Get Adobe Flash player

 

 

ڪربلا   جون   تاريخي   شخصيتون    حبيب بن مظاهر عليه السلام

 

حبيب  جي ولادت

     حبيب ابن مظاهرکي اهو افتخار حاصل رهيو آهي ته پاڻ اصحاب امام حسينC جي صحابين منجھان سڀني کان پهريان دين اسلام ۽ نبي ڪريم4 جي خدمت ۾  اڳيان اڳيان رهيا آهن. هي بزرگ ”بني اسد“ قبيلي سان تعلق رکندو هو.  سندن ولادت بعثت پيغمبر4  کان هڪ سال پهريان ٿي

حبيب رسول الله (ص) جي خدمت۾

سندن بچپن نبي ڪريم4 سان گڏ مڪي ۾ گذريو ، ۽ سندن جواني رسول خدا4  سان مديني ۾ الله جي راه ۾ جهاد ۾ رهي. رسول خدا4 جي صحبت جو ايترو ته اثر رهيو جو پاڻ اسلامي حڪمت ۽ تعليم کان تمام گھڻي آگاهي رکندا هئا.

 

حبيب جو شمار رسول خدا4 جي صحابين منجھ ٿئي ٿو، ۽ حبيب نبي ڪريم4 کان تمام گھڻيون حديثون ٻُڌيون آهن. ۽ سندس شمار راوين منجھ به ٿئي ٿو(1)

            روايت ۾ آهي ته حبيب بن مظاهر هڪ ڀيري امام حسينC کان سوال ڪيو ته  آدمC جي خلقت کان  پهرين مولا توهان ڪهڙي  صورت  ۾ هوندا هئا؟ حضرت امام حسينC فرمايو :

 ته اسان  هڪ نور وانگر هئاسين ۽ الله جي عرش جو طواف ڪندا هئاسين ۽ فرشتن کي تسبيح و تمجيد سيکاريندا هئاسين(2)

حبيب  علي عليه السلام جي خدمت۾

پاڻ سڳورن4 جي رحلت کان پوءِ حبيب ولايت امير المؤمنينC جي رستي تي هلڻ شروع ڪيو۽ حبيب امامC جي صحبت کي نعمت سمجھيو ۽ پاڻ امامC کان  گهڻو ڪجھ سکيو ايستائين جو حبيب امام4 جي خاص صحابين ۽ شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ۽ پاڻ امامC کان ڪيترائي علم پرايا، انهن مان هڪ (علم بلايا و منايا) به آهي،يعني پاڻ وقت کان پهرين پنهنجي شهادت جي خبر ٻُڌائي ته آءٌ فلان تاريخ تي شهيد ٿيندس. انهي ڪري  سندس شمار ميثم تمار، رشيد هجري، عمرو بن حمق... ۾ جهڙين شخصيتن مان ٿيندو هئو.

حبيب ،مثيم ۽ رشيد جو واقعو

انهي لاءِ تاريخن ۾ هڪ واقعو نقل ٿيل آهي.ميثم تمار گهوڙي تي سوار هئا ته سندس گذر بني اسد جي قبيلي جي ڀرسان ٿيوته ڪجھ ماڻهو اُتي پاڻ ۾ ميڙ ڪيو ويٺا هئا، انهي وقت حبيب ابن مظاهر کي ڏٺائين ته اُهو به هڪ گھوڙي تي سوار آهي ته پاڻ ٻئي هڪ ٻئي مليا ته، ڊگھي گفتگو ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ حبيب بن مظاهر ميثم کي چيو ته: آءٌ هڪ پوڙهي شخص(يعني ميثم تمار) کي ڏسان پيو جنهن کي عنقريب حضرت عليC جي عشق ۽ محبت ۾ هڪ کجي جي وڻ تي لٽڪايو ويندو ۽ سندس زبان کي بيدردي سان ڪٽيو ويندو.

