Get Adobe Flash player

  هن مقالي جي پهرئين حصي ۾ تقيي جي معنى ۽ ان جي جائز هجڻ بابت قرآن مجيد جي آيتن کي بطور دليل پيش ڪيو ويو هئو. جڏهن ته هن حصي ۾ اسان تقيي جو سنت نبويه جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺڻ سان گڏ ڪجهه اعتراضن جا جواب ڏينداسين.

 

ب: تقيو سنت نبويه جي روشني

سڀ کان پهريان اسان هتي نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جي تقيي بابت ڪجهه حديثن کي ذڪر ڪريون ٿا.

  1 :رفع الله من امتي الخطاء والنسيان،وما استڪرهوا عليہ (13)

 الله جو رسول(صلى الله عليه وآله) فرمائن ٿا ته: منهنجي امت مٿان ڪجھ شين جو حڪم لاٿو ويو آهي، جن مان ڀل چُڪ ،ويسر ۽ جنهن ڪم تي ماڻهن کي مجبور ڪيو وڃي. (يعني انهن تي کين سزا نه ملندي.)

  2 :بئس القوم، قوم يمشي المومن فيهم بالتقية والڪتمان،(14)

الله جو رسول(صلى الله عليه وآله) فرمائن ٿا ته: بدترين قوم اها آهي جنهن ۾ مومن تقيييا پنهنجي ايمان کي لڪائي وقت گذاري.

 3: ”الم ترى قومڪ حين بنوالڪعبة اقتصروا على قواعد ابراهيم؟ فقلت:يا رسول الله! الا تردّها على قواعد ابراهيم؟ قال:لولا حدثان قومڪ بالڪفر لفعلت“(15)

 بخاري پنهنجي سند سان بيبي عائشه کان نقل ڪري ٿو: ڇا پنهنجي قوم کي نه ڏٺو اٿئي ته جڏهن ڪعبي جي اڏاوت ڪيائون ته ابراهيم جي بنياد کي ڇڏي ڏنائون؟، عائشه چوي ٿي ته مون عرض ڪيوته اي الله جا رسول(ص)! پوءِ توهان  ان جي ابراهيم جي بنياد تي اڏاوت ڇو نٿا ڪيو؟ ته انهي تي الله جي رسول(ص) فرمايو ته جيڪڏهن تنهنجي قوم تازو مسلمان نه ٿي هجي ها ته اهو ڪم ضرور انجام ڏيان ها.

5 :”ڪنتُ مع ابن عباس بعرفات،فقال:ما لي لا اسمع الناس يلبّون؟ قلت:يخافون من معاوية.فخرج ابن عباس من فسطاطہ فقال:لبّيڪ،اللّهم لبّيڪ،فانّهم ترڪوا السنة من بُغض علي(ع) (16)

نسائي پنهنجي سنن ۾ سعيد بن جبير کان نقل ڪري ٿو  ته چيائين: آءُ ابن عباس سان عرفات جي ميدان ۾ گڏ هئس ته ابن عباس چيو: ڇا ٿيو آهي جو حاجين جي تلبيّه (لبيک اللهم لبيک) چوڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي؟ انهي تي مون جواب ۾ عرض ڪيو ته ماڻهون معاويه جي ڊپ سبب ائين نٿا ڪن انهي تي ابن عباس پنهنجي خيمي مان ٻاهر نڪري تلبيه چوڻ شروع ڪيو (۽ چيائين) ته علي عليہ السلام جي بُغض ۾ سنت کي ترڪ ڪري ڇڏيائون.

خطري وقت مسلمانن کان تقيي جو واجب هجڻ

ڪجهه ماڻهن جو شيعن تي وڏي ۾ وڏو اعتراض اهو آهي  ته شيعه  مسلمانن کان تقيي کي جائز سمجھن ٿا ۽ جڏهن ته  ان سلسلي ۾ ڪوبه دليل نه آهي.انهي اعتراض جي جواب ۾ ڪجھ دليل پيش ڪجن ٿا.

