Get Adobe Flash player

مقدمو

             اسلام ۾ جي انهن مکيه حڪم مان جن کي انساني عقل به صحيح ۽ لازمي قرار ڏنو آهي هڪ تقيو به آهي،ليڪن افسوس جي ڳالھ هي آهي ته ڪجھ بي سمجھ ماڻهو جيڪي هن جي حقيقت کي نه سمجھي سگھيا ته هڪ معاشري ۾ تقيي جي ڪيتري ضرورت آهي؟ يا وري مذهبي دشمني جي ڪري هن جون غلط معنائون ڪيائون ته جيئن عام مسلمان جي ذهن کي خراب ڪري سگھن . تنهنڪري اسان هتي تقيي جي موضوع تي قرآن پاڪ ۽ نبي سڳوري (ص) جي سنت جي نظر سان ڏسنداسين

ته تقيي جي اسلام ۾ ڪهڙي حيثيت آهي  ۽ مذهب جعفريه کان  علاوه  ٻيا اسلامي مذهب هن جي لاءِ ڪهڙي را ءِ   رکن ٿا. ليڪن سڀ کان پهرين تقيي جي لغوي ۽ اصطلاحي تعريف کان آگاھ ٿيون.

تقيي جي لغوي تعريف

      لغت ۾تقيو ”وقايہ“ مان نڪتل آهي (يعني ڪنهن شي کي خطري يا ڪنهن نقصان کان محفوظ رکڻ) زبيدي تاج العروس ۾ تقيي جي معنى ” ڪنهن نقصان يا خطري کان هوشيار ٿيڻ ۽ پاسو ڪرڻ جي معنى ڪئي آهي“ [1]

تقيي جي اصطلاحي معنى

      تقيي  شرعي اصطلاح ۾ ”هڪ حڪم کي دين جي حڪم جي خلاف ظاهر ڪرڻ آهي، پوءِ اهو اظهار قول ذريعي هجي يا عمل ذريعي. انهي نيت سان ته پنهنجي يا ٻئي ڪنهن جي جان ، مال يا عزت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ائين ڪندو هجي [2]

سرخسي پنهنجي ڪتاب المبسوط ۾ چوي ٿو ته ”التقية ان يقي نفسہ من العقوبة بما يظهره و ان کان يضمر خلافہ“ تقيو هي آهي ته انسان پنهنجي جان کي انهي شي جي ذريعي بچائي ان شيءِ وسيلي جنهن جو اظهار ڪري ٿو،جيتوڻيڪ دل ۾ ان جي خلاف هجيس [3]

    ابن حجر عسقلاني چوي ٿو ته ”التقية الحذر من اظهار ما في النفس _ من معتقد و غيره _ للغير “ تقيي جي معنى اها آهي ته هڪ ٻئي شخص جي سامهون پنهنجي پاڻ کي روڪڻ  ان شي جي اظهار کان جيڪا سندس دل ۾ آهي چاهي اها شي سندس عقيدي مان هجي يا نه هجي[4]

   رضا رشيد تقيي جي تعريف ۾ لکي ٿو ته ”ما يقال او يفعل مخالفاً للحق لاجل توقّي الضرر“ تقيو يعني نقصان کان بچڻ لاءِ حق جي مخالف ڪا ڳالھ چوڻ يا ڪو عمل انجام ڏيڻ [5]

تقيي جي جائز هجڻ جا دليل

الف: قرآن

 پهرئين آيت

1 : الله پاڪ قرآن ۾ فرمائي ٿو ته ”لاَّ يَتَّخِذِ الْمُؤْمِنُونَ الکافرين اَوْلِيَاء مِن دُوْنِ الْمُؤْمِنِينَ وَمَن يَفْعَلْ ذلک فَلَيْسَ مِنَ اللّهِ فِي شَيْ اِلا ان تَتَّقُواْ مِنْهُمْ تُقَاةً وَيُحَذِّرکم اللّهُ نَفْسَہ والى اللّهِ الْمَصِيرُ [6]

(گھُرجي ته) مُؤمن مُؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو اِئين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪُجھ) واسطو نه آھي، ھِن کانسواءِ ته اِنھن (ڪافرن) کان پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي.

