Get Adobe Flash player

مهاڳ

هن جهان کي اگر توحيد جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته قانون کي ٺاهڻ واري ذات اصل خداوند متعال آهي.  جيئن قرآن ڪريم ۾ به آيو آهي ته: «اِنِ الْحُکْمُ اِلاّ لِلّهِ» (سورت انعام/آيت 57) حڪم ۽ فرمان فقط ۽ فقط خدا تعالى لاءِ مخصوص آهي. ۽ پيغمبر جيڪو سفير الاهي آهي، ان کي به معين ڪرڻ جو حق صرف خداوند متعال جي ذات لاءِ آهي. «اَللّهُ اَعْلَمُ حَیْثُ یَجْعَلُ رِسالَتَهُ» (سورت انعام/آيت124) خدا سڀ کان وڌيڪ ڄاڻڻ وارو آهي ته رسالت کي ڪٿي قرار ڏئي.

 

بس انهي بنياد تي ته پيغمبر جو انتخاب ۽ معين ڪرڻ فقط خدا جو ڪم آهي ۽ عام ماڻهن جي راءِ ڏيڻ يا پيغمبر ﷺ کي انتخاب ڪرڻ جو ڪو به اثر ڪونهي. عام ماڻهن جو وظيفو پيغمبر    ۽ الله جي پيغام تي ايمان آڻڻ ۽ انهي پيغام مطابق عملن کي انجام ڏيڻ آهي.

شيعان حيدرڪرار به انهي ڳالهه تي عقيدو رکن ٿا ته پيغمبر  جو جانشين به خداوند متعال جي طرف کان معين ٿيل هوندو آهي، ڇو جو اهڙين وصفن، جيئن علم ۽ عصمت جو مالڪ هجڻ جيڪي شرط جانشين پيغمبر  جي لاءِ هجڻ لازمي آهن، عام انسانن لاءِ انهن وصفن جو هجڻ اصلاً ممڪن ئي ڪونهي.

شيعا انهيءَ ڳالهه کي به مڃين ٿا ته پيغمبر اڪرم    خداوند متعال جي طرفان، انهي الاهي انتخاب کي ڪيترن ئي مقامن تي، ماڻهن تائين پهچايو ۽ غدير وارو واقعو به انهن منجهان هڪ آهي. انهيءَ واقعي ۾ ئي مولاي متقيان امير المؤمنين عليه السلام جي وجود کي خداوند متعال جي طرفان امامت ۽ اڳواڻيءَ  جي سلسلي جي ابتدا ۾ چونڊيو ويو.

قرآن ڪريم جي ڪيترين ئي آيتن، غدير واري واقعي ۽ ولايت جي ثبوت کي بيان ڪيو آهي. ۽ ائين ئي بيشمار حديثن ۾ هن واقعي کي ثابت ڪيو ويو آهي. اسان هن مقالي ۾ هڪ نموني ڏانهن اشارو ڪيون ٿا.

آيت تبليغ:

قرآن ڪريم ۾ ارشاد رب العزت آهي:«یا اَیُّهَا الرَّسُولُ بَلِّغْ ما اُنْزِلَ اِلَیْکَ مِنْ رَبِّکَ وَ اِنْ لَمْ تَفْعَلْ فَما بَلَّغْتَ رِسالَتَهُ وَاللّه ُ یَعْصِمُکَ مِنَ النّاسِ اِنَّ اللّه َ لایَهْدِی الْقَوْمَ الْکافِرینَ»(سورت مائده آيت67)

يعني : اي پيغمبر پهچاء اها شيءَ جيڪا تنهنجي رب تو ڏانهن نازل ڪئي آهي، اگر تو اهو ڪم انجام نه ڏنو ته ڄڻ تو رسالت کي نه پهچايو. الله توکي ماڻھن کان پناہ ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

هن آيت شريفه ۾ جملي بندي ۽ مخصوص لهجو استعمال ٿيل آهي، هن آيت کي خداوند متعال (ياايها الرسول) واري جملي سان شروع ڪيو آهي، اهو جملو خداوند متعال صرف ٻن آيتن ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ هن آيت ۾ خداوند متعال جي ذات رسول پاڪ    کي تنبيهه ۽ تاڪيد ڪئي آهي ته اگر ٿورڙي به غفلت ڪندين ته ڄڻ اصل رسالت نه پهچائي، هي جملو پوري قرآن مان فقط هن آيت ۾ آيو آهي، هي نشانيون ۽ اهڃاڻ ان ڳالهه جي طرف اشارو ڪن ٿا ته ڪو خاص واقعو آهي جنهن کي نه پهچائڻ سان پوري رسالت جيڪا رسول   23 سالن ۾ پهچائي هئي ۽ تبليغ به ڪئي هئي، الله سائين طرفان ختم ٿيڻ جي تنبيهه ۽ تاڪيد ڪئي وئي آهي.

