Get Adobe Flash player

تاليف:حضرت آيت الله العظمى جعفر سبحاني (دامت برڪاته)

 قرآن مجيد جي تفسير جو صحيح طريقو(1)

5- قرآن جي صحيح حديث سان تفسير

    قرآن مجيد جون ڪجهه آيتون شرعي حڪمن سان تعلق رکن ٿيون يعني اهي آيتون جيڪي ماڻهن جي عملن ۽ ڪمن متعلق  الله سائين جا

حڪم بيان ڪن ٿيون جن کي ” آيات الاحڪام“ چئبو آهي. قرآن مجيد ۾ اهڙين آيتن جو انگ گهٽ ناهي ايستائين جو ڪن ان کي 500 تائين ٻڌايو آهي جيتوڻيڪ انهن جو مقدار 500 کان گهٽ آهي .

انهن آيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ، سنت ۽ صحيح حديثن ڏانهن رجوع ڪرڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. ڇاڪاڻ ته اڪثر اهڙين آيتن ۾ سراسري ۽ عمومي طور بيان ڪيا ويندا آهن پوءِ  الله جي رسول (ص) ۽ سندس جانشينن جي حديث ذريعي انهن ۾ ترميم ڪئي ويندي آهي ٿه جيئن قيد۽ تخصيص هڻي ڪجهه موردن کي جدا ڪيو وڃي. لهذا انهن آيتن جي تفسير ڪرڻ  مهل ان ترميمن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو جيڪي قيد يا تخصيص ذريعي حديثن ۾ بيان ٿيون آهن .مسئلو واضح ٿيڻ لاءِ تفصيل پيش ڪريون ٿا.

الف: قرآن مجيد ۾ ڪجهه اهڙا موضوع به آيا آهن.جن جي وضاحت سواءِ نبي سائين جي سنت ۽ مسلمانن جي اجتماعي سيرت کانسواءِ ممڪن ناهي جهڙوڪ نماز،روزي ،حج ،زڪوات ، وغيره کي قرآن واجب ڪيو آهي ليڪن انهن جي انجام ڏيڻ بابت ڪابه وضاحت نه ڪئي اٿس .جنهن ڪري اسان مجبور آهيون ته انهن جي خاصيتن ڄاڻڻ لاءِ اسلامي حديثن ۽ مسلمانن جي سيرت ڏانهن رجوع ڪريون  ته اهي انهن کي ڪيئن انجام ڏئي رهيا آهن. لهذا انهن آيتن جي تفسير قرآن ۽ سنت جي مدد کانسواءِ ناممڪن شيءِ آهي.

ب: قرآن مجيد ۾ ڪجهه سراسري ۽ عمومي حڪم آيا آهن جن کي رسول الله ۽ ان جي برحق جانشينن جي ڪلام ان ۾ ترميم ڪئي ويندي آهي .ان کي قيد ۽ تخصيص هڻي ڪجهه صورتن کي جدا ڪيو آهي.


   اها رسم  نه فقط قرآن  ۾ بلڪه دنياوي قانون ساز ادارن ۾ به جاري رهي آهي ته پهريان عمومي ۽ سراسري قانون يا حڪم جوڙيا ويندا آهن پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جتي جتي به انهن جو اجراء ممڪن ناهي  ترميمي بل آڻي ان ۾ ترميم ڪئي ويندي آهي ۽ ڪجهه صورتن کي جدا ڪيو ويندو آهي .البته قرآن مجيد ۽ دنياوي قانونن جي وچ ۾ هڪ بنيادي فرق موجود آهي اهو هيءُ ته دنياوي قانون ۾، ڪنهن حڪم ۾ ترميم جو سبب انسان جي معلومات جو محدود هجڻ آهي .جنهن کي مستقبل جي خبر ناهي هوندي پوءِ جئين جيئن وقت گذرڻ سان مسئله پيش ايندا آهن ترميم به ٿيندي رهندي آهي. ليڪن الاهي قانونن ۾ ترميم جو سبب معلومات جو محدود هجڻ ناهي بلڪه الله سائين قانون ۽ ان ۾ ترميمن جي ضرورت کان اڳواٽ واقف هوندو آهي ليڪن ڪڏهن ڪڏهن اجتماعي مصلحت ان ڳالهه جي تقاضا ڪندي آهي ته قانون خاصيتن ۽ ترميمن کي مرحلي وار ۽ تدريجي بيان ڪيو وڃي. ۽ سڀ مسئلا هڪ ئي دفعي بيان نه ٿين .

