Get Adobe Flash player

مقدمو

غدير، اهو ڏينهن جنهن ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم خدا جي حڪم مطابق پنهنجو جانشين سڀني اصحابن جي سامهون مقرر ڪيو، اهو ڏينهن جنهن ۾ هڪ اهم الاهي پيغام رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان مبارڪ جي ذريعي مسلمانن تائين پهتو ۽ اهو ڏينهن جنهن ۾ دين ڪامل ٿيو. اِن ئي اهم واقعي جي ڪري 18 ذوالحج جي اهميت ۽ عظمت ڪنهن عيد کان گھٽ ڪونهي. ان ڏينهن جي باري ۾ واضح طور تي قرآن ۾ آيتون نازل ٿيل آهن جيڪي ان واقعي تي دلالت ڪن ٿيون.

ان کان علاوه پڻ ان ڏينهن جي باري ۾ ڪيترن راوين روايتون، ڪيترن ئي مفسرن تفسيرون ۽ ڪيترن ئي ڪاتبن تحريرون لکيون آهن. مفسرن ۾ نه صرف شيعه مفسرن بلڪه ڪيترائي اهل سنت جا عالم ۽ ٻين فرقن سان وابسته عالم ان آيتن جي تفسيرن تي روشني وڌي آهي جيڪي سڀ جون سڀ ان ڏينهن جي عظمت، مرتبو ۽ شان بيان ڪن ٿيون.

تاريخ ۾ به ڪيتريون ئي عظيم شخصيتون ۽ عظيم رهنما آهن جن ان ڏينهن جي باري ۾ پنهنجي راءِ ۽ نظر بيان ڪئي آهي. انهن مان عالم اسلام جي مفڪر، انقلاب اسلامي ايران جي عظيم رهنما حضرت امام خميني رحمة الله به پنهنجا نظريا مختلف مقامن تي مختلف محفلن ۽ مجلسن ۾ بيان ڪيا آهن جن مان ڪجھ هيٺ بيان ڪجن ٿا.

غدير جو پيغام، ولايت ۽ حڪومت

انقلاب اسلامي ايران جي عظيم رهنما حضرت امام خميني رحمة الله حضرت علي عليه السلام جي عظيم شخصيت ۽ غدير جي پيغام جي باري ۾ فرمائن ٿا: “آئون حضرت امير عليه السلام جي شخصيت جي باري ۾ ڇا ٿو چئي سگھان. حضرت علي عليه السلام جي عظيم شخصيت جا مختلف پهلو آهن. انهن سڀني کي سمجھڻ ۽ ادراڪ ڪرڻ، اسان جي سمجھ کان مٿي آهي. اها شخصيت جيڪا ڪمال جي درجي تي پهتل آهي ۽ الله جي اسم ۽ صفتن جو مظهر آهي. جنهن شخصيت جا هزارين پهلو آهن جن مان اسان هڪ پهلو کي به مڪمل طريقي سان بيان نه ٿا ڪري سگھون.”

حضرت امام خميني رحمة الله غدير جي پيغام ۽ ان مبارڪ عيد کي صحيح نموني ملهائڻ لاءِ فرمائن ٿا: “عيد غدير ملهائڻ صرف اِن ۾ نه آهي ته گھٽين کي سجايو وڃي، قصيده خواني ڪئي وڃي ۽ مولا جي شان ۾ شعر و شاعري ڪئي وڃي. اهي سڀ شيون چڱيون آهن پر عيد غدير کي زندھ رکڻ جو اصلي مقصد اهو آهي ته ان جي پيغام کي سمجھون، ڪيئن اطاعت ڪريون ۽ ولايت جي پيروي ڪريون.”

