Get Adobe Flash player

آئون هن مقالي جي شروعات هن حديث سان ڪندس جيڪا حديث الله جي رسول ص حضرت علي جي شان ۾ ارشاد فرمائي

عليڪم بعلي بن ابي طالب فانه مولاڪم فاحبوه و ڪبيرڪم فاتبعوه و عالمڪم فاڪرموه  وقائدڪم الي الجنه فعززه فاذا دعاڪم فاجيبوه و اذا امرڪم فاطيعوه احبو بحبي واڪرموه بڪرامتي ما قلت لڪم في علي الا ما امرني به ربي جلت عظمته (1)

 

     توهان تي واجب آهي ته علي سان گڏ رهو ڇاڪاڻ ته هو توهان جو مولا ۽ سرپرست آهي کيس دوست رکجو .هو توهان جو وڏو آهي سندس  پيروي ڪريو. هو اوهان جو عالم  آهي سندس عزت ڪريو. هو اوهان جو اڳواڻ ۽ جنت جي طرف راهنما آهي سندس احترام ڪريو .جڏهن هو اوهان کي سڏ ڪري ته سندس سڏ تي لبيڪ چئو.هو جڏهن توهان کي حڪم ڏي ته سندس اطاعت ڪريو منهنجي محبت وانگر ساڻس محبت ڪريو ۽ سندس ائين عزت ڪريو جيئن منهنجي عزت ڪريو ٿا.  

    مون علي جي باري ۾ اهو ئي چيو آهي جيڪو الله مون کي حڪم فرمايو انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته حضرت علي جي شخصيت رسول خدا ص کان پوء هڪ بهترين شخصيت آهي هن جي مثل ٻيو ڪوبه شخص نه آهي هي انسان انسانيت جي بلندين تي ائين چمڪي ٿو جو انساني عقلن کي حيران ڪري ڇڏيو اٿس هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته داستان غدير کي منابع اهل سنت مان ثابت ڪيو وڃي ۽ ان جي اهميت بيان ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته غدير هڪ وڏو عظيم ڏينهن آهي . هڪ وڏي عيد آهي هن ڏينهن کي تمام ڏينهن تي فضيلت حاصل آهي .

عيد

     سڀ کان پهريان ڪوشش ڪندس ته عيد جي معنا معلوم ڪجي پوء غدير تي روشني وجھجي. اهل لغت وٽ عيد عربي زبان جي لفظ عود مان ورتل آهي جنهن جي معنا موٽڻ آهي ۽ اسلام ۾ چار وڏيون عيدون آهن عيد فطر عيد الاضحي عيد جمعه ۽ عيد غدير انهن ۾ سڀني کان فضيلت واري عيد غدير آهي .

غدير

غدير لغت ۾ هڪ چشمي يا ڌٻي کي چوندا آهن اهڙو چشمو يا ڌٻو جيڪو بيابان ۾ هوندو آهي ۽  ٻوڏ يا مينهن سان ڀربو  آهي ۽ ايندڙ ويندڙ مسافر  ان مان پاڻي پيئندا رهن .

غدير خم

     جڏهن مسافر مديني کان مڪه جي طرف سفر ڪندا آهن ته تقريبا مديني کان مڪو 500ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي جڏهن  270 ڪلو ميٽر طي ڪندا آهن ته مقام رابغ تي پهچندا آهن (2)

رابغ هڪ ننڍڙو شهر آهي جيڪو جحفه جي ويجهو آهي ۽ جحفه ميقاتن منجهان هڪ ميقات آهي جيڪي حاجي شام يا جده کان مڪه طرف ايندا آهن اهي تمام جحفه تي احرام ٻڌندا آهن جحفه مڪي کان 250 ڪلوميٽر ۽ رابغه کان 26 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي(3) جحفه ۽ رابغه جي وچ ۾ غدير واقع آهي غدير جو پاڻي ميرو ۽ مٽي وارو هوندو جيڪو پيئڻ جي لائق نه آهي هوندو ۽ گھڻو ڪري قافله ان مقام تي نه بيهندا آهن (4)  

