Get Adobe Flash player

مذهب تشيع جي  بنياد ٻن حديثن تي رکيل آهي، هڪ حديث ثقلين آهي جنهن کي رسول خدا (ص) گهٽ ۾ گهٽ نوَ مرتبه ماڻهن جي سامهون بيان ڪيو آهي،ٻي حديث غدير آهي ان حديث جي باري ۾ اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته هيءَ حديث پهرين حديث کي مڪمل ڪرڻ واري آهي. يا چئجي ته هيءَ پهرين حديث جي تفسير آهي.

 

اگر تاريخ تي هڪ سرسري نگاهه ڪئي وڃي ته هي ڳالهه واضح طور بيان ٿيل آهي ته رسول خدا (ص) جو مولا ڪائنات جي امامت ۽ خلافت جي باري ۾ حد کان وڌيڪ تاڪيد ڪرڻ واضح ڪري رهيو آهي ته رسول خدا(ص) جن پريشان هئا انهن واقعن جي سلسلي ۾ جيڪي رسول خدا (ص) کان بعد ظاهر ٿيا.

غدير کي اهميت ڏيڻ حقيقت ۾ رسول خدا(ص) جي رسالت کي اهميت ڏيڻ آهي ڇوجو قرآن جي اعتبار کان رسالت جي بقاء ان غدير جي ڪري آهي.

اسان هن مختصر مقالي ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته غدير کي آئمه معصومين عليهم السلام جي زباني بيان ڪيون.

حضرت رسول خدا (ص) ۽ غدير:

امام باقر (ع) پنهنجي اجداد کان نقل ڪيو آهي: هڪ ڏينهن رسول خدا (ص) حضرت علي (ع) کي فرمايو: ياعلي! هن آيت (ياايهاالرسول بلغ ما انزل اليک من ربک)کي تنهنجي ولايت جي سلسلي ۾ نازل ڪيو آهي. اگر اها شي جنهن جو مون کي حڪم مليو آهي تبليغ نه ڪيان ته منهنجا سڀ عمل آهن، ياعلي! جيڪو شخص تنهنجي ولايت رکڻ کان بغير خدا سان ملاقات ڪندو  ان جا سڀ جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا. يا علي ! مان خدا جي وحيءَ کان بغير ناهيان ڳالهائيندو. [1]

 

حضرت امام علي (ع) ۽ غدير

سُليم بن قيس اشارو (حضرت علي (ع) جي بيعت ابوبڪر سان) ڪيو آهي

 (ثم فاقبل عليهم علي فقال؛يا معشر المسلمين والمهاجرين والانصار انشدکم اسمعتم رسول الله يقول يوم غدير کذا و کذا فلم يدع شيئا قال عنه رسول الله الا ذکرهم اياه قالوا نعم )

حضرت علي (ع) ماڻهن کي فرمايو: اي مسلمانو، مهاجرو ۽ انصارو ڇا توهان ناهي ٻڌو ته رسول خدا(ص) (منهنجي باري ۾) غدير جي ڏينهن ڇا ڇا فرمايو هيو ان کان بعد انهن سڀني گذريل واقعن کي ياد ڏياريو، سڀني چيو هاءُ يا علي. [2]

جيڪي استدلال حضرت علي (ع) ابوبڪر جي سامهون بيان ڪيا هئا انهن مان هڪ هي آهي ته حضرت علي (ع) فرمايو: رسول خدا (ص) جي هن حديث (من کنت مولاه فهٰذا علي مولاه) جي مطابق مان تنهنجو مولا آهيان يا تون منهنجو مولا آهي، ابوبڪر وراڻيو: توهان يا علي. [3]

ابي طفيل جو بيان آهي ته آءُ شورا جي ڏينهن  پنهنجي گهر ۾ ويٺو هيس مان ٻڌو ته حضرت علي(ص) فرمائي رهيا هئا: ڇا مون کان سواءِ ٻيو اهڙو شخص آهي جنهن جي باري رسول خدا(ص) فرمايو هجي (من کنت مولاه.....) سڀني هڪ آواز ۾ وراڻيو نه اي اباالحسن!. [4]