حضرت امام خميني رحمة الله فرمائن ٿا: “غدير صرف ان زماني (جنهن زماني ۾ اهو عظيم واقعو پيش آيو) ۽ ان دؤر سان ڳنڍيل ڪونهي بلڪه غدير سڀني زمانن ۾ زندھ رهڻ کپي ۽ اهو طريقو جيڪو مولا امير عليه السلام پنهنجي حڪومت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اختيار ڪيو هو اهوئي طريقو هن زماني جي مسلمان حڪمرانن کي اپنائڻ کپي. غدير جو واقعو مادي لحاظ کان حڪومت ۽ خلافت کي ماڻهن لاءِ واضح ۽ روشن ڪرڻ جي ڪري پيش آيو نه ته حضرت علي عليه السلام جو معنوي مرتبو خدا جي طرفان عطا ٿيل آهي جنهن کي ڪير عزل ۽ نصب نٿو ڪري سگھي. ليڪن حضرت علي عليه السلام جو معنوي مقام ۽ سندن شخصيت جو شان ۽ عظمت ان ڳالھ جو سبب ٿي آهي ته کين حڪومت لاءِ منصوب ڪيو وڃي. غدير ۾ جنهن ولايت جو ذڪر ٿيو آهي اها حضرت علي عليه السلام جي معنوي مرتبي ڏانهن نه پر حڪومت ڏانهن اشارو ڪري ٿي. جيئن قرآن نازل ٿيو آهي مختلف مراحل ۽ مختلف مقامن تي ۽ پوءِ آهسته آهسته جمع ٿي هاڻي اسان وٽ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ پهتو آهي، حضرت علي عليه السلام جي ولايت ۽ رسول خدا ﷺ جي رسالت پڻ ان طريقي سان آهي. ڪجھ مراحل طي ٿيا آهن، تنزل ڪيو اٿن، مطلق وجود کان گھٽجي ڪري، جامع وجود مان گھٽجي ڪري تنزل پيدا ڪيو اٿن جو هاڻي عالم طبيعت ۾ پهتا آهن. اهو غلط آهي ته اسان فرض ڪريون ته غدير جو واقعو آهي جيڪو حضرت علي عليه السلام لاءِ معنويت کي وجود ۾ آڻي ٿو. بلڪه اهو حضرت علي عليه السلام آهي جنهن غدير کي وجود ۾ آندو آهي ۽ اها انهن جي شان ۽ منزلت آهي جيڪا ان ڳالھ جو سبب ٿي آهي ته الله تبارڪ و تعالي انهن کي حاڪم قرار ڏئي.”

سڀني مسلمانن جي عيد

حضرت امام خميني رحمة الله غدير کي (جيڪا مسلمانن جي دلين ۾ ولايت جي ٻج ڇٽڻ جي لاءِ هڪ سٺو موقعو آهي) ان کي ڪنهن فرقي سان مخصوص نه سمجهندو هو، ان ڪري غدير لاءِ فرمائيندو هو.“اڄ غدير جو ڏينهن آهي، مذهبي عيدن مان وڏي ۾ وڏي عيد آهي. هي مستضعفين جي عيد آهي. هي محرومين جي عيد آهي ۽ هي مظلومن جي عيد آهي. اها عيد آهي جنهن ۾ الله تعالي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي وسيلي سان پنهنجي مقصدن کي انجام تائين پهچائڻ، تبليغ ڪرڻ ۽ انبياء جي واٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حضرت علي عليه السلام کي اِن منصب تي فائز ڪيو.”

مولا علي عليه السلام جي اهميت ۽ عظمت

حضرت امام خميني رحمة الله اهو اعتقاد رکندا هئا ته:  الله تبارڪ و تعالي جڏهن ڏٺو ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ حضرت علي عليه السلام جي ذات آهي جيڪا اِن منصب جي لياقت رکي ٿي ته حڪم ڪيائين پنهنجي رسول کي ته هن شخص (علي عليه السلام) کي پنهنجي جاءِ تي مقرر ڪر جيڪو اهيا سگھ رکي ٿو ته تو وانگر عدالت کي برقرار رکي ۽ خدائي حڪومت قائم رکي سگھي.”

اسلامي حڪومتن لاءِ هڪ مثالي نمونو

سڀني حڪومتن کي پنهنجي حڪومت هلائڻ لاءِ هڪ مثال يا نموني جي ضرورت پوندي آهي ته جيئن حاڪم ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رابطو برقرار رهي ۽ حڪومت پنهنجا فريضا ۽ ڪَم چڱي طرح انجام ڏئي. حضرت امام خمينيرحمة الله جو اهو عقيدو هو ته غدير، اسلامي حڪومت لاءِ هڪ سٺو نمونو بيان ڪيو آهي. پاڻ وڌيڪ فرمائن ٿا: “غدير جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حڪومت جي فريضن کي معين ڪيو ۽ اسلامي حڪومت جي نموني کي آخر تائين معيّن فرمايائون ته اسلامي حڪومت کي هلائڻ لاءِ هڪ اهڙو فرد هجي جيڪو هر لحاظ کان ماڻهن لاءِ مثالي هجي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي خبر هئي ته اهڙو شخص حضرت علي عليه السلام کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ٿو ٿي سگھي”