مثال طور قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته (وَحَرَّمَ الرِّبَا) الله وياج ڏيڻ ۽ وٺڻ کي حرام ڪيو آهي ليڪن رسول الله (ص) فرمائن ٿا ته جيڪڏهن پيءُ پٽ يا زال مڙس هڪٻئي ڳالهه وياج وٺن ته مسئلو ناهي. ڇاڪاڻ ته انهن جاين تي ٻنهي طرفن جي ملڪيت هڪ هجڻ يا ٻنهي طرفن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق هجڻ سبب وياج وٺڻ ظلم جي دائري ۾ شمار نه ٿو اچي [i] لهذا حلال سمجهيو وڃي ٿو.

        اسان تي فرض آهي ته قرآن جو حڪم مڃندي  وَمَا آتَاڪُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاڪُمْ عَنْهُ فَانتَهُوا [ii]انهن سڀني حڪمن کي وٺون جيڪي رسول آندا ۽ انهن سڀني ڪمن کي انجام نه ڏيون جن کان رسول حرام ڪيو آهي

هاڻي جيڪڏهن هڪ مفسر آيات الاحڪام جي تفسير لاءِ - جن جو تعداد گهٽ ناهي-خود قرآن کي ڪافي سمجهي ۽ حديث ڏانهن رجوع نه ڪري ته قرآن جي مٿين آيت کي نظرانداز ڪندي ان جي مخالفت ڪئي اٿائين

     شرعي حڪمن تي مشتمل  انهن آيتن جي سنت ۽ حديث ذريعي وضاحت ۽ تفسير جي شديد ضرورت اسلامي فقيهن کي مجبور ڪيو ته انهن آيتن کي قرآن کان جدا ڪري عليحده تفسير ڪن ۽ انهن جي باري ۾ جدا جدا ڪتاب . ان موضوع بابت ڪيترائي مفيد ڪتاب تاليف لکجي چڪا آهن جن۾ جصاص،جزائري.اردبيلي  فاضل مقداد جا آيات الاحڪام بهترين ڪتاب آهن

وڌيڪ وضاحت لاءِ ٻه مثال بيان ڪريون ٿا.

1. قرآن مجيد سراسري طور هر قسم جي واپار ۽ ڪاروبار کي جائز۽ هر قسم جي قرارداد،معاهدي۽ پيمان کي قابل احترام ۽ ان جي پاسداريءَ کي لازم سمجهيو آهي. جڏهن ته نبي سائين جي سنت۽ اسلامي حديثن ڪجهه معاملن ۽ معاهدن کي غلط سمجهيو آهي. جهڙوڪ جوا جا آوزار، مست ڪندڙ شيون وغيره جن جا تفصيل حديثن ۾ آيا آهن .لهذا واَحَلَّ اللَّـهُ الْبَيْعَ[iii] (الله واپار کي حلال ڪيو آهي ) جي تفسير انهن حديثن ڏانهن رجوع ڪرڻ کانسواء صحيح ناهي .

    اهڙي نموني اَوْفُوا بِالْعُقُودِ [iv] جي تفسير ۾ انهن حديثن کانسواء  صحيح ناهي جيڪي ڪجهه شرطن ۽ معاهدن کي غلط ۽ باطل بيان ڪن ٿيون مثلا اها حديث جيڪا چوي ٿي (الاّ شرطاً احلّ حراماً و حرّم حلالاً) سواءِ ان شرط جي جيڪو حرام کي حلال يا حلال کي حرم ڪندو هجي .

