Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 48 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

ڪربلا   جون   تاريخي   شخصيتون     علي  اصغر    عليه السلام

مقدمو:

   ائين ته ڪربلا جو واقعو هر لحاظ کان دنيا جي تمام انسانن لاءِ هڪ درس آهي ۽ ليڪن ڪربلا جي شهيدن جي سوانح حيات ۾ اسان جي لاءِ   سوين درس آهي  ڪربلا جي هر شهيد جي زندگي ۽ شهادت اسان جي لاءِ هڪ نمونه عمل آهي .هن مختصر مقالي ۾ اسان ڪربلا جي ننڍي ۾ ننڍي شهيد   يعني جناب علي اصغر عليه السلام جي سوانح حيات تي هڪ نظر وجهون ٿا.

 

حضرت علي اصغر(ع) جي سڃاڻ

بعض علماء کان ٻڌو ويو آهي ته حضرت علي اصغر (ع)  جو نالو علي اصغر (ع) ئي هيو ليڪن تاريخ ۾ هڪ ٻيونالو به ملي ٿو جيڪو عبدالله بن الحسين بن علي  نالي سان مشهورآهي جيئن ته زيارت مقدسہ ناحيہ ۾ آيو آهي :

 السلام على عبدالله بن الحسين الطفل الرضيع المرمي الصريح المشهط دما المصعد دمہ في السماءِ  المذبوح في حجرابيہ لعن الله راميہ حرملة بن کاهل الاسدي)

 يعني سلام هجي عبدالله ،امام حسين عليہ السلام جي کير پياڪ  فرزند تي جيڪو تير جو نشانو بڻيو ،خون ۾ غلطان ٿيو ، جنهن جي والد سندس خون کي آسمان جي طرف اڇلايو ، جيڪو پيءُ جي جهوليءَ ۾ ذبح  ٿيو الله جي لعنت هجي ان کي تير هڻندڙ حرملہ بن کاهل اسدي  تي [1]

حضرت علي اصغر(ع) جي ولادت

حضرت علي اصغر(ع) جي ولادت 10 رجب المرجب سال 60 هجري مدينهمنوره ۾ ٿي .۽ 10 محرم الحرام سال 61 هجري  ڇهن مهينن ۾ ڪربلاجي زمين تي ٽن ڏينهن جي پياس ۽بک جي حالت۾ شهيدڪيوويو. جناب علي اصغر باب الحوائج جي نالي سان پڻ مشهور۽معروف آهن.

حضرت علي اصغر(ع)جي والده جي سڃاڻ۽عظمت

حضرت علي اصغر جي والدہ جونالورباب هوجيڪا امرء القيس جي ڌيءَ هئي.  هي اها بيبي رباب آهي جيڪا جناب سڪينه ۽ جناب علي اصغر جي سڳي ماءُ آهي [2]

    هشام ڪلبي نقل ڪري ٿوته:رباب   بهترين ۽ عالمه عورتن مان هڪ عورت هئي.۽حضرت رباب جو والد جيڪوتمام وڏواشراف ۽ عرب جي هڪ وڏي خاندان مان هو.جنهن جي منزلت نهايت وڏي هئي.[3] ابن اثير نقل ٿو ڪري ته:امام عليہ السلام جي شهادت کان پوءِ  حضرت رباب کي  شام مان قيد مان رهائي پائي مديني موٽيون ته .  قريش خاندان مان  کين شاديءَ جا رشتا آيا جي پاڻ رد ڪيائون ۽ فرمايائون

 آئون امام عليه السلام جي شهادت کان پوءِ ڪوبه شوهر وٺڻ پسند نه ٿي ڪريان. سبط ابن جوزي چوي ٿوته:حضرت رباب امام عليہ السلام جي شهادت کان پوءِهڪ سال زنده رهي.۽ڪڏهن ڇانو(ڇت) هيٺان نه ويٺي ۽ هميشه اس ۾ زندگي گذاريائين ۽ نه ٿڌوپاڻي پيتائين بس اتي ئي فوت ڪيائين. [4] ۽امام حسين عليہ السلام به ٻين گھروارين جي مقابلي ۾ جناب رباب سان تمام گھڻي محبت رکندا هئا.

