Get Adobe Flash player

ڪربلا جون تاريخي شخصيتون حضرت جون ابن حُوي

      حضرت جون ابن حُوي جو شمار انهن انسانن مان ٿئي ٿو جن تمام سخت ۽ ڏکئي وقت ۾ اهڙو بهترين فيصلو ڪيو جنهن سندن دنيا سان گڏ آخرت به سنواري ڇڏي . ڏکئي وقت ۾ پنهنجي پياري جان،وقت جي امام (ع) مٿان ڪندي سندن مدد ۽ حمايت ڪري قربانيءَ ۽ ايثار جي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

 

   حضرت جون جي شخصيت

    حضرت جون ابن حُوي ،حضرت فضل ابن عباس ابن عبدالمطلب جو غلام هوندو هيو ۽ سندس رنگ به ڪارو هوندو هيو، حضرت علي عليه السلام فضل کان هڪ سئو پنجاهه دينارن ۾ هن غلام کي خريد ڪري حضرت ابوذر غفاري (رض) کي هديو ڪري ڇڏيو. ته جيئن حضرت ابوذر جي خدمت ڪندو رهي ۽ حضرت ابوذر هن غلام کي خدا جي راهه ۾ آزاد ڪري ڇڏيو.

   اهلبيت (ع) جي خدمت ۾

    جون جو شمار حضرت علي عليه السلام جي حبدارن ٿيندو ئو. جڏهن ٽئين خليفي جي زماني ۾ حضرت ابوذر (رض) کي ربذه طرف نيڪالي ڏني وئي ته جون به ساڻن گڏ هئو. سن 32 هجري ۾ حضرت ابوذر (رض) جي وفات کانپوءِ جون مديني جي طرف موٽي آيو ۽ حضرت علي عليه السلام جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. حضرت علي عليه السلام جي شهادت کانپوءِ حضرت امام حسن عليه السلام جي خدمت ۾ رهيو . اهڙي ريت امام حسن عليه السلام جن جي شهادت کانپوءِ امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ لڳو.

۽ جڏهن امام حسين عليه السلام مديني کان مڪي جي طرف روانا ٿيا ته جون به امام حسين عليه السلام سان گڏ هيو. اهڙي ريت مڪي کان ڪربلا جي سفر ۾ به امام عليه السلام سان گڏ رهيو.

جون جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته هن کي جنگي اسلحي ٺاهڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هوندي هئي اهو ئي سبب آهي جو ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي صحابين جي اسلحي جي مرمت ۽ اصلاح جو ڪم جون ئي ڪندو رهيو.

عاشور جي ڏينهن   

جڏهن 10 محرم الحرام جي ڏينهن هر هڪ مجاهد پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري رهيو هئو ته جون به اڳتي آيو ۽ امام جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري جهاد جو اذن گهريائين

امام کيس فرمايو: آءُ تو تان بيعت کنئين تون آرام ۽ سڪون جي زندگيءَ لاءِ اسان سان گڏ هئين لهذا هاڻي تون پاڻ کي سختيءَ ۾ مبتلا نه ڪر ۽ هليو وڃ.

اهو ٻڌي جو امام جي قدمن ۾ ڪري پيو ۽ چيائين : اي فرزند رسول (ص) اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته سڪون ۽ آرام جي ڏينهن ۾ توهان سان گڏ هجان ۽ ڏکين ڏينهن ۾ اوهان کي ڇڏي ڏيان

آءُ مڃان ٿو ته منهنجو رنگ ڪارو آهي منهنجو نسب ڀلو ناهي،منهنجي جسم ۾ بدبوءِ آهي ليڪن مان اوهان جي راهه ۾ پنهنجي جان ضرور توهان تان صدقي ڪندس.

امام حسين (ع) جون جو اهڙو خلوص ڏسي کيس اذن جهاد ڏنو ته جون هيءُ رجز پڙهندي ميدان جنگ ڏانهن راهي ٿيو

کيف تری الفجار ضرب الاسود         بالمشرفي والقنا المسدد

بالسيف صلتا عن بني محمد           يذب عن آل النبي احمد

ارجو بذاکالفوز يوم الموعد            عند الاله والشفيع الاحمد

اي ڪافرو ڪئين ٿا ڀائنيو هن ڪاري ضربت کي ؟ جيڪا مشرفي تلوار ۽ هدف تي پڄندڙ نيزن سان هڻان ٿو،۽ تلوار سان حملو ڪري  آل محمد جي حمايت ڪيان ٿو۽ قيامت ڪي ڏينهن خدا کان اجر جي اميد ۽ محمد جي شفاعت جي اميد رکان ٿو .

جون جي شهادت

   اُن کانپوءِ وڏي بهادري سان جهاد ڪندي،دشمنن جي 25 سپاهن کي جهنم روانو ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيائين ۽ قيامت تائين تاريخ جي ورقن تي پنهنجو نالو سجائي ڇڏيائين

جون کي  امام جي دعا

مقتل جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته جڏهن جون زخمن کان چور ٿي گھوڙي جي  زين کان زمين تي آيو ته امام عليه السلام ڊوڙي اچي سندن مٿان پهتا ۽ جون جو سر  پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي  کيس دعا ڪئي: 

 اي منهنجا الله! هن جي چهري کي نوراني ، هن جي بدن کي خوشبودار بڻائي ڇڏ، ۽ قيامت جي ڏينهن هن کي محمد وآل محمد عليهم السلام جي م سان م گڏ محشور فرماء .

هڪ روايت مطابق بني اسد جي قبيلي جا ماڻهون ڪربلا جي شهيدن کي دفن ڪرڻ لاءِ آيا ته ڪجھ ڏينهن گذري وڃڻ  باوجود به حضرت جون (رض) جي جسم مبارڪ منجھان خوشبوءِ اچي رهي هئي. حضرت جون (رض) پنهنجي دنياوي زندگي کي پنهنجي امام جي اطاعت ۾ قربان ڪري پنهنجي آخرت واري زندگي سنواري پنهنجي معرفت کي ثابت ڪيو ۽ پنهنجي پاڻ کي ايترو ته عزيز ۽ محبوب بڻايو جو سندس مٿان امام زمانه (عج) زيارت ناحيه ۾ هن ريت ارشاد فرمايو آهي:

السلام على جون بن حويَ مولى ابي ذرَ الغفاري.

حوالا:

  1. 1.بحارالانوار،  ج، 45، ص، 22.
  2. 2.ابصار العين، ص، 77.
  3. 3.لهوف، ص، 27.