Get Adobe Flash player

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام(1)

تاليف:  رسول جعفريان

امام موسى ڪاظم عليه السلام جي سياسي جدوجهد

      امام موسى ڪاظم Dجنهن دور ۾ زندگي  گذاري هئا سو عباسي حڪمرانن جي ظلم ۽ ڏاڍ  ڀري حڪومت جي پهرئين مرحلي جو حصو هئو

. عباسين ڪجهه ئي عرصو پهريان اهلبيت E جي نالي تي حڪومت جي واڳ سنڀالڻ وقت عام ماڻهن، خاص ڪري شيعن سان سٺو ورتاءُ پئي ڪيو. ليڪن جڏهن سندن حڪومت مضبوط ٿي ۽ ان تي سندن قبضو مستحڪم ٿيو۽ ٻئي پاسي کان وري  مختلف علائقن ۾ کان شيعه بغاوتن ڪر کنيو ته کين خطرو محسوس ٿيو۽ هنن ظلم ۽ ڏاڍ جي راهه اپنائي ۽ مخالفن تي تمام گهڻيون سختيون ڪيائون.ايستائين جو پنهنجي ويجهن ساٿين جهڙوڪ عبدالله بن علي ــ جيڪو سفاح جي جانشينيءَ جو اميدوار هئو ــ ۽ ابو مسلم خراسانيءَ کي به قتل ڪري ڇڏيائون.

منصور ڪيترن شيعن کي شهيد ڪرايو جڏهن ٻيا ڪيترائي ماڻهو سندس جيلن ۾ فوت ٿي ويا. [i]

       اهي سختيون امام جعفر صادقD جي دور کان شروع ٿيون ۽ امام رضا Dجي دؤر تائين ــــ جيڪو مامون جي حڪمرانيءَ جو زمانو هئو ــــ پنهنجي عروج تي پهتيون. جيتوڻيڪ مامون جي زماني ۾ ماڻهن کي ڪجهه سڪون نصيب ٿيوليڪن جلد ٻهير حڪومت طرفان سختين جو آغاز ٿي ويو.

امام باقر ۽ صادق عليهما السلام طرفان عقيدتي ميدان فراهم ڪرڻ کانپوءِ اهو گمان ڪيو پيو وڃي ته اها علمي، ثقافتي تحريڪ،هڪ عظيم سياسي انقلاب جي شڪل وٺندي جو عباسي حڪمرانن طرفان ڌمڪيون ۽ سختيون ملڻ شروع ٿي ويون.

اهڙي حساس دؤر ۾ حضرت امام موسى ڪاظم D هڪ طرف انهن سختين ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا هئا  ته ٻئي پاسي هڪ عظيم ذميواري سندن ڪلهن تي هئي. جنهن جو هڪ ننڍڙو حصو شيعن جي هدايت ۽ حفاظت هئي.جڏهن  ته جيڪڏهن پاڻ رڳو شيعن کي صحيح نموني سان گڏ ڪري انهن جي راهنمائي ڪرڻ کانسواءِ پيو ڪجهه به نه ڪن ها تڏهن به سندن اهو ئي ڪم عباسي حڪمرانن لاءِ وڏو خطرو حساب ٿئي پيو.

امام موسى ڪاظم Dپيءُ جي شهادت کان پوءِ سن 148 هه کان 183هه يعني سندن شهادت جي سال تائين (تقريبا 35 سال) امامت جي واڳ سنڀالي .ان دوران  سن 158هه تائين منصور،سن 169هه تائين منصور جي پٽ مهدي،170هه تائين هاديءَ حڪومت ڪئي (جنهن کانپوءِ هارون رشيد حڪومت تي آيو).

    جيئن ته پهريان به ٻڌائي چڪاسين ته امام موسى ڪاظم Dجو د‍ؤر شيعن لاءِ تمام ڏکيو ۽ ڏکيو زمانو هئو. جنهن۾ عباسين خلاف مختلف شيعه تحريڪون هليون جن ۾ مکيه هاديءَ جي حڪومت ۾ حسين بن علي ”شهيد فَخ “ جي تحريڪ،هارون جي زماني ۾ عبدالله جي فرزندن يحيى ۽ ادريس جي تحريڪ آهي.

    تاريخي ۽ حديثي ڪتابن ۾ عباسي حڪمرانن جي امام ڪاظم D سان مختلف ورتائن کي بيان ڪيو آهي جنهن ۾ اهم هارون رشيد جو ورتاء آهي.ان ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته شيعت جي سڀني امامن جي هميشه اها ئي ڪوشش رهي ته تقيو ڪن ۽ ڳجهي نموني پنهنجي شيعن جي رهنمائي ڪندا رهن. ظاهر آهي ته اها ڳالهه باعث بڻي جو سندن سياسي جدوجهد جي چڱيءَ طرح خبر نه پوي ۽ سندن جدوجهد جو عميق ۽ گهرائي سان تجزيو نه ڪري سگهجي

  اهڙي ڳجهي راهنمائي جي قدر قيمت جو ”قطعي دليل“ ان مذهب جو ايترو ته قوي ٿيڻ آهي جو (تمام سختين ۽ تڪليفن باوجود) اڳتي هلي اسلامي معاشري جي ٻن اصلي ڌڙن مان هڪ شمار ٿيڻ لڳو.

