Get Adobe Flash player

تاليف:حضرت آيت الله العظمى جعفر سبحاني (دامت برڪاته)

قرآن مجيد جي تفسير جو صحيح طريقو(1)

قرآن مجيد جي تفسير جو صحيح طريقو(2)

9.اڳواٽ راءِ قائم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ

    اڳواٽ راءِ قائم ڪري قرآني آيتن جي تفسير ڪرڻ، هڪ وڏو مسئلو آهي. هڪ شخص پنهنجي پهريان قائم ڪيل راءِ، عقيدي ۽ سوچ سان قرآني آيتن جو ان مقصد سان ڏسي ٿومطالعو ڪري ٿو

ته پنهنجي راءِ بابت دليل هٿ ڪري.اهڙو ماڻهو قرآن مجيد جي حقيقي مقصدن کان آگاهي نه ٿو حاصل ڪري سگهي.

هڪ مفسر کي گهرجي ته غير جانبدار ٿي ۽ اڳواٽ راء قائم ڪرڻ کانسواءِ قرآني آيتن کي ڏسي ته جيئن ان جي مقصدن کي سمجهي.ڇاڪاڻ ته اڳواٽ قائم ڪيل هر قسم جي راءِ وڏو پردو آهي جيڪو قرآن جي مقصدن ۽ مفسر جي وچ ۾ اچي ٿو.۽ سبب بڻجي ٿو ته مفسر بجاء ان جي جو عقيدو قرآن کان وٺي ، پنهنجو عقيدو ان تي مڙهي،قرآن جي شاگرديءَ بجاءِ استادي ڪري.

سڀني اسلامي محدثن رسول الله (ص) جي نقل ڪئي آهي ته فرمايائون:

منۡ فسّر القرآن برايه فلۡيتبوَّء مقعده من النّار

جيڪو پنهنجي راءِ مطابق قرآن جي تفسير ڪندوسندس ٺڪاڻو جهنم هوندو

تفسير بالراي مٿي گذري ويل بيان کانسواء ڪجهه ناهي .

   هڪ آيت جي ٻئي آيت ذريعي تاويل ڪرڻ جئين هڪ منجهيل آيت جي واضح آيت ذريعي تشريح ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب ناهي۽ نه ئي ان کي تفسير بالراي چيو وڃي ٿو.بلڪه اها قرآن جي قرآن ذريعي تشريح آهي .ان جي وڌيڪ وضاحت ”قرآن جي تاويل“ واري  بحث ۾ ڪنداسين

    بلڪه جنهن شيء کان روڪيو ويو اهي اها هيءَ آهي ته هڪ آيت کي ٻئي ڪنهن آيت يا قطعي حديث جي مدد کانسواءِ پنهنجي اڳواٽ قائم ٿيل عقيدي تي اهڙي نموني فٽ ڪيون جو جيڪڏهن اسان جو اهو عقيدو نه هجي ها ته هرگز ان آيت جي تفسير ان مطابق نه ڪريون ها.

    گذريل دور ۾ باطنيه ،صوفين ۽ ڪجهه گمراهه فرقن سميت اڄڪلهه به ڪجهه گروهه قرآن جي آيتن سان راند کيڏندي انهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق تفسير ڪن ٿا  ۽ پنهنجي گمراهيءَ سان گڏ ٻين جي گمراهه ٿيڻ جي راهه هموار ڪن ٿا. اسان هتي هڪ ننڍڙو مثال ذڪر ڪريون ٿا:

مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ، بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيَانِ ،فَبِاَيِّ آلَاءِ رَبِّڪُمَا تُڪَذِّبَانِ يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَالْمَرْجَانُ [i]

ٻن دريائن کي گڏي وهايائين،جن جي وچ ۾ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي اڳرائي نه ٿا ڪن.الله جي ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ،انهن ٻنهي دريائن مان لعل ۽ مرجان نڪرن ٿا.

هن آيت ۾ هيٺين شين جي باري ۾ گفتگو ٿي آهي

1. ٻه درياء گڏجي وهن ٿا

2.انهن جي وچ ۾ پردو آهي جو پاڻ ملن نه ٿا

3.انهن دريائن مان جواهر جهڙوڪ لعل ۽ مرجان نڪرن ٿا.

