Get Adobe Flash player

مقدمو :

         والحمد لله الّذي من المتمسکين بولاية علي بن ابي طالب عليه السّلام

    نبين جي سردار نبي حضرت محمد (ص) پنهنجي رسالت ۾ شروعات ۾ ئي پنهنجي جانشين نائب ۽ ولي جي فڪر ۾ هئا ۽ مختلف مقامات تي مختلف موقعن تي پنهنجي حقيقي نائب ۽وصيءَ جواعلان ڪندا رهيا هئا پر پاڪ سڳورن جو ڪو به اقدام ان باري ۾ غدير جي واقعي ۽ ان جي اهميت جي برابر نه هو ڇاڪاڻ ته جيترو جاگرافي جي لحاظ کان غدير وارو مقام اهميت ۽ حيثيت رکي ٿو اوترو ڪنهن ٻئي مقام کي حيثيت حاصل نه آهي .

 

          هڪ ته غدير اهو مرڪز هو مختلف ملڪن ڏي رستي وڃڻ جي لحاظ سان مثلا مصر ، يمن ، شام ڏي ان مقام تان رستا نڪرندا هئا ٻئي طرف جيترا اهتمام غدير ۾  مولا علي (ع) جي خلافت ، امامت ۽وصي هجڻ لاءِ ٿيا هئا ايترا شايد ڪنهن ٻئي ولي يا وصي لاءِ ايترا نه ٿيا آهن ۽ ان ئي سبب جي ڪري غدير واري مولى  ۽ ان جي خلافت ۽ امامت کي ممتاز حيثيت حاصل آهي ۽ ان ڪري ئي غدير وارو واقعو مختلف لحاظن کان قابل توجه آهي .

      مثلا هڪ طرف موجود  ماڻهن جي تعداد جي لحاظ سان ، پاڻ سڳورن (ص) جي ڏنل واضح خطبي جي جامعيت جي  لحاظ سان ، ان مڪان ۽ زمان جي خاص هجڻ جي لحاظ سان، ان وقت موسم جي شدت ۽ گرمي جي لحاظ سان ، سڀني موجود ماڻهن جي بيعت ڪرڻ جي لحاظ سان۽ ٻيا ڪيترا پهلو آهن جيڪي مولى علي (ع) جي اعلان خلافت ۽ امامت کي چار چنڊ هڻن ٿا .

   شيخ ڪليني روايت ڪري ٿو ته حضرت رسول خدا (ص) هجرت کان بعد 10سال مديني ۾ هئا ۽ حج نه ڪيو هئائون ۽ انهيءَ سال هي آيت نازل ٿي :

و اذن في النّاس باالحج يا توک رجالا و على کلّ ضامر ياتين من کلّ فج عميق (1)

 ۽ ماڻهن ۾ حج جو اعلان ڪر ته ماڻهو تو ڏانهن پيادا ۽ ڏمرين سوارين تي پري پري کان سوار ٿي ايندا .

     هن آيہ شريفہ جي نازل ٿيڻ کان بعد هجرت جي ڏهين سال الله تعالى جو رسول (ص) هزارين مسلمانن سان گڏ حج جهڙي خاص عبادت کي انجام ڏيڻ لاءِ مڪي جي سرزمين ڏانهن عازم ٿيا هئا ۽ هي حج پاڪ نبي (ص) جي زندگي جو آخري حج هو ان ڪري ان حج کي (حجة الوداع) يعني خدا حافظي جوحج سڏيو ويندو آهي .

     هڪ طرف اڃان حج جي موسم شروع ئي نه ٿي هئي ته آخري حج کي سهڻو ۽ سٺي نموني انجام ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ٿي ويون هيون ته جيئن حج کي تمام گھڻي شوق سان انجام ڏنو وڃي ، ۽ ان سال ڪافي ماڻهو هئا جيڪي يا ته ڪٿي سفر تي ويل هئا يا نه پيا اچڻ چاهين ، پاڻ سڳورن (ص)پنهجا نمائندا موڪليا ته جيئن انهن  ماڻهن کي آخري حج جي دعوت ڏئي اچن . ۽ ڪجھ مسلمانن کي حضور جن خط جي ذريعي دعوت ڏني ٻئي طرف پنهنجي گھر وارين کي به حڪم ڏنائون ته سڀئي تيار ٿين ۽ جيئن ساڻن گڏ هجن ۽ آخري حج ۾ شريڪ ٿين ۽ جيڪو ڪجھ پيغام ڏنو وڃي ان کي پاڻ ڏسن ٻڌن . (2)