دنياوي حڪومت يا معنوي مقام

     ڪجھ گروھ اهو عقيدو رکن ٿا ته غدير جو واقعو امام علي عليه السلام جي معنوي مقام کي بيان ڪرڻ لاءِ پيش آيو ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ حڪومت ۽ خلافت ڪرڻ سان ڪو تعلق نٿو رکي ليڪن حضرت امام خميني رحمة الله اِن ڳالھ کي رد ڪندي فرمائن ٿا: “غدير ۾ حضرت علي عليه السلام کي خلافت تي منصوب ڪرڻ حضرت علي عليه السلام جي معنوي مقامن سان ڪو واسطو نٿو رکي ۽ صرف دنيوي لحاظ کان ماڻهن کي باخبر رکڻ لاءِ غدير جو واقعو پيش آيو. روايتن ۾ اِنهيءَ ڳالھ جي ڪري ئي غدير جي واقعي جي تجليل ۽ تعريف،  ان کي ايتري قدر اهميت ڏني وئي آهي. ليڪن حڪومت حضرت علي عليه السلام جي نزديڪ ايتري قدر بي اهميت آهي جو ابن عباس کي فرمائن ٿا: “حڪومت جي اهميت منهنجي نزديڪ هن ٽٽل ۽ ڦاٽل جُتيءَ کان به گھٽ آهي. منهنجي نزديڪ جيڪا شئ اهميت رکي ٿي اُها عدل کي قائم ڪرڻ آهي  جيڪڏهن حضرت علي عليه السلام ۽ ان جي اولاد کي مهلت ڏني وڃي ها ته عدل کي ائين جيئن الله تعالي جي مرضي آهي، قائم ڪن ها. ليڪن اُها مهلت هنن کي نصيب نه ٿي سگھي”

سڀني معصومن جي ڪُلي ولايت (امامت)

     حضرت امام خميني رحمة الله سڀني معصوم امامن عليه السلام جي ڪُلي ولايت (امامت) تي گھڻي تاڪيد ڪندا هئا. حضرت امام رحمة الله پنهنجي فرمانن ۾ چوندا هئا ته هيءَ ولايت ڪُلي، اهائي امامت ۽ اسان جي مذهب “تشيع” جي اصولن منجھان آهي. جيڪڏهن اسان مان ڪير ان اصول تي اعتقاد نه رکندو هجي ته اُن پنهنجا تمام نيڪ اعمال باطل ڪري ڇڏيا آهن. پاڻ وڌيڪ تشريح ڪندي فرمائن ٿا: “اها شئ جيڪا اسان جي امامن لاءِ غدير جي واقعي کان پهريان معيّن ۽ واضح هئي اها ولايت ڪُلي يعني امامت آهي جيڪا اسان جي مذهب جو بنياد آهي. جيڪڏهن ڪير ان کي قبول نٿو ڪري اهو ڀلي ڪيترو به پنهنجن نمازن کي اسلامي ۽ شيعه قانونن مطابق بجا آڻي پوءِ به اهي نمازون باطل آهن. امامت اسان جي دين جي بنياد ۽ اسان جي مذهب جو هڪ اصول آهي”

عدل جي حڪومت، اسلامي حڪمن کي جاري ڪرڻ لاءِ هڪ ضمانت

  مسئلو حڪومت جو آهي، سياست جو آهي. الله تبارڪ و تعالي حڪم ڪيو ته هن حڪومت ۽ سياست کي پيغمبر اڪرم ﷺ حضرت علي عليه السلام ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي. جيئن ته رسول الله ﷺ وٽ سياست هئي ۽ حڪومت کي سياست بغير هلائڻ ممڪن ڪونهي. غدير جي ڏينهن سڀ ڪجھ حضرت علي عليه السلام لاءِ ثابت ٿي ويو. جيئن روايتن ۾ آهي ته “بني الاسلام علي خمس” ولايت، ولايت ڪُلي (امامت) ناهي. ڪوبه عمل قبول ناهي جيسيتائين امامت تي اعتقاد ناهي ليڪن ان جي معنا حڪومت پڻ ناهي.”

“ائمه معصومين عليهم السلام منجھان ڪيترن ئي کي حڪومت نه ملي. اسان معتقد اهون ته حضرت علي عليه السلام هڪ ننڍي ۽ مختصر وقت لاءِ حڪومت ڪئي. حضرت امام حسن عليه السلام پڻ هڪ مختصر مدت لاءِ حاڪم رهيا ليڪن ٻين ائمه معصومين عليهم السلام کي حڪومت نه ملي. اموي ۽ عباسي خليفن جي زماني کان وٺي هن وقت تائين هلندڙ انحرافات پيدا ٿيا آهن جن جو اصلي سبب سدائين اهو رهيو آهي ته دين سياست کان ڌار آهي ۽ وقت جي گذرڻ سان اهو انحراف وڌيڪ مضبوط ٿيندو رهيو آهي. ايتري تائين جو اسان به سوچيندا هئاسين ته دين جو سياست سان ڪهڙو واسطو؟ سياست ته بادشاهن جي آهي پر در اصل ائين ڪونهي. ڇوته حڪومت هلندي سياست سان آهي. حڪومت نماز ناهي، روزو ناهي، دعا پڙهڻ ناهي. عدل جي حڪومت سبب ٿئي ٿي ته اهي شيون قائم ٿين ليڪن خود حڪومت هڪ سياسي ايجنسي مثل آهي. اهي جيڪي چون ٿا ته دين سياست کان ڌار آهي انهن ڄڻ ته خدا کي (نعوذبالله) ڪوڙو قرار ڏنو، سندس رسول ﷺ کي (نعوذبالله) ڪوڙو قرار ڏنو. اسان جي ائمه معصومين عليهم السلام کي (نعوذبالله) ڪوڙو قرار ڏنو.”

