Get Adobe Flash player

مقدمو:

 غدير تي اعتراض ذڪر ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ان جي باري ۾ ٿوري ڄاڻ هجڻ گھرجي ان ڪري اسان تمام مختصر خلاصي ۾ واقعه غدير ڏانهن اشارو ڪريون  ۽ ان کان پوءِ اعتراضن ۽ انهن جي جوابن کي ذڪر ڪنداسين .

حضرت محمد1 جڏهن آخري حج ڪري مڪي کان مديني ڏانهن موٽي رهيا هئا ته رستي ۾ غدير خم[1] جي مقام تي هيءَ آيت نازل ٿي .

 

يَا أَيُّهَا الرَّسُولُ بَلِّغْ مَا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ وَإِن لَّمْ تَفْعَلْ فَمَا بَلَّغْتَ رِسَالَتَهُ وَاللّهُ يَعْصِمُكَ مِنَ النَّاسِ إِنَّ اللّهَ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الْكَافِرِينَ[2]

ترجمو:. اي پيغمبر جيڪو (قرآن) توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان لاٿو ويو آھي سو پُھچاءِ، ۽ جيڪڏھن (ايئن) نه ڪئي ته سندس پيغام نه پھچائي، ۽ الله توکي ماڻھن کان پناہ ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي

رسول پاڪ1 قافلي کي اتي روڪڻ جو حڪم ڏنو جنهن قافلي ۾ اٽڪل هڪ لک حاجي سڳورا موجود هئا . ٻيپهريءَ جي نماز پڙهڻ کان پوءِ رسول خدا1 هڪ ڊگھو خطبو ڏنو ، ان خطبي ۾ پاڻ1 پنهنجي ڄمار جي آخري ڏهاڙن جي پهچڻ ڏانهن اشارو ڪيو ، ثقلين ( قرآن ۽ عترت) سان گڏ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ اها خبر ڏني ته قرآن ۽ عترت قيامت تائين هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيندا ۽ اهڙي طرح اهم ڳالهين کي بيان ڪيو. ان کان پوءِ منبر تي امام عليA جو هٿ بلند ڪري ان جو پنهنجي جانشين ۽ خليفي هجڻ جي اعتبار سان تعارف ڪرايو ۽ فرمايو :

“ الله سائين منهنجو مولا آهي ، آئون مؤمنن جو مولا آهيان ۽ جنهن جو آئون مولا آهيان هي عليA ان جو مولا آهي . پالڻهار تون ان کي دوست رکجان جيڪو عليءَA کي دوست رکي ۽ جيڪو عليءَA سان دشمني ڪري ان کي دشمن رکجان . عليءَA جي مددگارن جي مدد ڪجان ۽ ان جي دشمنن کي خوار ۽ ذليل ڪجان ۽ عليءَA حق جو معيار ۽ محور قرار ڏي .[3]

ان کان پوءِ سڀني عليA جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ هيءَ آيت جيڪا آيت اڪمال جي نالي سان مشهور آهي نازل ٿي .

الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِن دِينِكُمْ فَلاَ تَخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الإِسْلاَمَ دِينًا [4]

ترجمو:اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نا اميد ٿيا تنھنڪري کانئن نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم .

اهو هو غدير جو خلاصو هاڻ اسان پنهنجي اصل موضوع ڏانهن اچون ٿا .

مکيه اعتراض ۽ ان جا جواب

پهريون اعتراض

ڪجھ اڻ ڄاڻ ۽ نادان ماڻهو اهو اعتراض ڪندا آهن ته حديث غدير معاذ الله نسورو ڪوڙ آهي ۽ اهو واقعو تاريخ ۾ ذڪر ئي ناهي ٿيو جيڪڏهن سچ هجي ها ته تاريخ جو مشهور عالم “محمد ابن جرير ابو جعفر طبري ” تاريخ طبريءَ ۾ ان واقعي کي ذڪر ڪري ها جڏهن ته ان ذڪر ناهي ڪيو ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شيعن جو هٿرادو ٺاهيل واقعو آهي جنهن جي ڪا حقيقت نه آهي .