انهن ٻنهي دريائن مان مراد  لعل ۽ مرجان نڪرڻ جي اشاري جي بنياد تي ٻن مختلف قسمن جا پاڻي آهن. جيڪي دنيا جي ڪنهن مقام تي گڏجن ٿا پر پاڻ ۾ ملن نه ٿا. انهن ٻنهي پاڻين ۾ فرق مٺي ۽ کاري يا شفاف يا ميري هجڻ جي لحاظ کان ئي ٿي سگهي ٿو .

هاڻي اهو طبيعي منظر دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ۽ ڪهڙن ٻن دريائن ۾ آهي؟ هن وقت اسان لاءِ معلوم ناهي.

فلسفي ۽ عرفان ۾ غرق محيي الدين عربي. جڏهن ان آيت جي تفسير ڪري ٿو.ته پنهنجي فلسفي ۽ عرفاني سوچ کي ذهن ۾ رکندي چوي ٿو:

” کاري ۽ ميري درياء “ مان مراد جسماني ۽ مادي ڪم آهن جڏهن ته ”شفاف ۽ مٺي درياء“ مان مراد روح آهي .اهي ٻئي انسان جي وجود ۾ گڏجي ويا آهن.جڏهن ته نفس حيواني ان ٻنهي جي وچ وارو پردو آهي جيڪو جيڪڏهن تقوى ۽ پاڪيزگي ۾ انسان جي روح تائين نه پهچي تب پليدي۽ ڪيني پروريءَ ۾ جسمن کان مٿي آهي.جڏهن ته ان حال ۾ به اهي ٻئي  هڪٻئي جي حدن کي پار نه ٿا ڪن. نه روح جسم کي عالم تجرد ۾ آڻي سگهي ٿو نه بدن روح کي مادي جي حالت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. [ii]

  هيءُ مثال اسان کي(تفسير بالراي) جي جي حقيقت ۽ اڳواٽ راءِ قائم ڪري تفسير ڪرڻ جي نقصانن کان آشنا ڪري ٿو.

10-  علمي،فلسفي۽ عقيدتي نظرين کان آگاهي

      علمي،فلسفي۽ عقيدتي نظرين کان آگاهي حاصل ڪرڻ انسان جي ذهن جي وسعت ۽ قرآن جي املهه مفهومن تائين پهچڻ جو وسيلو بڻجي ٿو.

       جتي هڪ پاسي تفسير بالراي ۽ پنهنجي پهرين عقيدن جي صحت لاءِ قرآن جي تفسير کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. اتي ٻئي پاسي توحيد، صفات و افعال خداوندي  ۽  خدا ۽ قيامت سان مربوط ٻين مسئلن بابت اسلامي فلفسي دانشورنن جي نظرين کان آگاهي حاصل ڪرڻ .اهڙي طرح مادي ۽ طبيعت بابت بشري علمن کان آگاهي انسان جي سوچ جي وسعت ۽ مضبوطيءَ جو سبب بڻجي ٿي، جنهن ذريعي انسان قرآن مجيد مان  بهتر نموني فيضياب ٿي سگهي ٿو.

     اڄوڪي جديد دور ۾ انسان، حيوان، زمين ۽ ڪائنات جي باري ۾ ڪيترئي نئين معلومات سامهون آئي آهي ،نفسياتي ۽ اجتماعي علمن تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اهو نٿو چئي سگهجي ته اهي سڀ نظريا درست آهي،ليڪن تنهن هوندي به انهن جو ڄاڻڻ مفسر جي دماغي قوّت،ذهني صلاحيت جي وسعت سان گڏوگڏ کيس اهڙي طاقت عطا ڪري ٿو،جنهن سان انسان بهتر فائدو وٺي سگهي ٿو.

سوره حديد جون پهريون ڇهه آيتون اسان جي ڳالهه جو بهترين دليل آهن جن مان فقط ٻه آيتون بطور مثال ذڪر ڪريون ٿا

   هُوَ الْاَوَّلُ وَالْآخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ وَهُوَ بِڪُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ هُوَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْاَرْضَ فِي سِتَّةِ اَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَىٰ عَلَى الْعَرْشِ يَعْلَمُ مَا يَلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنزِلُ مِنَ السَّمَاءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيهَا وَهُوَ مَعَڪُمْ اَيْنَ مَا ڪُنتُمْ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ

اهو ئي ازلي ۽ ابدي،پڌرو ۽ڳجهو آهي .هو هر شيءِ جو ڄاڻو آهي.اهو ئي آهي جنهن زمين آسمان کي ڇهن ڏينهن ۾ خلقيو،پوءِ عرش ڏانهن متوجه ٿيو.هو ڄاڻي ٿو هر ان شيء بابت جيڪا زمين ۾اندر وڃي ٿي ۽ ان مان ٻاهر اچي ٿي ۽ جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي يا ان ڏانهن عروج ڪري ٿي. جٿي به هجو الله توهان سان گڏ آهي ۽ جيڪو ڪجهه اوهان ڪريو ٿا ان کي ڏسندڙ آهي.