    روايت ۾ ملي ٿو ته انهن  ڏينهن ۾ حضرت علي (ع) مسلمانن جي هڪ ٽولي سان يمن ڏي ويل هئا پاڻ سڳورن (ص) اوڏانهن به ماڻهو موڪليو ته جيئن حضرت علي (ع) کي ۽ ٻين يمنين کي به حج دعوت ڏين ته جيئن اهي به حج الوداع ۾ شريڪ ٿين اڃا حج جي موسم شروع ئي نه ٿي هئي جو حضرت علي (ع) مڪي شريف ۾ پهچي ويا هئا هي ايترا وڏا انتظام شايد ڪنهن حقيقت کي روشن ڪرڻ لاءِ هئا ۽ اها حقيقت غدير جي روشني ۾ ظاهر ٿئي ٿي .

    غدير عربي لغت جي اعتبار سان ان جڳھ يا ان ٽڪري کي چئبو آهي جتي ٿورو يا ڪجھ پاڻي بيٺو رهي (3) غدير هڪ خاص جڳھ جو نالو آهي جتان مختلف ملڪن ڏي رستا نڪرن ٿا ، مثلا  مصر   يمن ۽ شام ڏي ۽ ان جاءِ تان مديني ڏي به هڪ رستو نڪرندو آهي حقيقت ۾ هي جڳھ هئي جتان مختلف ملڪن جا مسلمان ۽ حاجي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا هئا ۽ جڏهن الله جو رسول پاڪ پنهنجي زندگي جي آخري حج کي انجام ڏئي هزارين مسلمانن سان گڏ واپس مديني اچي رهيا هئا ۽ غدير واري مقام تي پهتا ته هڪ دفعو پيغمبر اڪرم (ص) تمام حاجين ۽ مسلمانن کي بيهڻ جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن سڀئي حاجي گڏ ٿي ويا ته پاڻ سڳورن هڪ عظيم الشان خطبو ارشاد فرمايو .

      حقيقت ۾ هي اهو خطبو آهي جنهن ۾ تاريخ اسلام جي سڀ کان اهم مسئلي جي حقيقت کي بيان ڪيو ويو ۽ هي خطبو پاڻ سڳورن (ص) جي وڏن عظيم خطبن مان شمار ٿئي ٿو ۽هن خطبي جا ٻڌندڙ مخاطب تعداد جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ هئا ڪتاب تذڪرة الخواص جنهن جو مصنف اهل سنت سان تعلق رکي ٿو اهو لکي ٿو ته غدير جي خطبي ۾ هڪ لک ويھ هزار حاجي شريڪ هئا ۽ انهن سڀني مولى جي خلافت جو اعلان ٻڌو هو (4)۽ انهن تمام خطبي ٻڌندڙن جي لاءِ پيغمبر (ص) ربيعہ بن اميہ  کي حڪم ڪيو ته اي ربيعہ تون ماڻهن جي وچ ۾ بيھ ۽ جيڪو ڪجھ مان چوان تون اهو پوئتي ويٺل ماڻهن کي پهچاء ؛ پيغمبر (ص) خطبو ڏيندو وڃي پيو ۽ ربيعہ خطبي جي آواز کي باقي ماڻهن تائين نقل ڪندو پيو وڃي (5)

     هن خطبي مبارڪ جا چند مرحلا هئا  ۽ مختلف حقيقتن کي روشن ڪيو ويو آهي پر اسان هتي مربوط مسئلي جي طرف اشارو ڪيون ٿا . رسول پاڪ (ص) خطبي جي شروعات الله تبارڪ وتعالى ج ي حمد وثناء سان ڪيائون ۽ ان کان بعد پنهنجي نبوت ۽ رسالت جواقرار ورتائون ته: اي حاجيو ڇا مان توهان جو رسول ۽ نبي نه آهيان؟ حاضر ماڻهن جواب ۾ چيو ها رسول الله توهان اسان لاءِ الله جا حقيقي رسول آهيو .