حضرت زهراء (س) ۽ غدير:

ابن عقده پنهنجي مشهور ڪتاب ”الولاية“  ۾ محمد بن اسيد کان هن طرح روايت نقل ڪئي آهي : حضرت زهراء (س) کان سوال ڪيو ويو ته ڇا رسول خدا (ص) جي رحلت کان پهريان حضرت علي (ع) جي امامت جي باري ۾ ڪو فرمان موجود آهي؟ حضرت زهراء فرمايو: (واعجبا انستيم يوم غدير خم؟) تعجب آهي! ڇا توهان غدير جي ڏينهن کي وساري ڇڏيو آهي؟ [5]

حضرت امام حسن مجتبى (ع) ۽غدير:

حضرت امام صادق (ع) فرمائي رهيا آهن جڏهن معاويہ امام حسن مجتبى (ع) سان جنگ ڪرڻ چاهي ته امام حسن (ع) معاويه کي فرمايو: مسلمانن رسول خدا (ص) کان منهنجي بابي جي باري فرمائيندي ٻڌو آهي، رسول خدا فرمايو: (انہ مني بمنزلہ من موسى) ۽ اهڙي طرح رسول خدا (ص) غدير خم جي ميدان تي منهنجي بابي کي امام منصوب ڪيو. [6]

حضرت امام حسين (ع) ۽ غدير:

سُليم بن قيس هلالي جو بيان آهي: امام حسين (ع) معاويه جي مرڻ کان پهريان خدا جي گھر جي زيارت ڪئي ان کان پوءِ بني هاشم کي گڏ ڪري فرمايو: ڇا توهان کي خبر آهي ته رسول خدا (ص) حضرت علي (ع) کي غدير خم جي ڏينهن امام معين ڪيو؟ سڀني هڪ آواز ۾ وراڻيو: هاءُ  اي رسول خدا (ص) جا پيارا فرزند. [7]

امام زين العابدين (ع) ۽ غدير:

مشهور تاريخ دان ابن اسحاق جو بيان آهي: مان امام زين العابدين (ع) جي خدمت ۾ عرض ڪيو (من کنت مولاه ...) مان ڇا مراد آهي؟ امام زين العابدين (ع) فرمايو:(اخبرهم انہ الامام بعده) ماڻهن کي خبر ڏني ته علي (ع) مون کان بعد توهان جو امام هوندو. [8]

 

امام محمد باقر (ع) ۽ غدير:

 

ابان بن تغلب جو بيان آهي: مان امام باقر (ع) کان رسول خدا (ص) جي هنفرمان (من کنت مولاه...) جي باري ۾ سوال ڪيو:امام فرمايو: اي ابو سعيد! رسول خدا (ص) فرمايو ته: حضرت علي (ع) توهان ۾ منهنجو جانشين ۽ خليفو هوندو. [9]

حضرت امام جعفر صادق (ع) ۽ غدير:

زيد بن شهام جو بيان آهي ته: امام جعفر صادق (ع) کان هڪ معتزلي شخص سنت جي باري ۾ سوال ڪيو: امام ان جي جواب ۾ فرمايو:هر اها شي جنهن جي انسانن کي ضرورت آهي ان جو حڪم خدا ۽ رسول خدا جي سنت ۾ موجود آهي، انجي لاءِ   ته اگر سنت نه هجي ها ته خدا پنهنجي بندن کان ڪڏهن به انهن جي عملن جي باري ۾سوال نه ڪري ها.