    ان تحريڪ جي اڳواڻي ۽ اها دانائي جيڪا ان تحريڪ جي راهنمائي ۾ڪتب آندي وئي وسارڻ جوڳي ناهي. تاريخ ۾ ذڪر ٿيل واقعا ۽ اها پوري طاقت ۽ زور جيڪو هارون رشيد پنهنجي تمام تر ظاهري منافقت باوجود  ــــ جنهن ذريعي هارون اهو پئي ڏيکارڻ چاهيو ته هن امام جو قتل ناهي ڪيو يا اصلا امام جو قتل ٿيو ئي ناهي  ـــــ امام ڪاظمD جي قتل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، ان عظيم خطري جي نشاني آهي جيڪو امام طرفان پنهنجي حڪومت لاءِ هن محسوس پئي ڪيو.جڏهن ته هارون کليو کلايو اعتراف به ڪيو هئو ته امام خلاف کيس ڪو ثبوت ناهي مليو.

    هتي اسان حڪمرانن طرفان امام سان ٿيل ورتاء کي نقل ڪندي ڪوشش ڪنداسين ته امام جي سياسي جدوجهد ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪريون.ابن شهرآشوب پنهنجي ڪتاب ۾ امام ڪاظم ع سان منصور جي ورتاءَ بابت لکي ٿو:

    منصور امام کي چيو ته عيد نوروز جي موقعي تي هڪ محفل ۾ سندن طرفان شرڪت ڪري ۽ جيڪي تحفا آندا وڃن سي منصور پاران وٺي ته امام جواب ۾ کيس چيو:

اِنّي قَدْ فَتَّشْتُ الْاَخبارَ عَنْ جَدّي رَسُولِ اللهِ(7) فَلَمْ اَجِدْ لِهذَا الْعيدِ خَبَراً اِنَّهُ سُنَّهٌ لَلْفُرْسِ وَ مَحاهَا الْاِسلامُ وَ مَعاذاَللهِ اَنْ نُحْيي ما مَحاهُ الاسلامُ.[ii]

مون پنهنجي نانا رسول الله (7) جي حديثن ۾ تحقيق ڪئي آهي ليڪن هن عيد جي باري ۾ ڪابه روايت نه ملي .هيءَ ايرانين جي عيد آهي جنهن کي اسلام ختم ڪيو آهي. خدا کان پناهه گهران ٿو جو ان شيءَ کي وري زنده ڪيان جنهن کي اسلام ختم ڪيو آهي.

    منصور جواب ۾ چيو”سياسة للجند“ اهو ڪم جنگي مصلحت خاطر انجام پيو ڏئي. ڇاڪاڻ ته منصور جي لشڪر جا اڪثر سپاهي ايراني هئا جيڪي ان عيد جي مناسبت سان کيس تمام گهڻا تحفا ڏينداهئا ۽ ان طريقي سان تمام گهڻو مال دولت سندس خزاني ۾ ايندو هئو  _ جڏهن ته منصور جي ڪنجوسي به مشهور هئي _ لهذا امام مجبور ٿيو جو ان ڏينهن منصور طرفان ان محفل ۾ شريڪ ٿئي ۽ سپاهين کان تحفا وٺي.

 جيتوڻيڪ امام جو جواب هڪ اهڙي حقيقت کي بيان ڪري پيو جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ اسان جي لاءِ تمام گهڻي فائده مند آهي.

  ان کانپوءِ مهدي عباسيءَ جي ڏهه ساله حڪومت جي زماني ۾ امامA درس ڏيڻ، حديثن جي بيان ڪرڻ ۽ ڪڏهن وري پنهنجي ڳجهي جدوجهد ۾ مشغول هئا. ان دوران تاريخ ڪجهه اهم واقعه ذڪر ڪيا آهن.

        جن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم واقعو ــ جنهن کي مشهور مورّخن جهڙوڪ ابن اثير،خطيب بغدادي،ابن خلڪان ۽ شيعا رواين به ذڪر ڪيو آهي ـــ امام A کي گرفتار ڪري زندان ۾ وجهڻ ۽ پوءِ بغداد ۾ آزاد ڪرڻ آهي.

 مهدي عباسي جنهن کي شايد امام جي سخاوت ۽ ڪرم ڊيڄاري ڇڏيو هئو، تنهن گمان پئي ڪيو ته امام وڏو مال دولت گڏ ڪئو آهي، جنهن کي هو شيعن کي گڏ ڪرڻ ۽ طاقت وٺرائڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي. سو هن مديني جي گورنر کي حڪم ڏنو ته امام A کي گرفتار ڪري بغداد روانو ڪري . مهدي امامA کي زندان  ۾ وجهي ڇڏيو ليڪن رات جو خواب ۾ حضرت علي بن ابي طالب Aکي ڏٺائين جيڪو کيس چئي رهيو هئو:

فَهَلْ عَسَيتُمْ اِنْ تَوَلَيتُمْ اَنْ تُفْسِدُوا فِى اْلاَرْض وَ تَقَطَّعُوا اَرْحامَڪُم؟ [iii]

ڇا توهان حڪومت حاصل ڪري زمين تي فساد ڦهلائڻ چاهيو ٿا ۽ پنهنجي رشتيداريءَ واري رابطي کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا؟

    مهدي خواب مان جاڳي پيو ۽ ان ئي لمحي پنهنجي دربان ربيع کي حڪم ڏنائين ته امام ڪاظم A کي وٽس وٺي اچي. جڏهن امام A آيا ته کين پنهنجي پاسي ۾ ويهاري ٻڌايائين ته حضرت علي A کي خواب ۾ ڏٺو اٿائين جنهن مٿين آيت پئي پڙهي، پوءِ امام کان سوال ڪيائين:اَفَتُؤَمِّنُني اَنْ لا تَخْرُجَ عَلَيَّ اَوْ عَلي اَحَدٍ مِنْ وُلْدي؟

ڇا مون کي پڪ ڏين ٿو ته مون تي يا منهنجي اولاد خلاف بغاوت نه ڪندين؟

امام فرمايو: وَاللهِ ما فَعَلْتُ ذلِکَ و لا هُوَ مِنْ شَاْني. خدا جو قسم نه اهو ڪم مون ڪيو آ نه ئي اهو ڪم منهنجي شان وٽان آهي.

