Get Adobe Flash player

 

تاليف:حضرت آيت الله العظمى جعفر سبحاني (دامت برڪاته)

ويهين صدي عيسيوي يا چوڏنهين صدي هجريءَ جي شروعات اوڀر۽ مسلمانن جي جي بيداريءَ سان ٿي.هن صديءَ ۾ استعماري قوتن جو جادو ٽٽو ۽ سندن قبضي ۾ آيل ملڪ آزادي حاصل ڪئي. مسلمانن ۽ اسلامي دانشورن،مسلمان قوم جي بنيادي مسئلن تي توجه ڏنو ۽

مسلمان جي ڪمزورين ۽ سندن پٺتي پئجي وڃڻ جي  وجهن جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون.

       انهن مسئلن مان جن وڌيڪ ڌيان ڇڪايو هڪ قرآن ۽ قرآني علم هئا. ڇاڪاڻ ته گذريل صدين ۾ فقط خاص طبقو ئي ان لائق ڄاتو پئي ويو،جيڪو هن آسماني ڪتاب جي علمي معلومات مان فيضياب به ٿيندو هئو،جڏهن ته ٻيا ماڻهو فقط قرآن جي تلاوت ڪافي پيا سمجهن يا وڌ ۾ وڌ کڻي علم تجويد يا صحيح قرآئت سکڻ جي حد تائين محدود هئا.ان زماني ۾ لکجيون ويندڙ تفسيرون فقط دانشور طبقي جي راهنمائيءَ لاءِ هيون ۽ تمام گهٽ ائين ٿيندو هئو جو هڪ وڏو مفسر عام ماڻهن جي راهنمائي لاءِ قرآن جي تفسير لکي يا قرآن جي تفسير جو درس رکي. ڄڻ ته قرآن جي آيتن تي غور ڪرڻ فقط دانشورن جو فرض هئو جڏهن ته عام ماڻهن جو فرض قرآن مجيد جي تلاوت،قرآئت ۽ تجويد جو سکڻ ئي هئو.

   اها سوچ  ان کان علاوه جوقوم لاءِ انتهائي هاڃيڪار هئي (جنهن جي نقصانن  کي اسلامي دانشورن پوءِ سمجهيو) خود قرآن مجيد جي دستور جي خلاف آهي.

  ڇاڪاڻ ته قرآن شروع کان آخر تائين عام ماڻهن کي قرآني آيتن ۾ غور ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ پاڻ کي روشن چراغ، بهترين هدايت ڪندڙ ۽ پيرهيزگارن جو رهنما سڏي ٿو. پاڻ کي بهترين ”تذڪره“ ياد ڏياريندڙ چوڻ سان گڏ انهن ماڻهن جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪي قرآن کي غور سان ٻڌڻ ۽ ان جي معنى تي سوچ ويچار نه ٿا ڪن . جئين هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو :

مَا لَهُمْ عَنِ التَّذْڪِرَةِ مُعْرِضِينَ ڪاَنَّهُمْ حُمُرٌ مُّسْتَنفِرَةٌ فَرَّتْ مِن قَسْوَرَةٍ [i]

پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن. ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن، جيڪي شينھن کان ڀڳا ھجن!

 اهي آيتون جيڪي پرهيزگار متقين ۽هر داناء، صحيح سوچ۽ فڪر رکڻ واري ماڻهو کي قرآن مجيد کي غور سان ٻڌڻ ۽ کين قرآن جي علمي خزاني مان فيضياب ٿيڻ جي دعوت ڏين ٿيون. تمام گهڻيون آهن جن کي هن مختصر تحرير ۾ ذڪر نه ٿو ڪري سگهجي. اسان هتي فقط هڪ آيت کي ذڪر ڪريون ٿا:

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّڪْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّڪِرٍ

 (۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟) [ii]

 ان آيت ۽ ان جهڙين ٻين کوڙسارين آيتن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته قرآن کي سمجهڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ  ڪنهن هڪ خاص طبقي سان مخصوص ناهي. جنهن مان خبرپوي ٿي ته عام ماڻهن جو قرآن جي مفهوم ۽ مضمون مان فائدو نه وٺڻ – جيئن پوئين صدين ۾ ٿي گذريو–  خود آسماني ڪتاب يعني قرآن جي خلاف آهي.

    هيءَ اها بنيادي تبديلي هئي جيڪا اسلامي دانشورن ويهين صديءَ ۾ آندي  يعني قرآن جي تفسير جي درسن جو دائرو عام ماڻهن تائين ڦهلائڻ ۽ عام ماڻهن کي قرآن جي حقيقي مفهوم ۽ مقصد کان عام آشنا ڪرڻ.

    ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جهڙوڪ مصر،شام،عراق،پاڪستان ۽ ايران ۾اهڙيون تفسيرون لکيون ويون جن جو مقصد عام ماڻهن کي قرآن مجيد جي مقصدن ۽ مفهوم کان آشنا ڪرڻ هئو.

       ھتي لازم ٿا سمجهون ته قرآن مجيد جي تفسير جو صحيح طريقو بيان ڪيون ته جيئن قرآن مجيد جي  مفهوم ۽ مقصدن کان آشنا ٿيڻ جو ذوق رکندڙ دوستن جي مدد ڪري سگهجي.

قرآن مجيد جي صحيح تفسير جا 14 بنيادي اصول

         هڪ مفسر کي قرآن مجيد جي صحيح نموني تفسير ڪرڻ لاءِ - جنهن ۾ هو آيتن جي سمجهڻ لاءِ ٻين جي پيروي ۽ انڌي تقليد بجاء پاڻ محنت ۽ جتن ڪري حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ٿو - هيـٺين بنيادي اصولن جو لحاظ ڪرڻ انتهائي ضروري  آهي.

1- عربي ٻوليءَ جي قانون قاعدن کان آگاهي

        قرآن جي تفسير لاءِ پهريون قدم اهو آهي ته مفسر عربي ٻوليءَ جي قانون قاعدن بابت مڪمل آگاهي حاصل ڪري ته جيئن ان معلومات ذريعي فاعل کي مفعول،ظرف کي مظروف،حال کي ذوالحال ۽ عطف کي معطوف عليه کان جدا ڪري سگهي. اهو شرط نه فقط قرآن مجيد جي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي بلڪه هر ان ڪتاب جي سمجهڻ لاءِضروري آهي جيڪو ڪنهن به زبان ۾ لکيل آهي .ڇاڪاڻ ته عين ممڪن آهي ته قرآن جي ڪنهن آيت جي معنى ۾ غلطيءَ جو سبب ،عربي ٻوليءَ جي قاعدن کان اڻ واقفي هجي.

   هيءُ شرط ايترو ته چٽو آهي جو ان جي وڌيڪ وضاحت پاڻ مٿان لازم نه ٿا سمجهون . البته آگاهيءَ مان مراد اها ناهي ته انسان انهن علمن ۾ اسپيشلسٽ هجي بلڪه ايترو ئي ڪافي آهي جو انسان سراسري طور انهن شين کي سڃاڻي سگهي. جڏهن ته ايتري حد تائين جي مهارت،انهن علم جي هڪ عمومي دوري ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

2- قرآن جي لفظن جي معنا ڄاڻڻ

      قرآن مجيد جي تفسير لاءِ ٻيون انتهائي ضروري قدم، قرآن جي لفظن  يا ”لغات قرآن“ جي معنى ڄاڻڻ آهي .ڇاڪاڻ ته جملن جي معنى لفظن جي معنى ڄاڻڻ  کانسواءِ ممڪن ناهي. البته ڌيان طلب ڳالهه اها آهي ته لفظن جي انهن معنائنبنياد تي جيڪي اڄ اسان جي ذهن ۾ موجود آهن ،آيتن جي تفسير نه ٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ  لفظن جي معنى مٽجي وئي هجي ۽ جيڪا معنى اڄ اسان وٽ ان لفظ  لاءِ موجود آهي اها نبي سائين جي زماني  ۾ نه هجي. لهذا لفظ جي لغوي اکيڙ  ذريعي ان جي حقيقي معنى تائين پهچڻ ضروري آهي. پوءِ ان اصلي معنى جي بنياد آيت جي تفسير ڪجي.

مثال طور لفظ ”عصى“ ۽ ”غوى“  اڄڪلهه ”گناهه ڪيائين“ ”گمراهه ٿيو“ جي معنائن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جڏهن ته انهن لفظن جي اصل معنى اها ناهي جيڪا اڄ سمجهي وڃِي ٿي.