قرآني دليل

  مٿي بيان ٿيل اصول اها حقيقت آهي جنهن کي هر مفسر ويجھڙائيءَ کان محسوس ڪري ٿو ۽ هر منصف مزاج انسان ان جو قائل آهي. ان کان علاوه قرآن پڻ کليو کلايو اعلان ڪري ٿو ته الله جو ڪتاب ،رسول جي بيان جو محتاج آهي.ڇاڪاڻ ته   رسول الله (ص) جو فرض آهي ته ماڻهن کي قرآن پڙهي ٻڌائڻ علاوهه ان جي مقصدکي پڻ بيان ڪري. هتي مختصر طور ڪجه مثال ذڪر ڪريون ٿا.

پهريون قرآني دليل

 انزَلْنَا اِلَيْڪَ الذِّڪْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَالَيْهِمْ وَلَعَلَّهُمْ يَتَفَڪَّرُونَ [v]

اسان توڏانھن قرآن ان لاءِ نازل ڪيو ته جيڪو ڪجهه ماڻھن لاءِ نازل ڪيو ويو آھي سو کين بيان ڪري ٻڌائين ته جيئن هو غور ڪن.

هن آيت جي اسان جي نظريه مٿان دلالت تڏهن واضح  ٿيندي جڏهن سان اسان سمجهي وٺون ته آيت رسول الله (ص) جي فريضي کي ”لتبيّن“  جي لفظ سان بيان ڪري ٿي جيڪو ” لتقرء“  کان فرق رکي ٿو .يعني الله جي رسول جا ٻه فرض آهن

1.قرآن مجيد جي تلاوت

2.قرآن مجيد جي آيتن جي مقصد ۽ هدف کي بيان ڪرڻ

البته مراد سڀني آيتون ناهن بلڪه مراد فقط اهي آيتون آهن جن جو هدف ۽ مقصد ڄاڻڻ رسول الله (ص) ۽ ان جي برحق جانشينن جي بيان کانسواءِ  ممڪن ناهي. جيئن آيت الاحڪام واريون عام آيتون يا اهي آيتون جن مان ڪجهه صورتن کي جدا ڪيو ويو آهي.

ٻيون قرآني دليل

هاڻي هڪ ٻئي آيت پيش ڪريون ٿا جيڪا چٽي نموني ٻڌائي ٿي ته قرآن مجيد جي مقصدن ۽ مفهومن کي بيان ڪرڻ الله تعالى جي ذمي آهي.

لَا تُحَرِّڪْ بِهِ لِسَانَڪَ لِتَعْجَلَ بِهِ،عَلَيْنَا جَمْعَهُ وَقُرْآنَهُ،إذَا قَراْنَاهُ فَاتَّبِعْ قُرْآنَهُ ثُمَّإنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُ [vi]

 (قرآن جي تلات ۾ جلدي ڪرڻ لاءِ پنهنجي زبان کي حرڪت نه ڏي. اسان تي آهي انجو گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ. پوءِ جڏھن اسان قرآن کي پڙھيوسين ته ان جي پيروي ڪر ۽ پوءَ ان جو بيان ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي.)

الله سائين هن آيت ۾ ٽن شين جو ذمو پاڻ کنيو آهي.

1.قرآن جي تلاوت

2.آيت جو گڏ ڪرڻ

3.ان جي مفهوم ۽ مقصد بيان ڪرڻ

البته قرآن جي مفهوم ۽ مقصد جو بيان فقط الله جي رسول مٿان وحيءَ ذريعي ممڪن آهي نه عام ماڻهن تي ته وحي ڪانه ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته رسول الله (ص) مٿان ٿيل وحي قرآن يا وري سنت رسول ذريعي ظاهر ٿي سگهي.