ٻيو اهو ته پيغمبر   انهي اهميت واري موضوع جي ڪري ، اهي سخت دشمن جيڪي رسول    جي مخالفت ۾ هئا، اهو امڪان به ڏنو پئي ويو ته انهيءَ اعلان سان اسلام جي لاءِ ڪا ٻي نئين مشڪل پيدا نه ڪن، انهي شڪ جي ڪري رسول    ٿورو پريشان هئا، پر خداوند متعال ان لحاظ کان رسول    کي اطمينان ڏنو ته تنهنجا مخالف توکي ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، انهي جي الله سائين هن آيت ۾ پڪ ڏياري.

ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو : (جڏهن ته هن آيت جي نازل ٿيڻ جي تاريخ رسول اڪرم    جي زندگي جي آخري ڏهاڙا بيان ڪئي وڃي ٿي،) پوءِ اهو ڪهڙو حڪم آهي جنهن کي خداوند متعال ايڏي تاڪيد سان انهي حڪم کي پهچائڻ جو زور ڏنو آهي؟

ڇا ان جو اسلام جي قانونن ۽ حڪمن سان ڪو ڳانڍانپو آهي؟

ڇا  اهو حڪم اهل ڪتاب يا يهودين يا عيسائن سان لڙائي جي باري ۾ هو؟

ڇا انهي حڪم جو تعلق منافقن سان هو؟

جڏهن ته جيڪي به اهم قانون ۽ حڪم هئا تن کي  هن وقت تائين بيان ڪيو ويو هو. ۽ اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اهل ڪتاب وارن جي مسئلي ۾«بني نضير»، «بني قريظه»، «بني قينقاع»، خيبر، فدڪ ۽ نجران جي واقعن کان پوءِ، مسلمانن جي لاءِ ڪا ڏکيائي محسوس نه پئي ڪئي وئي. ۽ اسان کي انهي ڳالهه جي به خبر آهي ته مڪي جي فتح کان پوءِ ۽ اسلام جي پوري جزيره عرب ۾ ڦهلجي وڃڻ کان پوءِ منافقن جي جيڪا طاقت هئي سا ختم ٿي چڪي هئي ۽ جيڪو بغض ۽ ڪينو رکيائون پئي سو دل تائين ئي محدود هو.

سچ پچ پوءِ اهو ڪهڙو اهم مسئلو هو جيڪو رسول    جي زندگي جي  آخري ڏينهن ۾ ظاهر ٿيو آهي، جنهن کي هن آيت تبليغ به چٽو بيان ڪيو ويو آهي؟

شيعن جي عالمن ۽ اهل سنت جي مشهور مفسرن ۽ محدثن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هي آيت سئين سڌي مولاي ڪائنات امير المؤمنين علي عليه السلام جي باري ۾ نازل ٿي آهي، انهن مفسرن مان ڪجهه هن ريت آهن. ابوالحسن واحدي اسباب النزول، ص 15۾؛حافظ ابوسعيد سجستاني، ڪتاب الولايه ۾؛ فخررازي تفسير ڪبير، ج 3، ص 636 ۾؛ ابن صباغ مالڪي فصول المهمّه، ص 27 ۾ جلال الدين سيوطي درّالمنثور، ج2، ص 298 ۾؛ قاضي شوڪاني فتح القدير، ج 3، ص 57 ۾؛ شهاب الدين آلوسي روح المعاني، ج 6، ص 172 ۾ ؛ ۽ شيخ سليمان قندوزي ينابيع الموده، ص 120 ۾، ان ڳالهه کي واضح لکيو آهي.

علامه اميني رح پنهنجي ڪتاب الغدير ۾ حديث غدير کي، (اها حديث آهي جنهن ۾ مولاي ڪائنات علي عليه السلام کي ولي ۽ وصي پيغمبر اڪرم   مقرر ڪيو ويو آهي،) 110 راوين کان جيڪي رسول اڪرم    جي صحابه ۽ دوستن منجهان هئا، معتبر سند [1] سان 84 تابعين کان جيڪي معتبر ماڻهن منجهان هئا ۽ 360 دانشورن تابعين کان ۽ معتبر اسلامي ڪتابن مان نقل ڪيو اٿس.[2] انهي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هي حديث هڪ معتبر ۽ متواتر روايتن مان هڪ آهي.

اگر ڪو شخص هن روايت کي متواتر نٿو مڃي ته پوءِ انهي شخص لاءِ ڪابه روايت تواتر سان ثابت نٿي ٿي سگهي.

اسان ڪجهه روايتن کي نقل ڪيون ٿا جيڪي ٻنهي مسلڪن سان تعلق رکندڙ آهن.