حجةالوداع

     هن حج کي حجة الوداع حجة الاسلام حجة البلاغ حجة الڪمال حجة التمام به سڏيو ويندو آهي (5) حج جا اعمال ختم ڪرڻ کان پوء مديني ڏانهن حرڪت ڪيائون جڏهن سرزمين رابغ وٽ پهتا پوء غدير خم تي پهتا ته جبرئيل امين مٿان نازل ٿيو ۽ هيءَ آيت پهچايائين (6) جيڪا آيت تبليغ جي نالي سان مشهور آهي يايها الرسول بلغ... (7)

 اي پيغمبر اها شيء جيڪا اسان توتي نازل ڪئي انهي کي ماڻهن تائين پهچاء جيڪڏهن اهو ڪم انجام نه ڏنئي ڄڻ تو رسالت جو ڪم ڪيو ئي نه آهي ۽ ماڻهن جي خوف کان الله توکي محفوظ رکندو ۽ خدا قوم ڪافر جي هدايت ناهي ڪندو

  هن پيغام هڪ اهم ذميواري رسول خدا ص جي ڪلهن تي وڌي ۽ هي اهڙو پيغام هيو جنهن کان هر ماڻهو جو باخبر هجڻ ضروري هو جيڪڏهن ايئن نه پيو ڪري ته ڄڻ رسالت جو ڪو به ڪم انجام نه ڏنائين لهذا بهترين موقعو اهڙي پيغام جي اعلان لاء اها جاء هئي (غدير خم) اها جڳھ جتان بصره ،عراق ،مدينو ، حضرموت ، تهامه، جا رستا جدا پيا ٿين بس بيهڻ جو دستور صادر ڪيائون ته جيڪي پوئتي رهجي ويا هئا انهن جي اچڻ جو انتظار ڪيو وڃي (8)

    هن عظيم اجتماع (ميڙاڪي ) واري ڏينهن سخت گرمي هئي. ايتري گرمي هئي جو ماڻهن پنهنجي لباس کي ڪجھ  مٿن تي ته ڪجھ پيرن جي هيٺان پئي  رکيو(9) سڀئي اهو پيا چاهين ته خبر پوي اها ڪهڙي ڳالھ آهي جو رسول ڪريم ص اهڙي گرمي ۾۽  هن نامناسب جڳھ تي بيهڻ جو حڪم ڏنو آهي گرمي اهڙي ته شديد هئي جو سڀئي حاجي بيحال هيا پاڻ حڪم ڏنائون ته وڻن جي ڇانوء هيٺ هليا وڃو ۽ اٺن جي پلاڻن سان هڪ منبر ٺاهيو وڃي حڪم مطابق منبر ٺاهيو ويو هي وقت ظهر جي ويجهو هو.

   جڏهن سڀ حاجي جمع ٿيا  ته پاڻ ڪريم ص انهن پلاڻن جي منبر تي آيا ۽ خطبو ارشاد فرمايائون  (خطبي جاصرف ڪجھ حصا ذڪر ڪجن ٿا)

   الله جي حمد ۽ ثنا ڪيائون پاڻ فرمايائون ڇا شهادت ۽ گواهي ڏيو ٿا ته الله کانسواء ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي محمد صه هن جو بندو ۽سندس رسول آهي جنت حق آهي دوزخ حق آهي موت حق آهي قيامت واقع ٿيندي ۽ الله سڀني مئلن کي زنده ڪندو  انهي تي سڀني حاضرين چيو بلڪل انهي جي گواهي ڏيون ٿا انهي تي پاڻ فرمايائون يا الله تون گواه ۽ شاهد رهجان (10)

         انهي کان پوء فرمايائون اي الله جا ٻانها منهنجو آواز ٻڌو ٿا؟ سڀني چيو جي ها ٻڌون پيا پوء پاڻ ارشاد فرمايائون آئون توهان جي درميان ٻه وزني شيون ڇڏيو ٿو وڃان سوال ٿيو اهي ڪهڙيون شيون آهن پاڻ فرمايائون هڪ الله جو ڪتاب ٻي عترت منهنجو خاندان.انهن ٻنهي کان هرگز جدا نه ٿجو اهي ٻئي شيون توهان کي حوض ڪوثر تي مون وٽ پهچائينديون

        ان کان پوء حضرت علي ع جو هٿ وٺي بلند ڪيائون ۽ فرمايائون من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه جنهن جو آئون مولا آهيان انجو علي مولا آهي انهي جملي کي ٽي 3 دفعا تڪرار ڪيائون (11)

