبَاقِ، قَالَ: تَدَارَا ابْنُ ابِي يَعْفُورٍ وَ مُعَلَّى بْنُ خُنَيْسٍ، فَقَالَ ابْنُ ابِي يَعْفُورٍ: الْاوْصِيَاءُ عُلَمَاءُ ابْرَارٌ اتْقِيَاءُ، وَ قَالَ ابْنُ خُنَيْسٍ: الْاوْصِيَاءُ انْبِيَاءُ، قَالَ فَدَخَلَا عَلَى ابِي عَبْدِ اللَّهِ (ع) قَالَ، فَلَمَّا اسْتَقَرَّ مَجْلِسُهُمَا، قَالَ، فَبَدَاهُمَا ابُو عَبْدِ اللَّهِ (ع) فَقَالَ: يَا عَبْدَ اللَّهِ ابْرَا مِمَّنْ قَالَ انَّا انْبِيَاءُ. [13]

ابو عباس کان روايت آهي ته ابن ابي يعفور ۽ معلى بن خنيس جو پاڻ ۾ اختلاف ٿيو. ابن ابي يعفور  چوي پيو ته نبين جا جانشين ۽ وصيءَ عالمَ۽ الله جا نيڪ ۽ پرهيزگار ٻانها آهن جڏهن ته ابن خنيس جو چوڻ هئو ته اهي پاڻ به نبي آهن. جڏهن ٻئي امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ پهتا ته امام انهن ٻنهي ڏانهن نهاري فرمايو؛ اي عبدالله آءُ انهن ماڻهن سان اختلاف رکان ٿو جيڪي چون ٿا ته مان نبي آهيان.

2. عَنِ ابْنِ ابِي عُمَيْرٍ انَّ ابْنَ ابِي يَعْفُورٍ وَ مُعَلَّى بْنَ خُنَيْسٍ ڪانَا بِالنِّيلِ عَلَى عَهْدِ ابِي عَبْدِ اللَّهِ (ع) فَاخْتَلَفَا فِي ذَبَائِحِ الْيَهُودِ، فَاڪلَ مُعَلَّى وَ لَمْ يَاڪلِ ابْنُ ابِي يَعْفُورٍ، فَلَمَّا صَارَا الَى ابِي عَبْدِ اللَّهِ (ع) اخْبَرَاهُ، فَرَضِيَ بِفِعْلِ ابْنِ ابِي يَعْفُورٍ وَ خَطَّا الْمُعَلَّى فِي اڪلِهِ ايَّاهُ. [14]

ابن ابي عمير کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام جي زماني ۾ ابن ابي يعفور ۽ معلى بن خنيس نيل درياءَ تي ويا ته اتي يهودين جي ذبح ٿيل جانورن بابت اختلاف ٿي پين (ته حلال آهي يا حرام) اتي يهودين جي ذبح ٿيل جانور جو گوشت آيو ته ابن خنيس کاڌو ليڪن عبدالله بن ابي يعفور نه کاڌو . جڏهن امام جي خدمت م واپس پهتا ۽ ڳالهه ٻڌايائون ته امام ابن ابي يعفور جي ڪم کي ساراهيو ۽ ابن خنيس جي عمل کي غلط ڪوٺيو جو اهو گوشت کاڌائين.

8.امام جي نصيحت

عَنْ ابِي ڪهْمَسٍ قَالَ قُلْتُ لِابِي عَبْدِ اللَّهِ ع- عَبْدُ اللَّهِ بْنُ ابِي يَعْفُورٍ يُقْرِئُڪ السَّلَامَ قَالَ عَلَيْڪ وَ عَلَيْهِ السَّلَامُ اذَا اتَيْتَ عَبْدَ اللَّهِ فَاقْرِئْهُ السَّلَامَ وَ قُلْ لَهُ انَّ جَعْفَرَ بْنَ مُحَمَّدٍ يَقُولُ لَڪ انْظُرْ مَا بَلَغَ بِهِ عَلِيٌّ ع عِنْدَ رَسُولِ اللَّهِ ص فَالْزَمْهُ فَانَّ عَلِيّا ع انَّمَا بَلَغَ مَا بَلَغَ بِهِ عِنْدَ رَسُولِ اللَّهِ ص بِصِدْقِ الْحَدِيثِ وَ ادَاءِ الْامَانَةِ‌[15]

ابوڪهمس کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ ابن ابي يعفور جا سلام کڻي ويس ته پاڻ فرمايائون ان تي به سلام هجي ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿيندي فرمايائون: جڏهن ان وٽ واپس وڃي ته کيس چئجان : جعفر بن محمد عليه السلام چوي ٿو ته ڏس حضرت علي عليه السلام جو رسول الله (صلى الله عليه وآله) وٽ ڪيڏو  وڏو مقام هئو ؟ ياد رک رسول الله (صلى الله عليه وآله) وٽ حضرت عليه السلام جو اهو مقام فقط ٻن شين جي ڪري ٿيو 1. سچائي 2. امانتداري