        هڪ ٽولي کي ڏسون ٿا ته (وَعَصَىٰ آدَمُ رَبَّهُ فَغَوَىٰ) [iii] واري آيت کي ان نظرئي لاءِ دليل سمجهن ٿا ته نبي معصوم ناهن ئ ڇاڪاڻ ته سندن گمان ۾ ”عصى“ ۽ ”غوى“  جي رسول الله (ص) جي دور ۾ به اها ئي معنا هئي جيڪا اڄ آهي .ليڪن جيڪڏهن انهن ٻنهي لفظن جي لغوي اکيڙ ڪئي وڃي ته خبر پوندي ته جيڪا معنى انهن لفظن بابت اڄ ذهنن ۾ موجود آهي اها اصل معنى هرگز ناهي ،بلڪه اصلي معنى مان نڪتل۽ ورتل آهي. جڏهن ته انهن لفظن جي اصل معنى فقط حقيقي گناهه کي شامل ٿئي ٿي ،اخلاقي ڪوتاهيءَ کي نه.

        اهو بهترين ڪتاب جيڪو اسان کي لفظن جي اصلي معنائن تائين پهچڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو ”المقاييس“ آهي جيڪو احمد بن فارس بن ذڪريا (متوفى 395 هجري) لکيو.

هيءُ  ڪتاب ڇهن جلدن ۾ مصر مان ڇپيوآهي .هن ڪتاب جي مولف پوري ڪوشش ڪئي آهي ته لفظن جون اصلي معنائون اسان کي ٻڌائي. جڏهن ته ٻيون معنائون وقت گذرڻ سان ان اصلي معنا مان نڪتيون ۽ پوءِ مستقل ٿيون آهن.

      اڄ ممڪن آهي ته لغت جي ڪتابن ۾ هڪ لفظ لاءِ ڏهه معنائون بيان ٿيون هجن جن بابت انسان خيال ڪري ٿو ته لفظ انهن سڀني لاءِ جڙيو آهي ليڪن جڏهن اسان ڪتاب  المقاييس ۾ ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته لفظ جي اصلي معنى هڪ آهي. جڏهن ته ٻيون معنائون ان ئي معنى جون مختلف صورتون آهن جيڪي وقت جي گذرڻ سان نئين مستقل معنى جو روپ ڌارين ٿيون.

ان ڪتاب کان علاوه لفظ جي معنى ڄاڻڻ لاءِ مفسر قرآن راغب اصفهانيءَ جي ڪتاب المفرادت ،ابن اثير جزريءَ جي ڪتاب النهاية في غريب الحديث والاثر جو مطالعو ڪري سگهي ٿو .پويون ڪتاب (پڻ ڇهن جلدن ۾ مصر مان ڇپيوآهي) جيتوڻيڪ حديثن ۾ موجود لفظن جي وضاحت ڪري ٿو ليڪن ان جي باوجود قرآن جي تفسير ۾ پڻ بهترين مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

اهڙي قسم جي ڪتابن ۾ طريحي نجفي جو ڪتاب مجمع البحرين پڻ بهترين آهي جنهن سان قرآني لفظن جي تشريح بابت سـٺي ڄاڻ ملي ٿي.

3- قرآن جي قرآن ذريعي تفسير

قرآن مجيد واضح نموني پاڻ کي ”هر شيءِ جي تشريح ڪندڙ“ چيو آهي:

نَزَّلْنَا عَلَيْڪَ الڪِتَابَ تِبْيَانًا لِّڪُلِّ شَيْءٍ [1]

اسان توتي هر شيءِ جي تشريح ڪندڙ ڪتاب نازل ڪيوسين.

هاڻي جڏهن قرآن هر شيءِ جي تشريح ڪري ٿو ته لازمي طور پنهنجي جي تشريح به ڪري ٿو .ان بنياد تي جيڪڏهن ان جي ڪا آيت ڪنهن مصلحت خاطر مونجهاري جو شڪار آهي ته ان موضوع بابت آيل ٻين آيتن ذريعي ان جو مونجهارو ختم ڪري سگهجي ٿو .اسان هتي ڪجهه مثال ذڪر ڪريون ٿا.

الله سائين سوره شعراء ۾ حضرت لوط ع جي قوم بابت فرمائي ٿو:

وَاَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًافَسَاءَ مَطَرُ الْمُنذَرِينَ [2]

اسان مٿن مينھن وسايوسين، پوءِ ڪيڏو نه بڇڙو آھيڊيڄاريلن جو مينھن.