سرخسي هن آيت کي تقيي جي جائز هجڻ تي دليل قرار ڏنو آهي [7]

 ۽ اهڙي طرح مراغي پنهنجي تفسير ۾ هن جي باري ۾ چوي ٿو ته (اسلامي دانشمندن هن آيت کي تقيي جي جائز هجڻ  تي دليل بڻايو آهي، يعني انسان ڪجھ ڳالهائي يا ڪو ڪم انجام ڏئي، جيڪو حق جي مخالف هجي. اهو انهي ڪري ته جيئن هو دشمنن کان پنهنجي جان،مال،۽عزت جي حفاظت ڪري سگھي [8]

ٻئين آيت

2 : الله پاڪ فرمائي ٿو ته ” مَن کفرَ بِاللّهِ مِن بَعْدِ إيمَانِہ اِلّآ مَنْ اُکۡرِهَ وَقَلْبُہُ مُطْمَئِنٌّ بِالاِيمَانِ وَلکن مَّن شَرَحَ بالکُفرِ صَدْرًا فَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ مِّنَ اللّهِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ [9]

 جنهن ايمان کان بعد ڪفر اختيار ڪيو _ سواءِ  ان جي جنھن کي (ايمان کان ڦرڻ تي) زور ڪيو وڃي  ليڪن سندس دل ايمان سان مطمئن ھجي _ ان کان علاوه هو ڪفر لاءِ پنهنجي ڇاٿي ويڪري ڪري (يعني راضي ٿئي) ا ته ھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ سندن لاءِ وڏو عذاب آھي.

هن آيت جو نچوڙ هي آهي ته جيڪو به ايمان آڻڻ کانپوءِ پنهنجي ارادي سان ڪفر اختيار ڪري ۽ ان جو اظهار به ڪري ته اهو الله پاڪ جي عذاب کان بچي نه سگھندو .پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن مشڪل ۾ پئجي وڃي ٿو انهي سان گڏو گڏ سندس دل ايمان جھڙي خزاني ڪري ٿو سان ڀريل اٿس ۽ فقط پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ پنهنجي زبان تي ڪفر جا ڪلما جاري ڪري ٿو ته اهڙو شخص الله پاڪ جي غضب ۽ عذاب کان محفوظ  نه رهندو ڇاڪاڻ ته هن شخص پنهنجي جان بچائڻ لاءِ تقيو ڪيو آهي.

      محدثن۽ مفسرن نقل ڪيو آهي ته هيءَ آيت عمار ياسر جي لاءِ نازل ٿي آهي،ڇاڪاڻ ته عمار، سندس والد، والده ۽ پيغمبر(ص) جاڪجھ اصحاب مشرڪن جي چنبي ۾ ڦاٿل هئا ۽ انهن سڀني کي ڏاڍيون تڪليفون ڏنيون وينديون هيون ،عمار جو والد ياسر ۽ سندس والده سميه انهي آذار۽ تڪليف جي ڪري شهيد ٿي ويا ۽ پاڻ پنهنجي زبان تي ڪجھ اهڙا جملا جاري ڪيا جيڪي الله جي رسول(ص) جي خلاف هئا جنهن جي ڪري مشرڪن جي چنبي مان آزاد ٿي ويا ۽ پنهنجي جان بچايائين. پنهنجي انهيعمل تي پاڻ ڏاڍا شرمنده هئا. ايستائين جو سندس اکين مان ڳوڙها نڪري آيا جڏهن پيغمبر اسلام(ص) جي خدمت ۾ آيا ۽ کينسڄو قصو ٻڌايائين انهيءِ تي پاڻ سڳورن(ص) مٿس پيار ۽ شفقت جا هٿ ڦيريا ۽ فرمايو ته جيڪڏهن مشرڪ وري به تو سان اهڙو رويو رکن ته تون ائين ڪجان انهي مهل اها آيت نازل ٿي [10]

ٽئين آيت

3 : الله پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو ته ” وَقَالَ رَجُلٌ مُّؤْمِنٌ مِّنْ آلِ فِرْعَوْنَ يکتمُ ايمانہ اتقتلون رَجُلًاان يَقُولَ رَبِّيَ اللَّهُ .... [11]

۽ فرعون جي مائٽن مان ھڪ مؤمن مرد _ جو پنھنجو ايمان لڪائيندو ھو  _  چيو ته اھڙي ماڻهو کي قتل ڪريو ٿا  جيڪو چوي ٿو ته منھنجو پالڻھار الله آهي؟!

هڪ مومن ماڻهو جيڪو آل فرعون منجھان هيو ۽ حضرت موسى جي هٿ تي الله پاڪ تي ايمان آندوهيائين ۽ حضرت موسى سان لڪي لڪي ملندو رهندو هو ۽ حضرت موسى کي فرعون جي باري ۾ سڀ ڪجھ ٻڌائيندو هو ۽ هن شخص پنهنجي ايمان کي فرعون کان لڪايو ۽ هن پنهنجي ايمان کي هن ريت لڪايو ته هو جيڪا گفتگو ڪندو هو يا ڪو عمل انجام ڏيندو هو اهو فرعون جي عقيدي مطابق هوندو هو ۽ اهو ڪم فقط هن انهي لاءِ انجام ڏنو ته جيئن  پنهنجي جان جي حفاظت ڪري سگھي ۽ الله جي نبي کي فرعون جي شر کان بچائي سگھي ڇاڪاڻ ته فرعون جو (منصوبو) هو ته هو الله جي نور کي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏي . بس هن شخص جو هي عمل تقيي جي مطابق هو ۽ قرآن ڪريم سندس انهي عمل جي ساراھ ۽ تعريف ڪئي [12]

