Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 46 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

 ڪربلا   جون   تاريخي   شخصيتون   برير بن خضير همداني عليه السلام

 

مقدمو

 

    ڪربلا معلى جي ميدان ۾ سيد الشهداء حضرت امام حسين A  جي مٿان پنهنجي جان نثار ڪرڻ وارن صحابين جو اهڙو درجو ۽ رتبو آهي جيڪو ڪنهن نبي ۽ وليءَ جي صحابين کي به حاصل نه ٿي سگھيو. نبي اڪرم 3  فرمائن ٿا ته : حسين A هدايت جو چراغ ۽ نجات جي ٻيڙي آهي. بس جهڙي نموني پروانو ڏِيئي جي چوڌاري طواف ڪندي ڪندي آخر ۾ پنهنجو ساهه

صدقو ڪري ساڻس سندس سچي محبت ۽ وفا جو ثبوت ڏيندو آهي اهڙي ريت ڪربلا جي رڻ پٽ ۾ به هدايت جي هن چراغ مٿان انهن پروانا پنهنجيون جانيون قربان ڪري دنيا وارن لاءِ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته چراغ جي روشني ۾ ايتري ته جذابيت آهي جو پروانو   مٿس پرواز ڪندي پنهنجي جان جي به پرواهه ناهي ڪندو ، ۽ هر هڪ پرواني ان مچ ۾ رچي پنهنجي محبت ۽ وفادريءَ جو بهترين ثبوت پيش ڪندو آهي.  

 

      اهڙن باوفا صحابين جي باري ۾ حضرت امام حسين A پاڻ فرمائن ٿا ته : ” اِنّيۡ لَا اَعۡلَمُ اَصۡحَاباً اَوۡفى  مِنۡ اَصۡحٰابِيۡ “ مون کي پنهنجن صحابين کان وڌيڪ وفادار ۽ بهتر صحابي ( دنيا ۾ ڪٿي به ) ڪو نه ٿا نظرن. [1]

 

برير بن خضير جو ڪردار

 

          انهن وفادار ، شيردل ، سورهيه ۽ سچن صحابين منجهان هڪ حضرت برير بن خضير همداني L آهي. برير بن خضير همداني L جوتعلق جيتوڻيڪ   يمن سان هئو ليڪن سندس رهائش ڪوفي ۾ هئي. پاڻ بني مشرق خاندان جي همدان قبيلي منجهان آهن تنهن ڪري کين همداني ڪوٺيو وڃي ٿو. مقتل جي ڪتابن ۾ کين ان نالي کان سواءِ ٻين نالن ” برير بن حضير “ [2] ” بدير بن حفير “ [3] ۽ ” برير بن حصين “ [4] سان به ياد ڪيو ويو آهي. پاڻ اهل علم ۽ نهايت فضليت ڀريا انسان هئا ۽  معاشري ۾ کين ڪوفي جي معزز ۽ مشهور شخصيت هجڻ جي ناتي سان سڃاتو ويندو هو. فضيلت جي لحاظ کان پاڻ متقي ، پرهيزگار ، شجاع ۽ عابد و زاهد انسان هئا. [5] سندن شمار حضرت علي Aجي بااعتماد اصحاب ۽ تابعين ۾ ڪيو وڃي ٿو. علمي ميدان ۾ لائق استاد ، قاريِ قرآن بلڪه استادِ قاريان شمار ٿيندا هئا. [6]  ڪوفي جي جامع مسجد ۾ پاڻ قرآن ڪريم جو درس ڏيندا هئا. [7]  کين سيد القرّاء جي لقب سان سڏيو ويندو هيو. [8]

 

   قلمي دنيا ۾ پاڻ بهترين درجي جا مصنف ليکيا وڃن ٿا. سندن تاليفات ( لکيل ڪتابن ) منجهان ڪتابِ ” قضايا و احڪام “ آهي. علامه مامقاني جي چوڻ جي مطابق برير بن خضير L هيءُ ڪتاب حضرت علي A ۽ حضرت امام حسن A کان روايت ڪيو آهي ۽ سندن هيءُ ڪتاب ، شيعه علمائن وٽ اصول معتبرہ منجهان آهي. [9]

 

ابواسحاق عمرو بن عبد الله سبيعي همداني سندن ڀاڻيجا هئا  جن جو شمار حضرت امام سجاد A جن جي بااعتماد صحابين منجهان ٿئي ٿو. [10] جناب برير L جيئن ئي ٻڌو ته حضرت امام حسين A جن مدينو ڇڏي چڪا آهن ته پاڻ مڪي ۾ اچي کين مليا ۽ مڪي کان وٺي ڪربلا تائين  امام سان گڏ رهيا. [11]  ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن ڪعب بن جابر ازدي ۽ رضي بن منقذ عبدي جي هٿان شهادت جهڙي عظيم درجي تي فائز ٿيا.