    هن آيت ۾ فقط قوم لوط مٿان مينهن وسائڻ بابت ٻڌايو ويو آهي ليڪن خبر ناهي ته انهن مٿان ڇا جو مينهن وسايو ويو .پاڻي هئو يا پٿر ؟ ليڪن ٻئي آيت هن مونجهاري کي ختم ڪري ٿي ته اهو مينهن پٿرن جو هئو:وَاَمْطَرْنَا عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن سِجِّيلٍ (اسان سندن مٿان پٿرن جو مينهن وسايو سين) [3]

”حجارة“ جو لفظ پهرئين آيت جو مونجهارو ختم ڪري ٿو .ڇاڪاڻ ته هتي تفصيل  سان ان واقعي کي بيان ڪيو ويو آهي

اهڙي ئي نموني هڪ ٻئي جاءِ تي قرآن ۾ آيو آهي ته

هَلْ يَنظُرُونَ اِلَّا أن يَاتِيَهُمُ اللَّـهُ فِي ظُلَلٍ مِّنَ الْغَمَامِ وَالْمَلَائِڪَةُ وَقُضِيَ الاَمْرُ وَإلَى اللَّـهِ تُرْجَعُ الْامُورُ [iv]

ڇا يهودي اها توقع رکن ٿا ته الله سائين فرشتن سان گڏ جهڙ جي پاڇن ۾ وٽن اچي؟ (جڏهن ته) ڪم انجام پائي چڪا آهن (جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو معين ٿي چڪا آهي) ۽ سڀني ڪم جي موٽ الله ڏانهن ئي آهي.

     هن آيت جو ظاهر مونجهاري کان خالي ناهي ڇاڪاڻ ته اچڻ وڃڻ جسم جي صفتن منجهان آهي،جڏهن ته الله تعالى جسم ۽ مادي کان پاڪ آهي.لهذا هر ممڪن طريقي سان ان آيت جو مونجهارو ختم ڪرڻو پوندو. هڪ طريقو ان جهڙين ٻين آيتن جو مطالعو ڪرڻ آهي ۽ جيئن ان جهڙي ٻئي آيت سوره نحل جي 33 نمبر آيت آهي. جيڪا چٽي نموني سمجهائي ٿي ته الله جي اچڻ مان مراد سندس حڪمن ،عذاب ۽ سزا، امر ۽ نهي جو اچڻ آهي.

هَلْ يَنظُرُونَ الَّااَن تَاتِيَهُمُ الْمَلَائِڪَةُ أوْ يَاتِيَ أمْرُ رَبِّڪَ ڪَذَٰلِڪَ فَعَلَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَمَا ظَلَمَهُمُ اللَّـهُ وَلَـٰڪِن ڪَانُوا اَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ

ان کانسواءِ ڪو انتظار نه اٿن جو ملائڪ يا تنهنجي پالڻهار جو حڪم ڏانهن اچي.کائن اڳ ايندڙن به ائين ئي ڪيو هئو الله سندن مٿان ظلم ناهي ڪيو بلڪه اهي پاڻ پنهنجي مٿان ظلم ڪرڻ وارا آهن.

       هيءَ آيت چڱيءَ طرح پهرئين آيت جي مونجهاري کي ختم ڪري ٿي ۽ لفظ ”امر“ سان”ياتي“ جو حقيقي فاعل بيان ڪري ٿي ته اچڻ وارو ڪير آهي؟

     قرآن جي تفسير جو اهو طريقو (آيت جي آيت ذريعي تفسير) نهايت اعلى ۽ مضبوط روش آهي. البته ان لاءِ هڪ ئي وقت پوري قرآن مٿان احاطي ،فرصت ۽ فراغت جي ضرورت آهي. قرآن جي تفسير ۾اسان شيعن جي امامن اهو ئي طريقو اختيار ڪيو آهي ۽ هينئر به محقق مفسر ان طريقي تي عمل ڪن ٿا. اسان جي استاد علامه طباطبائيءَ جي تفسير الميزان پڻ ان ئي طريقي مطابق لکي وئي آهي .

      البته اها ڳالهه ”قرآن جي سڀني آيتن جي  وچ ۾ موجود عمومي رابطو “ واري مسئلي کان جدا آهي جنهن تي پوء گفتگو ڪنداسين. هتي اسان جو مقصد اهو آهي ته هڪ آيت جي مونجهاري کي ٻئي آيت وسيلي ختم ڪيو وڃي جڏهن ته اڳتي ايندڙ مسئلي جو هدف اهو آهي ته قرآن جي هڪ آيت مان حڪم حاصل ڪرڻ وقت ٻين آيتن کي ڇڏي نه ڏجي . اهو صحيح ناهي ته هڪ آيت مان - جيتوڻيڪ اها هر قسم جي مونجهاري کان خالي ئي ڇونه هجي - حڪم حاصل ڪري ان کي خدا ڏانهن نسبت ڏجي . انهن ٻن مسئلن ۾ فرق واضح آهي.