ٻين لفظن ۾ هن آيت ۾ الله رسول کي تلاوت لاءِ جلدي ڪرڻ کان روڪي ٿو پوءِ ان جي گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ جي ذميواري رسول الله (ص) مٿان رکي ٿو ۽ پوءَ حڪم ڏئي ٿو ته جڏهن اسان ان کي پڙهون ته ان جي پيروي ڪري ۽ ان  جي مقصد ۽مفهوم کي بيان ڪرڻ جي ذميواري الله سائين پاڻ کڻندي فرمائي ٿو. (ثُمَّ إنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُ) .ان جو مفهوم ۽ مقصد بيان ڪرڻ اسان تي آهي.

       هاڻي ان بيان مان مراد ڇا آهي ؟  جنهن جو  ذمو الله تعالى کنيو آهي. فقط آيتن جي لفظن جو بيان ڪرڻ ته قطعا ناهي ،ڇاڪاڻ ته اهو ته اڳين آيت (انَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُ وَقُرْآنَهُ)  ۾ بيان ٿي چڪو آهي۽ ٻيهر تڪرار به لازم نه هئو .بيشڪ هتي مراد انهن آيتن جي وضاحت ۽ بيان آهي ،جيڪي الله تعالى جي بيان جون محتاج آهن ايستائين جو پيغمبر ۽ سندس سچا جانشين وحيءَ ذريعي پهتل ان بيان کي امت حوالي ڪن .

      گذريل ٻن ڳالهين کي ٻيهر بيان ڪيون ٿا ته هدف اهو ناهي ته قرآن جي هر آيت بيان الهي جي محتاج آهي ته جيئن ڪو اهو اعتراض نه ڪري (انّ الله على ڪل شيء قدير) واري آيت ڪنهن بيان جي محتاج ناهي بلڪه هدف اهو آهي  ته ڪلي طور قرآن مجيد جي رازن ۽ حقيقتن جي سمجهڻ لاءِ اهلبيت عليهم السلام جي بيان جا محتاج آهيون.

     البته جيئن پهريان شان نزول واري بحث ۾ چئي آياسين  ته هر خبر ۽ حديث سان قرآن جي تفسير نه ٿي ڪري سگهي بلڪه  ضروري آهي ته حديث کي سند ۽ دلالت جي معتبر معيارن ذريعي پرکيو وڃي،پوءِ پوري لهڻ جي صورت ۾ انهن تي عمل ڪجي.

6- قرآن مجيد جي سڀني آيتن ۾ عمومي رابطو

    هن مهل تائين جيڪي اصول بيان ٿيا اهي قرآن مجيد جي  تفسير جا بنيادي نڪتا هئا .ليڪن تفسير جي صحت ،مضبوطي لاءِ  هڪ ٻيو اهم شرط اهو به آهي ته مفسر هڪ آيت کي ان سورت جي ٻين آيتن ۽ ٻين سورتن جي آيتن ۽ مجموعي طور پوري قرآن مجيد جي آيتن کان جدا نه سمجهي .بلڪه اطمينان رکي ته سڀئي آيتون هڪ ئي هدف - يا ڪجهه اهڙن هدفن لاءِ آهن جيڪي هڪ وڏي هدف جي هيٺان اچن ٿا - جي کي بيان ڪن ٿيون.

  آيتن کي جدا سمجهڻ، قرآن جي تفسير ۾ وڏي ۾ وڏي غلطي آهي يعني هڪ انسان عربي ٻوليءَ جي گرائمر جي معلومات جي زور تي هڪ آيت جي تفسير ڪري ليڪن ان ئي موضوع تي آيل ٻين آيتن کان غافل رهي. قرآن جي تفسير ۾ اها غلطي  مختلف مذهبن ۽  مختلف عقيدن جي پيدا ٿيڻ جو سبب ٿي آهي ،جن مان هر مذهب ۽ گروهه پنهنجي عقيدي تي قرآن مان دليل آڻي ٿو.