    پوء فرمايائون يا الله انهي کي دوست رک جيڪو علي کي دوست رکي ۽ انهي سان دشمني ڪر جيڪو علي سان دشمني ڪري (12) ان جي مدد ڪر جيڪو علي جي مدد ڪري (13)  حق هميشه علي سان گڏ آهي ۽ علي هميشه حق سان گڏ آهي (14)  پوء فرمايائون ۽ جيڪي اوهان مان حاضر آهن اهي غائبين تائين هي پيغام پهچائين (15)

    جيئن ئي رسول صه جو خطبو تمام ٿيو ٿه جبرئيل امين هي آيت کڻي نازل ٿيو اليوم اڪملت لڪم دينڪم.......... الي آخريعني اڄ تنهنجي دين کي مڪمل ڪيم نعمت کي توتي تمام ڪيم ۽ راضي ٿيم ته اسلام تنهنجو دين هجي . هن پيغام جي اچڻ کان پوء رسول خدا صه خوش ٿيا ۽ پاڻ فرمايائون الله اڪبر ته دين ڪامل ٿي ويو نعمتون تمام ٿي ويون ۽ پروردگار منهنجي رسالت ۽ علي جي ولايت تي مون کان پوء راضي ٿي ويو (16)

بيعت ۽ مبارڪباد جي رسم

پيغمبر اڪرم ﷺ خطبي تمام ٿيڻ کانپوء منبر کان هيٺ لٿا ۽ خيمي ۾ وڃي ويٺا ۽ حڪم ڏنائون ته وڃو علي کي مبارڪباد پيش ڪيو

  روضه العفا وارو لکي ٿو ته رسول ڪريمﷺ منبر تان هيٺ لٿو ۽ هڪ خاص خيمي ۾ وڃي ويٺو پوء صحابين کي حڪم ڏنائين  ته علي ع جي خيمي ۾ وڃو ۽ هن کي مبارڪون ڏيو .(17) (18)

        تاريخ حبيب سير جو ليکڪ حديث غدير نقل ڪرڻ کان پوء لکي ٿو ته مبارڪ جي شروعات حضرت عمر کان ٿي ۽ هنن لفظن (بخ بخ يابن ابي طالب اصبحت مولاي و مولى ڪل مومن و مومنه ) سان مبارڪ ڏنائين (19) انهي کان بعد امهات المومنين به مبارڪون پيش ڪيون (20) سڀني اصحابين ٻيهر رسول خدا سان بيعت ڪئي حضرت علي ع سان به بيعت ڪيائون سڀ کان پهريان جن حضرت علي ع جي هٿ تي بيعت ڪئي ابوبڪر،عمر، عثمان ، طلحه ۽ زبير هيا (21)

غدير جي ڏينهن حضرت علي ع کي خلافت جو عطا ٿيڻ

         ٽن ڏينهن تائين بيعت ۽ مبارڪن جو سلسلو جاري رهيو (22) خلافت الاهي جو حڪم روشن ٿيو ۽ رسول خدا ﷺ جو خليفو منصوب ٿيو ايستائين جو اهو وقت به آيو ته رسول خدا پڳداري جي رسم به ادا ڪئي ۽ حضرت علي ع کي پاڻ وٽ گھرايائين ۽ پنهنجو عمامو جنهن جو نالو سحاب هيو لاهي حضرت علي جي سر مبارڪ تي رکيائون ۽ چيائون ياعلي العمائم تيجان العرب يعني عمامو عربن جو تاج آهي (23)  ان کان پوء فرمايائون يا علي هيڏي اچ حضرت علي ع ويجھو ويو رسول خدا فرمايو هيڏي ڦر حضرت علي ڦريو(24)  انهي محل صحابين ڏي منهن ڪري فرمايائون جيڪي فرشتا بدر ۽ حنين واري ڏينهن منهنجي مدد لاء آيا هئا انهن کي عماما اهڙي طرح پاتل هئا (25) وري چيائون عمامو اسلام سان مخصوص آهي (26) وري فرمايائون عمامو نشاني آهي جيڪو مسلمان کي شرڪ کان جدا ڪري ٿو (27)  اهڙي طرح غدير جو واقعو اختتام  تي پهتو ۽ انهن هر هڪ تائين پهچايو.