  جيڪي علمي ،فلسفي۽ عقيدتي ڳالهيون انهن ٻن آيتن ۾ بيان ٿيون آهن. اهي ايتريون ته اعلى آهن جو انهن ٻن آيتن ۽ انهن کان پهريان آيل چئن آيتن جي باري ۾ امام سجاد عليه السلام فرمائن ٿا.

نزلت للمتعمقين في آخرالزمان

آخري زماني جي محقق دانشورن لاءِ نازل ٿيون آهن

   ڪوبه منصف مزاج ماڻهو اها دعوى نه ٿو ڪري سگهي ته فقط عربي ٻوليءَ جي ادبي علمن جو سکڻ،انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي(جيڪي مٿين آيتن ۾ذڪر ٿيا آهن).ان دعوى جي غلط هجڻ جو دليل هيءُ آهي ته جڏهن به اسان انهن آيتن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪنداسين تب انهن جو مونجهارو ۽ پيچيدگي باقي رهي ٿي.

    جڏهن ته  اسلامي دانشورن جيڪو ڪجهه الله سائين جي وجودي ۽ علمي وسعت جي باري ۾ بيان ڪيو آهي تنهن جو ڄاڻڻ انسان جي ذهن جي وسعت جو سبب ٿئي ٿو ۽ سبب ٿئي ٿو ته هو آيت جي مفهوم کي بهتر نموني سمهجي.

     هڪ اڻ ڄاڻ ۽ جاهل ماڻهو هرگز:(وَهُوَ مَعَڪُمْ اَيْنَ مَا ڪُنتُمْ ) واري جملي جي حقيقت کي سمجهي نه ٿو سگهي.اسلامي معرفتي علمن ۾ مهارت نه رکندڙ انسان هرگز ” هُوَ الْاَوَّلُ وَالْآخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ “ جو ادراڪ نه ٿو ڪري سگهي.

   البته اسان جي مراد اها ناهي ته اسان اسلامي يا يوناني فلسفي يا ٻين جديد علمن جي ذريعي قرآن جي تفسير ڪريون ۽ قرآن کي انهن نظرين تي فٽ ڪريون جن ۾ خطا جو امڪان موجود آهي .ڇاڪاڻ ته اهو ڪم تفسير بالراي آهي جيڪو عقل ۽ شرع مطابق حرام آهي. بلڪه اسان جو مقصد اهو آهي ته اهڙي قسم جي آگاهي اسان جي ذهني قدرت ۽ صلاحيت کي وڌائي ٿي ته جئين قرآن جي مفهوم ۽ مقصد کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهون.

   اڄ اجتماعي ۽ نفسياتي علمن جي ماهرن جي انسان بابت ٿيل تحقيق،يا فزڪس جي ماهرن جي زمين ۽ ڪائنات بابت ٿيل تحقيقن قرآن جي تفسير لاءِ نوان ميدان فراهم ڪيا آهن ۽ اڄ  جي انسانن کي اها صلاحيت ڏني آهي ته اهي قرآن مجيد کي هڪ نئين سوچ ۽ سمجهه سان ڏسن ۽ پرکين.

اتي امام رضا عليه السلام جي هن قول جي اهميت جي خبر پوي ٿي جيڪو پاڻ ان شخص جي جواب ۾ فرمايو جنهن کائن سوال ڪيو:

ما بال القرآن لايزداد عندالنشر والدرس الاّ غضاضة

قرآن مجيد جي آيتن جي تحقيق ۾ هميشه تازگي ۽ نواڻ ڇو ايندي آهي؟

امام کيس فرمايو: انّ الله تعالى لم يجعله لزمان دون زمان ولا لناس دون ناس فهو لکل زمان جديد و عند ڪل قوم غضّ طريّ الى يوم القيامة [iii]

الله سائين قرآن کي فقط هڪ زماني يا هڪ خاص قوم لاءِ ناهي موڪليو.تنهن ڪري قرآن هر زماني ۾ تازو ۽ قيامت تائين هر قوم لاءِ تازگي ۽ نواڻ رکي ٿو.