1 - معيار : جيتوڻيڪ آيتن ۽ روايتن ۾ ڪافرن کان تقيي ڪرڻ جو  حڪم بيان ٿيو آهي ليڪن معيار ۽ ملاڪ جيڪو جان ۽ مال جي حفاظت آهي. سو ڪافر ۽ مسلمان ٻنهي کي شامل ٿئي ٿو يعني ماڻهو جان۽مال جي حفاظت لاءِ تقيو ڪري سگهي ٿو چاهي ڪو مسلمان سامهون هجي يا ڪافر

2 - وسعت:ڪجھ آيتون ۽ روايتون مثال طور،اوکائي ،لاچاري ،هلاڪت۽ آساني واريون آيتون ۽ پهرين ذڪر ٿيل پهرين ۽ ٻي روايت عام آهن،(يعني اهي هر حڪم کي شامل آهن)

3 : اڪثر روايتون ذڪر ٿيل انهي شي لاءِ خاص آهن ته مسلمانن کان به تقيو ڪرڻ جائز آهي

تقيو اهل بيت(عليهم السلام) جي روايتن ۾

تقيو هڪ عقلي قاعدو ۽ معاشرتي طريقو آهي جيڪو انسان جي زندگي جي لازمي شين مان شمار ٿئي ٿو، قرآن ۽ حديثن ۾ بلڪه ٻين آسماني شريعتن ۾ به هن کي هڪ بنيادي ضرورت طور سڃاڻپ ڪرائي وئي آهي. انهي سان گڏوگڏ آئمه معصومين(عليهم السلام)  جي روايتن ۾ تقيي بابت تمام گھڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي.

 امام جعفر صادق (ع) فرمايوآهي ته

1- ” لا ايمان لمن لا تقية لہ“ (17) جنهن وٽ تقيو نه آهيتنهن وٽ ايمان ئي نه آهي

2- ” و التقية من ديني و دين آبائي“(18) تقيو منهنجو دين ۽ منهنجي وڏڙن جو دين آهي

3- ” من لا تقية لہ لا دين لہ“ جيڪو تقيو نه ٿو ڪري،ان جو دين ئي ناهي.

تقيي جا قسم

اهل بيت(عليهم السلام) جي روايتن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اها پروڙ پوي ٿي ته تقيي جا ٻه قسم آهن

1 :خوف جي حالت ۾ تقيو ڪرڻ جنهن کي تقيه خوفي چوندا آهن

2 :نرم رويي سان پيش اچڻ وارو تقيو جنهن کي تقيه مداراتي چوندا آهن

خوف واري حالت ۾ تقيي ڪرڻ جون روايتون نرم رويي سان پيش اچڻ واري تقيي کان تمام گھڻيون آهن.

 اهي جايون جتي خوف وارو تقيو ڪرڻ گھرجي

1 . جڏهن انسان جي جان،عزت آبرو،ناموس ۽ مال کي خطرو هجي.

2 . جڏهن ڪنهن ٻئي مومن يا مسلمان جي جان،عزت،آبرو،ناموس۽ مال کي خطرو هجي.

3 . جتي اسلام ۽ مذهب کي خطرو يا نقصان هجي.

جڏهن ته خوف واري تقيي جي جاين کان علاوهه جتي انسان بهتر نموني پنهنجي ديني ذميواري نڀائي ۽ ماڻهن جي صحيح طريقي سان هدايت ڪري سگھي يا ٻين مسلمان ڀائر سان سڪون سان زندگي گذارڻ خاطر تقيو ڪري جنهن کي تقيي مداراتي چوندا آهن

تقيي وارين روايتن تي هڪ مٿاڇري نظر

  جن حديثن ۾ تقيي کي ڍال ۽ سپر جي عنوان سان ياد ڪيو ويو آهي،اُتي خوف جي حالت وارو تقيو مراد آهي ۽ جتي سٺي اٿي ويٺي واري زندگي گذارڻ ۽ بهترين نموني ديني عملن جي پابندي جي سفارش ڪئي وئي آهي اُتي نرم رويي وارو تقيو مراد آهي جنهن جواصلي ۽ بنيادي هدف مخالفن جو شيعه مذهب طرف ڌيان ڇڪائڻ هو. جيتوڻيڪ شيعن جي عزت ناموس ۽ مال جي حفاظت ۾ پڻ اثر رکي ٿو.

هشام بن حڪم امام صادق (ع) کان روايت ڪري ٿو ته امام(ع) فرمايو

”ايّاڪم ان تعلموا عملاً فعيّر به، فانّ ولد السوءِ يعير والده بعملہ، ڪونوا لمن انقطعتم اليہ زيناَ، ولا تڪونوا عليہ شيئاً، صلّوا في عشائرهم، و عودوا مرضاهم، واشهدوا جنائزهم، ولا يسبقونڪم الى شيء من الخير، فانتم اولى بہ منهم. والله ما عبدالله بشيء احبّ اليہ من الخبا قلت وما الخب‍ا؟ قال(ع) التقية “ (19)

