Get Adobe Flash player

عقلي دليلَ ان ڳالهه جون گَواههُ آهن ته ڪنهن به حالت ۾ الله پاڪ کي اکين جي ذريعي نٿو ڏسي سگهجي، ڇوجو اک ته ڪنهن شئ جي جسم کي يا صحيح لفظن ۾ (ائين کڻي چئجي ته) شين جي ڪيفيتن کي ڏسي سگهي ٿي، ۽ جنهن شئ جو ڪو جسم ئي نه هجي بلڪه اُن ۾ جسم جي ڪَيفيت ۽ رنگ ڍنگ به نه هجي ته اهڙي شئ کي اک جي وسيلي نٿو ڏسي سگهجي، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهو ته اک اُن شئ کي ڏسڻ جي صلاحيت ۽  قابليت رکي ٿي جنهن ۾ مَڪان، جِهَتَ ۽ مادو هجي، جڏهن ته الله سائين انهن سڀني شين کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي ۽ سندس وجود لامحدود آهي تنهنڪري هو اسان جي هِن مادي جهان کان بَرتَر ۽ بالاتر آهي،ڇاڪاڻ ته مادي جهان ۾ هَڙَئِي شيون محدود آهن.

 

قرآن مجيد جون ڪيترين ئي آيتن ۾ آيو آهي ته حضرت موسى عه جي قوم بني اسرائيل پاران خدا جي ديدار درخواست ڪئي وئي آهي تن آيتن ۾ واضح نموني مُڪمل وضاحت ڪئي وئي آهي ته الله سائينءَ کي ڏسڻ ممڪن ناهي، پر تَعَجّبُ ۽ حيرت جي ڳالهه هي آهي اهل سنت جي ڪيترن ئي عالِمن جو عقيدو هي آهي ته جيڪڏهن پروردگار هِن دنيا ۾ نظر نٿو اچي ته قيامت ۾ ضرور ڏسڻ ۾ ايندو!! جهڙوڪ اهل سنت جو مشهور ۽ معروف عالِم، صاحب تفسير المنار چوي ٿو:

هذا مذهب اهل السنة و العلم بالحديث.(هيءَ عقيدو اهل سنت ۽ علماءِ اهل حديث جو آهي).[1]

اِن کان به وڌيڪ عجيب ڳالهه اها آهي ته موجوده وقت ۾ اهل سنت جا عالِم جيڪي پنهنجي پاڻ کي هوشيارُ ۽ سِياڻا به سمجهن ٿا انهيءَ عقيدي جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ته ان سلسلي ۾ تمام گهڻي بي اِنصافِي به ڪندا آهن!

البته اِن عقيدي جو غلط ۽ باطل هجڻ ايترو ته واضح آهي جو ان بابت بحث ۽ گفتگو جي به ضَرُورتَ  نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪوئي به فرق نه آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن خدا جي ذات مادي نه آهي ، هو مادي کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي، ته پوءِ ڇا قيامت جي ڏهاڙي هو هڪ مادي وجود ۾ تبديل ٿي ويندو، ۽ پنهنجي لامحدود ذات کان (هٽي ڪري) محدود بڻجي ويندو، ڇا قيامت جي ڏينهن خدا جو جسم يا جسم جو خاصيتون تبديل ٿي وينديون؟ ڇا خداتعالى جي نظر نه اچڻ واريون دليل دنيا ۽ آخرت ۾ ڪو فرق رکن ٿا؟ ڪڏهن به نه، ڇاڪاڻ ته عقلي حڪم ۾ ڪوبه اِستِثناء ۽ تبصرو نه تو لڳي سگهي.

         اهڙي ريت ڪجهه ماڻهن جو اِهو غلط سبب بيان ڪرڻ ته   ــــ   ممڪن آهي ته انسان کي قيامت جي ڏينهن ٻيون اکيون ملي وڃن يا انسان کي هڪ ٻيو اِدراڪُ ملي وڃي جنهن سان هو خدا جو ديدار ڪري سگهي، ــــ به سراسر بي بنياد آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن نظر ۽ اک مان مراد اها ئي عقلاني فڪر۽ قلبي نظر مراد آهي ته سا هن دنيا ۾ به موجود آهي ۽ اسان پنهنجي دل ۽ عقل جي اکين سان خدا جي جمال جو مشاهدو ڪيون ٿا ۽ جيڪڏهن ان مان مراد اها ظاهري نظر آهي جيڪا عام اکين ممڪن آهي ته پوءِ اها خداوندعالم جي باري ۾ ناممڪن ۽ اڻ ٿيڻوآهي، چاهي هن دنيا ۾ هجي يا آخرت ۾ تنهنڪري اهو چوڻ ته انسان هِن دنيا ۾خدا کي نٿو ڏسي سگهي پر مومن قيامت جي ڏينهن پالڻهار جو ديدار ڪندا، اِها ڳالهه غير منطقي ۽ نا قابل قبول آهي.

اِهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجي معتبر ڪتابن ۾ موجود ڪجهه حديثن جي بنياد تي ان عقيدي جو دفاع ڪن ٿا جن حديثن ۾ قيامت جي ڏينهن خدا جي ديدار جو ذڪر ٿيو آهي، پر ڇا اِهو بهتر نه آهي ته انهن روايتن جي غلط هجڻ کي عقل جي ذريعي پَرکيون ۽ انهن روايتن کي جَعلِي ۽ جن ڪتابن ۾ اِهي حديثون بيان ٿيون آهن اُنهن کي بي بنياد مڃون، جڏهن ته ٻئي راهه اها آهي ته انهن روايتن کي دل جي اکين سان مشاهدو ڪرڻ جي معنى ۾ تفسير ڪيون،      

    ڇا اهو صحيح هوندو جو اهڙي قسم جي روايتن جي ڪري اسان پنهنجي عقل کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏيون، ۽ جيڪڏهن قرآن ڪريم جي ڪجهه آيتن ۾ اهڙا لفظَ موجود آهن جن مان جيتوڻيڪ ظاهري نظر ۾ الله جي ديدارِ خدا واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، جهڙوڪ قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿئي ٿو:وُجُوهٌ يَوْمَئذٍ نَّاضِرَةٌ اِلىَ‏ رَبهَّا نَاظِرَةٌ.[2] تنهن ڏينھن ڪي چهرا سرھا ھوندا،پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.

         گذريل آيت هن آيت وانگر آهي:يَدُ اللَّهِ فَوْقَ اَيْدِيهِمْ. سندن ھٿن مٿان الله جو ھٿ آھي.

جنهن ۾ اشاري ۽ ڪنائي ۾ الله پاڪ جي قدرت ڏانهن  اِشارو  ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ڄاڻو ٿا ته قرآن مجيد جي ڪا به آيت پنهنجي حڪم جي  اُبتڙ حڪم نه ڏيندي.

قَابِلِ غَورُ ڳالهه هيءَ آهي ته اهل بيت (ع) کان منقول روايتن ۾ ان غلط عقيدي جي تمام گهڻي سختيءَ سان مذمت ۽ مخالفت ڪئي وئي آهي، ۽ اهڙو عقيدو رکڻ واري ماڻهن تي مختلف انداز ۾ تنقيد ڪئي وئي آهي، جيئن ته امام صادق (ع) جي مشهور صحابي جناب هِشام جو چوڻ آهي:

آءُ امام صادق (ع) وٽ موجود هئس ته امام (ع) معاويه بن وهب سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اي فرزند رسول! اوهين ان روايت جي باري ۾ ڇا ٿا فرمايو جنهن ۾ بيان ٿيو آهي ته حضرت رسول خدا (ص) خدا تعاليٰ جو ديدار ڪيو آهي؟ اوهان پاڻ ٻڌايو ته پاڻ سڳورن (ص) ڪهڙي طرح خدا کي ڏٺو آهي؟ ۽ اهڙي ريت پيغمبر اڪرم (ص) کان نقل ٿيل روايت ۾ آيو آهي ته مومن جنت ۾ خدا جو ديدار ڪندا، اِهو ديدار ڪهڙي ريت ٿيندو؟!

 امام (ع) مسڪرائيندي فرمايو: اي معاويه بن وهب! ڪيڏي نه بُري ڳالهه ته انسان 70 ، 80 سال تائين زندگي ڪَري ، خدا جي بادشاهت ۾ زندگي گذاري سندس نعمتن منجهان فائدو حاصل ڪري، پر کيس صحيح طريقي سان نه سڃاڻي، اي معاويه! پيغمبر اڪرم (ص) ان ظاهري اکين سان خدا جو ديدار نه ڪيو آهي، ديدار ۽ مشاهدو ڪرڻ جا ٻه قسم آهن: دل جي اکين سان ديدار ڪرڻ، ۽ سر جي اکين سان ديدار ڪرڻ، جيڪڏهن ڪو انسان اهو چوي ته هُن دل جي اکين سان خدا جو ديدار ڪيو آهي ته صحيح آهي پر جيڪڏهن ڪو شخص اِهو چوي ته (مون) انهن ظاهري اکين سان خدا کي ڏٺو آهي ته هو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ، خدا ۽ سندس آيتن جو انڪار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته رسول خدا (ص) فرمايوآهي ته : جيڪو شخص الله پاڪ کي مخلوق جهڙو ۽ انهن جو مثل قرار ڏئي ته اهو ڪافر آهي.[3]