      ڇا توهان کي خبر آهي ته” جبريه، معتزله، مشبهه، مجسمه،مرجئه ۽ ٻين سڀني عقيدن رکڻ وارا مذهب“ پنهنجي پنهنجي عقيدن ته قرآن مجيد جي مختلف آيتن کي دليل بڻائن ٿا. جڏهن ته انهن سڀني مذهبن ۾ سواءِ هڪ جي ناحق ۽ قرآن کان پري آهن؟

       جڏهن اهڙن فرقن جي پيدايش جي عتلن جي ڳولا ڪريون ٿا ته خبر پوي ٿي ته ان جي علت يا مختلف علتن مان هڪ علت اها آهي ته هر فرقو قرآن جي هڪ آيت کي چنبڙيو ويٺو آهي، جڏهن ته ان ئي موضوع بابت آيل ٻين آيتن کان غافل آهي.

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قرآن مجيد ۾ اهڙيون به آيتون آهن جن کي جيڪڏهن ٻين آيتن کان جدا ڪري تفسير ڪجي ته اهي ”جبر،اختيار،تشبيه،تجسيم“ جهڙن عقيدن ڏي وٺي وڃن ٿيون . ليڪن اهو چوڻ غلط هوندو ته اهڙن غلط ۽ هڪٻئي سان ٽڪراء کائيندڙ عقيدن جو تعلق الله جي وحي سان آهي ۽ اهي سڀ قرآن جو هدف ۽ مقصد آهن .ڇاڪاڻ ته خود قرآن فرمائي ٿو:

لَوْ ڪَانَ مِنْ عِنْدِ غَيْرِ اللَّهِ لَوَجَدُوا فِيهِ اخْتِلاَفاً ڪَثِيراً [vii]

(اي رسول چئين ته) جيڪڏهن قرآن خدا کانسواءِ ڪنهن  ٻئي وٽان اچي ها ته توهان ان ۾ تمام گهڻو اختلاف (ٽڪراء) ڏسو ها.

   لهذا اهو مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن اسان قرآني آيتن ۾ موجود رابطي ۽ لاڳاپي کان غفلت نه ڪريون ۽ ڌيان رکون ته قرآن پنهنجي لاءِ ٻه صفتون بيان ڪري ٿو.

اللَّهُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِيثِ ڪِتَاباً مُتَشَابِهاً مَثَانِي [viii]

الله بهترين ڪلام هن ڪتاب جي صورت ۾ نازل ڪيو آهي جنهن جون آيتون  هڪجهڙيون ۽ وري وري تڪرار ٿيون آهن

  1. 1.متشابهاً: هن جون آيتون هڪجهڙيون آهن
  2. 2.مثاني: جن جو مضمون تڪرار ٿئي ٿو

   ظاهر آهي ته هر اها شيءَ جيڪا ٻئي سان هڪجهڙائي رکي ٿي،جتي ان شيءِ کان ڪجهه مختلف خاصيتون رکي ٿي، اتي ضرور ڪي اهڙيون خاصيتون به رکي ٿي جيڪي ان جهڙيون به آهن. نه ته ان جهڙي نه چورائبي.

لهذا هڪ آيت جي تفسير وقت ان جهڙين سڀني آيتن کي ڏسڻو پوندو پوءِ وڃي مجموعي نظريو يا راءِ ڏبي. ساڳيو ئي ڪم انهن واقعن لاءِ به آهي جيڪي وري وري تڪرار ٿيا آهن.