اهڙي ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪر جنهن جي ڪري اسان جي مذمت ٿئي .بڇڙو پٽ ڪئي اهڙو برو ڪم ڪندو آهي جنهن سان سندس پيء  جي مذمت ٿئي. جن سان تنهنجو رشتو ڳنڍيل آهي، انهن جي لاءِ زينت ۽ فخر جو سبب بڻج، انهن لاءِ گلا ۽ غيبت جو سبب نه بڻج ۽ ساڻن نماز جماعت پڙهندو ڪر، سندن مريضن جي عيادت ڪندو ڪر،انهن جيجنازن ۾ شرڪت ڪندو ڪر،نيڪي جي ڪمن ۾ انهن کان پوئتي نه رهجان، پوءِ فرمايائون ته الله جو قسم! الله پاڪ جي نزديڪ ”خباء“ کانوڌيڪ پسنديده ٻي ڪنهن شي سان عبادت نه ٿي ٿي سگھي، هشام پڇيو:خباء ڇا آهي؟امام(ع) فرمايو: خباء تقيو آهي.

الله پاڪ فرمائي ٿو ته:”وَلَا تَسْتَوِي الْحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادْفَعْ بِالَّتِي هِيَ اَحۡسَنُ فاِذَا الَّذِي بَيْنڪ وَبَيْنَہُ عَدَاوَةٌ ڪاَنّه وَلِيٌّ حَمِيمٌ“***”وَمَا يُلَقَّاهَا الآ الَّذِينَ صَبَرُوا وَمَا يُلَقَّاهَا الا ذُو حَظٍّ عَظِيمٍ“(فصلت/34/35)

نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آھن، (۽ نيڪي) جا ڏاڍي چڱي آھي تنھن سان (مدائي کي) ٽاريو، جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو ڄڻڪ دوست مائٽي وارو ٿيندو.***۽ اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نه ٿيندي آھي، ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي.

ڪيترين ئي روايتن ۾ آئمه معصومين عليهم السلام هنن آيتن جي تفسيرتقيي سان ڪئي آهي.۽ اهو به واضح ۽ روشن آهي ته انهي مان مراد ،نرم رويي وارو تقيوآهي، جنهن جو روشن دليل انهي آيت کان پهرين واري آيت آهي جنهن ۾ توحيد ۽ الله پاڪ جي عبادت جي طرف دعوت ڏنل آهي.

وَمَنْ اَحۡسَنُ قَوْلًا مِّمَّن دَعَا الى اللَّهِ وَعَمِلَ صَالِحًا وَقَالَ انني مِنَ الْمُسْلِمِينَ(فصلت/33)

۽ انھيءَ کان وڌيڪ چڱي ڳالھ  ڪرڻ وارو ڪير آھي جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ به) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيو ته بيشڪ آءٌ مسلمانن مان آھيان؟

تقيي جي ضرورت ۽ تاريخ

  تاريخ انهي ڳالهه جي گواھ آهي ته شيعا سدائين ظالم حڪومتن جي ظلم جو شڪار رهيا آهن ۽  اڪثر ڪري هر دور ۾ حڪومت غير شيعه سان  قوتن جي هٿن ۾ هئي جيڪي شيعن  مٿان ظلم ڪندا ۽ اها حالت آئمه معصومين عليهم السلام جي زماني ۾ به رهي آهي ،جڏهن ته بني اميه ۽ عباسي حڪومت سياست جي بلندي ۽ اوج هئو ۽ اهوئي زمانو تمام گھڻو سخت ۽ خطرناڪ هو، اهڙن حالات ۾ شيعت جي حفاظت ڪرڻ جيڪو اسلام جو حقيقي مذهب آهي تقيي کان سواءِ ممڪن ئي نه هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن ڏسون ٿا ته اهل بيت(ع) جنهن طريقي سان دين جون ڳالهيون ۽ عقيدا ماڻهن تائين پهچايا ۽ سهڻي طريقي سان انهن ماڻهن جو مقابلو ڪري مذهب تشيع جي حفاظت ڪئي ،جيڪي دين ۾ ڄاڻي واڻي ڦير ڦار ڪن پيا،   .جيڪڏهن انهي مسئلي ۾ ڪنهن جي ملامت ۽ مذمت ڪئي وڃي ته پوءِ بني اميه ، بني عباس ۽ ٻين ظالم ۽ فاسق ماڻهن جي حڪومتن جي مذمت ڪئي وڃي ،انهن ظالم حڪومتن پنهنجي پوري زور ۽ طاقت سان شيعن جي مٿان ظلم ڪيا.۽ اهڙي طرح انهن درباري عالمن جي مذمت ڪئي وڃي جن شيعن جي جان ۽ مال جي مباح هجڻ جون فتوائون ڏنيون،۽ حڪومتن کي شيعن جي قتل غارت ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو.