خليفه امام جي ڳالهين جي تصديق ڪندي کيس ٽي هزار درهم ڏنا ۽ ساڻن اهڙو سلوڪ ڪيو جو امام کائنس راضي ٿي واپس وڃي، ۽ پوءِ کين مديني موڪلي ڇڏيو.[iv]

اهڙو ئي هڪ واقعو هارون جي دور ۾ به امام D سان پيش آيو جيڪو اڳتي هلي بيان ڪنداسين.

امام ڪاظم D جي دور ۾ پيش آيل غير معمولي واقعن جو تعداد ٻين امام جي ڀيٽ ۾ ــ سواءِ حضرت D جي ـــ تمام گهڻو آهي ايستائين جو اهل سنت جي ڪتابن ۾ به ان جو ذڪر ملي ٿو .

          هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته امامD مهدي عباسي وٽ ويا  ته  ڏٺائون  ته هو ماڻهن کان کسيل شيون واپس ڪري رهيو آهي. امامD اهو  ڏسي  کيس چيو :

 اهو حق جيڪو اسان کان ظلم جي ذريعي کسيو ويو آهي، واپس نه ٿو ڪرين؟ مهديءَ پڇيو : ڇا جي باري ۾ ڳالهه ٿا ڪريو؟ امام D فدڪ جي واقعي کي هن طرح بيان ڪيو:

    فدڪ ! ڇاڪاڻ ته (ما لَمْ يُوجِفُ عَلَيْهِ خَيْلٌ وَ لا رِکابٌ ) جي دائري ۾ اچي ٿو لهذا رسول الله جي ذاتي ملڪيت حساب ٿئي پيو . جيڪا پاڻ سڳورن 1 پنهنجي پياري نياڻي فاطمه J کي ڏني هئي . سندن رحلت کانپوءِ حضرت علي،امام حسين ۽ حسين G ۽ ام ايمن جي گواهيءَ سبب ابوبڪر راضي ٿي ويو هئو ته فدڪ حضرت فاطمه J کي واپس ڏئي ليڪن ٻئين خليفه ان جي مخالفت ڪئي.

مهديءَ چيو ته فدڪ جون حدون ٻڌاءِ ته موٽائين ڏيانءِ .امام حدون ٻڌايون ته خليفي چيو(هذا ڪثير فانظُرُ فيه) [v] اها ته تمام وڏي ملڪيت آهي مان سوچيان!

    ظاهر آهي ته مهدي هرگز اهو ڪم نه ڪري ها ڇاڪاڻ ته ايتري وڏي دولت جو امام ڪاظم D جي هٿ ۾ اچڻ، سندس حڪومت جي لاءِ تمام گهڻا خطرا پيدا ڪري ها.

  مهدي کانپوءِ سندس پٽ موسى هادي حڪومت سنڀالي ليڪن هڪ سال کان وڌيڪ زنده نه رهيو. ان جي زماني ۾ ئي حسين بن علي ”شهيد فخ“ قيام ڪيو ۽ شهيد ٿي ويو. جڏهن سندس سر هاديءَ لاءِ آندو ويو ته هن ڪجهه شعر پڙهيا جنهن ۾ ”طالبين“ جي رشته ختم ڪرڻ کي ذڪر ڪيائين ۽ پوءِ امام موسى ڪاظم D بابت پريشانيءَ جو اظهار ڪندي قسم کنيائين کيس قتل ڪندو

وَاللهِ ما خَرَجَ حُسَينٌ اِلّا عَنْ اَمْرِهِ وَ لا اتَّبَعَ اِلّا حُجَّتَهُ لِاَنَّهُ صاحِبُ الْوَصِيةِ في هذَا الْبَيتِ قَتَلَنِي اللهُ اِنْ اَبْقَيتُ عَلَيهِ.

خدا جو قسم  حسين(شهيد فخ) سندس (امام موسى ڪاظم D) ئي حڪم تي قيام ڪيو ۽ سندس ئي ڳالهه مڃيندو هئو ڇاڪاڻ ته ان گهراڻي ۾ اهو ئي صاحب وصيت ٓآهي. جيڪڏهن ان کي زندهه ڇڏيم ته خدا مون کي قتل ڪري.

   قاضي ابو يوسفَ ـــ جيڪو ان جاءِ تي موجود هئو ـــ کيس ٿڌو ڪيو ۽ کيس ۽ چيائين: نه موسى بن جعفرD، نه ئي ان گهراڻي جو ڪو  ٻيو ڀاتي ،خليفن خلاف قيام جو ارادو رکن ٿا. [vi]

     امام پاڪن جي ڳجهي تحريڪ ايتري ته ڳجهي هئي جو سندن مخالف، ان جو تصور به نه پيا ڪن ته هو خليفن خلاف قيام جو ارادو رکن ٿا يانه . ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته حسين بن علي شهيد فخ جي قيام بابت هاديءَ جي  نظريو صحيح هئو يانه ؟ قاضي ابو يوسف جو دفاع امام D جي تحريڪ جي ڳجهي هجڻ جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو .

     ايستائين جو زيدي شيعا جيڪي پاڻ شدت پسند شمار ٿيندا هئا، پڻ اهو گمان پيا ڪن ته امام صادق D جهاد جو عقيدو نه پيا رکن . جڏهن ته ٻڌائي چڪا آهيون ته امام سندن دعوى جو واضح انڪار ڪيو ۽ فرمايو:

(وَ لکِنْ لا اَدَعُ عِلْمي اِلي جَهْلِهِمْ) آءُپنهنجي علم کي سندن جهالت حوالي نه ڪندس

مٿي ذڪر ٿيل روايت ۾ آيو آهي ته جڏهن امام ڪاظمD  تائين سندن گرفتاري ۽ شهادت جي خطري بابت هاديءَ جي اها خبر پهتي ته کيس بد دعا ڏنائون پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندس موت جي خبر به مديني پهتي.[vii]

  جڏهن ته ان موقعي تي سندن ڪجهه ساٿين کين لڪي وڃڻ جي صلاح ڏني هئي.

حسين بن علي ” شهيد فَخ “ جي تحريڪ

هن تحريڪ کي ٻين زيدي تحريڪن جي صف ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ اهي اڪثر تحريڪون سچائيءَ ۽ خلوص نيت سان وجود ۾ آيون. ڪڏهن ته انهن جا اڳواڻ عالم فاضل ۽ فداڪار ماڻهو هئا. ليڪن مختلف سياسي سبب جي ڪري ڪثرت باوجود اهي تحريڪون بي ثمر ثابت ٿيون. يا گهٽ ۾گهٽ عراق ۾ کين ڪا ڪاميابي ملي نه سگهي.

      شيعن ۽ زيدين جي وچ ۾ موجود اختلاف سبب شيعن جو انهن تحريڪن ۾ شريڪ ٿيڻ ممڪن نه هئو .ڇاڪاڻ ته زيدي شيعه امامن جي امامت جا قائل نه هئا. شيعن ۽ زيدين وچ ۾ اختلاف  شايد خود زيد جي زماني کان شروع ٿيا ۽ نفس زڪيه واري واقعي تائين پنهنجي عروج تي پهتا. جنهن زيدين ۽ شيعن جي هڪٻئي سان تعاون کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو. جڏهن حسين بن علي ”شهيد فخّ“ قيام ڪيو ته سندس تحريڪ ۾ مديني جي اڪثر علوي سادات شرڪت ڪئي ليڪن امام موسى ڪاظم D نه فقط شرڪت نه ڪئي بلڪه حسين کي سندس شڪست ۽ شهيد ٿيڻ جي حتمي خبر به ڏني هئي. [viii]

شهيد فخّ  جيتوڻيڪ پهريان ئي خليفي خلاف قيام جو ارادو رکي پيو پر هاديءَ ۽ مديني جي گورنر ـــ جيڪو ٻئين خليفي جي خاندان مان هئو ــــ پاران علوي سادات مٿان حد کان وڌيڪ سختي ۽ تڪليفن، ان قيام جي جلد  وجود ۾ اچڻ لاءِ بي اثر نه هئا. حج جي ڏينهن ۾ جڏهن خليفي طرفان به وفد مڪي موڪليا ويا هئا اهو قيام وجود ۾ آيو. جنهن مقابلي ۾ خاص لشڪر آيو، جيڪو انهن (حج وارن) ڏينهن کانسواءِ شايد خليفي جي لاءِ بهترين نموني وڙهي نه سگهي ها. اها جنگ حسين بن علي ۽ سندس ساٿين جي شڪست ۽ شهادت جي صورت ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي. جڏهن ان جا سر موسى بن عيسي وٽ آندا ويا ته اتي امام ڪاظم A سميت علوي خاندان جا ڪجهه ٻيا ماڻهو به ويٺا هئا. موسى بن عيسى ،حسين بن علي  جي سر ڏانهن اشارو ڪندي سوال ڪيو :

ڇا هيءُ حسين بن علي ءَ جو سرُ آهي؟ امام جواب ڏنو:نعَمْ اَنَّا لِلهِ وَ اِنّا اِلَيهِ راجِعُون مَضي وَاللهِ مُسْلِماً صالِحاً قَوّاماً آمِراً بِالْمَعْروفِ وَناهِياً عَنِ الْمُنْڪَرِ وَما ڪانَ في اَهْلِ بَيتِهِ مِثْلُهُ. [ix]

ها (انا لله و انا اليه راجعون.) ان حال ۾ ويو ،جو هو هڪ صالح مسلمان ،پنهنجي پالڻهار جو عبادتگذار،نيڪيءَ جي هدايت ڪندڙ ۽ برائيءَ کان روڪيندڙ هئو . سندس گهراڻي ۾ ان جو ڪو مٽ نه هو.

موسى بن عيسى ان جواب تي خاموش ٿي ويو ۽ ڪجهه نه چيائين.

امام ڪاظم عليه السلام ۽ هارون الرشيد

امام ڪاظم A جي زندگيءَ بابت آيل اڪثر روايتن جو تعلق انهن سختين ۽ تڪليفن سان آهي جيڪي هارون طرفان کين ڏنيون ويون .اسان انهن روايتن کي ٽن قسمن ۾ بيان ڪيون ٿا.

1. امام ۽ هارون جي وچ  پيش ايندڙ واقعن کي بيان ڪندڙ روايتون.

2. سندن گرفتار ۽ قيد ٿيڻ جي واقعن کي بيان ڪندڙ روايتون.

3. سندن شهادت جي باري ۾ آيل روايتون

ليڪن سڀ کان پهريان اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هارون سن 170 هه کان 193هه تائين حڪومت تي رهيو. ان مدت دوران شيعن سان مختلف جهڙپن کان علاوهه سندن قتل ۽ تشدد ۾ ملوث رهيو ،جن جا تفصيل هن مقالي ۾ ذڪر نه ٿيا ڪري سگهجن .ان قتلن ۽ قتل عام جي واقعن کي ابو الفرج  اصفهانيءَ پنهنجي ڪتاب ”مقاتل الطالبين“ ۽ ڪجهه واقعن کي طبريءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي.