   پوءِ ميثم سندس جواب ۾ چيو ته: آءٌ به چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته اي حبيب! توکي به رسول خدا4 جي فرزند حسين بن عليH  جي مدد جي ڏوھ ۾ شهيد ڪيو ويندو ۽ ڪٽيل سر کي ڪوفي ڏانهن موڪليو ويندو. انهي گفتگوکان پوءِ هي هڪ ٻئي کان جدا ٿيا ،اُتي ويٺل ماڻهو اها ڳالھ ٻُڌي رهيا هئا ته انهن خيال ڪيو ته هي ٻئي ڪوڙ ڳالهائي ويا آهن، ته ايتري ۾ رشيد هجري اُتي اچي ويو ۽ انهن کان ميثم ۽ حبيب جي باري ۾ پُڇا ڪيائين، انهن چيو ته هينئر اتي ئي هئا ۽ هن ريت چئي رهيا هئا پوءِ هليا ويا . رشيد چيو الله ميثم تي رحمت ڪري ، ميثم هڪ ڳالھ وساري ويٺو آهي اها هي ته جيڪو شخص حبيب جي ڪٽيل سر مبارڪ کي ڪوفي کڻي ايندو انهيءِ کي هڪ سئو درهمن کان وڌيڪ انعام ڏنو ويندو.

  اُتي موجود ماڻهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته رشيد ته انهن ٻن کان به وڏو ڪوڙو نڪتو، پر ڪجھ وقت جي اندر ميثم کي ”عمرو بن حريث“ جي گھر جي دروازي ڀرسان موجود کجي جي وڻ تي لٽڪيل ڏٺو ويو، حبيب ابن مظاهر جي سر مبارڪ کي ڪوفي آندو ويو انهن ماڻهن اهو پنهنجي اکين سان ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا.(3)

حبيب  جو ڪردار

حصرت عليC جي خلافت جي دور ۾ حبيب ابن مظاهر تمام جنگن ۾ شرڪت ڪئي(4) انهي زماني ۾ سندن شمار ڪوفي جي بهادرن ۽ امامC جي بهترين مددگارن ۾ هيس.(5)

بهادري ۽ شجاعت کان علاوه پاڻ اخلاق ۽ ڪريم هجڻ ۾ به بيمثال هئا، ديني مسئلن ۽ خدا جي احڪامن جي بصيرت رکندا هئا . طهارت، تقوى،  زهد، عبادت، سخاوت، وفا ۽ امامC ۽ اهلبيت پيغمبر4 جي نسبت مخلص هجڻ ۾ هڪ نمونو هوندا هئا. پاڻ تمام علمن جھڙوڪ فقھ، تفسير، قرائت، حديث، ادبيات، جدل، مناظرو، ۽ غيب جي خبرن ۾ مهارت رکندا هئا.(6)

  حبيب خوبصورت چهري جو مالڪ هيو، پاڻ پوري قرآن جو حافظ هو، حبيب رات جو عشاء جي نماز کانپوءِ فجر جي اڇاڻ تائين ختم قرآن ڪندو هو، ۽ پوري رات الله پاڪ جي عبادت ۾ گذاريندو هو.(8)

حبيب  علي عليه السلام جي شهادت کانپوءِ

      حضرت عليC جي شهادت کانپوءِ هڪدم حالات تبديل ٿي ويا، امام حسنCخلافت ڇڏڻ کان پوءِ معاويه جي  20 سال   اسلامي دنيا تي حڪومت جي آڙ ۾ ماڻهن کي غفلت جي انڌيري ۾ رکي علي ۽ آل علي جي خلاف زهريلي تبليغ ڪندو رهيو، ۽ شيعان عليC کي زندان، ڦاسي، ملڪ بدر ڪرڻ جهڙيون ظالم سزائون ڏيندو رهيو.

     انهي حالتن ۾ معاويه جي سازشن جي ڪري امام حسنC کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو، امامت امام حسينC جي هٿ ۾ آئي، ليڪن معاويه جي سياست ساڳئي رستي تي ساڳئي طريقي سان جاري هئي. امام حسينC کي ڪوفي کان خط مليا جن ۾ معاويه جي خلاف قيام جو مطالبو ڪيو ويو، پر امامC سندن جواب خاموشي اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو(9) ايستائين جو آخر ڪار معاويه سن 60 هجري ۾ واصل جھنم ٿيو ۽ حڪومت جي واڳ سندس پٽ يزيد ملعون جي هٿ ۾ آئي.