ڪجهه اعتراضن جا جواب

پهريون اعتراض

ڪجھ ماڻهو تقيي کي ڪوڙ يا ظاهري نفاق (منافقت) سمجهندي ان جي حرم هجڻ جي فتوى ڏني آهي

جواب:1: پهرين ڳالھ ته جيئن مٿي به  بيان ڪيو ويو ته تقيو فقط شيعن سان مخصوص ناهي بلڪه تمام مسلمان ۽ ايستائين جو هر عقلمند انسان ان کي قبول ڪري ٿو ۽ ضرورت پيش اچڻ تي هن مان فائدو به ورتو آهي.بس جيڪڏهن تقيو ڪوڙ ۽ نفاق آهي ته اهو اعتراض تمام مسلمانن جي مٿان آهي فقط شيعن جي مٿان ناهي.

2 : اسلام ۾ ڪجهه جايون اهڙيون آهن  جتي جيڪڏهن ان ۾ اهم مصلحت ۽ هدف آهي جهڙوڪ ڪنهن انسان جي جان بچائڻ ڪنهن عورت جي عزت جي حفاظت وغيره ته اتي ڪوڙ جائز بلڪه ڪڏهن واجب به آهي ته  پوءِ تقيو به انهن جاين تي جائز ٿيڻ گهرجي . جڏهن ته سچ ۽ ڪوڙ جو تعلق ڳالهائڻ سان آهي جڏهن ته تقيو اڪثر ڪري عمل آهي تنهن ڪري لازم ناهي ته هر تقيو ڪوڙ هجي جيئن هر ڪوڙ به تقيو نه ٿو ٿي سگهي مثلا هٿ ٻڌي نماز پڙهڻ کي ڪوڙ نه ٿو چئي سگهجي جيئن پنهنجي جان بچائڻ  لاءِ اهڙو ڪوڙ هڻڻ جنهن سان ٻئي انسان جي جان وڃي تقيو ناهي.

3 : نفاق(منافقت) جھڙي طرح قرآن پاڪ ۾ ذڪر ٿيو آهي هي آهي ته انسان حق جو اظهار ڪري ۽ دل ۾ باطل عقيدو رکندو هجي . جڏهن ته تقيي ۾ انسان باطل جو اظهار ڪندو آهي ۽ دل ۾ حق جو عقيدو رکندو آهي. ان بنياد تي منافقت دل ۾ بدي ۽ ڪفر رکڻ آهي جڏهن ته تقيو دل ۾ ايمان ۽ ڀلائي رکڻ هي، قرآن ڪريم ۾ منافقن جي عمل جي شديد مذمت ٿيل آهي، جڏهن ته تقيي جي لاءِ جيڪي به آيتون ذڪر ڪيون ويون،انهن ۾ تقيو هڪ پسنديده عمل چيو ويو آهي.

ٻيون اعتراض 

ٻيون اعتراض  اهو آهي ته:جيئن ته شيعه مذهب ۾ تقيو هڪ سراسريقاعدي طور قبول ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري تمام مسئلن ۾ تقيي جو گمان ڏئي سگھجي ٿو، نتيجي ۾ شيعن جون سڀ  ڳالهيون ۽ عمل، اعتبار جوڳا نه آهن.

اعتراض جو جواب: هي اعتراض ڏهن ڪڏهڪن اهل بيت(ع) جي روايتن جي باري ۾ به ڪيو ويندو آهي،۽ ڪڏهن ڪڏهن وري شيعه علماء جي ڪلام جي باري ۾ ڪيو ويندو آهي ،اسان هتي ٻنهي صورتن جي وضاحت ڪنداسين،

1 : سڀ کان پهرين هي ته اهل بيت (ع) هڪ بهترين ۽ مناسب رستو بيان ڪيو آهي جنهن جي ذريعي اصلي ڳالهين ۽ حڪمن کي تقيي واري حڪمن کان سڃاڻي  سگھجي ٿو.