  1. 1.سيوطي ابن مردويه کان به دليل طور ابن مسعود نقل ڪيو آهي ته: اسان رسول اڪرم    جي زماني ۾ هن طرح آيت پڙهندا هئاسين: «یا اَیُّهَا الرَّسُولَ بَلِّغْ ما اُنْزِلَ اِلَیْکَ مِنْ رَبِّکَ ـ اَنَّ عَلِیّا مولی المؤمنین ـ وَ اِنْ لَمْ تَفْعَلْ... .؛[3]يعني اي پيغمبر (ماڻهن تائين) پهچاء ان شيءَ کي جيڪا تو تي پنهنجي رب پاڪ جي طرفان نازل ٿي آهي_ ته علي ؑ مومنين جو مولا آهي_ ۽ اگر ائين نه ڪندين، ڄڻ توهان رسالت کي ئي نه پهچايو...“
  2. 2.حافظ ابن عساڪر شافعي به طور مستند ابوسعيد خدري کان روايت ڪئي آهي ته آية (تبليغ) غدير واري ڏينهن تي علي ابن ابي طالب عليه السلام جي باري ۾ نازل ٿي هئي.[4]
  3. 3.ابو جعفر محمد بن جرير بن يزيد طبري، معروف تاريخدان هڪ ڪتاب  ( ڪتاب الولاية في طرق احاديث الغدير ) ۾ لکيو اٿس، جنهن ۾ غدير جي ڏهاڙي واري واقعي کي 75 طريقن سان نقل ڪيو اٿس.[5] انهن مان هي به لکيو اٿس ته : زيد بن ارقم نقل ڪيو آهي ته : پيغمبر اڪرم    حجة الوداع کان واپسي تي خم غدير جي ميدان تي لهي ڪري... فرمايو: خداوند متعال مون تي هن آيت کي نازل ڪيو آهي: «بَلِّغْ ما اُنْزِلَ اِلَیْکَ...» ۽جبرائيل ؑ الله تعالى جي طرفان اهو حڪم ڏنو آهي ته هن مڪان تي بيهان ۽ سڀني لاءِ اهو اعلان ڪيان ته علي ابن ابي طالب منهنجو ڀاءُ ، منهنجو وصي، ولي، خليفو ۽ مون کان پوءِ امام آهي. جبرائيل ؑ  کان مون رب جي دربار ۾معذرت خواهي طلب ڪئي، ڇو جو مان اهو ڄاڻان ٿو ته پرهيزگار تمام گهٽ آهن ۽ مون کي علي سان گڏ،  آزاريندڙ ۽ ملامت ڪندڙ گهڻا آهن... پر خداوند متعال راضي نه ٿيو، سواءِ انهي  جو علي ؑ  جي باري ۾ تبليغ ڪريان. بس اي انسانو ! اهو ڄاڻو ! ته خداوند متعال توهان جي لاءِ علي ؑ کي ولي ۽ امام مقرر ڪيو آهي ۽ هن جي اطاعت هر هڪ لاءِ واجب ڪئي اٿس، ته پوءِ هن جو حڪم واجب الاطاعه، هن جي گفتار نافذ، هن جي مخالفت ڪندڙ کي ملعون ۽ هن جي تصديق ۽ پيروي ڪندڙ تي رحمت ٿيندي. ٻڌو ۽ اطاعت ڪريو! خداوند متعال اوهان جو مولا ۽ عليؑ اوهان جو امام آهي. بس امامت ڏينهن قيامت تائين هن کان ۽ هن جي اولاد کان آهي... ڪو اهڙو علم ڪونهي جنهن کي خداوند متعال هن جي لاءِ روا نه ڪيو هجي ۽ مون هن کي منتقل ڪيو آهي. هن کان جدا نه ٿئجو ۽ هن کي ترڪ نه ڪجو. هيءُ توهان کي حق جي طرف هدايت ڪندو، خداوند هر انهي شخص کي نه بخشيندو جنهن هن کان منهن موڙيو....اهو به ڄاڻي ڇڏيو ته مون اوهان تائين پيغام کي پهچائي ڇڏيو آهي...مولا جي هٿ کي مٿي ڪيائين ۽ انهي محل اهو فرمايائين: اي انسانو ! هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي، وصي آهي، منهنجو علم رکندڙ آهي، ۽ هر ان شخص لاءِ هي خليفو آهي جنهن مون تي ايمان آندو آهي...[6]
  4. 4.امام باقر عليه السلام جن فرمايو آهي ته: «اَمَرَ اللّه ُ عَزَّوَجَلَّ رَسُولَهُ بِوَلایَةِ عَلِیٍّ وَ اَنْزَلَ عَلَیْهِ «اِنَّما وَلِیُّکُمُ اللّه ُ وَ رَسُولُهُ وَ الَّذینَ آمَنُوا الَّذینَ یُقیمُونَ الصَّلوةَ وَ یُؤتُونَ الزَّکوةَ...» وَ فَرَضَ وَلایَةَ أولِی الاَْمْرِ فَلَمْ یَدْرُوا ما هِیَ فَأَمَرَ اللّه ُ مُحَمَّدا صلی الله علیه و آله اَنْ یُفَسِّرَ لَهُمُ الْوَلایَةَ کَما فَسَّرَ لَهُمُ الصَّلاةَ ...؛خداوند متعال پنهنجي پياري پيغمبر    کي علي عليه السلام جي ولايت پهچائڻ جو حڪم ڪيو، انهي جي ڪري  هي آيت “ اوهان جو ولي فقط، خدا ۽ ان جو رسول ۽ اهي شخص جنهن ايمان آندو، نماز کي قائم ڪيائون، زڪات کي ادا ڪيائون،...“ نازل ڪيائين ۽ اولي الامر جي ولايت کي واجب ڪيائين، پر ماڻهن ولايت اولي الامر کي نه سڃاتو، انهي ڪري، خداوند متعال پيغمبر    کي فرمان صادر ڪيو ته ماڻهن لاءِ ولايت جي ائين تفسير ڪر جيئن نماز جي هنن لاءِ تفسير ڪئي اٿئي.