 

تجديد عهد ( بيعت )

 

ٻه محرم الحرام سن ايڪهٺ هجريءَ ۾ جڏهن حضرت امام حسين A جن ڪربلا ۾ پهتا ۽ امام A هڪ خطبو ڏنو ته سندن صحابي ترتيبوار ساڻن تجديد عهد ڪرڻ لڳا ان وقت جناب برير بن خضير همداني L چيو ته : خدا جو قسم ! اي فرزند رسول 3 هيءُ ته خداوند متعال جو اسان تي احسان آهي ته توهان جي رڪاب ۾ جهاد جي سعادت حاصل ٿي آهي توهان جي راهه ۾ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويندا سين ته توهان جي نانا حضرت محمّد مصطفى 3 جن جي اسان کي شفاعت نصيب ٿيندي. [12]

 

دشمن سان همڪلامي

 

       علامه مجلسي P نقل ڪري ٿو ته : جڏهن عمر بن سعد ۽ سندس لشڪر جنگ جي لاءِ تيار ٿي ويو ته گھوڙن تي سوار ٿي حضرت امام حسين A جي لشڪر ڏانهن وڌڻ لڳو ته هُتان کان امام A به ڪجهه صحابين سان گڏ دشمنن جي طرف اچي رهيا هئا جن ۾ جناب بُرير بن خضير همداني L جن اڳيان اڳيان هئا. جناب زُهير بن قين L کان پوءِ حضرت امام حسين A جن حضرت بُرير همداني L کي فرمايو ته : تون وڃي انهن ( عمر بن سعد جي لشڪر ) سان گفتگو ڪر. جناب بُرير L اڳتي وڌيا ۽ چوڻ لڳا ته : الله پاڪ کان ڊڄو نبي اڪرم 3 جن جو نواسو توهان جي درميان آهي هن وقت توهان تي وڏي ذميواري ۽ وڏو بار آهي هاڻي ٻڌايو ته اوهان حضرت امام حسين A سان ڇا ڪرڻ چاهيو ٿا؟

 

  انهن جواب ۾ چيو ته : اسان کين ابن زياد جي حوالي ڪنداسين ۽ هو پاڻ سندن باري ۾ فيصلو ڪندو. جڏهن جناب برير L انهن جو اهڙي قسم جو جواب ٻڌو ته چوڻ لڳا ته : ڇا اوهان اهلبيت E جي هيءَ ڳالهه به نه ٻڌندؤ ته اهي واپس مديني پاڪ موٽي وڃن ، اي ڪوفي وارؤ حيف هجي توهان تي ! اوهان ڪيترا خط لکيا ، عهد ڪيا ۽ اوهان الله پاڪ جي ذات کي ان تي گواهه بڻايو ،   

 

       هاڻي سڀ ڪجهه اوهان کي وسري ويو؟! حيف هجي توهان تي جو اوهان اصرار ڪري اهلبيت E کي عراق گھرايو انهن ته اهو سوچيو هو ته اوهان مٿن جانثاري ڪندؤ ليڪن هاڻي جڏهن امتحان جو وقت آيو آهي ته اوهين سندن ڪا به مدد ڪو نه ٿا ڪريو بلڪه ايستائين جو اوهان انهن جو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آهي. رسول پاڪ 3 جن جي نواسي سان اوهان تمام برو سلوڪ ڪري رهيا آهيو.

 

يزيدي لشڪر چيو ته : اسان کي تنهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه ٿيون اچن خبر ناهي ته تون ڇا چئي رهيو آهين؟ ايترو چئي ان کان پوءِ انهن مٿس تيراندازي شروع ڪري ڏني ۽ حضرت بُرير همداني L کي مجبور ٿي امام A ڏانهن موٽڻو پيو.

 

امام حسين A جي قاتل جو ڪفر

 

      جناب بُرير L   دشمنن کي نصيحت ڪرڻ جي گھڻي ئي ڪوشش ڪئي ليڪن ڪامياب  نه ٿي سگھيا. ان جي ڪري جڏهن عمر بن سعد مٿن سلام ڪيو ته پاڻ کيس سلام جو جواب نه ڏنائون. ان تي عمر بن سعد چوڻ لڳو ته : اي بُرير ! سلام ، اسلام جي سنت آهي تو ان جو جواب ڇو نه ڏنو؟ ان تي جناب بُرير L چيو ته : جيڪڏهن اوهان مسلمان هجو ها ته ڪڏهن به رسول خدا 3 جي فرزند جو خون نه وهايو ها.

