Get Adobe Flash player

اُمّي[1]، جي معنى جي باري ۾ ٽي مشهور اِحتِمال پاتا وڃن ٿا:

1.“اُمّي” يعني جنهن سبق نه پڙهيو هجي  2. “اُمّي” يعني جنهن جي ڄمڻ جو هنڌ مڪو هجي

3.“اُمّي” يعني جنهن قوم ۽ اُمت جي درميان قيام ڪيو هجي، پر سڀ وڌيڪ مشهور ۽ معروف پهريون ٻه معنائون آهن، قرآن ۾ استعمال ٿيل موردن سان مناسب آهن  البته ممڪن آهي ته ٽئي معنائون گڏ مراد هجن.

  اِن ڳالهه ۾ ته ڪوبه اختلاف نه آهي ته “نبي سڳورا (ص) ڪنهن به مڪتب ۽ مدرسي ۾ نه ويا آهن” ۽ قرآن ڪريم پڻ بعثت کان پهرين رسول خدا (ص) جي باري ۾ کليل لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

 

وَ ما كُنْتَ تَتْلُوا مِنْ قَبْلِهِ مِنْ كِتابٍ وَ لا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذاً لاَرْتابَ الْمُبْطِلُونَ.[2]

۽ اي رسول! اوهان ان قرآن پهرين نه ڪو ڪتاب پڙهندا هئا ۽ نه پنهنجي هٿ سان لکندا هيا، ورنه اها ڳالهه اهل باطل شڪ ۾ وجهي ها.

اِها ڳالهه حقيقت آهي ته اُن زماني ۾ سڄي حجاز ۾ پڙهيل ماڻهو ايترا ته ٿورا هئا  جو کين آڱرن تي ڳڻي پيو سگهجي ۽ سڀئي اُنهن کي ڄاڻيندا هئا، مڪي ۾ جيڪو حجاز جو مرڪز شمار ڪيو ويندو هو لکيل پڙهيل ماڻهو جو تعداد 17 کان به وڌيڪ نه هيو ۽ عورتن منجهه ڪل هڪ عورت پڙهيل هئي.[3]

اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن رسول خدا (ص) ڪنهن استاد وٽان تعليم حاصل ڪئي هجي ها ته يَقِينِي طور تي اِها ڳالهه مشهور ٿي وڃي ها، کَڻي قبول ڪجي ته جيڪڏهن (نعوذ بالله) نبي سائين (ص) جي نبوت کي قبول نه ڪيون، ته پوءِ اوهين پنهنجي ڪتاب ۾ اِن موضوع جي نفي ڪيئن ڪري پيا سگهن، ڇا ماڻهو اِعتراضُ ۽ نڪته چيني نه ڪن ها ته تو تعليم حاصل ڪئي آهي. تنهنڪري اهو بهترين شاهد آهي ته پاڻ (ص) ڪنهن وٽ به سِکِيا حاصل نه ڪئي آهي.

        ڪنهن به طرح پيغمبر اڪرم (ص) ۾ ان صفت جو هجڻ نبوت جي ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بهتر آهي جنهن سان اِها ڳالهه پڌري ٿي وڃي ٿي ته جنهن شخص ڪنهن به جاءِ ۽ ڪنهن کان به تعليم حاصل نه ڪئي هجي هو اهڙي  عُمدي ۽ اعلى گفتگو ڪري ٿو جنهن سان معلوم ٿي وڃي ٿو ته نبي سڳوري (ص) جو خداوند متعال ۽ غيبي دنيا سان وَاقِعاً رابـطو آهي.

اِها رسول خدا (ص) جي اعلان نبوت کان پهرين (واري زماني جي صورتحال هئي)، اعلان نبوت کان بعد پڻ ڪنهن به تاريخ اِهو نه لکيو آهي جوپاڻ سڳورن ڪنهن وٽ لکڻ پڙهڻ سکيو هجي، انهيءَ مان اِهو معلوم ٿيو ته نبي سائين (ص) شروع کان آخِر دَم تائين اِن “اُمّي” صفت تي باقي رهيا.