     اتي تفسير جي هڪ ٻئي قسم جي ضرورت جو شدت سان احساس ٿئي ٿو جنهن کي اصطلاح ۾ ”تفسير موضوعي“ چون ٿا. هن قسم جي تفسير جو هدف هڪ موضوع بابت آيل تمام آيتن کي گڏ ڪري انهن کي هڪٻئي جي پاسي ۾ رکي هڪ مجمومي ۽ سراسري نظرئي تائين پهچڻ آهي جيڪو سڀني آيتن سان سازگار هجي جڏهن پهرئين قسم جي تفسير ۾ قرآن جي آيتن کي سورتن جي ترتيب مطابق تفسير ڪرڻ آهي جيڪا پڻ فائدي مند آهي -  جڏهن ته هڪ طبقي لاءِ فقط اهو ئي قسم مفيد آهي- ليڪن قرآن جي حقيقي مقصدن تان منظم انداز ۾ پردو کڄڻ تفسير موضوعيءَ کانسواءِ ممڪن ناهي. جيڪا (قرآني آيتن جي وچ ۾ موجود رابطي کي ڪشف ڪرڻ) لاءِ روح جو درجو رکي ٿي. هيءُ اهو ئي طريقي آهي جنهن تي اسان ڪتاب ” منشور جاويد قرآن“ ۽ ڪتاب ”مفاهيم القرآن“ ۾ هليا آهيون . جيتوڻيڪ ان ۾ ڪميون موجود آهن جيڪي انشاءَ الله ايندڙ زماني ۾ دور ٿينديون.

7. آيتن جي ترتيب کي نظر ۾ رکڻ

 مفسر کي قرآن مجيد جي آيتن جي ترتيب يا اصطلاح ۾ (سياق وسباق) تي توجه ڏيڻ گهرجي يعني آيت کان پهريان ۽ پوءِ ايندڙ آيتن تي غور ڪرڻ گهرجي هيءُ اصول  مٿي گذريل  ڇهين اصول يعني آيتن جي وچ ۾ عمومي رابطي جو ئي حصو آهي. جيئن ته  اڪثر ڪري قرآن هڪ موضوع بابت چند آيتن ذريعي ڳالهائي ٿو. تنهن ڪري ٻين آيتن کي ڇڏي فقط هڪ آيت تي توجه ڏيڻ غلط ۽ قرآني روش جي خلاف آهي.

   اهو اصول فقط قرآن جي لاءِ لازم ناهي جو ان جي هڪ جملي يا آيت جي تفسير لاءِ ،ان کان پهريان ۽ بعد ۾ ايندڙ آيتن کي نظر ۾ رکيو وڃي. بلڪه هر داناءَ دانشور جي ڪلام جي تشريح لاءِ به ان  اصول جو لحاظ ڪرڻ ضروري آهي. وڌيڪ وضاحت لاءِ هيءُ مثال ڏسو

قرآن مجيد جي سوره اعراف جي 35 آيت ۾ آيو آهي:

يَا بَنِي آدَمَ اِمَّا يَاْتِيَنَّڪُمْ رُسُلٌ مِّنڪُمْ يَقُصُّونَ عَلَيْڪُمْ آيَاتِي فَمَنِ اتَّقَىٰ وَاَصْلَحَ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ

اي آدم جا اولاد! جيڪڏھن توھان وٽ، اوھان جي جنس منجهان پيغمبر اچن (جيڪي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين ته جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي غمگين رھندا.

   جيڪڏهن ان آيت جي تفسير ۾ان کان پهريان ۽ پوءِ وارين آيتن جو لحاظ نه ڪريون ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته رسول الله (ص) کانپوءِ به رسول ايندا  رهندا ۽ پاڻ سڳورا (ص) آخري نبي يا رسول ناهن. جڏهن ته اهو ئي قرآن  پاڻ سڳورن کي ”آخري نبي“،” خاتم الرسل“ ٻڌائي ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو ته سندن ئي ذريعي نبوت جو در بند ٿي چڪو آهي جيڪو قيامت تائين وري نه کلندو :

   مَّا ڪَانَ مُحَمَّدٌ اَبَا اَحَدٍ مِّن رِّجَالڪُمْ وَلَـڪِن رَّسُولَ اللَّـهِ وَخَاتَمَ النَّبِيِّينَ وَڪَانَ اللَّـهُ بِڪُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا [ix]

  محمد (ص) اوھان جي مردن مان ڪنھن ھڪ جو پيءُ نه آھي پر الله جو پيغمبر ۽ سڀني پيغمبرن کان پڇاڙي ۾ اچڻ وارو آھي، ۽ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

انهن ٻنهي آيتن جي ٽڪراء جي وجهه اها آهي ته پهرئين آيت جي تفسير ۾ آيتن جي ترتيب جو لحاظ ناهي ڪيو ويو. ان کان پهريان ۽ پوءِ وارين آيتن کي تفسير مهل نظر ۾ ناهي رکيو ويو.