حبيب  جو امام حسين عليه السلام کي خط

      واضح آهي ته ان پوري ڊگهي عرصي ۾ حبيب به صبر کان ڪم ورتو، ۽ امام جي اطاعت ۾ رهيو.ڪوفي مان جيڪو پهريون دعوت نامو لکيو ويو انهي تي چار ماڻهن جي صحيح هئي، سليمان بن صرد، مسيب بن نجبه، رفاعه بن شداد، حبيب بن مظاهر (10)

      پوء جڏهن حضرت مسلم بن عقيل ڪوفي پهتو ته عابس بن ابي شبيب شاڪري سڀ کان پهريون شخص هو جنهن حضرت مسلم جي حمايت ۽ وفاداري جو اعلان ڪيو ان کان پوء حبيب بن مظاهر اٿي بيٺو ۽ عابس بن ابي شبيب شاڪري جي ڳالھ جي تصديق ڪندي هن ريت فرمايو ته: خدا توتي رحم ڪري جو تو  بهترين انداز ۾ ۽ مختصر لفظن ۾ پنهنجي دل جو حال بيان ڪري ڇڏيو آهي : خدا جو قسم مان به ان نظريي تي پڪو يقين رکان ٿو جيڪو عابس بيان ڪيو آهي (11)

حبيب  جو امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ پهچڻ

       اهڙي طرح حبيب بن مظاهر  حضرت مسلم جو بهترين ٻانهن ٻيلي هو ۽ مسلم بن عوسجه سان گڏ حضرت مسلم بن عقيل جي لاءِ ماڻهن کان بيعت وٺندا هئا (12) پر مسلم بن عقيل جي شهادت کان پوءِ  ڪوفي وارن جي بيوفائي جي ڪري ان جي قبيلي وارن مجبور ٿي انهن ٻنهي( حبيب ۽ مسلم بن عوسجا) کي پوشيده ڪري ڇڏيو پر جيئن ئي حبيب بن مظاهر کي امام حسينC جي ڪربلا پهچڻ جي خبر ملي ته رات جي وقت  امامCسان وڃي مليو حالت ائين هئي ته ڏينهن جو  لڪي ۽ رات جو سفر ڪندو هو ۽ اهڙي طرح پنهنجي دل جي آرزو  پوري ڪيائين (13) جيتوڻيڪ ڪجھ ڪتابن ذڪر ڪيو آهي ته جڏهن حضرت امام حسينCکي مسلم بن عقيل جي شهادت جي خبر ملي ته امامCحبيب بن مظاهر کي خط لکيو ۽ اچڻ لاءِ چيو (14) پر هي مطلب معتبر ڪتابن سان ثابت ناهي(15)

حبيب  جي بني اسد قبيلي کي دعوت

       ڪربلا ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن عمر سعد جي لشڪر ۾ اضافو ٿيندي ڏٺائين ته امامCکان اجازت وٺي پنهنجي قبيلي وارن ڏانهن ويو ۽ تفصيلي خطاب ڪيائين، بعد ۾ انهن کي امام حسينCجي مدد ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڪئي ان جو خلاصو ڪجھ هن ريت آهي: مان توهان جي لاءِ هڪ بهترين تحفو کڻي آيو آهيان اهو هي ته فرزند رسول4جي مدد لاءِ تيار ٿي وڃو! رسول4جو نواسو اڄ عمر سعد جي ٻاويھ هزار لشڪر جي گھيري ۾ آهي، توهان منهنجي قبيلي وارا آهيو منهنجي ڳالھ تي ڌيان ڏيو ته جيئن دنيا ۽ آخرت جي سعادت توهان کي نصيب ٿي سگھي، خدا جو قسم توهان مان جيڪو به رسول4جي فرزند لاءِ جان قربان ڪندو، اهو قيامت جي ڏينهن رسول خدا4سان گڏ محشور ٿيندو.(16) حضرت حبيب جي تقرير ايڏي ته بهترين هئي جو ماڻهو اُن آواز تي لبيڪ چوڻ لڳا ۽ حضرت امام حسين Cجو ساٿ ڏيڻ لاءِ  تيار ٿي ويا ، ارزق بن حرب صيدادي ملعون جنهن چار هزار سپاهين سان گڏ انهن ماڻهن تي حملو ڪري ۽ انهن کي جدا جدا ڪري ڇڏيو.

     جڏهن امام حسينCپنهنجي پروردگار سان رازُ نياز ڪرڻ لاءِ (نائين محرم) تي دشمن کان مهلت طلب ڪيائون حبيب بن مظاهر عمرسعد جي لشڪر کي نصيحت ڪندي چيو ته: خدا جو قسم ڪيڏي نه خراب هوندي اها قوم جيڪا قيامت جي ڏينهن رسول خدا4جي سامهون اهڙي حالت ۾ ايندي جو سندن هٿ امامC۽ ان جي  اصحابن ۽ مددگارن جي خون سان رنڱيل هوندا .