چوٿين آيت

4 : الله پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو ته ” وَکذلک بَعَثْنَاهُمْ لِيَتَسَاءلُوا بَيْنَهُمْ قَالَ قَائِلٌ مِّنْهُمْ کم لَبِثْتُمْ قَالُوا لَبِثْنَا يَوْمًااوبَعْضَ يَوْمٍ قَالُواربکم اعلم بِمَا لَبِثْتُمْ فَابْعَثُوا  احدکم بِوَرِقکم هَذِهِ الى الْمَدِينَةِ فَلْيَنظُرْايّها ازکى طَعَامًا فلياتکم بِرِزْقٍ مِّنْہُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بکم احداً**انهم ان يَظْهَرُوا عليکمْ يَرْجُمُوکم او يُعِيدُوکم فِي مِلَّتِهِمْ وَلَن تُفْلِحُوااذاً ابداً [13]

۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ کڙو ڪيوسون ته پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو ته (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن کان گھٽ رھياسون، (ڪن) چيو ته جيڪي اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ مان پاڻ مان ھڪ کي ھِن پنھنجي پيسي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي ته اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو طعام سٺو آھي پوءِ ان مان ڪجھ  اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي ته نرمي ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نه ڄاڻائي*** ڇوته جيڪڏھن اھي اوھان تي غالب ٿيندا ته اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُن مھل اوھين ھرگز نه ڇٽندؤ.،

       هي ٻئي آيتون اصحاب ڪهف جي قصي کي بيان ڪن ٿيون۽ انهن آيتن مان دين جي ڪنهن حڪم کي لڪائڻ ۽ تقيو ڪرڻ صاف لفظن ۾ واضح ٿئي ٿو.جيتوڻيڪ هي آيتون انهي حڪم سان ڳنڍيل آهن ته مسلمانن کي گھرجي ته ڪافرن کان تقيو ڪن

     انهي جي باوجود هي حڪم خاص هن مقام لاءِ ناهي بلڪه اهو حڪم تمام وسيع آهي  ۽ هر هڪ ان جاءِ تي جتي انسان جي جان ، مال يا آبروءَ کي فخر هجي ته هي آيتون انهي کي به شامل آهن .

          اسان جيڪا مٿي پهرين آيت ذڪر ڪئي( سورت آل عمران 28 ) انهي جي باري ۾ فخر رازي پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو ته ”هن آيت منجھان ظاهر اهو ٿئي ٿو ته هي آيت انهي حڪم سان ڳنڍيل آهي ته مسلمان ڪافر کان تقيو ڪري،پر امام شافعي جو مذهب هي آهي ته جڏهن به ڪافرن جي سامهون مسلمان کي ڪا اهڙي حالت پيش اچي ته تقيو جائز آهي پر جيڪڏهن ڪنهن مومن شخص کي مسلمانن جي سامهون به اهڙي حالت پيش اچي وڃي ته تڏهن به تقيو جائز آهي[14]

     اسان جيڪا مٿي ٻئين آيت ذڪر ڪئي (سورت نحل/106) انهي جي باري ۾مراغي پنهنجي تفسير ۾ چوي ٿو ته” ڪافرن ظالمن ۽ فاسقن سان نرم رويي سان پيش اچڻ به تقيي جي حڪم ۾ آهي ،هن معنى ۾ ته انسان ڪافرن سان نرمي سان ڳالهائي،پنهنجي ملڪيت مان ڪجھ مال کين تحفي جي صورت ۾ عطا ڪري،انهن سان پيارمحبت سان اُٿي ويٺي هجيس،۽ خوش چهري سان ملي،ڪاوڙ کان پاسو ڪري، اهو سڀ انهي لاءِ ته جيئن هو پنهنجي عزت غيرت ۽ناموس کي انهن جي شر کان بچائي سگھي. [15]

پنجين آيت

5 : اُهي آيتون جن جو تقيي جي موضوع سان لاڳاپو آهي،يا ٻين لفظن ۾ هن ريت بيان ڪجي ته اُهي آيتون جيڪي تقيي جي موضوع سان ٺهڪن ٿيون.