 

ميدانِ جنگ  ۾ سندن رجز

 

     جناب بُرير بن خضير همداني L ڪربلا جي ميدان ۾ هيءُ رجز پڙهيو:

 

اَنا   بُر ير  و  اَبي   خضير      ليث يروع الاسد  عند الزّئر

 

يعرف فينا الخير اهل الخير    اضربکم و لا ارى من ضير

 

کذالک فعل الخير من برير

 

آئون خضير جو پٽ بُرير آهيان ،

 

اهڙو شينهن آهيان جنهنجي گجگوڙتي شينهن به دهلجي ويندا آهن

 

اهل خير اسان جي نيڪي ڄاڻين ٿا ،

 

اوهان کي مارڻ ۾ ڪو به نقصان ڪونه ٿو ڏسان

 

بُرير جو بهترين ڪم اهو ئي آهي

 

     ان کان پوءِ پاڻ دشمنن تي حملو ڪري ڏنائون حملي جي دوران سندن زبان تي هي جملا جاري هئا: ويجها ٿيو مؤمنن جا قاتلؤ! ، ويجها ٿيو، بدر جي مجاهدن جي فرزندن ( پُٽن ) جا قاتلؤ!، نزديڪ اچو رسول اڪرم 3 جن جي فرزندن جا قاتلؤ. ايستائين جو دشمنن منجهان ٽيهن ڄڻن کي واصل جهنم ( قتل ) ڪيائون.

 

سندن شهادت

 

         ان وقت عمر سعد جي لشڪر منجهان يزيد بن معقل نالي هڪ شخص ساڻن جنگ جي لاءِ ميدان ۾ آيو ۽ چيائين: اي برير! تون گمراهه آهين. ان تي پاڻ کيس چوڻ لڳا ته : اچ پاڻ ٻئي گڏجي خداوند متعال کي پڪاريون ٿا ، مباهلو ٿا ڪريون ۽ الله سائينءَ جي بارگاهه ۾ دعا ٿا گھرون ته اسان ٻنهين منجهان جيڪو به باطل تي هجي اهو ٻئي جي هٿان ماريو وڃي.

 

 ٻنهين جي وچ ۾ مقابلو شروع ٿي ويو يزيد بن معقل تلوار جو وار ڪيو ليڪن سندس وار جو مٿن ڪو به اثر نه ٿيو ان کان پوءِ جناب بُرير L ان تي تلوار جو وار ڪيو حضرت بُرير L تلوار جو ان تي ايڏو ته اثر ٿيو جو سندن تلوار يزيد جي مٿي کي چيريندي ان جي نڪ تائين اچي پهتي ۽ اهو ان جاءِ تي ئي واصل جهنم ( هلاڪ ) ٿي ويو. ان کان پوءِ کين دشمنن چئني پاسن کان گھيري ورتو ۽ کين شهيد ڪري ڇڏيائون.

 

      بحار الانوار ۾ علامه مجلسي P لکي ٿو ته جناب بُرير همداني L ، بحير بن اوس الضّبي جي هٿان شهيد ٿيو ۽ هو حضرت بُرير L کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ شعرن جي ذريعي پنهنجي ان ظلم تي فخر ڪندو هو. ليڪن سندس ڀائٽيي اهڙي عمل تي کيس ٽوڪيو ۽ چيائين ته : اي بحير ! بُرير همداني L الله سائينءَ جي نيڪ ٻانهن منجهان هو ۽ تون کيس شهيد ڪري فخر ۽ وڏائي ڪري رهيو آهين؟ ويل هجي توتي ! سڀاڻي قيامت واري ڏهاڙي تون پنهنجي پروردگار کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندين. ان کان پوءِ بحير بن اوس پنهنجي اهڙي ڪم تي شرمندو ٿيو. رڳو سندس ڀائٽيي کيس نه ٽوڪيو بلڪه سندس گھرواري نوار بنت جابر به سندس مذمت ۽ ملامت ڪئي ۽ ان قسم کنيو ته هاڻي ڪڏهن به ساڻس نه ڳالهائيندي. [13]

 

حوالا ....

 



[1] بحار الانوار ، ج 44 ص 393

[2] تاريخ طبري ، ج 4 ص 321 _ الفتوح ، ج 5 ص 181

[3] بحار الانوار ، ج 44 ص 320

[4] معجم رجال الحديث ، ج 4 ص 203

[5] فرسان الهيجاء ، ج 1 ص 39 _ اعيان الشيعه ، ج 3 ص 561 _ مقتل خوارزمي ، ج 2 ص 14

[6] مقتل حسين A ( مقرّم ) ص 285

[7] اعيان الشيعه ، ج 3 ص 561

[8] امالي شيخ صدوق ، ص 137 _ روضة الواعظين ، ج 1 ص 187

[9] تنقيح المقال في علم الرّجال ، ج 1 ص 167

[10] منتهى الآمال ، ج 1 ص 661

[11] ابصار العين في انصار الحسين ، ص 129

[12] لهوف ، ص 35

[13] تاريخ الامم و الملوڪ ، ج 5 ص 431