    سراسري طور اهو چئي سگهجي ٿو ته هارون جا ظلم ستم اڳين حڪومت سان قياس ڪرڻ جهڙا نه هئا، اهي وسعت ۽ شدّت جي لحاظ کان متوڪل جي حڪومت جي دور سان ملن پيا. جيتوڻيڪ ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪجهه موقعن تي هارون رشيد پنهنجي مخالفن خاص ڪري شيعن سان نرمي سان پيش آيو هجي ،ليڪن امام ڪاظم A ۽ هارون جي وچ ۾ پيش ايندڙ واقعن بابت پڪا تاريخي ثبوت نه ملڻ سبب ان نرميءَ بابت راءِ نه  ٿي ڏئي سگهجي.

روايتن جو پهريون قسم

   ڪجهه روايتن مان خبر پوي ٿي ته هارون پنهنجي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ سختي نه ڪئي هئي،ليڪن وقت گذرڻ سان گڏ مختلف سبب جي ڪري امام مٿان سندن سختين ۾ ايندو ويو.

عياشي۽ شيخ مفيد جي نقل ٿيل هڪ روايت ۾ آيو آهي:

ڪانَ مِمّا قالَ هارُونُ لِاَبي الْحَسَنِ مُوسي (A) حينَ اُدْخِلَ عَلَيهِ: ما هذِهِ ‌الّدارُ وَ دارُ مَنْ هِي قالَ لِشيعَتِنا فَتْرَةً وَ لِغَبْرِهِمْ فِتْنَةً: قالَ فَما بالُ صاحِبُ الدّارِ لا ياْخِذُها؟ قالَ اخِذَتْ مِنْهُ عامِرَةً وَلا ياْخُذُها اِلاّ مَعْمُورَةً فَقالَ اَينَ شِيعَتُڪَ، فَقَراَ اَبُوالحَسَنِ: «لَمْ يڪُن الَّذينَ ڪَفَرُوا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ وَ الْمُشْرِڪينَ مُنْفَڪّينَ حَتّي تَاتِيهُمُ الْبَينَةُ» [x] قال لَهُ: فَنَحْنُ ڪُفّارٌ؟ قالَ لا وَلڪِنْ ڪَما قالَ اللهُ:«اَلَمْ تَر اِلَي الَّذينَ بَدَّلُوا نِعْمَةَ اللهِ ڪُفْراً وَ اَحَلَّوُا قَوْمَهُمْ دارَ الْبَوارِ»[xi] فَغَضِبَ عِنْدَ ذلِڪَ وَ غَلُظَ عَلَيهِ [xii]

جڏهن امام ڪاظم A کي هارون جي سامهون پيش ڪيو ويو ته سندن وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو جو هڪ حصو هئين هئو

” هارون: هيءَ دنيا ڇا آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟

امام: دنيا اسان جي شيعن لاءِ سڪون جوسبب ۽ ٻين لاءِ امتحان جو مقام آهي.

هارون: ته پوءِ ان جو مالڪ  کيس پنهنجي هٿ ۾ نه ٿو وٺي؟

امام:جڏهن آباد هئي ته کائنس کسي وئي ۽ وري جڏهن آباد ٿيندي ته هوواپس وٺندو

هارون: توهان جا شيعا ڪٿي آهن؟

امام: جواب ۾ هن آيت جي تلاوت ڪئي: اهل ڪتاب ۽ مشرڪ ڪافر پنهنجي ڪفر تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هئا ايستائين جو انهن وٽ خدا طرفان واضح دليل آيو.

هارون: ان جو مطلب ته اسان ڪافر آهيون؟

امام: نه  پر ائين آهيو جيئن خدا فرمايو آهي : ”ڇا انهن کي نه ٿا ڏسو جن خدا جي نعمتن کي ڇڏي ڪري ڪفر اختيار ڪيو ،ڪيئن پنهنجي ماڻهن کي هلاڪت ۾ وجهي رهيا آهن“.

ان موقعي تي هارون ڪاوڙجي پيو ۽ امام سان سخت ورتاء ڪرڻ شروع ڪيائين.“

    هڪ ٻئي روايت ۾ صدوق نقل ڪري ٿو :

هڪ دفعي هارون ڪنهن شخص کي حڪم ڏنو ته فورا موسى بن جعفر Aکي مون وٽ وٺي اچ. جڏهن خليفي جو قاصد مديني ۾ امام وٽ پهتو ۽ کائنس گهر ڪيائين ته خليفي وٽ هلي ته امام فرمايو:

لَو لا اَنّي سَمِعت في خَبَرِ عَنْ جَدّي رَسُولِ اللهِ(ص) اَنَّ طاعَةَ السُّلْطانِ لِلتَّقِيةِ واجِبَةٌ اِذَا ماجِئْتُ.

جيڪڏهن نانا رسول الله جي هيءَ روايت نه ٻڌي هجيم ها ته : تقيي جي حالت ۾ بادشاهه جي اطاعت ضروري آهي ته هرگز نه هلان ها.

جڏهن امام وٽس پهتو ته هن پنهنجي ڪاوڙ لڪائي نرميءَ سان امام کان پڇيو ته اسان وٽ ڇونه ٿو اچين ته امام جواب ۾ چيو: سَعَةٌ مَمْلَڪَتِڪَ و حُبَّڪَ لِلدُّنْيا. تنهنجي سلطنت جي وسعت ۽ دنيا سان تنهنجي محبت،تو وٽ اچڻ کان مانع آهي. تنهن کانپوءِ هارون امامA کي ڪجهه تحفا ڏنا. امام A انهن کي قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ فرمايو:

وَ اللهِ لَولا اَنّي اَرى اَنْ اَتَزَوَّجَ بِها مِن عُذّابِ بَني ‌طالِبٍ لِئَلّا ينْقَطِعُ نَسْلُهُ اَبَداَ ما قَبِلْتُها.[xiii]

خدا جو قسم! جيڪڏهن ابوطالب جي خاندان جي ڇڙن جي شاديءَ جو فڪر نه هجي ها ته ـــ جيئن سندس نسل ختم نه ٿئي ـــ هرگز اهي تحفا قبول نه ڪيان ها.