  الف:ڏکي ويل نهڪار واري آيت،الله پاڪ فرمائي ٿو ته ” وَمَا جَعَلَ عَلَيکم فِي الدِّينِ مِنْ حَرَجٍ “ [16]۽ اوھان تي دين ۾ ڪا اوکائي نه ڪيائين،

ب :لاچاري واري آيت”  وَمَا لکمْ الا تاکلوا مِمَّا ذُکر اسْمُ اللّهِ عَلَيْہِ وَقَدْ فَصَّلَ لکم مَّا حَرَّمَ عليکم الا مَا اضْطُرِرْتُمْ اليہ  [17]۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان نه کائيندا آھيو .ھن ھوندي جو جيڪي (شيون) الله اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام جي کائڻ) لاءِ اوھين لاچار ٿيو (سو به روا آھي)،

     الله پاڪ ٻئي مقام تي فرمائي ٿو ته ”  فَمَنِ اضْطُرَّ غَيْرَ بَاغٍ وَلاَ عَادٍ فَلا اثم عَلَيْہِ انّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ [18]، پوءِ جيڪو نه بي فرماني ڪندڙ ۽ نه حد کان لنگھندڙ ٿي مجبور ٿي (کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇاڪاڻ ته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    قرطبي مجاهد کان نقل ڪري ٿو ته”کاَنّ رجل ياخذه العدوّ فيکرھونہ على اکل لحم الخنزير و غيره في معصية الله تعالى،الاّ انّ الاکراه يبيح ذلک ....! [19]

انهيءَ شخص جو مثال جنهنکي دشمن زوري زبردستي ٻڌي مجبور ڪري سوئرجو گوشت کارائي يا انهي کان علاوه ٻيو ڪو اهڙو ڪم جنهن ۾الله پاڪ جي نافرماني ٿيندي هجي ته، اهڙي زور زبردستي (اڪراه) انهن ڪمن کي جائز ڪيو ڇڏي.

ج :هلاڪت واري آيت،الله پاڪ فرمائي ٿو تهواَنفِقُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ وَلاَ تُلْقُواْ باَيْدِيکم الى التَّهْلکة واحْسِنُوَاْ انّ اللّهَ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ [20]۽ الله جي واٽ ۾ خرچيو ۽ (پاڻ کي) پنھنجي ھٿن سان ھلاڪت ۾ نه وجھو، ۽ چڱائي ڪريو، ڇوته الله چڱائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي،

۽ ٻي جڳھ تي فرمائي ٿو ته ”وَلاَ تَقْتُلُواْ اَنۡفُسَکُمۡ اِنّ اللّهَ کانَ بِکُمْ رَحِيمًا [21]۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.

د :آساني واري آيت،الله پاڪ فرمائي ٿو ته ”يُرِيدُ اللّهُ بکم الْيُسْرَ وَلاَ يُرِيدُ بکم الْعُسْرَ [22]الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي،

هي سڀ جون سڀ آيتون جيڪي ذڪر ڪيون ويون انهن مان ”تنقيح مناط“ (تنقيح مناط عربي ۾ علم اصول جي هڪ مشهور اصطلاح آهي جنهن جي معنى آهي ، معيار جو پڌرو ٿيڻ جيڪو ٻڌائي ٿو ته لاچاري،اوکائي،هلاڪت جي وقت انسان تي جيڪي شيون حرام آهن اهي حلال ٿي وڃن ٿيون، ۽ هي پاڻ تقيي جي واجب يا جائز هجڻ تي هڪ مضبوط دليل آهن.

پهريون حصو پورو ٿيو ٻئي حصي ۾ نبي سڳوري (صلى الله عليه وآله) جي سنت ۾ تقيي جي حڪم کي بيان ڪنداسين .

حوالا  ....



[1] : زبيدي،تاج العروس،ج 10 ص 396

[2] : سيد محسن امين،نقض الوشيعة،ص181،بيروت،موسسہ اعلمي للمطبوعات1403

[3] : سرخسي،المبسوط،ج24 ص45 ،بيروت،دارالمعروفہ،1418

[4] : ابن حجر عسقلاني،فتح الباري،ج12 ص136

[5]  : رشيد رضا،تفسير المنار،ج3 ص280

[6] : “.(آل عمران/28)

[7] : سرخسي،المبسوط،ج24 ،ص45

[8] : مراغي، احمد بن مصطفى ،تفسير المراغي،ج3،ص136،بيروت،داراحياءالتراث العربي

[9]: (نحل/106)

[10]  : زمخشري،محمود،تفسيرالڪشاف،ج2،ص430،بيروت،دارالڪتب العربي، 1407

[11] : (غافر/28)

[12] : فخررازي،تفسيرفخررازي،ج27،ص56

[13] : (ڪهف/19/20)

[14] : فخررازي،تفسيرفخررازي،ج21،ص103

[15] : مراغي،تفسيرمراغي،ج15 ص133

[16]: (حجّ/78)

[17]: (انعام/119)

[18]: (بقرة/173)

[19] : قرطبي،الجامع للاحڪام القرآن،ج2،ص227،دارالڪتب العلمية،بيروت،1413

[20]: (بقرة/195)

[21] : (نساء/29)

[22] ؛ (بقرة/185)