ان شخص عرض ڪيو: خدا ڪهڙي شين جي ذريعي اسان کان سوال ڪندو؟

امام جواب ۾ فرمايو: (اليوم اکملت لکم دينکم .............) ان آيت جي ذريعي سان، انجي لاءِ جو اگر هيءَ آيت نه هجي ها ته خدا اسان کان عملن جي باري ۾ سوال نه ڪري.. [10]

حضرت امام موسى ڪاظم (ع) ۽ غدير:

عبد الرحمٰن بن حجاج حضرت امام موسى ڪاظم(ع) کان مسجد غدير ۾ نماز پڙهڻ جي ثواب جي باري ۾ سوال ڪيو: امام جواب ۾ فرمايو:صل فيہ فان فيہ فضلا و قد کان ابي يامر بذالک) مسجد غدير ۾ نماز پڙهندا ڪيو ڇوجو منهنجو بابو ان مسجد ۾ نماز پڙهن جي باري حڪم ڪندو هيو.[11]

حضرت امام علي رضا (ع) ۽ غدير:

 محمد بن ابي نصر بزنطي جو بيان آهي :مان هڪ ڏينهن امام جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ان حال ۾ جو مجلس ماڻهن سان ڀريل هئي، ۽ ماڻهو هڪ ٻي سان غدير جي باري ۾ گفتگو ڪري رهيا هئا، انهن مان ڪجھ ماڻهو غدير جا بلڪل منڪر ٿي ويا، امام فرمايو: منهنجي بابي ۽ ان پنهنجي بابي کان روايت ڪئي آهي ته :غدير جو ڏينهن آسماني مخلوق وٽ زمين وارن کان گهڻو مشهور آهي، ان کان پوءِ فرمايو: اي ابي نصر (اين ما کنت فاحضر يوم الغدير) غدير جي ڏينهن جتي به هجي  اميرالمومنين جي خدمت ۾ حاضر ٿي، هي سچ آهي ته هن ڏينهن خدا مومنن ۽ مومنات جا سٺ (60) سال جا گناهه معاف ڪندو آهي،۽ رمضان المبارڪ جي مهيني جيترا ماڻهو هن غدير جي ڏينهن جهنم کان آزاد ڪندو، ان کان پوءِ ٻيهر فرمايو: (والله لو عرف الناس فضل هذا اليوم بحقيقہ لصافحتم الملائکہ کل يوم عشر مرات) خدا جو قسم اگر ماڻهن کي هن ڏينهن جي فضيلت معلوم ٿي وڃي ها  ڏينهن ۾ ڏهه مرتبه فرشتن سان مصافحو (هٿ ملائن) ڪن ها. [12]

حضرت امام محمد تقي (جواد) (ع) ۽ غدير:

ابي عمير امام محمد تقي الجواد (ع) کان هن آيت (ياايهاالذين آمنوا اوفوا باالعقود) جي سلسلي ۾ روايت نقل ڪئي آهي: رسول خدا (ص) ڏهن جڳهن تي خلافت جي باري ۾ اشارو ڪيو،ان کان بعد هيءَ آيت نازل ٿي آهي. [13]

حضرت امام علي نقي (هادي) (ع) ۽ غدير:

شيخ مفيد (ره) پنهنجي معتبر ڪتاب ”الارشاد“ ۾ اميرالمومنين حضرت علي (ع) جي زيارت امام هادي (ع) کان نقل ڪئي آهي ته: امام هادي (ع) غدير جي ڏينهن حضرت علي (ع) جي زيارت ڪندي سندن شان ۾ هي جملا ارشاد فرمايا: (اشهد انک المخصوص بمدحة الله المخلص لطاعة الله) مان گواهي ٿو ڏيان ته حمد ۽ اطاعت خدا سان ئي مخصوص آهي، ان کان پوءِ فرمايو: خدا حڪم ڏنو: ياايهاالرسول بلغ ما انزل اليک .......) ان کان پوءِ رسول خدا ماڻهن ڏانهن توجهه ڪندي ۽ انهن کان سوال ڪيو: ڇا مان تبليغ جي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي؟ سڀني چيو نه يا رسول الله (ص)! ان کان پوءِ رسول خدا (ص) فرمايو: اي منهنجا پالڻهار گواهه رهجان! اخذ بيدک و قال من کنت مولاه فهذا علي مولاه، اللهم وال من والاه و عاد من عاداه و انصر من نصره و اخذل من خذلہ) [14]