حبيب عاشور واري رات

    شهادت جي موت سان محبت جو هي عالم هو جو جڏهن عاشور جي رات ٿي ته جناب حبيب پنهنجي ساٿي يزيد بن حصين سان مذاق ڪري ٿو انهي تي يزيد بن حصين چيو ته هي مذاق جو ڪهڙو وقت آهي جڏهن ته اسين دشمنن جي گھيري ۽ موت جي مُنهن ۾ آهيون ان تي حبيب چيو ته اي دوست ان کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪهڙو وقت هوندو جو اسان جلدئي پنهنجي دشمن جي هٿان شهيد ٿي جنت ۾ وڃڻ وارا آهيون(17)

   هڪ روايت جي مطابق عاشور جي رات جڏهن هلال بن نافع ، حبيب بن مظاهر کي ٻُڌايو ته حضرت زينبIان ڪري پريشان آهن ته منهنجي ڀاءُ حسينCجا صحابي ڪٿي بيوفائي نه ڪري وڃن اهو ٻُڌي جناب حبيب سڀني اصحابن کي گڏ ڪري  خيمي جي در تي وٺي آيو ۽ حضرت زينبءIسان خلوص دل سان وفاداري جو اظهار ڪيو، ۽ پنهنجن جانن جو نذرانو پيش ڪرڻ جو ٻيهر واعدو ڪيو ته جيئن حضرت زينبIجي اها پريشاني ختم ٿي سگھي(18)

حبيب عاشور واري ڏينهن

       عاشور جي صبح امام حسينC پنهنجي لشڪر تي نظر ڦيرائي ۽ پنهنجي ساڄي طرف  لشڪر جي سپھ سالار زهير بن قين ۽ پنهنجي کاٻي طرف حبيب بن مظاهر ۽ لشڪر جي دل جي سربراهي حضرت ابوالفضل العباسC جي حوالي ڪئي ايتري ۾ دشمن جا سپاهي ميدان ۾ داخل ٿيا ته حبيب بن مظاهر مقابلي لاءِ تيار ٿيو ته امام حسينC ان کي روڪي ڇڏيو. اهڙي طرح  عاشور جي منجھند جو جڏهن امام حسينC عمرسعد جي لشڪرکي نماز پڙهڻ جي خاطر جنگ روڪڻ لاءِ چيو ته هڪ ملعون گستاخي ڪندي چيو ته توهان جي نماز قبول نه ٿيندي(معاذالله) ان وقت حضرت حبيب کان برداشت نه ٿيو ۽ فوراً اهو چوندي اڳتي وڌيو ته اي (گڏھ) تنهنجي باطل خيال ۾ آل پيغمبر4 جي نماز قبول ناهي؟! ۽ توهان جي نماز قبول آهي

حبيب جي شهادت

جڏهن عاشور جي جن شديد ٿي ته حبيب امام کان اجازت وٺي  ميدان  ۾ ويو شديد جنگ ڪري ڪيترن ئي دشمنن کي جھنم حوالي ڪيائون، پر هڪ تيمي شخص اوچتو وار ڪري کين شهيد ڪري  ڇڏيو

شهادت کانپوء جڏهن ِ سندن سر مبارڪ کي جدا ڪري گھوڙي جي گردن ۾ ٻَڌي ڪوفي جي بازار ۾ ڦيرايو ويو انهي مهل ائين پئي لڳو ڄڻ ته هي مجاهد ڪوفي وارن کي چئي رهيو هو ته ڏسو هي سر آل رسول4 جي خاطر ڪٽجي سگھي ٿو پر دشمن جي سامهون جھڪي نٿو سگھي(19)

السلام عليک يا حبيب بن مظاهر الاسدي.

حوالا

1 : محمد بن طاهر سماوي،ابصارالعين،ص56

2 : بحارالانوار، مجلسي،ج4،ص311

3 : ڪشي، رجال،ص 78 سفينة البحار،ج1،ص405

4 :ابصارالعين في انصارالحسين،ص56

5 : ساڳيو

6 : امالي منتجبه،ص49

7 : مهدي شمس الدين، انصار الحسين،ص66

8 : سيد محسن امين، اعيان الشيعه،ج4،ص554

9 : الاخبارالطوال،ص221

10 : شيخ مفيد، ارشادص 203

11 : تاريخ طبري،ج5،ص355

12 : ابصار العين،ص78

13 : اعيان الشيعه، ج2،ص554

14 : اسرار الشهادة،ص396

15 : شهداء ڪربلا،ص134

16 : الفتوح،ج5 ،ص159

17 : اخيار الرجال، الڪشي،ص79

18 : الدمعة الساڪبة،ج4 ،ص274

19 : شهداء ڪربلا،ص135