4- آيتن جي شان نزول کان آگاهي

       قرآن مجيد 23 سالن جي عرصي ۾ مختلف واقعن يا پيدا ٿيل سوالن جي جواب ۾ نازل ٿيندو رهيو آهي . تنهنڪري آيتن جو ”شان نزول“ ان جي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ان جي معنى اها ناهي ته شان نزول جي آگاهيءَ کانسواءِ آيت جي تفسير ممڪن ناهي بلڪه  شان نزول جي آگاهي نه هجڻ باوجود سمجهڻ جي قابل آهي ڇاڪاڻ ته الله تعالى جي شاهديءَ مطابق قرآن”هدايت“”نشاني“ ۽ ( يعني حق ۽ باطل جي وچ فرق وجهندڙ ) ”فرقان“ آهي.

هُدًى لِّلنَّاسِ وَبَيِّنَاتٍ مِّنَ الْهُدَىٰ وَالْفُرْقَانِ [v]

قرآن ماڻهن جي لاءِ هدايت،هدايت جي نشاني ۽ حق کي باطل کان جدا ڪندڙ آهي

وَاَنزَلْنَا اِلَيْڪُمْ نُورًا مُّبِينًا  [vi]

اسان توهان ڏانهن چٽي روشني موڪلي اٿئون.

ليڪن ان جي باوجود آيتن جي شان نزول ڄاڻڻ سان انهن جي معنى وڌيڪ واضح ٿئي ٿي.وڌيڪ وضاحت لاءِ هڪ مثال ذڪر ڪريون ٿا.

وَعَلَى الثَّلَاثَةِ الَّذِينَ خُلِّفُوا حَتَّىاِذَا ضَاقَتْ عَلَيْهِمُ الْاَرْضُ بِمَا رَحُبَتْ وَضَاقَتْ عَلَيْهِمْ اَنفُسُهُمْ وَظَنُّوا اَن لَّا مَلْجَاَ مِنَ اللَّـهِ اِلَّا اِلَيْهِ ثُمَّ تَابَ عَلَيْهِمْ لِيَتُوبُوا  اِنَّ اللَّـهَ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِيمُ[vii]

۽ اهي ٽي شخص جن جنگ کان منهن موڙيو ايستائين جو انهن لاءِ زمين پنهنجي تمام وسعتن باوجود تنگ ٿي وئي ۽  کين پنهنجي جان جي پريشاني ٿي.جڏهن پڪ ٿين ته خدا کانسواءِ  ڪو پناهه ڏيندڙ ناهي ته کين توبه جي توفيق ڏنائين .بيشڪ خدا توبه قبول ڪندڙ مهربان آهي.

جيتوڻيڪ هن آيت جي معنى واضح آهي .ان جي باوجود انسان چاهي ٿو هيٺين ڳالهين بابت آگاهي پيدا ڪري :

1. اهي ٽي ماڻهون ڪير هئا؟

2. ڇو جنگ کان منهن موڙين؟

3.زمين ڪيئن انهن مٿان تنگ ٿي؟

4.  سندن  جان کي ڪيئن ۽ڪهڙو خطرو پيش آيو؟

5.کين ڪيئن خبر پئي ته الله کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ناهي

 6. الله انهن کي ڪهڙي توفيق ڏني؟

انهن سڀني سوالن جا جواب آيت جي شان نزول مان ملندا

ڌيان طلب ڳالهه اها آهي ته هر شان نزول قابل اعتماد ناهي . بلڪه ان سلسلي ۾ انهن سڀني معيارن جو لحاظ ڪرڻ ضروري آهي جن سان هڪ صحيح حديث کي غير صحيح حديث کان سڃاڻي سگهجي. خاص ڪري قرآن مجيد ۾ذڪر ٿيل نبين ۽ گذريل امتن جي قصن جي تفسير ۾ تمام  گهڻو احتياط ڪجي ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري اهڙا قصا يهودي،عيسائي ۽ ٻين اهڙن ماڻهن کان نقل ٿيا آهن جيڪي اعتماد جوڳا ناهن . ڪيترن ئي مفسرن هن اساسي شرط جي رعايت ناهي ڪئي ۽ هر شان نزول کي (ايستائين جو غيرموثق ماڻهن بيان ٿيل ) قبول ڪندي پنهنجي تفسير ۾ ذڪر ڪيو آهي.

ھلندڙ...

حوالا  ..........



[1] - نحل 89

[2] - شعراء 173

[3] - حجر 74



[i] - مدثر 52،53

[ii] - قمر 17

[iii] - طه 121

[iv] - بقره 210

[v] -بقره 185

[vi] - نساء 174

[vii] - توبه 118