Get Adobe Flash player

روزي جي تعريف:

      imagesاسلام جي واجبات ۽ انسان جي پاڻ سڌار(خودسازي) سالانه پروگرام مان هڪ روزو آهي، فجر جي آذان کان وٺي سانجھيءَ تائين خدا جي حڪم کي انجام ڏيڻ ۽ ڪجهه شين ( جن جي وضاحت اڳتي ايندي) کان پاسو ڪرڻ جو نالو روزو آهي روزي جي احڪامن کان آگاه ٿيڻ کان پهريان ، روزي جي قسمن جو ڄاڻڻ ضروري آهي،

روزي جا قسم...

  1، واجب روزا. 2، حرام روزا. 3، مستحب روزا. 4، مڪروهه روزا...

1، واجب روزا:

هيٺ ذڪر ٿيل روزا واجب آهن

1، رمضان شريف جا روزا...   

2، قضا روزا...

3، ڪفاري جا روزا...

4، نذر جي ڪري واجب ٿيل روزا...

5، وڏي پٽ تي پيءُ جا قضا ٿيل روزا...

هيٺ ذڪر ٿيل روزا حرام آهن.

1، عيد فطر ( پهرين شوال ) جو روزو رکڻ...

2، عيد قربان  ( 10 ذي الحج ) جو روزو رکڻ...

3، اولاد جواهومستحب روزو جيڪو سندس والدين لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي...

4، ( احتياط واجب  جي بنياد تي ) اولاد جو اهو مستحب روزو رکڻ جنهن کان والدين کيس منع ڪيو هجي...

هيٺ بيان ٿيل روزا مستحب آهن.

         حرام ۽ مڪروہه روزن کان علاوہه سال جي تمام ڏينهن ۾ روزو رکڻ مستحب آهي. البته ڪجھ ڏينهن جي گھڻي تاڪيد ۽ سفارش ٿيل آ هي. جن ما ڪجھ ذڪر ڪجن ٿا...

  1، هر خميس ۽ جمعي تي روزو رکڻ .

2، عيد مبعث جي ڏينهن ( 27 رجب ) جو روزو رکڻ.

 3، عيد غدير ( 18 ذي الحج ) جو روزو رکڻ .

4، عيد ميلاد النبي ( 17 ربيع الاول ) جو روزو رکڻ.

5، عرفہ جي ڏينهن ( 9 ذي الحج ) ان شرط سان روزو رکڻ ته ان ڏينهن روزو دعاءِ عرفه پڙهڻ کان محروميت جو سبب نه بڻجي...

6، رجب ۽ شعبان جي سڄي مهيني جا روزا رکڻ.

7، هر مهيني جي، 13، 14، ۽15 تاريخ تي روزو رکڻ.

هيٺ ذڪر ٿيل روزا مڪروہه آهن.

 1،  مهمان جو ميزبان جي اجازت کان بغير مستحب روزو رکڻ.

2، مهمان جو ميزبان جي منع ڪرڻ باوجود مستحب روزو رکڻ.

3، عرفہ جي ڏينهن جيڪڏهن روزو رکڻ دعا پڙهڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي.

4، ان ڏينهن روزو رکڻ جنهن ڏينهن جي باري ۾ خبر نه هجي ته عرفہ جو ڏينهن آهي يا عيد قربان جو ڏينهن...

    روزي جي نيت ۾ ضروري شيون

1، روزو رکڻ هڪ عبادت آهي تنهنڪري ان کي خدا جي حڪم جي تعميل طور انجام ڏنو وڃي.

2، انسان رمضان شريف جي هر رات ٻي ڏينهن جي روزي جي نيت ڪي سگھي ٿو. پر بهتر اهو آهي ته رمضان شريف جي مهيني جي پهرين رات سڄي مهيني جي روزن جي گڏ نيت ڪري ڇڏي... ته انشاءَ الله سڄي مهيني جا روزا رکندس

3، واجب روزن ۾ ڪنهن مجبوريءَ کانسواءِ روزي جي نيت ۾صبح جي آذان کان وڌيڪ دير نه ڪرڻ گھرجي.

4، واجب روزن ۾ جيڪڏهن ڪنهن عذر ( سبب ) جيئن: سفر يا ويساري جي ڪري روزي جي نيت نه ڪئي هجائين ۽ ڪو اهڙو ڪم به نه ڪيو هجائين جنهن سان روزو باطل  ٿيندو آهي ته اهو ظهر تائين روزي جي نيت ڪري سگھي ٿو..

5، روزي جي نيت کي زبان تي ورجائڻ ضروري نه آهي بلڪه ايترو ئي ڪافي آهي ته خدا تعالى جي حڪم جي تعميل خاطر فجر جي آذان کان مغرب تائين اهڙو ڪو ڪم انجام نه ڏئي جيڪو روزي کي باطل ڪندو هجي...

سبق ايڪٽيهين جو خلاصو.

1، روزي جو وقت صبح جي آذان کان مغرب تائين آهي..

2، رمضان شريف جا روزا، قضا، ڪفاري، ۽ نذر جا روزا واجب روزا آهن..

3، پي جي موت کانپوءِ ان جا قضا روزا ان جي وڏي پٽ تي واجب آهن..

4، عيد فطر ۽ عيد قربان جي ڏينهن جا روزا، ۽ اولاد جا اهي مستحب روزا جن سان ماءُ، پيءُ کي تڪليف پهچي حرام آهن.

5، سڄي سال ۾ حرام ۽ مڪروہه روزن کان علاوہه روزو رکڻ مستحب آهي پر ڪجھ ڏينهن جي باري ۾ وڌيڪ تاڪيد ڪئي وئي آهي تن مان ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا...

1، هر خميس ۽ جمعي تي.

2،  9 ۽ 18 ذي الحج ( عرفہ ۽ عيد غدير )

3، عيد ميلاد النبي ۽ عيد معراج.

6، پيءُ جي اجازت کانسواءِ اولاد جو مستحب روزو رکڻ مڪروہه آهي.

7، ماه مبارڪ رمضان ۾ هر رات، اڳين ڏينهن جي روزي جي نيت ڪري سگھجي ٿي. پر بهتر آهي ته رمضان جي پهرين تاريخ جي رات سڄي مهيني جي روزن جي نيت ڪئي وڃي.

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو..........؟

1.       هيٺ ذڪر ٿيل ڏينهن ۾ روزي رکڻ جو ڇا حڪم آهي....؟ 

    1، ڏهه محرم، 2، ڏهه ذو الحج، 3، نائين ذو الحج، 4، 21 مارچ، پهرين شوال،

2، جيڪڏهن پيءُ پٽ کي منع ڪري ته سڀاڻي روزو نه رکجانءِ ته ڇا ان صورت ۾ پٽ جو روزو صحيح آهي...؟

 

3، جيڪڏهن هڪ شخص صبح جي نماز کانپوءِ ننڊ مان اٿي ٿو ته ڇا اهو روزو رکي سگھي ٿو...؟