        شايد اهو ئي سبب آهي جو  قرآن مجيد جو مشهور مفسر ابن عباس چوي ٿو:

القرآن يفسره الزمان

قرآن جي تفسير وقت (زمانو) ڪندو آهي

زماني مان مراد جديد ۽ نوان نوان نظريا آهن جيڪي انساني معاشري جي مخلتف حصن ۾ ترقيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿين ٿا. ۽ قرآن جي مفسر کي هڪ نئين نظر ڏين ٿا.جن جي نتيجي ۾ قرآن مان اهڙا موضوع به نڪري اچن ٿا جيڪي پهريان گذريل مفسرن جي گمان ۾ به نه هئا.

11.اسلام جي شروعاتي دور کان آگاهي

    هتي اسان جو مقصد اهو بيان ڪرڻ آهي ته مفسر کي رسول الله (ص) جي اعلان نبوت ،خاص ڪري هجرت کانپوءِ وارن انهن واقعن کان آگاهه هجڻ گهرجي جن جي باري ۾ ڪيتريون ئي قرآني آيتون آيون آهن جهڙوڪ جنگين جي تاريخ .ڇاڪاڻ ته اها معلومات انهن آيتن جي تفسير ۾ مددگار آهي.

 قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون، جنگ ” بدر“، ”احد“، ”خندق“، ”بني مصطلق“، ”صلح حديبيه“، ”فتح مڪه“ ۽ يهودي قبيلي بنو نضير و... جي باري ۾ آيون آهن . انهن واقعن جي تاريخي پس منظر کان آگاهي اسان جي لاءِ انهن سان مربوط آيتن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ ۾ مددگار آهي. ان ضرورت کي هرمفسر ڪاملا محسوس ڪري ٿو.

       ان مقام اهڙن صحيح تاريخي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ گهرجي جن کي غيرجانبدار اسلامي مورّخن لکيو آهي.جڏهن ته علمي طريقي سان درست ۽نادرست تاريخن کي سڃاڻي سگهجي ٿو.جيتوڻيڪ انهن تاريخن ۾ ڪجهه اهڙيون غلط ڳالهيون به موجود آهن جيڪي نه اسلامي عقيدن سان سازگار آهن نه ئي قرآن مجيد جي آيتن سان.البته هڪ محقق تاريخ شناسيءَ جي اصولن ذريعي حق کي باطل کان جدا ڪري سگهي ٿو.

      ان موضوع بابت ابن هشام جو ڪتاب سيرة النبي، مسعوديءَ جو مروج الذهب،مقريزي جوامتاع الاسماع،ابن اثير جيو الڪامل ڪتابن  بهتر آهن. جيتوڻيڪ انهن ڪتابن جي سئو سيڪڙو درست هجڻ جي ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به موجود آهن جن کي عقل ۽ شرع رد ڪري ٿي.مثال طور ابن اثير ڪتاب الڪامل ۾ جڏهن زيد ۽ ان جي گهرواريءَ زينب جي واقعي وٽ پهچي ٿو ته اهڙي ڳالهه ڳالهه ڪري ٿو جيڪا دشمنن جي ٺهيل ۽ ڪوڙي آهي [iv]

       يا وري مڪي تي اصحاب فيل جي حملي ۽ ابابيلن وسيلي سندن نابوديءَ واري واقعي ۾ اهڙي تاريخ بيان ڪري ٿو جيڪا خود قرآن جي خلاف آهي.[v]

سيره ابن هشام رسول الله جي سيرت بابت لکيل ڪتابن ۾ بهترين ڪتاب آهي جيڪا حقيقت ۾ ابن اسحاق جي سيرت نبي تي لکيل ڪتاب جو خلاصو آهي.حيف جو اهو ڪتاب اڄ اسان وٽ موجود ناهي . جيڪڏهن اسلامي دانشور پوري دنيا جي مخلتف ڪتابخانن مان ان ڪتاب جا نسخا گڏ ڪري ان جي تحقيق کانپوءِ ڇپرائن ته رسول الله جي سيرت بابت نيون ڳالهيون ملي سگهن ٿيون جيڪي سيره ابن هشام ۾ ذڪر نه ٿيون آهن. خاص ڪري ان لحاظ کان به ٻنهي ڪتابن ۾ فرق ايندو جو ابن اسحاق شيعه هئو جڏهن ته ابن هشام ان جي ڪتاب جو خلاصو ڪندڙ سني هئو۽ ٻنهي ۾عقيدي جو اختلاف هئو.

