Get Adobe Flash player

ائمه معصومين عليهم السلام جي روايتن مطابق رجب مهيني جي پهرئين جمعي جي رات کي ليلة الرغائب يعني خواهشن جي رات آهي جنهن رات ڌڻيءَ در ٻاڏائڻ ۽ دعائون گهرڻ جي رات آهي الله سائين کان حاجتون گهرڻ جي رات آهي

 

 

 

 

هن رات جي نماز

اڄ جي رات نماز مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ هيءَ ٻارنهن رڪعتي نماز پڙهڻ مستحب آهي جيڪا ٻه ٻه رڪعتون ڪري پڙهي وڃي ٿي جنهن هر رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ ٽي دفعه سوره انا انزلناه ۽ ٻارنهن دفعا سوره قل پڙهي ويندي نماز پڙهڻ کان پوءِ ستر دفعا چئو ”اللهم صَلِّ عَلي مُحَمَّدٍ النَّبِيِّ الامي و علي آله “ پوءِ سجدي ۾ وڃي ستر دفعا « سُبُّوحٌ قُدُّوسٌ رَبُّ الْمَلائِکَةِ وَالرُّوحِ» پوءِ سر مٿي کڻي ستر دعا «رَبِّ اغْفِرْ وَارْحَمْ وَتَجاوَزْ عَمّا تَعْلَمُ اِنَّکَ اَنْتَ الْعَلِيُّ الاَعْظَمُ» چئي ڪري ٻيهر سجدي ۾ وڃي ستر دفعا « سُبُّوحٌ قُدُّوسٌ رَبُّ الْمَلائِکَةِ وَالرُّوحِ» چئو ۽ سر کڻي الله سائين کان حاجت طلب ڪريو انشاءِ الله ته پوري ٿيندي

 

وڌيڪ اعمالن جي تفصيل لاءِ مفاتيح الجنان ڏسو