جواب:

 ڪيتري افسوس جي ڳالھ آهي جو اهڙي واقعي جو انڪار ڪيو وڃي جنهن لاءِ علامه اميني پنهنجي ڪتاب الغدير ۾ ثابت ڪري ٿو ته 120 صحابين ۽ 80 تابعين کان اها حديث نقل ٿي آهي ان کان علاوه 360 اهل سنت جي عالمن سڳورن ۽ محدثن ان حديث کي پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن مان کوڙ سارن ان حديث جي سندَ صحيح هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي . [5]    

باقي رهي اها ڳالھ ته تاريخ طبري ۾ اهو واقعو ڇو ذڪر ناهي ٿيو؟ ان جو جواب ڏيندا هلون ته پهرين ڳالھ ته اهو معيار ڪٿان آيو آهي ته جيڪو واقعو تاريخ طبري ۾ ذڪر ناهي ٿيو اهو واقعو سچ ناهي اهو ڪٿان ثابت ٿيندو ؟ ۽ ٻي ڳالھ ته  توڙي جو طبريءَ ان واقعي کي تاريخ طبريءَ ۾ ذڪر ناهي ڪيو پر حديث غدير کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ مستقل ڪتاب لکيو اٿس جنهن ڪتاب جو نالو “ڪتاب الولاية” هو . اهو ڪتاب اٺين صديءَ تائين موجود هو جنهن کي نجاشيءَ [6]  ۽ شيخ طوسيءَ پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي . شيخ طوسي چوي ٿو:

محمد بن جرير الطبري ، ابو جعفر صاحب التاريخ ، عامي المذهب له کتاب غدير خم اخبرنا به احمد بن عبدون .”

“ محمد بن جرير طبري  صاحب تاريخ (طبري) مذهبي اعتبار سان سني آهي ۽ ان جو غدير خم جي باري ۾ ڪتاب آهي جنهن جي خبر اسان کي احمد بن عبدون ڏني آهي .[7]

اهلسنت جو برک عالم ابن ڪثير پڻ حجة الوداع کان پوءِ غدير جي واقعي کي ذڪر ڪيو آهي وڌيڪ چوي ٿو ته :

و قد رايت له کتاباً فجمع فيه احاديث غدير خم في مجلدَين ضخمَين

ترجمو: مون ان (طبري) جو هڪ ڪتاب ڏٺو آهي جنهن ۾ ان غدير خم جي حديثن کي جمع ڪيو آهي اهو ڪتاب ٻن ٿُلهن جلدن ۾ آهي ” [8]

ابن شهر آشوب لکي ٿو ته: طبريءَ غدير خم جي باري ۾ ڪتاب لکيو جنهن ۾ ان واقعي(غدير) کي تشريح سان بيان ڪيو  ۽ ان ڪتاب جو نالو “ ڪتاب الولاية” رکيو .[9]    

يحى بن حسن جيڪو “ ابن بطريق” جي نالي سان مشهور آهي ، لکي ٿو ته : محمد بن جرير طبريءَ حديث غدير کي 75 طريق[10] سان بيان ڪيو آهي ۽ ان باري ۾ مستقل ڪتاب “ ڪتاب الولاية ” جي نالي سان لکيو آهي [11]

  ابن طاؤس پڻ ان ڳالھ کي ساڳي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي .[12] ابو حنيفه نعمان بن محمد تميمي واحد اهو سني عالم آهي جنهن طبريءَ جي ان ڪتاب مان 75 حديثون پنهنجي ڪتاب “ شرح الاخبار في فضائل الائمة الاطهار” ۾ عليA جي فضائل ۾ ذڪر ڪيون آهن .[13]