12.گذريل نبين جي قصن ۽ زندگين بابت آگاهي

   قرآن مجيد جي آيتن جو هڪ وڏو حصو گذريل نبين جي تاريخ سان مربوط آهي جيڪي اسان کي استقامت ۽ ظالمن ۽ جابرن سان مقابلو ڪرڻ جا گر سيکارين ٿا.

”عاد“ ۽ ”ثمود“ جهڙين قومن جي زندگيءَ بابت آگاهي يا ”بابل“ جي ظالمن ۽ ”مصر“ جي فرعونن جي طاقت کان آگاهي .اسان کي حضرت هود،صالح،ابراهيم ۽ موسى عليه السلام جي جدوجهد جي باري ۾ آيل آيتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي.

      بني اسرائيل جي نبين خاص ڪري حضرت ”داود“ ۽ ”سليمان“  جي زندگيءَ بابت معلومات ڪيترين ئي آيتن کي واضح ڪري ٿي.

     انهن نبين بابت آيل آيتن جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جي ڳالهه جي سچائي معلوم ٿي ويندي.البته اتي به احتياط جي دامن کي نه ڇڏجي ۽ صحيح تاريخ کي غلط تاريخ کان سڃاڻجي. خاص ڪري بني اسرائيل جي نبين بابت احتياط ڪجي ڇاڪاڻ ته انهن بابت يهودين ۽ عيسائين جون هٿ گهڙيل جعلي روايتون تمام گهڻيون آهن جن کي اسرائيليات چئجي ٿو.

13. قرآن جي نازل ٿيڻ واري ماحول کان آگاهي

       قرٓآن مجيد هڪ اهڙي معاشري ۾ نازل ٿيو آهي جتان جا ماڻهو هڪ خاص قسم جي زندگي گذارين پيا. قرآن مجيد جون ڪجهه آيتون سندن زندگيءَ جي رسمن ۽ رواجن کي بيان ڪرڻ سان گڏ انهن تي تنقيد ڪن ٿيون. تنهن ڪري هڪ مفسر لاءِ لازم آهي ته  عرب معاشري ۾ اسلام جي اچڻ کان پهريان ۽ پوءِ واري زندگيءَ کان ايترو آگاهه هجي جو انهن سان مربوط آيتن کي سمجهي سگهي.

   مثلا قرآن مجيد، ڪجهه موضوعن - جهڙوڪ ”ازلام“، مشرڪن جي بتن جهڙوڪ ”ود“،”سواع“،”يغوث“،”يعوق“ ۽ ”نسر“ ۽ سندن غلط رسمن جهڙوڪ ”نياڻين کي دفن ڪرڻ“ ۽ ”يتيمن سان سندن ناروا سلوڪ “۽ اهڙن ٻين ڪيترئي موضوعن بابت جيڪي اسلام جي اچڻ کان پهريان عرب معاشري ۾ پاتا ويندا هئا - گفتگو ڪئي آهي. لهذا ان حصي جي آيتن جي مڪمل تشريح تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ان ماحول،معاشري جو مطالعو ڪيو وڃي جنهن ۾ قرآن نازل ٿيو آهي.

  ڪڏهن ڪڏهن قرآن مجيد هڪ مسئلي کي پهاڪي يا چوڻي ذريعي بيان ڪري ٿو جنهن جي حقيقت اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا جيڪي ان ماحول ۾ رهيا هجن .مثلا قرآن مجيد هڪ جاءِ تي اهڙي چوڻي پيش ڪئي آهي جنهن کي فقط اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا جن کي بياباني زندگيءَ جو تجربو هجي.