ڇا تعليم حاصل نه ڪرڻ جو مطلب جاهل هجڻ نه آهي      

پر هِتي سڀ کان وڏي غَلَط فَهمِي هي آهي جنهن کان اِجتِنابُ ڪرڻ ضروري آهي اُها هي آهي ته تعليم حاصل نه ڪرڻ جو مطلب جاهل هجڻ نه آهي، ۽ جيڪي ماڻهو لفظِ اُمّي جي معنى جاهل هجڻ ڪندا آهن اُهي ان فرق ۽ وِڇوٽِي ڏانهن متوجهه نه آهن.

اِن ڳالهه ۾ ڪوئي مانِعُ نه آهي ته رسول خدا (ص) خدائي تعليم   وسيلي پڙهڻ  ۽ لکڻ ڄاڻيندا هجن، بغير ان جي ته ڪنهن انسان کان تعليم حاصل ڪئي هجين، بيشَڪ اهڙي طرح جي ڄاڻ ۽ مَعلُومات انساني ڪمالات منجهان آهن ۽ مقامِ نبوت جي لاءِ ضروري آهن.

ائمه معصومين عليهم السلام کان نقل ٿيل روايتون اِن ڳالهه تي بهترين شاهد آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نبي سڳورا (ص) لکڻ ۽ پڙهڻ جي قدرت رکندا هئا.[4]

پر سندن نبوت ۾ ڪير شڪ نه ڪري انهيءَ ڪري ان قدرت کي استعمال نه ڪندا هئا، ۽ جهڙي طرح ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته لکڻ پڙهڻ جي طاقت ڪو  ڪمال ۽ هُنر حساب نٿي ٿئي، بلڪه اِهي ٻئي علمي ڪمالات تائين پهچڻ جي لاءِ چاٻيءَ جي حيثيت رکن ٿا نه ڪه پاڻ علم واقعي ۽ ڪمال حقيقي آهن ، ته ان ۾ جواب پڻ ان ۾ موجود آهي ڇاڪاڻ ته ڪمالات جي وَسيلن ۽ اَسبَاب جي باري ۾ ڄاڻ رکڻ خود هڪ  چٽو ڪمال آهي.

اتي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي( جهڙيءَ طرح ته سوره جمعه ۾ بيان ٿيو آهي:

يَتْلُوا عَلَيْهِمْ آياتِهِ وَ يُزَكِّيهِمْ وَ يُعَلِّمُهُمُ الْكِتابَ وَ الْحِكْمَةَ.[5])

يا اهڙي طرح جون ٻيون آيتون، ان ڳالهه جو دليل آهن ته پيغمبر اڪرم (ص) ماڻهن جي اڳيان لکيل ڪتاب (قرآن) پڙهندا هئا، اِها پڻ غلط فهمي آهي، ڇوجو تلاوت جي معنى لکيل ڪتاب پڙهڻ به آهي ۽ زباني طور تي پڙهڻ به، جيڪي ماڻهو قرآن، اَشعارَ يا دعائن کي زباني پڙهن ٿا انهن تي به تلاوت جو اِطلاقُ تمام گهڻو ٿئي ٿو.[6]



[1]. لفظِ اُمي جي لغوي معنى: اَڻ پڙهيل ۽ ناخوانده آهي. (مترجم)

[2]. سوره عنڪبوت، آيت:48

[3]. فتوح البلدان بلاذري، مطبوعه مصر، ص:459

[4]. تفسير برهان، ج4 ص332؛ سوره جمعه جي پهرين آيت جي ذيل ۾

[5]. سوره جمعه، آيت:2 (اهو رسول) انهن اڳيان آيتن جي تلاوت ڪري انهن جي نفوس کي پاڪيزه بنائي ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي)

[6]. تفسير نمونه، ج6 ص:400