هتي مناسبت سان اهو به ذڪر ڪندا هلون ته طبريءَ اهو ڪتاب ڇو لکيو ؟ ان ڪتاب جي لکڻ جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته محمد بن جرير طبريءَ کي خبر پئي ته بغداد جي هڪ عالم ابو بڪر بن ابي داود حديث غدير جو انڪار ڪيو آهي ، اهو ٻڌي طبريءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پوءِ ان جي رد ۾ “ ڪتاب الولاية” لکيو ۽ ان ۾ غدير جي واقعي جي تشريح ڪئي .[14]

ٻيو اعتراض  

اهلسنت جي علماء مان ڪجھ جهڙوڪ : فخر رازي ۽ قاضي عضد ايجي اهو اعتراض ڪيو آهي ته غدير جي واقعي ۾ ڪو شڪ ناهي پر رسول اڪرم1 جيڪو فرمايو آهي “من ڪنت مولاه فهٰذا علي مولاه ” ان مولا مان مراد دوست ۽ مددگار آهي باقي امام، اڳواڻ ۽ جانشين جي معنى ۾ لفظ مولى لغت ۾ نه آيو آهي . ان ڪري ان حديث ۾ عليءَA سان دوستيءَ جو حڪم آهي ان جي امامت ۽ سرواڻيءَ جو حڪم نه آهي .

  جواب :

مرحوم علامه امينيءَ ڪتاب الغدير ۾  لفظ مولا جون 27 معنائون ذڪر ڪيون آهن ۽ گهري ۽ دقيق تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته مولا جو لفظ قرآن ، لغت ۽ حديثن ۾ ولي ، صاحب اختيار ، اڳواڻ ۽ اَولى جي معنى ۾ رائج آهي [15]

اسان هت ڪجھ شاهد پيش ڪريون ٿا جن منجھان معلوم ٿئي ٿو ته لفظ مولا جي حديث غدير ۾ اڳواڻ ، امام ۽ رهبر معنى ئي مراد آهي .

1. هڪ لک حاجن سڳورن کي ان تتل علائقي  ۽ گرم موسم ۾ فقط ان لاءِ بيهاريو وڃي ته توهان عليA سان دوستي ڪريو اها ڳالھ معقول ناهي ،ان ڪري جو مسلمانن جي پاڻ ۾ دوستي ۽ ڀائپي هجڻ گھرجي اهو هڪ لازمي امر آهي جنهن تي ڪافي حديثون موجود آهن ۽ جيڪڏهن دوستيءَ لاءِ عليA جهڙو اعلى انسان هجي ته ان کي دوست رکڻ، اها ڪا لڪيل ڳالح ناهي بلڪه هڪ واضح ترين عمل آهي  بس اهڙي عمل کي ٻڌائڻ لاءِ پاڻ سڳورا1 اهڙو اهتمام ڪن اها ڳالھ معقول نه آهي . بلڪه ڪو اهم عمل آهي جنهن لاءِ ايڏو وڏو اهتمام ڪيو وڃي ٿو ، اهو عمل رسول پاڪ1 کان پوءِ اڳواڻي ۽ سرواڻيءَ جو آهي ته جيئن اسلام جو ٻوٽو محفوظ رهي .

2. پاڻ سڳورن1 خطبي غدير جي شروعات ۾ پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ڏانهن اشارو ڪيو آهي ، اهو عمل جانشينيءَ جي مسئلي سان مناسبت رکي ٿو مولا عليءَA کي دوست رکڻ سان مناسب نه آهي .

3. امام احمد بن حنبل  ۽ ابن اثير روايت نقل ڪئي آهي ته رسول اڪرم1 فرمايو :“ الستُ اولى بالمؤمنين من انفسهم ” [16]  “ ڇا آئون مؤمنن تي سندن نفسن کان وڌيڪ حق نه ٿو رکان؟ ” ان کان پوءِ پاڻ سڳورن1 فرمايو “ من ڪنت مولاه ..............”  . ان عمل مان معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي اولويت ، ولايت ۽ اڳواڻي بيان ڪرڻ کان پوءِ “مولا ” چوڻ ان ساڳي معنى ۾ آهي يعني اولويت ۽ سرواڻيءَ جي معنى ۾ آهي دوستيءَ جي معنى سان مناسبت نه ٿو رکي .