روايتن جو ٻيون قسم:

امام A جي قيد ٿيڻ بابت مختلف روايتون آيون آهن جن مان سراسري طور اها خبر پوي ٿي ته هارون ،امام A کي ٻه دفعا قيد ڪيو. جن مان ٻيون دفعو 179هه کان 183هه تائين يعني چئن سالن تي محيط هئو جنهن جو خاتمو سندن شهادت جي صورت ۾ ٿيو. جڏهن ته پهرئين دفعي ۾ امام A گهڻو عرصو قيد رهيا روايتن ۾ ان بابت ڪا به نشاندهي نه ٿي آهي. امام جي ٻه دفعا قيد ۾ وڃڻ جو دليل مورّخن جي اشارن [xiv] کان علاوهه اهي روايتون آهن جيڪي هارون جي پهرئين قيد مان امام جي آزاد ٿيڻ کي بيان ڪن ٿيون،جن  کي تمام گهڻن راوين ذڪر ڪيو آهي.

        مسعودي  لکي ٿو:

عبدالله بن مالڪ خزاعي هارون جي گهرجو مسؤول ۽ پليس جو فرماندار هئو، چوي ٿو :

    هارون جو قاصد اهڙي وقت مون وٽ آيو جڏهن ڪير نه ايندو آهي ۽ مون کي ڪپڙن مٽائڻ جي مهلت به نه ڏنائين ،ان ئي حال ۾ هارون وٽ حاضر ڪيائين. جڏهن سلام ڪري ويٺس ته هر طرف طاري خاموشيءَ مونکي حيرت ۾ وڌو. اتي هارون مون کان پڇيو: ڇا تو کي خبر آهي ته توکي ڇو گهرايو اٿم؟ چيم: خدا جو قسم نه!

       هارون چيو : هن وقت خواب ڏٺو اٿم،هڪ حبشي تلوار کنيو بيٺو آهي ۽ چوي پيو ته جيڪڏهن هن ئي وقت موسى بن جعفر A کي آزاد نه ڪئي ته تنهنجو سر هن تلوار سان ڌار ڪندس. تنهن ڪري هن ئي وقت وڃي کيس آزاد ڪري 30 هزار درهم ڏئي کيس چئو: جيڪڏهن چاهي ته ڀلي هتي رهي، جيڪڏهن ڪا حاجت هجئي ته پوري ڪنداسين، جيڪڏهن مديني واپس وڃڻ چاهي ته سندس وڃڻ جو انتظام ڪر؟

       مون کي يقين نه آيو، تنهن ڪري ٽي فعا کائنس پڇيم: ڇا تون اهو حڪم ڏئي رهيو آهين ته موسى بن جعفرA کي آزاد ڪريان؟ هن ٽئي دفعا پنهنجي ڳالهه ورجائي.

      آءُ هارون وٽان ٻاهر نڪري سڌو زندان طرف آيس .جڏهن موسى بن جعفرA مون کي ڏٺو ته ان خيال سان ته مان کيس تڪليفون ڏيڻ لاءِ آيو آهيان پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺو. مون کين چيو ته مون کي حڪم مليو آهي ته توهان کي هن وقت ئي آزاد ڪري 30 هزار دهم ڏيان . منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪري  موسى بن جعفر A  چيو ته هن مهل خواب ۾ ناني رسول 1 کي ڏٺو اٿم، جيڪو چئي رهيو هئو: يا مُوسى حُبِسْتَ مَظْلُوماً (توکي بيگناهه قيد ۾ رکيو ويو آهي) هيءَ دعا پڙهه تون اڄ رات ئي هن زندان مان آزاد ٿيندي پوءِ اها دعا پڙهيائين. [xv]

     ان روايت جو ٻين تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيڻ، مورّخن وٽ ان جي مشهور هجڻ جو دليل آهي،جيتوڻيڪ انهن جي بيان۽ ڪجهه ماڻهن جي نالن ۾ فرق آهي. البته شيخ صدوق ان روايت کي وڌيڪ تفصيل سان ذڪر ڪريو آهي. [xvi]

هيءُ واقعو مهدي عباسي جي دور ۾ پيش ايندڙ واقعي جهڙو آهي اهل سنت جي ڪتابن ۾ ان جو ذڪر ٿيڻ،سندن مورّخن جو ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ جي نشاني آهي. جيئن پهريان به اشارو ٿي چڪو ته اڄ به بغداد جي ماڻهن جي دلين ۾ امام جون يادون موجود آهن ، سندن مزار انهن لاءِ به مقدس زيارتگاهه آهي ۽ امام انهن وٽ باب الحوائج جي نالي سان مشهور آهي.

    بهرحال ان روايت مان خبر پوي ٿي ته هارون رشيد، شيعن سان دشمنيءَ سان گڏ موسى ڪاظم A کان تمام گهڻو خطرو محسوس ڪندو هئو . فقط امام A جو تقيو ڪرڻ ۽ ڌمڪين وارا خواب ئي هئا ،جيڪي کين هارون جي شر امان ۾ رکن پيا.