حضرت امام حسن عسڪري (ع) غدير:

حسن بن ظريف امام حسن عسڪري ڏانهن خط لکي امام کان (من کنت مولاه......) جي باري ۾ سوال ڪيو ته ان ما ڇا مراد آهي؟.امام جواب ۾ فرمايو: (اراد بذالک ان جعلہ علما يعرف بہ حزب الله عند الفرقة) خدا ارادو ڪيو آهي ته ان جملي (من کنت مولاه ) کي پرچم  قرار ڏنو ته جيئن فرقه واريت جي وقت الله جي لشڪر کي سڃاتو وڃي.

اسحاق بن اسمائيل نيشاپوري جو بيان آهي ته: حضرت امام حسن عسڪري (ع) ابراهيم کي خط لکيو ته: خدا پنهنجي رحمت سان توهان تي واجبات کي فرض ڪيو اٿس، اهو خدا جي مفاد ۾ نه آهي بلڪه توهان جي لاءَ اها خدا جي طرفان رحمت آهي جو توهان ڏانهن توجهه ڪئي اٿس، خدا جو ائين ڪرڻ ان جي لاءِ آهي ته پاڪ کي پليدي کان جدا ڪري، ۽ توهان کي آزمائي ته خدا جي واٽ کي  اختيار ڪيو، بس توهان جي لاءِ جنت ۾ درجات معين ڪيا اٿس انهن درجات تائين پهچڻ لاءِ  نماز،روزي،حج،عمري،زڪات ۽ ولايت کي فرض ڪيو اٿس، جيڪڏهن رسول خدا (ص) ۽ ان جا حقيقي جانشين ۽ خليفه نه هجن ها ته توهان جانورن وانگر زندگي گذاريو ها ۽ ڪنهن به فرض کي ادا نه ڪري سگهو ها. جڏهن رسول خدا(ص) کان بعد خدا ان جي جانشينن کي معين ڪيو ان وقت پنهنجي نعمتن کي تمام ڪيائين (اليوم اکملت لڪم......) ان کان پوءِ پنهنجي ولين جي لاءِ توهان جي مٿان حقَ معين ڪيا ۽ توهان کي حڪم ڏنو ته انهن جي حقن کي صحيح طريقي سان ادا ڪيو ته جيئن توهان جي عزت، مال ۽ ناموس محفوظ رهي. [15]

حضرت امام زمانه (عج) ۽ غدير:

دعا ندبه جيڪا امام سان منسوب آهي ان ۾ امام جا هي جملا موجود آهن:(فلما انقضت ايامہ اقام وليہ علي ابن ابي طالب صولاتک عليهما و آلهما هاديا اذ کان هو المنذر و لکل قوم هاد فقال والملاء امامہ من کنت مولاه فعلي مولاه

 

حوالا ..........



[1]-(امالي شيخ صدوق صفحو :400 مجلس 74)

[2]-  (ڪتاب سُليم بن قيس هلالي صفحو:41)

[3]- (خصال شيخ صدوق صفحو 55 باب اربعين حديث 30)

[4]- (امالي شيخ صدوق جلد 1 صفحو 342)

[5]- ( اثبات الهدى جلد 2 صفحو 112،مناقب شهر آشوب جلد 3 صفحو 25۽26)

[6]- (امالي شيخ صدوق جلد 2 صفحو 171)

[7]- (ڪتاب سُليم بن قيس صفحو 168)

[8]- (بحارالانوار جلد 37 صفحو 223)

[9] - (معاني الاخبار صفحو 66)

[10] -(تفسير برهان جلد 1 صفحو 446)

[11] - ( اصول ڪافي جلد 4 صفحو 566)

[12] - (تهذيب الاحکام شيخ طوسي جلد 6 صفحو 24 حديث 52)

[13]- ( تفسير قمي جلد 1 صفحو 160)

[14] - (بحارالانوار جلد 100 صفحو 363)

[15] - (علل الشرايع جلد 1 صفحو 249)