      جڏهن اهو قرار ورتائون ته فرمايائون مونکي جنهن الله تبارڪ رسالت ۽ نبوت عطا ڪئي آهي ان الله تبارڪ جو  مون کي حڪم مليو آهي ته توهان سڀني کي هتي گڏ ڪري ۽ خاص اعلان ڪيان ۽ اگر نٿو ڪيان ته جھڙوڪ مون  رسالت جو ڪم انجام نه ڏنو ۽ منهنجي رسالت خطري ۾ ٿي ويندي ۽ هن آيت جي تلاوت فرمايائون

((يا ايها الرسول بلغ ما انزل اليک من ربک وان لم تفعل فما بلغت رسالتہ والله يعصمک من الناس)) (6)

  اي الله جا رسول تون پهچاء ان حڪم کي جيڪو توتي ۽ تنهنجي پروردگار طرفان نازل ڪيو ويو آهي ۽ اگر تو ان پيغام کي نه پهچايو ته جھڙوڪ تو رسالت جو ڪوبه ڪم انجام نه ڏنو ۽ الله توکي ماڻهن جي شر کان بچائيندو .

       ان جي آيت تلاوت ڪرڻ کان پوءِ حضرت علي (ع) کي پنهنجي نزديڪ گھرايائون ۽ فرمايائون هي علي (ع) منهنجو وصي آهي ۽ منهنجو ڀاءُ آهي مون کان پوءِ هن دنيا ۾ ۽ آخرة ۾ علي جي نسبت مون سان ائين آهي جيئن هارون جي موسى سان  . فقط فرق ايترو آهي جو مون کان پوءِ ڪو نبي نه ايندو .  وري نبي اڪرم (ص) حضرت (ع) کي پنهنجي نزديڪ بيهاري سندن بازو پڪڙي ۽ بلند ڪري فرمايائون

(( من کنت مولاہ فهٰذا علي مولاہ ))  جنهن جو مان مولا آهيان ان جو علي (ع) مولى آهي

        ان کان پوءِ حضرت علي (ع) جا فضائل ٻڌائڻ شروع ڪيائون ۽ ماڻهن کي حضرت علي (ع) جي مخالفت ڪرڻ کان منع ڪيائون ۽ سندسن مخالفت ڪرڻ جو نقصان به ٻڌايائون ۽ فرمايائون اي مسلمانو آگاه رهو ته مان پنهنجي حق کي ادا ڪري ڇڏيو آهي آگاه رهو ته مان خدا جي پيغام کي توهان تائين پهچايو اٿم آگاه رهو ته مان جيڪو اعلان ڪيو آهي اهو حڪم خدا جي حڪم سان ڪيو آهي آگاه رهو ته علي (ع) رهبري ، خلافت ۽ امامت جو بهترين حقدارآهي ۽ ان بعد ۾ فرمايائون (( اللهم وال من والاه و عاد من عاداه )) جيڪو علي (ع) سان محبت رکي ان سان تون به محبت رک ۽ جيڪو علي (ع) سان دشمني رکي تون به ان سان دشمني رک ۽ فرمايائون ته ((فيبلغ الحاضر الغائب )) اي حاضر حاجيو توهان تي لازم آهي جيڪي غائب آهن يعني هتي موجود نه آهن علي (ع) جي خلافت ۽ امامت اعلان نه ٻڌو اٿن ۽ نه ڏٺو اٿن انهن تائين ان حڪم کي پهچائجو ۽ انهن لاءِ ٽي مرتبه اعلان ڪيو .

      جڏهن خطبو آخري مرحلي ۾ پهتو ۽ مولا جي امامت ۽ ولايت جو اعلان هڪ لک ويھ هزار حاجين ۾ ٿي ويو ته پيغمبر (ص) حڪم ڪيوته بيعت جو سلسلو شروع ڪيووڃي ۽ تمام مسلمانن کي حڪم ڪيائون ته اچو ۽ حضرت علي (ع) جي هٿ مبارڪ تي بيعت ڪندا ۽ امامت و خلافت جي مبارڪ ڏيندا وڃو ۽ هي بيعت جو سلسلو اهو آهي جنهن شڪ جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا

   روايت ۾ ملي ٿو ان مقام تي حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمرسڀ کان پهريان بيعت ڪندڙن مان آهن ۽ قابل غور ڳالھ هي آهي ته جڏنن مولا وٽ حضرت عمر بيعت ڪرڻ لاءِ آيو ته خوشي مان مولا جي هٿ تي هٿ  رکي چوي پيو