عبدالله بن ابي يعفور جي وفات

ٻڌائي چڪاسين ته امام عليه السلام جي هن هونهار شاگرد ، وفادار ساٿي، با ايمان صحابي ۽  سچي پوئلڳ جي وفات امام جي زندگيءَ ۾ ٿي هئي . سندن وفات ”سنة الطاعون“  يعني سن 131 هجريءَ ۾ ٿي جڏهن مديني ۾ طاعون جي بيماري آئي. سندن نماز جنازه ۾ شيعن تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي امام عليه السلام سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي هڪ ٻئي باوفا صحابي مفضل بن عمر ڏانهن تعزيتي خط لکيو جنهن ۾ عبدالله بن ابي يعفور جي تعريف ڪئي اٿائون

سندن وفات تي امام جو اظهار

عَلِيُّ بْنُ الْحُسَيْنِ الْعُبَيْدِيُّ، قَالَ ڪتَبَ ابُو عَبْدِ اللَّهِ (ع) الَى الْمُفَضَّلِ بْنِ عُمَرَ الْجُعْفِيِّ حِينَ مَضَى عَبْدُ اللَّهِ بْنُ ابِي يَعْفُورٍ، يَا مُفَضَّلُ عَهِدْتُ الَيْڪ عَهْدِي ڪانَ الَى عَبْدِ اللَّهِ بْنِ ابِي يَعْفُورٍ صَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَيْهِ، فَمَضَى صَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَيْهِ مُوفِيا لِلَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ وَ لِرَسُولِهِ وَ لِامَامِهِ بِالْعَهْدِ الْمَعْهُودِ لِلَّهِ، وَ قُبِضَ صَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَى رُوحِهِ مَحْمُودَ الْاثَرِ مَشْڪورَ السَّعْيِ مَغْفُورا لَهُ مَرْحُوما بِرِضَا اللَّهِ وَ رَسُولِهِ وَ امَامِهِ عَنْهُ... قَبَضَهُ اللَّهُ الَيْهِ بِرَحْمَتِهِ وَ صَيَّرَهُ الَى جَنَّتِهِ، مُسَاڪنا فِيهَا مَعَ رَسُولِ اللَّهِ (ص) وَ امِيرِ الْمُؤْمِنِينَ (ع) انْزَلَهُ اللَّهُ بَيْنَ الْمَسْڪنَيْنِ مَسْڪنِ مُحَمَّدٍ وَ امِيرِ الْمُؤْمِنِينَ (صَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَيْهِمَا)..[16]

عبيديءَ کان روايت آهي ته امام صادق عليه السلام مفضل بن عمر کي ابن ابي يعفور جي وفات کان پوءِ خط لکيو ته : اي مفضل تنهنجي ۽ منهنجي ۾ اهو ئي عهد برقرار آهي جيڪو عبدالله بن ابي يعفور سان هئو .هو ان حال ۾  ويو جو الله، ان جي رسول ۽ پنهنجي وقت جي امام سان ٿيل عهد تي وفادار رهيو ،الله هن کي پاڻ ڏانهن نيو، سندس نيڪ روح تي رحمت ڪندي، سندس هر عمل قبول ،هر گناهه معاف ڪيائين ،جڏهن ته الله،سندس رسول ۽ امام کائنس راضي هئا .... الله کيس پنهنجي رحمت ڏانهن کڻي ورتو ۽ پنهنجي جنت ۾ داخل ڪيائين ۽ کيس حضرت رسول الله ۽ اميرالمومنين (عليهما السلام) جي جوار ۾ جڳهه عنايت ڪيائين.

مددي ڪتاب ۽ حوالا......

 



[1]   - رجال النجاشي - فهرست أسماء مصنفي الشيعة؛ ص: 213

[2]   - رجال الڪشي؛ ص: 246 

[3]   - موسوعة طبقات الفقهاء؛ ج‌2، ص: 356

[4]   - ساڳيو 

[5]   - نور اسلامڪ ڪمپيوٽر ريسرچ سينٽر جي تحقيق مطابق(دارية النور) 

[6]   - موسوعة طبقات الفقهاء؛ ج‌2، ص: 356

[7]   - رجال النجاشي - فهرست أسماء مصنفي الشيعة؛ ص: 213

[8]   - رجال الڪشي، ص: 249 

[9]   - ساڳيو 

[10]   - ساڳيو ص: 246

[11]   - اصول ڪافي (ط - الاسلامية)، ج‌7، ص: 404

[12]   - معجم رجال الحديث و تفصيل طبقات الرجال، ج‌11، ص: 107

[13]   - رجال الڪشي، ص: 247 

[14]   - ساڳيو ص: 247 

[15]   - اصول ڪافي (ط - الاسلامية)، ج‌2، ص: 104

[16]   - رجال الڪشي، ص: 249 و250