   ليڪن نيٺ هڪ پاسي کان هارون کي امام طرفان پنهنجي حڪومت لاءِ محسوس ٿيندڙ خطرو ۽ امام سان سندس حسد ۽ ڪينو، ۽ ٻئي طرف کان شيعن وٽ امام جو عظيم مقام يعني امامت ۽ رهبري ۽ ڪجهه پنهنجن رشتيدارن جو ساڙ،ڪوڙ ۽ چغل خوري سبب ٿيو جو هارون جي امام سان دشمنيءَ ۾ بي پناهه اضافو ٿئي.  هتي اسان  انهن واقعن جو هڪ نمونو پيش ڪريون ٿا جيڪي سندن ٻيهر قيد ۾ وڃڻ جو سبب بڻيا.

حضرت امام حسن۽ حسين عليهما السلام جي رسول الله 1 جي فرزنديءَ جو مسئلو

حضرت محمد  1جو ان ڳالهه تي خاص تاڪيد ته امام حسن ۽ حسين عليه السلام کي سندس فرزند سمجهيو وڃي باعث ٿيو جو اهلبيت E جي لاءِ هڪ خاص عظمت ۽ عزت پيدا ٿئي .  جنهن ۾ خود رسول الله1 جي مرضي به هئي ته جيئن سندن آل اسلامي معاشري ۾ هڪ وڏو مقام پائي . رسول الله1کان  تمام گهڻيون روايتون جهڙوڪ حديث ثقلين، حديث سفينه ان موضوع بابت، شيعه توڙي سني ڪتابن ۾ذڪر ٿيون آهن.

حضرت امام حسن ۽ حسين عليهما السلام کي رسول الله جو فرزند سمجهيو وڃڻ، مسلمانن جو انهن ڏانهن توجه ۽ کين چڱي نموني سمجهڻ جو سبب بڻجي سگهي پيو. اهو ئي سبب آهي جو اهلبيت E جا دشمن ۽ مخالف هميشه ان رشتي کي ڪوڙو ڪرڻ جي پويان رهيا ۽ هميشه ڪوشش ڪندا رهيا ته  ـــــ اسلامي معاشري جي اڪثر شيعه توڙي سني ماڻهن جو کين رسول الله 1 جي فرزند طور قبول ڪرڻ باوجود ــــ انھن جي مخالفت ڪن، معاويو سخت تاءُ کائيندو هئو[xvii] جو امام حسن ۽ حسين A رسول الله1 جا فرزند سڏجن ۽ پوري ڪوشش ڪيائين ته جيئن ماڻهو کين علي A جا پٽ سمجهن. عمرو بن عاص کي به ان ڳالهه کان نفرت هئي،[xviii] حجاج کي جڏهن خبر پئي ته يحيى بن يعمر امام حسن ۽ حسين A کي رسول الله 1 جو فرزند سمجهي ٿو ته کيس خراسان کان گهرائي، مجبور ڪيائين ته ان ڳالهه کي قرآن مان ثابت ڪري. هن به قرآن مجيد مان سوره انعام جي 85 آيت پڙهي جيڪا حضرت عيسىA کي ابراهيمA جو فرزند ثابت ڪري پئي ڪري دليل ڏنس :

قرآن عيسى Aکي حضرت ابراهيم A جو فرزند سڏيو آهي، جڏهن ته هن جو سندس ماءُ ذريعي حضرت ابراهيمA سان رشتو هئو ته پوءِ امام حسن۽ حسين A رسول الله جا فرزند ڇو نه ٿا ٿي سگهن؟ [xix]

استاد جعفر مرتضى پنهنجي ڪتاب ”حيات سياسي امام حسن“ ۾ ان موضوع بابت وڌيڪ دليل ذڪر ڪيا آهن.[xx]

اهو مسئلو هارون جي  دور ۾ ۽ آل رسول E خاص ڪري امام ڪاظم A سان ملاقاتن ۾ به کليو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملاقات ۾ امام جو ان موضوع تي بيهڻ،سندن قيد ۾ پوڻ جو سبب ٿيو. هڪ روايت ۾ اچي ٿو هارون امام کان سوال ڪيو ته توهان ڪيئن ٿا چئو ته رسول الله1 جي آل آهيو؟ جڏهن ته رسول الله 1کي پٽاڻو اولاد ڪونه هئو ۽ توهان سندس ڌي جي اولاد مان آهيو؟

امام ع ان بابت ٻه دليل پيش ڪيا

1- سوره انعام جي 85 آيت جيڪا عيسى کي حضرت ابراهيم جو فرزند ڳڻي ٿي.

2- آيه مباهله  جنهن ۾ ”ابنائنا“ جا امام حسن ۽ حسين عليهما السلامظاهري نمونا هئا.[xxi]

اها ڳالهه عباسين کي تمام گهڻي ڏکي پئي لڳي ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي رسول الله 1 جا سوٽ ۽ وارثت جي قانون کي استعمال ڪندي پاڻ کي خلافت لاءِ ٻئي هر ڪنهن کان وڌيڪ مستحق سمجهن پيا .سندن دليل مطابق رسول الله ث جو چاچو عباس نبي سائين جي رحلت کانپوءِ به زنده هئو. تنھنڪري،ان جي هوندي ٻين چاچن جي اولاد جو حق نه پيو پڻجي،جئين مروان بن  ابي حفصه پنهنجي هڪ شعر ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي.

اَني يَکُونُ وَ لا يَکُونُ وَ لمْ يَکُن لِبَنيِ الْبَناتِ وَراثَةُ الْاَعمامِ

ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ نا ممڪن آهي ،نه ئي ڪڏهن ٿيو آهي جو چاچي جي هوندي ڪنهن جي ڌيءُ جو اولاد وارث ٿئي.