(( بخ بخ لک يا ابا الحسن ، لقد اصبحت مولاي و مولى مومن ومومنة )) (7)

”  مبا رڪ هجي اي حسن جا بابا توهان مولاي امام ٿي ويا آهيو سڀني مؤمنن ۽ مومنات جا “

  جڏهن مردن جي طرفان بيعت پوري ٿي وئي سڀئي آيا ۽ بيعت ڪري ڪري ويا ان وقت رسول خدا اتي موجود عورتن ۽ پنهنجي گھر وارين کي حڪم ڪيو ته توهان به حضرت علي (ع) جي نزديڪ اچي سلام ڪيو ۽ منهنجي جانشين خليفي سان وفاداري جو اظهار ڪيو (8)

    ان وقت هڪ دفعو ٻيهر جبرائيل امين وحي کڻي نازل ٿيو (( اليوم اکملت لکم دينکم واتممت عليکم نعمتي و رضيت لکم الاسلام دينا )) (9)  اڄ مون توهان لاءِ توهان جي دين کي مڪمل ڪيو ۽ توهان جي پنهنجي نعمت کي تمام ڪيم ۽ توهان لاءِ اسلام کي دين طور پسند ڪيو آهي هن آيت مجيده جي باري ۾ به اڪثر مورخ لکن ٿا جڏهن مولا علي (ع) جي خلافت ۽ امامت اعلان 18 ذوالحج تي ٿيو ته هي آيت نازل ٿي هئي هن آيت مولا جي خلافت ۽ امامت جي اعلان کي اتمام نعمت ۽ مڪمل دين سڏيو آهي .

نتيجو:

      جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته خدا جو شڪر ادا ڪيون ته سڀ کان پهريان نعمت ولايت امير المؤمنين جو شڪريو ادا ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته وڏين نعمتن مان هڪ نعمت ولايت امير المؤمنين (ع) آهي جنهن جو اعلان 18ذوالحج تي نبي اڪرم (ص) هڪ لک ويھ هزار ماڻهن جي درميان ڪيو

       جنهن جو اعلان وقت اتي ايتري ته گرمي هئي جو روايت ۾ آهي ته ان ڏينهن يعني 18ذوالحج تي گرمي جي شدت تمام گھڻي هئي جو بعض ماڻهن ڪپڙن جي ڪجھ حصي کي مٿي تي ۽ ڪجھ حصي کي پيرن تي رکيو تا سج جي تپش کان ڪجھ بچي سگھن . اهڙي موسم ۾ ڪوبه عاقل ان ڳالھ جو فيصلو ڪيئن ڪري سگھندو جو ايتري وڏي مجمعي کي بيهاري ۽ فقط دوستي جو اعلان ڪري ، جڏهن ته علي (ع) ۽ رسول خدا (ص) جي دوستي ۾ ڪنهن شڪ به نه هو .

      بس ان خطبي ۽ ايتري وڏي اهتمام و انتظام ، بيعت ۽ مبارڪن مان معلوم ٿئي ٿو 18 ذوالحج تي مولا مان مرادرهبر ، حاڪم امام خليفو آهي نه فقط دوست جيئن اها ڳالهه ڪجهه متعصب ماڻهو چون ٿا ته مولا کان مراد دوستي آهي اگر دوستي مراد آهي ته پوءِ ايتري وڏي مجمعي بيهارڻ جي ضرورت ڇا هئي؟ بيعت وٺڻ مان مراد ڇا هئي؟ اليوم اکملت مان مراد ڇا هئي؟ وغيره .. بس فقط اعلان ولايت ۽ امامت هئي ته اڄ کان پوءِ اگر مسلمانن جو خليفو ۽ امام نبي کان بعد آهي ته حضرت علي (ع) آهي

حوالا : 

1_ سوره حج آيہ 27

2_ ڪتاب تعارف الغديرمصنف غلام رضا حيدري ابهري

3_ ڪتاب الغدير ج 1 ص 536

4_ تذکرة الخواص ص 29

5_ با غدير والغدير _ غلام رضا ابهري ­ _

6_ سوره مائده آيہ 66

7_ تفسير فخر رازي ج 3 ص 63

8_ بحار الانوار ج 21 ص 388

9_ سوره مائده آيہ 3