 “غدير جي صدا بلند ٿي آهي ته جيئن ولايت قائم ٿئي يعني حڪومت پنهنجي اصلي مالڪ تائين پهچي ته جيئن اهي سڀ مسئلا ختم ٿي وڃن، سڀ انحرافات ختم ٿي وڃن. جيڪڏهن عدل جي حڪومت کي قائم ڪرڻ ڇڏين ها ۽ حضرت علي عليه السلام کي ان جو موقعو ڏين ها ته سڀ انحراف ۽ غلط فهميون دور ٿي وڃن ها ۽ هڪ صحيح سالم ماحول ۽ اجتماع وجود ۾ اچي ها.”

“اها شئ جيڪا ائمه معصومين عليهم السلام لاءِ واضح ۽ روشن آهي اها هيءَ آهي ته هي هڪ اهڙو مقام آهي جنهن کي ولايت ڪُلي يعني امامت چيو وڃي ٿو جيئن ته روايت ۾ آهي ته الحسن و الحسين امامان قاما او قعدا قعد تڏهن ٿيندو جڏهن امام نه هجي. امام حڪومت جي معنا ۾ نه آهي، اُها هڪ ٻي امامت ۽ هڪ الڳ مسئلو آهي. پر جيڪا امامت ۽ ولايت مٿي ذڪر ٿي اُها دين جي اصولن منجھان آهي جنهن کي قبول نه ڪرڻ تمام نيڪ عملن کي ائين تباھ ۽ برباد ڪري ٿي جيئن باھ ڪاٺيءَ کي ساڙيندي آهي. ۽ اها ولايت حڪومت کان الڳ ٿلڳ آهي ۽ مذهب جي اصولن منجھان آهي. جنهن تي اعتقاد رکڻ ضروري ۽ واجب آهي ۽ جيڪا غلط فهمي اسان ۾ پيدا ٿي آهي ته سياست جو دين سان ڪهڙو واسطو ته غدير وجود ۾ ان ڪري آئي ته جيئن اسان کي سمجھائي ته سياست سڀ  هر شئ سان مربوط آهي. جنهن دؤر ۾ حڪومت آهي ته گڏ سياست به هجڻ کپي ليڪن نه هر قسم جي سياست بلڪه عادلانه سياست جنهن سان ٻيا اعمال جهڙوڪ نماز، روزو، حج، معارف وغيره قائم ٿين ۽ انسان کي پنهنجا افڪار ۽ نظريا آرام سان بيان ڪرڻ جي سهولت ۽ آرامش ڏني وڃي.”

نتيجو:

      حضرت امام خميني رحمة الله جي بيانن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته اسلامي عيدن جو مقصد صرف خوشي ڪرڻ ۽ جشن ملهائڻ نه آهي بلڪه ان جو مقصد اهو آهي ته عيد جي عظمت ۽ اهميت بابت ويچار ڪريون. پنهنجي دين ۽ مذهب کي چڱي طرح سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون، ولايت ۽ تابعداري جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪريون ۽ ولايت ۽ امامت سان گڏ دين جي اصولن ۽ قاعدن قانونن مطابق پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪريون. خاص ڪري غدير لاءِ پڻ گھرجي ته پهريائين اسان ان جي مقصد، پيغام ۽ ان واقعي جي عظمت کي سمجھون. اسان کي گھرجي ته واقعي غدير کي حڪومت لاءِ هڪ مثال قرار ڏيون. حڪومتي نظام کي سنڀالڻ لاءِ هڪ نمونو قرار ڏيون. ان واقعي کي مثال قرار ڏئي ان مان سبق وٺون. عرفان ۽ سلوڪ جي غلط معنا نه وٺون. ان واقعي جو وڏي ۾ وڏو سبق اهو آهي ته حڪومت کي عدل ۽ سياست سان گڏ هلايو وڃي. دين کي سياست ۽ سياست کي عدل کان ڌار نه ڪيو وڃي. اسلامي نظام سڏائڻ جو حق صرف ان حڪومت کي آهي جيڪا پنهنجي نظام ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم ڪري سگھي. حڪومت جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ جو به اهو ئي رستو آهي ته حاڪم سياست کان ڪم وٺي. سياست کي دين کان ڌار نه ڪري ته جيئن پنهنجي رعيت ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم ڪري سگھي

(حضرت آيت الله العظمى روح الله موسوي  المعروف امام خميني جي ڪلام مان اقتباس)