سندس انهن جي شعرن جي رد ۾ امام ڪاظم A سان منسوب شعر ذڪر ٿيا آهن.[xxii]

       البته شيعن وٽ امامت جي ثابت ٿيڻ لاءِ وراثت جي ڪا اهميت ناهي، بلڪه ان سلسلي ۾ رسول الله 1 طرفان بيان ٿيل حديثن ۽ پوءِ وقت جي امام پاران اڳين امام جي معين ڪرڻ بابت آيل صحيح روايتن کي دليل بڻائيندا هئا. جڏهن ته اهي بنو عباس هئا جيڪي خلافت کي فقط پنهنجي خاندان ۾ محدود ڪرڻ لاءِ وراثت جو سهارو وٺندا هئا.ان ئي سبب ڪري ڪوشش ڪندا هئا ته امام حسن،حسين عليهما السلام ۽ سندن اولاد کي آل رسول بجاءِ آل عليA ظاهر ڪن ته جيئن ان ذريعي سندس وراثت جي انڪار سان گڏ، ماڻهن وٽ سندن بي پناهه اهميت۽ احترام کي ختم ڪري سگهن.  

پوري يقين سان چئي سگهجي ٿو ان وقت ايران، شام ۽ يمن وغيره جي اهل سنت معاشرن تي علوي سادات جي روحاني حڪومت،انهن واضح  حديثن جي ڪري هئي جيڪي پيغمبر 1 پنهنجي اهلبيت E جي شان ۾ بيان ڪيون ۽ امام حسن ۽ حسينA کي ”ابنائنا“ جي لاءِ سامهون آندو.

   ابن اثير نقل ڪري ٿو ته :

هارون رشيد سن 179هه جي رمضان مهيني ۾ عمري جي نيت سان مڪي پئي ويو جو ان سفر دوران مديني آيو ۽ روضه رسول1 تي حاضري ڀريائين . ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ کين رسول الله1 سان پنهنجو رشتو جتائڻ لاءِ هيئن سلام ڪيائين:السَّلامُ عَلَيْکَ يا رَسُولَ اللهِ يَا بْنَ عَمِّ (منهنجو سلام هجي توتي اي سوٽ رسول الله1) اتي حضرت امام موسى ڪاظمA اڳتي وڌي ڪري پنهنجي نانا  جي زيارت ڪئي ۽ چيائين : السَّلامُ عَليْکَ يا اَبَةِ (اي منهنجا بابا توتي سلام). اهو جملو ٻڌي هارون جي منهن جو رنگ مٽجي ويو .هن امام ڪاظمAکي مخاطب ٿي چيو: هذا الْفَخْرُيا اَبَالْحَسَنِ جِدّاً (اهو حقيقي فخر آهي  اي ابوالحسن) .پوءِ سندن گرفتاريءَ جو حڪم ڏنائين[xxiii]

يافعي ان واقعي کي مختصر صورت ۾ ذڪر ڪيو آهي . [xxiv]

       هارون پوءِ يحيى بن جعفر ڏانهن منهن ڪري چيو: اُشْهِدُ اَنَّه اَبُوهُ حَقاً. (بيشڪ اعتراف ڪيان ٿو ته رسول الله 1 سندس پيءُ آهي.) [xxv]

      هارون  جي اها گفتار اعتراف هئو ته سندس خاندان جي خلافت صحيح ناهي جو جيڪا وراثت جي بنياد تي ورتي وئي هئي.۽ اعتراف هئو ته حضرت زهرا J جي آل،رسول الله 1 جا فرزند آهن.

      جڏهن ته ان واقعي کانپوءِ امام جو قيد ٿيڻ ٻڌائي ٿو ته امام جو اهو ڪم هارون خلاف سياستي اقدام سمجهيو ويو.۽ امام A جا اهڙا ڪم هارون لاءِ خطرناڪ هئا.



[i] - تاريخ فخري ص 221م222 ، ترجمه گلپيگاني

[ii] - مناقب ج2 ص 379 ، مسند الامام الکاظم ج 1 ص 51،52

[iii] -سوره محمد آيت 47

[iv] - حياة الامام موسى بن جعفر ج1 ص454، تاريخ بغداد ج 13 ص 30 ،وفيات الاعيان ج5 ص308

[v] - التهذيب ج4 ص 304

[vi] - حياة الامام موسى بن جعفر ج1 ص 472

[vii] - ڏسو ڪتاب عيون اخبار الرضا ج 1 ص79

[viii] - مقاتل الطالبين ص 298،297

[ix] - ساڳيو ص 302

[x] -  سوره بينه آيت1

[xi] - سوره ابراهيم آيه 28

[xii] - ڏسو ڪتاب اختصاص ص262 ،تفسير عياشي ج2 ص 230

[xiii] - عيون اخبار الرضا ج1 ص93

[xiv] - ڏسو ڪتاب عيون اخبار الرضا ج1 ص 93

[xv] - مروج الذهب ج 3 ص356، شذرات الذهب ج1 ص 304

[xvi] - عيون اخبار الرضا ج1 ص373، امالي صدوق 226

[xvii] - کشف الغمه ج2 ص 176

[xviii] - شرح نهج البلاغه  ابن ابي الحديد ج20 ص 334

[xix] - وفيات الاعيان ج 6ص 174 تفسير ابن ڪثير ج2 ص155، درّ المنثور ج3 ص28

[xx] - حياة السياسية للامام الحسن  ص 34،35

[xxi] - نور الابصار ص 148.149. الصوائق المحرقه ص 203، ينابع المودة ص 435

[xxii] - الاحتجاج ج2 ص 167

[xxiii] - ابن اثير ج6 ص164 ،احتجاج ج2 ص165الصوائق المحرقه 204

[xxiv] - مرآة الجنان ج1 ص 395

[xxv] - کامل الزيارات ص18 ، اصول کافي ج4 ص 553