    ليڪن جيڪڏهن خود قرآن ڏانهن رجوع ڪيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته هيءَ آيت انهن 26 آيتن جو حصو آهي جيڪي سوره اعراف ۾ (11 کان 36 آيت تائين) ذڪر ٿيون آهن ۽سندن موضوع ،انسان جي خلقت وقت پيش آيل واقعن،حضرت آدم جي پيدائش،جنت مان نيڪالي ۽ اولاد سميت زمين تي رهائش اختيار ڪرڻ سان مربوط ٿئي ٿو.اهڙي موقعي تي الله تعالى  آدم جي اولاد کي مخاطب ٿي فرمايو :

    اي آدم جي اولاد: جيڪڏهن توهان ڏانهن پيغمبر اچن ته جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪندو ۽ پنهنجي اصلاح ڪندو ته ان کي ڪو خوف ۽ غم نه هوندو.

جڏهن ته ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته حضرت آدم جي زمين تي رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ الله تعالى طرفان دنيا ۾ تمام گهڻا پيغمبر انسان ذات جي راهنمائي لاءِ  موڪليا ويا جن جو ابدي منشور : فَمَنِ اتَّقَىٰ وَاَصْلَحَ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ هئو.

ان بنياد تي خلقت جي آغاز مهل اهڙو پيغام، ان ڳالهه سان ڪو ٽڪراءُ نه ٿو رکي ته اسان جو نبي آخري نبي هجي ۽ نبوت جو اهو دروازو جيڪو ڪيترن ئي سالن کان انسانيت لاءِ کليل هئو.  ڪنهن مصحلت خاطر بند ٿي وڃي.

نتيجو اهو ٿيو ته قرآن مجيد انهن آيتن ذريعي ان وقت جي خطاب کي اسان لاءِ ذڪر ڪري ٿو. نه ڪي آيتن جي نازل ٿيڻ کانپوءِ جي واقعي کي اسان لاءِ بيان ڪري.ٿو اها حقيقت تڏهن واضح ٿيندي جڏهن اسان کي اها خبر پوندي ته قرآن انهن 26 آيتن ۾ ٽي دفعا، آدم جي اولاد کي ”يا بني آدم“ چيو آهي .

يَا بَنِي آدَمَ قَدْ اَنزَلْنَا عَلَيْڪُمْ لِبَاسًا [x]

يا بَنِي آدَمَ لَا يَفْتِنَنَّڪُمُ الشَّيْطَانُ ڪَمَا اخْرَجَاَبَوَيْڪُم[xi]

يَا بَنِي آدَمَ اِمَّا يَاْتِيَنَّڪُمْ رُسُلٌ[xii]

جڏهن ته هڪ ٻئي جاءِ تي قرآن خلقت جي آغاز جي جو داستان ذڪر ڪندي ان ئي لفظ کي استعمال ڪيو اٿائين.

الَمْ اَعْهَدْ اِلَيْڪُمْ يَا بَنِي آدَمَ اَن لَّا تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ ... [xiii]

اهڙي قسم جوخطاب رسول الله جي زماني جي مقابلي ۾ خلقت جي آغاز واري وقت سان وڌيڪ مناسب آهي، ان مان خبرپئي ته هن آيت جو خطاب به پهرئين خطابن  وانگر خلقت جي شروعاتي دور سان آهي ۽ ان جو ”ختم نبوت“ سان ڪو واسطو ناهي. جڏهن ته ان غلطيءَ جو سبب آيت جي ترتيب جو لحاظ نه ڪرڻ آهي.