وَالَّذِينَ ڪَفَرُوا اَعْمَالُهُمْ ڪَسَرَابٍ بِقِيعَةٍ يَحْسَبُهُ الظَّمْآنُ مَاءً

ڪافرن جا عمل ان رُڃَ وانگر آهن جن کي اڃو شخص پاڻي سمجهي ٿو

”بقيعة“ ۽”سراب“  ۽ ان (رُڃَ کي پاڻي سمجهڻ) واري چوڻي کي حقيقي نموني اهو شخص سمجهي سگهي ٿو جنهن بيابان جي زندگي گذاري هجي .ليڪن جيڪو شخص هميشه درياءَ جي ويجهو،سرسبز جڳهين تي زندگي گذاري هجي ان لاءِ ان پهاڪي ۽ چوڻيءَکي سمجهڻ آسان ناهي.

14. مڪي ۽ مديني آيتن جي سڃاڻپ

جنهن وقت ۾ قرآن مجيد جون آيتون نازل ٿيون آهن .ان جي لحاظ کان آيتن جا ٻه قسم ٿين ٿا

1. مڪي:جيڪي پاڻ سڳورن (ص)جي مديني طرف هجرت کان پهريان نازل ٿيون آهن

2.مدني: جيڪي پاڻ سڳورن (ص)جي مديني طرف هجرت کان بعد نازل ٿيون آهن

مڪي آيتن جو لهجو مديني آيتن کان مختلف آهي. ڇاڪاڻ ته مڪي آيتون انهن حالتن ۾ آيون آهن،جڏهن مسلمان مذهبي سرگرميون لڪل هيون ۽ اهي ڪافرن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي جي پوزيشن ۾ نه هئا. سندن زندگيءَ جا حالات اهڙا نه هئا جو نماز،روزي،زڪوات،خمس ،جهاد جهڙن فريضن کي کليو کلايو انجام ڏئي سگهجي . تنهن ڪري هن قسم جي اڪثر آيتن ۾ مشرڪن سان خطاب ڪيو ويو آهي. يا اسلامي عقيدن کي بيان ڪيو ويو آهي.جڏهن ته مديني جا حالات ٻيا هئا .مناسب حالات پيش اچڻ ڪري مسلمان هڪ وڏي طاقت جي صورت ۾ ظاهر ٿيا هئا. شرعي فرضن جي بيان ۽ عمل جي راهه هموار ٿي وئي هئي.تنهن ڪري.شرعي حڪمن جهڙوڪ نماز ،روزو ، زڪوات، جهاد جي باري ۾ آيتون مديني ۾ نازل ٿيون.

     انهن ٻنهي قسمن جي آيتن جي سڃاڻپ،انهن آيتن جي مضمون کي سمجهڻ ۾ مددگار آهن.مثال طور ٿي سگهي ٿو هڪ ماڻهو مڪي ۽ مديني آيتن جي سڃاڻپ نه رکڻ جي ڪري چوي ته ”الاّ المود‌ّة في القربى“ واري آيت اهليبيت ع جي شان ۾ نازل نه ٿئي ڇاڪاڻ ته اها مڪي سورة ۾ هجڻ سبب مڪي ۾ نازل ٿي آهي.لهذا اها دعوى غلط آهي. ليڪن جيڪڏهن مڪي ۽ مدني آيتن جي سڃاڻپ بابت لکيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي ته خبر پوندي سورت جو مڪي هجڻ دليل ناهي ته ان جو سڀ آيتون مڪي يا سورت جو مدني هجڻ دليل ناهي ته ان جون سڀ آيتون مدني هجن بلڪه مڪي سورتن ۾ مدني ۽ مدني سورتن ۾ مڪي آيتون به موجود آهن. خاص ڪري اهي مفسر جيڪي سوره شورى کي مڪي سمجهن ٿا سي به هن آيت ۽ ڪجهه ٻين آيتن کي مدني سمجهن ٿا.

  هي چوڏنهن قاعدا ”قرآن مجيد جي صحيح تفسير“  جا بنيادي اصول آهن، جن مان ڪن کي خاص اهميت حاصل آهي .جيتوڻيڪ انهن مان ڪجهه کي ٻين سان ملائي سگهجي ٿو جيئن اسلام جي تاريخ۽ نبين جي حالات کان آگاهيءَ کي آيتن جي شان نزول سان ملائي سگهجي ٿو. ليڪن اسان تفصيلي سمجهاڻيءَ لاءِ انهن کي جدا جدا بيان ڪيو آهي.

حوالا  ..........



[i] - رحمن 19 تا 22

[ii] - تفسير ابن عربي ج 2 ص 280

[iii] - هاشم بحراني ،ج1 ص 28

[iv]  - ابن اثير ج 2 ص 263

[v] - ساڳيو،ج1 ص263