امام باقر عليه السلام جن اڳتي فرمائن ٿا ته : پر هن الاهي دستور کي انجام ڏيڻ ۾ پاڻ سڳورن لاءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿي ۽ ان ۾ پريشان هئا ته شايد هي مسلمان پنهنجي دين تان ڦري نه وڃن ۽ هن ڳالهه کي ڪوڙو سمجهي ڪري  پنهنجي اصلي دين ڏي موٽي نه وڃن، انهي خاطر پاڻ سڳورن    خداوند متعال ڏي رجوع ڪيو ته هن جي باري ۾ ڇا ڪريان؟ ته خداوند متعال فرمايو «یا اَیُّهَا الرَّسُولُ بَلِّغْ ما اُنْزِلَ اِلَیْکَ مِنْ رَبِّکَ وَ اِنْ لَمْ تَفْعَلْ فَما بَلَّغْتَ رِسالَتَهُ وَاللّه ُ یَعْصِمُکَ مِنَ النّاسِ اِنَّ اللّه َ لایَهْدِی الْقَوْمَ الْکافِرینَ»؛ ان موقعي تي پيغمبر اڪرم    الاهي حڪم کي واضح ڪيو ۽ علي عليه السلام جي ولايت جو اعلان غدير واري ڏينهن ڪيو ۽ اٿي ڪري اهو فرمايائين ته: : «اَلصَّلاةُ جامِعَةً» ۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته هن پيغام جا شاهد، هن پيغام کي غائبن تائين پهچائن....

ان وقت امام باقر عليه السلام جن فرمايو: : «وَ کانَتِ الْفَریضَةُ تَنْزِلُ بَعْدَ الْفَریضَةِ الأُْخْری وَ کانَتِ الْوَلایَةُ آخِرَ الْفَرائِضِ...؛الاهي واجبات کي هڪ ٻئي جي پٺيان نازل ڪيو ويو ۽ ولايت انهن سڀني کان آخر ۾ نازل ٿي. انهي کان پوءِ هي آيت نازل ٿي  «اَلْیَوْمَ اَکْمَلْتُ...»۽ فرمايائين : لا اُنْزِلَ عَلَیْکُمْ بَعْدَ هذِهِ فَریضَةً قَدْ اَکْمَلْتُ لَکُمُ الْفَرائِضَ هن واجب کان پوءِ توهان تي ڪو ٻيو واجب نازل نه ڪندس، ڇو جو سڀني واجبن کي مون ڪامل ڪري ڇڏيو آهي.[7]

حوالا .......



[1]_ الغدير، علامه اميني، تهران، دار الکتب الاسلاميه، دوم، 1366، ج 1، ص 61 - 14؛ تفسير نمونه، ج 5، ص 7 - 5.

[2]_ الغدير، ج 1، ص 72 - 62.

[3]_ ينابيع الموده، شيخ سليمان قندوزي، قم، دارالاسوه، اول، ص 140؛ الدر المنثور، سيوطي، ج 3، ص 117

[4]_ روح المعاني، آلوسي، ج 6، ص 172؛ تفسير الڪبير، فخر رازي، ج 3، ص 636.

[5]_العمدة، ص 157.

[6]_ڪتاب الولاية،طبري،ورتل : حقيقت گمشده، شيخ معتصم سيد احمد سوداني، ترجمو سيد محمد رضا مهري، قم، بنياد معارف اسلامي، دوم، 1379، ج 1، ص 177 - 174.

[7]_ اصول ڪافي،محمدبن يعقوب ڪليني،ج 1،ص 289.