آيتن جي ترتيب ۽ متواتر حديثون

جيتوڻيڪ آيتن جي ترتيب تي توجه ڪرڻ صحيح تفسير جي بنيادي اصولن مان هڪ آهي تنهن هوندي به آيتن جي ترتيب ايستائين معتبر آهي جيستائين آيت جو استقلال ۽ ان کان پهريان۽پوءِ آيل آيتن کان جدا هجڻ جي خبر ،قطعي دليل سان ثابت نه ٿئي. پر جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ان قاعدي تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ آيت جي تفسير ۾ انهن جو لحاظ نه ڪيو ويندو.

   قرآن مجيد جي آيتن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن قرآن مجيد ڪنهن خاص مناسبت سبب هڪ موضوع جي پوري ڪرڻ کان پهريائين ٻئي موضوع کي ذڪر ڪندو آهي ۽ ان کي پورو ڪرڻ کانپوءِ وري ٻيهر پهرئين موضوع کي بيان ڪندو آهي.اها وصف قرآن جي خاصيتن مان هڪ آهي جنهن جو مثال اديب ماڻهن جي ڪلام ۾ به ملي ٿو. ليڪن ٻيون موضوع پهرئين موضوع کان  بلڪل بي ربط به ناهي هوندو .بلڪه رابطي هجڻ سان گڏ وگڏ هڪ جدا موضوع هوندو آهي.

8. مفسرن جي نظرين کان آگاهي

      قرآن مجيد جي انهن مفسرن (جن جي عمر قرآن تي ڪم ڪندي گذري آهي ۽ هن فن جا ماهر شمار ٿين ٿا.)جي نظرين کان آگاهي حاصل ڪرڻ، قرآن جي تفسير جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿو.

      ان  ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنهن دور ۾ قرآن نازل ٿيو تنهن دور جي ماڻهن لاءِ آيتن جي مفهوم ماڻهن لاءِ واضح هئو ڇاڪاڻ ته اهي ان وقت جي حالات کان واقف هئا. تنهن ڪري قرآن جي مقصدن کي سمجهڻ لاءِ مفسرن جي نظرين جي ضرورت ڪانه هئي. ليڪن طويل زماني فاصلي ۽ ان وقت جي حالات کان واقفيت نه هجڻ ڪري ،اسان مفسرن جي راين جا محتاج آهيون جيڪي انهن حالات کي اسان لاءِ بيان ڪن ٿا. لهذا سندن راءِ ڄاڻڻ کانسواء ڪنهن آيت جي تفسير نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته گهڻن ماڻهن جي سوچ هڪ ماڻهوءَ جي سوچ کان بهتر آهي ۽ ان ۾ غلطيءَ جو انديشو گهٽ آهي.البته اسان کي گهرجي ته پنهنجو فڪر ٻين جي سوچ سان مقيد نه ڪريون ۽ پنهنجي فڪري آزادي کي نه وڃايون. ڇاڪاڻ ته اها انڌي تقليد خودڪشيءَ کانسواءِ ڪجهه ناهي.

       هتي اهو سوال باقي رهي ٿو ته مفسر ڪڏهن انهن نظرين ڏانهن توجه ڏئي؟ آيت جي تفسير کان پهريان رجوع ڪري پوءِ تفسير ڪري يا نه پهريان پنهنجي پوري ڪوشش ۽ علمي ،فڪري صلاحيت کي استعمال ڪري پوءِ انهن نظرين جو مطالعو ڪري فيصلو ڪري.

نئين ماڻهوءَ لاءِ پهريون طريقو جڏهن ته محقق ۽ تجربيڪار ماڻهوءَ لاءِ ٻئين راه بهتر آهي.

حوالا  ..........



[i] -(ڇاڪاڻ ته پي پٽ کي ائين به پيسا ڏئي ۽ کائنس پيسا وٺي سگهي ٿو)

[ii] - حشر 7

[iii] -بقره 275

[iv] -مائده 1

[v] - نحل 44

[vi] - قيامت 17

[vii] - نساء 82

[viii] - زمر 23

[ix] - احزاب 40

[x] - اعراف 26

[xi] - اعراف 27

[xii] - اعراف 35

[xiii] - يس60