2 : ائين به ناهي ته تمام عقلي ڳالهين يا عملي احڪامن يا اخلاقي شين  ۾ تقيي جي مملن هجي جو ان جي نتيجي ۾ انسان اهل بيت(ع) جي مذهب کي سمجھڻ ۾ حيرت جو شڪار ٿي وڃي، بلڪه هر ڳالهه جيستائين ان جو تقيي مطابق هجڻ جي خبر نه پوي اها اصل آهي . اهو ساڳيو قاعدو   اهلبيت(ع) جي حديثن ۾ جاري آهي ۽ شيعه عالمن جاجيڪي قولن ۽راين ۾ به جاري آهي ڌيان هجي ته شيعن جا جيڪي عقيدن ۽ شرعي فتوائون  ڪيترن ئي تفسيري،فقهي عقائدي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل آهن جيڪي پوري دنيا جي لائبريرين ۾ موجود آهن.

جن مان ڪجهه سڀني وٽ مڃيل مڃايل ته ڪن ۾ خود شيعن ۾ به اختلاف آهي بهرحال اهي ڪنهن تي ڳجها ناهن بلڪه واضح روشن ۽ ٻين مذهبن جي راءِ سان گڏ ذڪر ٿين ٿا ته انهن جي راءِ هيئن ته شيعن جو نظريو هيءُ آهي،

اهي جايون جتي تقيو جائز نه آهي    

تقيو اصلي ۽ ثانوي آهي(ثانوي يعني جتي ڪنهن مجبوري جي ڪري پهرين حڪم تي عمل نه ڪري سگھجي اتي ٻئي حڪم تي عمل ڪجي) ۽ ان جو وڏو هدف جان، مال، عزت، ناموس جي حفاظت ڪرڻ آهي.ان سان گڏوگڏ دين ۽ شريعت جي حفاظت ڪرڻ به آهي بس اُهي شيون جيڪڏهن تقيي ڪرڻ تي موقوف آهن ته تقيو واجب آهي جيڪڏهن انهي کان علاوهه انسان تقيو ڪري ٿو ته حرام آهي .

ان بابت امام خميني(رح)  لکي ٿو:”ڪجھ حرام ڪم ۽ واجبات جيڪي اسلام جي نظر ۾ خاص اهميت رکن ٿا  اتي تقيو ڪرڻ جائز ناهي،مثال طور ڪعبي کي ڊاهڻ يا امامن جي روضن کي ڊاهڻ اسلام ۽ قرآن جي بي حرمتي يا انهي کان علاوهه مثال طور دين ۾ ڦير ڦار ڪرڻ.

جيئن امام صادق(ع) فرمائين ٿا ته جيڪڏهن تقيي جي ڪري شراب پيڻو پوي ته تقيو جائز نه آهي جڏهن اصول دين مان يا ضروريات دين مان ڪنهن هڪ شي کي به خطرو هجي ته انهي جڳھ تي تقيو جائز نه آهي يا جتي ظالم حڪمران پڪو پھ ڪن ته ميراث،طلاق،نماز يا حج جي احڪامن ۾ تبديلي آڻيون.(20)

 

نتيجو

هن پوري گفتگو جواهو نتيجو نڪري ٿو ته تقيو اسلام ۾ ثابت آهي ۽تقيو جان، مال، عزت،دين ۽ شريعت جي حفاظت لاءِ انسان تي واجب ٿي ويندو آهي ۽ قرآن پاڪ ۾ تقيي جي لاءِ تمام گھڻيون آيتون موجود آهن جن کي ٻئي ڌريون قبول ڪن ٿيون انهي سان گڏو گڏ اهل سنت جي ڪتابن ۾به تقيي جي باري ۾ گھڻيون حديثون موجود آهن ۽اهلسنت جا عالم به تقيي کي قبول ڪن ٿا  اهلبيت(ع) تقيي جي تمام گھڻي تاڪيد ڪئي آهي .۽ روايتن مان خبر پوي ٿي ته تقيي جا ٻه قسم آهن جيڪي مٿي ذڪر ڪيا ويا البته ڪجهه جڳھن تي تقيو جائز ناهي

ڪتابن جا حوالا   

13 : عسقلاني،فتح الباري،ج5 ص160

14 : الجامع الصغير،ج1 ص491

15 :بخاري،اسماعيل،صحيح بخاري،ج2،ص179،ڪتاب الحجّ باب فضل مڪہ وبنيانها

16 :فقہ المقارن،علي اصغر رضواني،ص825 بحواله سنن نسائي ج5،ص253،ڪتاب المناسڪ

17 :حرعاملي،وسائل الشيعة،ج6،باب24،امربہ معروف نهي منڪر،ح،2،3 موسسه اهلبيت

18 :ساڳيو حديث 2

19 :ساڳيو

20 : رضواني، علي اصغر، فقه مقارن،ص 831 ذوي القربى،قم1387