اهڙي ريت هڪ ٻي روايت ۾ جيڪا شيخ صدوق جي ڪتابِ توحيد ۾ اسماعيل بن فضل کان نقل ٿيل آهي سندس چوڻ آهي ته مون حضرت امام صادق (ع) کا پڇيو ته ڇا قيامت جي ڏينهن خدا جو ديدار ٿي سگهي ٿو؟ امام (ع) فرمايو: خداوندعالَم ان شئ کان پاڪ ۽ پايزه آهي ۽ تمام گهڻو پاڪ ۽ پاڪيزه آهي:  انَّ الْاَبْصَارَ لَا تُدْرِڪُ اِلَّا مَا لَهُ لَوْنٌ وَ ڪَيْفِيَّةٌ وَ اللَّهُ خَالِقُ الْاَلْوَانِ وَ الْڪَيْفِيَّات [4] 

اکيون رڳو انهن شين کي ڏسي سگهن ٿيون جن ۾ رنگ ۽ ڪيفيت هجي جڏهن ته خداوند رنگن ۽ ڪيفيتن جو خالق آهي.

غور طلب ڳالهه اها آهي ته هن حديث ۾ لفظِ لَون (يعني رنگ) تي خاص توجهه ڏني وئي آهي ۽ اڄ ڪلهه اسان لاءِ اها ڳالهه واضح ۽ روشن آهي ته اسان خود جسم کي نٿا ڏسي سگهون بلڪه ڪنهن شئ جي جسم جو رنگ ڏٺو ويندو آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن جسم جو ڪو رنگ نه هجي ته کيس به ڏسي نٿو سگهجي.[5]

حضرت موسى (ع) خدا جي ديدار جي درخواست ڇو ڪئي؟

سورت اعراف جي 143 آيت ۾ حضرت موسى (ع) جي زباني نقل ٿيو آهي حضرت موسى (ع) عرض ڪيو:رَبِّ اَرِنِي اَنْظُرْ اِلَيْڪَ.(اي منھنجا پالڻھار مونکي پاڻ ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان.)

       هن آيت جي روشني ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته حضرت موسى (ع) جهڙو وڏو ۽ اُولوالعزم نبي اها ڳالهه چڱي ريت ڄاڻي پيو ته خدا نه جسم رکي ٿو ۽ نه مڪان ۽ ئي وري ان کي ڏسي سگهجي ٿو، ته پوءِ حضرت موسى (ع) اهڙي درخواست ڇو ڪئي جيڪا هڪ عام انسان کان به  پري آهي؟

   ڪجهه مفسرن ان سلسلي ۾ مختلف جواب لکيا آهن پر سڀ کان واضح جواب هي آهي ته حضرت موسى (ع) اِها درخواست پنهنجي قوم جي اصرار تي انهن طرفان ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته بني اسرائيل جا ڪيترا ئي جاهل ماڻهو ان ڳالهه جو اِصرار ڪندا هئا ته اسان پهريان خدا کي ڏسنداسين پوءِ ان تي ايمان آڻينداسين، (سوره نساء جي  نمبر آيت153 ۾ هن ڳالهه تي شاهد آهي) حضرت موسى (ع) کي خدا طرفان حڪم مليو ته هن درخواست کي بيان ڪري، ته جيئن ان جو جواب سڀئي ماڻهو واضح نموني ٻڌي وٺن، جيئن ڪتاب عيون اخبار الرضا (ع) ۾ امام رضا (ع) کان نقل ٿيل حديث پڻ انهيءَ مطلب جي وضاحت ڪري ٿي.[6]

انهن ئي معنا تي هڪ واضح دليل ان ئي سورت (اعراف) جي آيت نمبر 155 ۾ حضرت موسى جا ان واقعي پوءِ جا ادا ٿيل هيءُ لفظ آهن: اتُهْلِڪُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنَّا. (اسان کي ڪجهه بي عقلن جي عمل سبب ھلاڪ ڪندين؟)

هن جملي سان اها ڳالهه چڱي طرح واضح ٿي وڃي ٿي ته حضرت موسى (ع) نه رڳو اهڙي قسم جي درخواست نه ڪئي هئي بلڪه شايد اهي 70 ماڻهو جيڪي حضرت موسى (ع) سان گڏ ڪوههِ طور تي ويا هئا انهن جو به اهو عقيدو نه هو، هو صرف بني اسرائيل جا ڪجهه داناءَ ۽ پنهنجي قوم جا نمائندا هئا، ته جيئن انهن جاهل ماڻهن آڏو پنهنجي اکين ڏٺي ڪهاڻي کي بيان ڪن، جيڪي خدا جي ديدار لاءِ اصرار ۽ ضد ڪن پيا.[7] 

 



[1]   . تفسير المنار، ج7 ص:653 

[2]   . سورت قيامت، آيت:22 _ 23

[3]   . معاني الاخبار بنابر نقل تفسير الميزان، ج8 ص:268

[4]   . نور الثقلين، ج1 ص:753

[5]   . تفسير نمونه، ج5 ص:38

[6]   . تفسير نور الثقلين، ج2 ص:65

[7]   . تفسير نمونه، ج6 ص:356