4. رسول پاڪ1 جي خطبي کان پوءِ صحابين جو امام علي1 “مولا المؤمنين ” جي عنوان سان مبارڪ ڏيڻ  فقط امامت ۽ سرواڻيءَ جي معنى سان مناسب آهي .

5. رب پاڪ طرفان آية اڪمال کي نازل ڪرڻ دوستيءَ جي معنى سان مناسب نه آهي بلڪه امامت ۽ اڳواڻيءَ جي معنى سان ٺهڪي ٿو .

6. آيت اڪمال ۾ ڪافرن جي مايوسيءَ جو ذڪر، دوستيءَ واري معنى سان ڪا مناسبت نه ٿو رکي ، جڏهن ته امامت ۽ سرواڻيءَ واري معنى سان مڪمل ٺهڪي ٿو ، ان ڪري جو ڪافر سوچي رهيا هئا ته رسول1 جي رحلت کان پوءِ اسلام نڌڻڪو ٿي ويندو پر پاڻ سڳورن1 جڏهن عليA  کي پاڻ کان اسلام جو ڌڻي قرار ڏنو ته ڪافر مايوس ٿي ويا ۽ سمجھي ويا ته اسلام رسول1 کان پوءِ به ڌڻيئَڪو آهي .

7. رسول1 جو شاعر حسّان بن ثابت جيڪو ان  دور ۾ عربن جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو هو، ان رسول1 کان اجازت ورتي ته جيئن رسول1 جي ان ڪلام کي پنهنجي شاعري انداز ۾ ذڪر ڪري ، جڏهن رسول پاڪ1 ان کي اجازت ڏني ته ان پنهنجي شعر ۾لفظ“ مولا ” جي جاءِ تي هادي ۽ امام استعمال ڪيو .

فقال قُم يا علي فانّني       رضيتُک مِن بعدي اماماً و هادياً [17]

جيڪڏهن پاڻ سڳورن1 جي مراد “مولا ” جي لفظ مان دوستي هئي ته حسّان بن ثابت کي روڪين ها ۽ فرمائين ها ته منهنجي مراد امام ۽ هادي ناهي پر رسول1 جو خاموش ٿي ٻڌڻ ان ڳالھ جو چِٽو ثبوت آهي ته سڀ مولا جي لفظ منجھان اڳواڻي ۽ جانشيني سمجھي رهيا هئا .

8. طبريءَ جي ڪتاب “ ڪتاب الولايت” جنهن جو ذڪر گذري ويو ، ان مان ابو حنيفہ نعمان بن محمد تميمي روايت ذڪر ڪئي آهي ته رسول پاڪ 1 حجة الوداع کان اڳ ۽ حجة الوداع کان پوءِ فرمايو : “عليّ اميرالمؤمنين، عليّ اخي ، عليّ وزِيري ، عليّ وصيّي ، عليّ خليفتي على اُمّتي من بعدي ”

ترجمو: پاڻ سڳورن1 فرمايو ، عليA مومنن جو امير ، منهنجو ڀاءُ ، منهنجو وزير ، منهنجو وصي ، جانشين ۽ مون کان پوءِ منهنجي امت تي منهنجو خليفو آهي .

 طبريءَ جي ان نقل ڪيل حديث مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته “ مولا ” اڳواڻ ۽ سرواڻ جي معنى ۾ئي  آهي .