هن واقعي ۾ ٻه ڳالهيون قابل غور آهن

الف حديث غدير جي صحت جي باري ۾

ب رسول اڪرم جي خطبي غدير جو مفاد

الف _واقعه غدير جي صحت تاريخ جي  نظر ۾

جيئن ته غدير پهرين جڳھ نه آهي جتي رسول اڪرمﷺ بطور جانشين حضرت علي جي سڃاڻپ ڪرائي هجي بلڪه ڪافي مقامن تي حصرت علي جي باري ۾ خبر ڏني آهي ۽ اها سڀني کي خبر هئي ته علي ع بلافصل خليفو ۽ انسانن مان محبوب ترين انسان آهي رسول خدا جي وٽ هجرت کان بعد به اها ڳالھ ايتري مرتبه تڪرار ٿي چڪي هئي جو تقريبن سڀئي مديني وارا انهي کان واقف هيا. سڀئي حديث منزلت،حديث طير کي ٻڌي چڪا هئا حديث ثقلين به تڪرار ٿي وئي هئي (28) انهي سڀني جي باوجود به حديث غدير مشهور ترين حديث آهي اهي سڀ حديثون متواتر آهن

        اهڙي طرح حديث غدير به متواتر آهي. مرحوم علم الهدى سيد مرتضى انهي مسئلي جي باري م لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شخص هن حديث جي باري ۾ دليل گھري ته اهو ايئن آهي ڄڻ اهو رسول خدا ﷺ جي جنگن جي باري ۾ دليل گھري ٿو.

         هن حديث غدير جا ڪافي راوي آهن انهي شيء جي ضرورت به ڪانهي ته انهن جا نالا لکجن نه وري گنجايش آهي جيڪڏهن ڪنهن کي ضرورت آهي ته اهو علامه اميني جي ڪتاب الغدير ڏانهن رجوع ڪن (29)  اصحاب رسول ، 110 تابعين کان علاوه هر صدي (قرن) ۾ مختلف ماڻهن هن حديث کي نقل ڪيو آهي هن حديث کي احمد بن حنبل چاليھ سندن سان ، ابو سعد سعود سجستاني 120 سندن سان ۽ ابوبڪر جعابي 125 سندن سان روايت ڪيو آهي  (30)  ابن حجر ڪتاب صواعق محرقه ۾ لکي ٿو ته هن حديث کي 30 ماڻهن صحابي پيغمبر خدا روايت ڪيو آهي ۽ تمام گھڻن جي سند صحيح يا حسن آهي (29)

     ابن مغازلي مناقب ۾ لکي ٿو ته حديث غدير صحيح آهي جيڪا تقريبن 100 صحابين جن ۾ صحابه عشره مبشره به آهن  رسول خدا ﷺ کان روايت ڪئي آهي ته هي حديث ثابت آهي ۽ هن تي ڪو به اعتراض نه آهي ۽ هي هڪ فضيلت آهي جيڪا الله سائين فقط علي عليه السلام کي عطا ڪئي آهي ۽ هن فضيلت ۾ ڪو به شخص ساڻس  شريڪ نه آهي (30) حديث غدير بغير شڪ جي هڪ حقيقت آهي ۽ هڪ چمڪندڙ ستاري وانگر آهي.

ب_ حديث غدير جو مفهوم

جيڪا حقيقت حديث غدير ۾ لڪل آهي اها هنن جملن ۾ آهي من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه هن روايت مان ٻه دليل آڻي سگھجن ٿا .

1. مولا مان سرپرست مراد آهي نه دوست! جن به هن حديث سان استدلال ڪيو آهي. انهن مولا جي معنى اولى ڪئي آهي اولى يعني جنهن کي حق تصرف هجي .جيڪو وڌيڪ لائق هجي يعني لائق سرپرستي هجي جيڪو لائق رهبري هجي جيڪو انهي اختيار جي لائق هجي

        انهي مطابق هن حديث جي معنى هي آهي ته جنهن جو رهبر ۽ سرپرست آئون آهيان ان جو علي به رهبر ۽ سرپرست آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا لغت عرب ۾ انهي معنى ۾ استعمال ٿيو آهي يا نه؟ مرحوم علامه اميني 42 ماڻهن جا نالا کنيا آهن جيڪي علماء لغت مفسر آهن ۽ انهن ۾ 27 اهڙا علماء آهن جيڪي مولى کي اولى جي معنى ۾ قبول ڪن ٿا (31)

2 مفهوم حديث غدير! هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هن حديث ۾ به اها معنى مراد آهي يا نه ؟

    جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ۽ حديث جي اڳ ۽ پٺ ۽ ظرفيت کي ڏٺو وڃي ته هن حديث ۾ به مولى مان اولى جي معنى مراد ورتي وئي آهي ڇاڪاڻ ته پيغمبر جي شخصيت عقل ڪل آهي، انسان ڪامل آهي، وڏو پيغمبر ۽ سفير آسماني آهي  سو اهڙي ڏينهن جيڪو تمام گرم هئو جو زمين باھ وانگر ٻري پئي ۽ سج پوري زور سان چمڪي پيو. لک حاجي اهڙي بيابان ۾ ٿڪاوٽ جي حالت ۾ هئا ٺيڪ ٻپهري جي وقت خطبو ٿو پڙهي ۽ بار بار ٿو چوي ته ڇا منهنجو آواز اوهان تائين پهچي ٿو ؟ ۽ آخر ۾ حضرت علي ع جي معرفت ٿا ٻڌائين ۽ اهو ٿا فرمائين من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه  وري فرمائين ٿا جيڪي حاضر آهن اهي هي پيغام غائبين تائين پهچائين ۽ وري سڀني کي حڪم ٿا ڏين ته علي جي بيعت ڪريو ۽ مبارڪباد جو حڪم ٿا ڏين ۽ پنهنجو عمامو لاهي حضرت علي جي سر مبارڪ تي رکن ٿا ۽ چون ٿا عربن جو تاج عمامو آهي

      جيڪڏهن فرض ڪيون ته هي حديث بغير قريني ۽ تفسير ۽ توضيح جي ڪنهن جي هٿ ۾ پهچي ها ته اهو به ايئن نه چوندو ته رسول خدا ﷺ جي مراد آهي جنهن جو مان دوست آهيان علي ان جو دوست آهي جنهن جو مان مددگار آهيان علي ان جو مددگار آهي ڇاڪاڻ ته دوستي ۽ مدد بيعت نٿي چاهي ،عمامو پڳداري نٿي گھري .

نتيجو

هن پوري واقعي مان هي نتيجو نڪري ٿو ته اهل سنت جي نزديڪ به غدير جو واقعو ثابت آهي  ۽ حديث غدير متواتر آهي ۽ ان جي سند ۾ ڪنهن قسم جو ڪو شڪ نه آهي ۽ اهو به ته حديث غدير جانشيني ۽ خلافت تي دلالت ڪري ٿي جنهن جو اعلان غدير تي رسول خدا ﷺ فرمايو .

ڪتابن جا حوالا

1_فرائد السبطين ج 1 ص78 باب 14 حديث 45

2_ معجم البلدان ج3 ص11

3_ راهنمائي حرمين شريفين ج 5 ص13

4_تاريخ حبيب اسير ج 1 ص411

5_ سيره حلي جلد 3 ص 307

6_ حبيب اسير ج 1 ص411

7_سوره مائده آيه 67

8_حبيب اسير ج 1 ص 418

9_ سيره حلبي ج 3 ص 309

10_ تاريخ دمشق ج 2 ص 45

11_ ڪنزالعمال ج13 ص 104 و 105

12_ڪنزالعمال ج 13 ص 138

13_فرائد السبطين ج1 ص 73 باب 12 حديث 39

14_الغدير ج1 ص 10 و 11

15_مناقب ابن مغازلي ص 19 حديث 24

16_ فرائد السبطين ج1 ص 73 باب 12 حديث 39 و 40

17_18_ تاريخ روضه الصفا ج1 ص 541

19_تاريخ حبيب اسير ج1 ص411

20_ اعلام الورى ص 133

21_22_ الغدير ج1 ص 270

23_ تاج العروس ماده توج ج 5 ص 40

24_25_فرائد السبطين ج 1 ق 76 باب 12 حديث 42 و43

26_ مناقب الاميرالمومنين ج 2 ص 389 حديث 864

27_فرائد السبطين ج 1 ق 75 باب 12 حديث 41

28_ ڪنزالعمال ج 13 ص 114

29_ الغدير ج 1 ص 14 تا 151

30_ الغدير ج 1 ص14

31_الصواعق محرقه ص 188 حديث 41

32_مناقب ابن مغازلي ص 27 حديث 39

33_الغدير ج1 ص 344 تا 350 .