حضرت علي اصغر(ع)جي شهادت

  حضرت علي اصغر(ع) جي شهادت جي باري۾ ڪجھ قول آهن.انهن مان اسان هڪ قول هيءُ آهي ته:

 جڏهن امام حسين عليہ السلام جا سڀ مددگار شهيد ٿي ويا ۽ امام عليہ السلام اڪيلا رهجي ويا ته امام حسين (ع)   اها صدا  بلند ڪئي ته:(هل من ناصرينصرني يا هل من معين يعينني )آهيڪو  مددگار جيڪومون حسين جي مددڪري؟ آهي ڪو  رسول خدا (ص) جي حرم جودفاع ڪرڻ وارو ؟

          جيئن جوامام (ع) جي اها صدا بلند ٿي. هيڏانهن کان اوچتواهليبت جي خيمن مان ۾ روئڻ جوآواز بلند ٿيو امام حسين عليہ السلام جلدي ۾ پنهنجي ذوالجناح(گھوڙي)کي خيمن جي طرف واپس پلٽايو۽خيمن جي ويجھوپهچي جناب زينب سلام الله عليها کان پڇن ٿا

    اي ڀيڻ ڇا ٿي ويو آهي؟ جو خيمن ۾روئڻ جوآوازبلند ٿي ويوآهي جڏهن ته اڃا ته آئون زنده آهيان؟  آئون اهو نه ٿوچاهيان جومنهنجي حياتي۾ توهان جو آوازغيرن جي ڪنن تائين پهچي.آخر سبب ڇاآهي؟حضرت زينب سلام الله عليها فرمايو:اي ڀاءُ حسين جڏهن کان توهان اها غربت جي صدا بلند ڪئي ته جناب علي اصغر (ع) پنهنجي پاڻ کي پينگھي کان جدا ٿو ڪري ۽ ڄڻ ته اهو   ٿو چوي ته:اي بابا جان اڃا خيمي ۾هڪ ننڍڙوٻارباقي آهي.بابا ڇوٿا غريب سڏرايو؟

      سيد الشهداجناب علي اصغر (ع) کي کڻي ميدان ڏانهن روانا ٿيا.۽ فرمائڻ لڳا:اي مسلمانؤ!توهان جي نظر۾ گناهگارآهيان ته مان آهيان ليڪن هن ٻار جو ڪهڙوگناه آهي.جوهن جوپاڻي بند ڪيواٿو جيڪڏهن هڪ ڍڪ پاڻي جو ڏيوها ته ٻار بچي پوي ها.

    عمرسعد حرملہ جي طرف رخ ڪيو۽چوڻ لڳواي حرملہ تون وڏو تيرانداز جو ماهر آهين امام حسين (ع) کي جواب ڏي.خدا حرملہ تي لعنت ڪري جواب ۾ چيائين ته آيا پيءَ کي جواب ڏيان ياننڍڙي ٻارکي؟عمرسعد ملعون چيو ته جيڪا سفيدي(اڇائي) حضرت علي اصغر(ع) جي گلي جي هيٺان نظر اچي ٿي انهي کي تيرجونشانوبڻاءَ.

     حرملہ هڪ اهڙي ٽن شعبن وارو وزني تير اڇلايو جيڪو حضرت علي اصغر(ع) جي ڳلي مان پار ٿي امام حسين جي عليہ السلام جي بازوءَ ۾ لڳو ٿيو امام حسين (ع) پنهنجي.هٿن مبارڪ ۾ حضرت علي اصغر (ع) جوخون کڻي آسمان جي طرف اڇلايو ۽ڪجهه پنهنجي جسم سان ملئي الله کان شڪايت ڪئي . امام(ع) اصغر خيمي جي ڀر۾ ننڍڙي قبرکوٽي دفن ڪري ڇڏيو

مرقد حضرت علي اصغر (ع)

  حضرت علي اصغر (ع) ڪربلا  امام حسين عليہ السلام ۽ سندن وڏي ڀاءُ علي اڪبر علي السلام  سان گڏ دفن ڪيو ويو،اهو ئي سبب آهي جو امام حسين عليه السلام جي مزار جي ضريح  ڇهن ڪنڊن جي جڙيل آهي

حوالا .. .



[1]-(بحارالانوار ج  45  ص66)

[2]- (نفس المهموم ص527)

[3]-(قمقام رخار2ء/ص654).

[4]- (فرسان الهيجاءص/270 نفس المهموم /528)