اشڪال جي پهرئين شق يعني (امام، اڳواڻ ۽ جانشين جي معنى ۾ لفظ مولى لغت ۾ نه آيو آهي)

ڏانهن پڻ اشارو ٿئي ها ته بهتر ٿئي ها

ٽيو اعتراض  

 ابن ڪثير اهو اعتراض ڪيو آهي ته حديث غدير جو جانشيني يا خلافت جي مسئلي سان ڪو تعلق نه آهي ، بلڪه اهو واقعو ان ڪري وجود ۾ آيو جو حجة الوداع کان اڳ عليA يمن ڏانهن سفر ڪيو هو ان سفر دوران جيڪي مولا سان گڏ هئا انهن غنيمت جي مال ۾ ناجائز تصرف ڪرڻ چاهيو ۽ عليA انهن کي ان عمل کان روڪيو ان ڪري اهي صحابي، عليA جي عدالت جي ڪري مولا تي ناراض هئا . اهو واقعو سبب بڻيو جو رسول1 غدير خم ۾ عليA جي فضيلت ، عدالت ۽ امانتداريءَ کي بيان ڪيو ، بس غدير جو خلافت جي مسئلي سان ڪو تعلق نه آهي .[18]

جواب :

ابن ڪثير جو اهو اعتراض بلڪل بي بنياد آهي ، ان ڪري جو يمن واري ان مسئلي کي پاڻ سڳورن1 مڪي ۾ حج ڪرڻ کان اڳ ئي حل ڪري ڇڏيو هو ۽ پاڻ1 فرمايو:

“عليA جي شڪايت نه ڪريو خدا جو قسم الله جي فرمان کي جاري ڪرڻ ۾ عليA تمام سخت ۽ بي پرواھ آهي . [19]   ”

  ان حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته ان مسئلي کي رسول پاڪ1 مڪي ۾ ئي حل ڪري ڇڏيو هو، وري ان مسئلي کي غدير جي مقام تي پيش ڪرڻ معقول نه هو ۽ ان کان سواءِ ڪجھ ماڻهن جي مسئلي جي ڪري هڪ لک حاجين سڳورن کي گرميءَ جي موسم ۾ تتل زمين  تي روڪڻ ڪٿان جو انصاف هو؟!

چوٿون اعتراض

 اهو اعتراض پڻ ڪيو ويندو آهي ته جيڪڏهن پاڻ سڳورن1 ، عليA کي پنهنجو خليفو ۽ امت جو امام قرار ڏنو ته ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته صحابي سڳورا ان حڪم جي مخالفت ڪن ، جڏهن ته اهي با ايمان ۽ نيڪ انسان هئا .

جواب

هن اعتراض کي تمام گھڻو بلند ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان اٻوجھ عوام کي گمراھ ڪيو ويندو آهي . جڏهن ته تاريخ ۾ صحابي سڳورن جي مخالفت جا مقام ذڪر ٿيل آهن جن منجھان ڪجھ هي آهن .(1) صلح حديبيہ جي مقام تي مخالفت ، (2) جڏهن اسامہ بن زيد بن حارثہ کي لشڪر جو سپھ سالار مقرر ڪيو ،(3) قلم ۽ ڪاغذ واري مسئلي ۾ ۽ اهڙي طرح ٻين مقامن تي مخافت ڪئي ، جن مقامن کي  مرحوم علامه شرف الدين پنهنجي ڪتاب “النص و الاجتهاد ” ۾ ذڪر ڪيو آهي . اسان هت هڪ اڌ ڏانهن اشارو ڪريون ٿا باقي جنهن کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻي آهي اهو ان ڪتاب ڏانهن رجوع ڪري .

1. جڏهن پاڻ سڳورا1 حجة الوداع کان موٽيا ته جلد روم ڏانهن هڪ جنگي لشڪر موڪلڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان لشڪر جو سپھ سالار اسامہ بن زيد بن حارثہ کي مقرر ڪيو ۽ روم ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو پر ڪافي صحابي اهو بهانو ڪرڻ لڳا ته اسامہ ڄمار ۾ ننڍو آهي اسان ان جي سپھ سالاريءَ ۾ ڪيئن وڃون ، جڏهن رسول پاڪ1 کي ان ڳالھ جي خبر پئي ته پاڻ سڳورا1 تپ ۽ بخار جي حالت ۾  مسجد ڏانهن تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايو :

اي انسانؤ! اسامہ جي سپھ سالاريءَ جي باري ۾ آئون هي توهان کان ڇا ٻڌي رهيو آهيان ، جڏهن اڄ اسامہ جي سپھ سالاريءَ تي اعتراض ڪري رهيا آهيو ۽ ان کان اڳ ان جي والد (زيد) جي سپھ سالاريءَ تي توهان کي اعتراض هو . خدا جو قسم زيد ان سپھ سالاريءَ جو لائق هو ۽ ان جو پٽ (اسامہ) پڻ ان منصب لاءِ مناسب آهي .[20]       

2. جڏهن رسول پاڪ1 پنهنجي ظاهري زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ ڪاغذ ۽ قلم گھريو پر صحابين ان فرمان جي مخالفت ڪئي ان ڳالھ کي عبد الله بن عباس ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

“ ڪيترو ته ڏکوئيندڙ هو اهو وقت جڏهن پاڻ سڳورن1 ڪاغذ ۽ قلم گھريو پر صحابين ان کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو .[21]     

انهن واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته ائين ناهي ته صحابي سڳورن پاڻ سڳورن1 جي فرمان جي مخالفت نه ڪئي آهي، بس جيڪڏهن رسول1 جي زندگيءَ ۾ مخالفت ڪري سگھن ٿا ته سندن رحلت کان پوءِ مخالفت ڪرڻ انهن لاءِ ڪا وڏي ڳالھ نه هئي .

نصيحت ڀريو نڪتو

جيڪو غدير جو مخالف آهي اهو ته پاڻ ڄاڻي ۽ ان جو پالڻهار، پر اسان جيڪي غدير جا حامي ۽ نعرا هڻڻ وارا آهيون جيڪڏهن غدير کي ان طرح ملهايون ها جهڙي ريت عيد الفطر ۽ عيدالاضحى کي ملهائيندا آهيون ته شايد غدير جي مخالف کي ڪڏهن به غدير جي انڪار ڪرڻ جي ايتري جرئت نه ٿئي ها . آخر ۾ دعا آهي ته پالڻهار حق چوڻ ، حق ٻڌڻ ۽ حق تي عمل ڪرڻ جي اڃان وڌيڪ توفيق عطا ڪري .

آمين يا رب العالمين

  



[1] . اهو مقام آهي جيان مصر، عراق ۽ مدينہ جي حاجي سڳورن جا رستا جدا ٿيندا هئا .

[2] . سوره مائده، آيت 67

[3] . تاريخ اسلام ، مهدي پيشوايي ، ص 310

[4] . سوره مائده ، آيت 3

[5] . الغدير ،ج 1 ، ص 14 کان 151

[6] . نجاشي ، فهرست مصنفي الشية ، ص 225 

[7] . طوسي ، الفهرست ، ص 281 

[8] . البداية و النهاية ، ج11 ، ص 147

[9] . ابن شهر آشوب، معالم العلماء ص 106

[10] . حديث جي سندَ کي مختلف راوين کان بيان ڪرڻ کي طريق سڏيو ويندو آهي

[11] . عمدة عيون صحاح الاخبار ، ج 1 ، ص 157

[12] . ابن طاؤس ، الطرائف ، ج1 ، ص 142

[13] . شرح الاخبار في فضائل الائمة الاطهار ، ج 1 ، ص 130

[14] . ساڳيو

[15] . الغدير ، ج 1 367 کان 370 تائين 

[16] . مسند احمد ابن حنبل ، ج 1 ،ص 119 ۽ اُسد الغابة ، ج4 ، ص 28

[17] . الغدير ، ج 1،ص 370

[18] . البداية و النهاية ،ج 5 ، ص 208

[19] . ساڳيو ص 209

[20] . الطبقات الڪبرى ، ابن سعد ج 2 ،ص124

[21] . ساڳيو، ص 244