Get Adobe Flash player

28

سڀئي شيعه عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته ”بسم الله“ سورت حمد  توڙي ٻين سڀني سورتن جو جُزُ  آهي، ۽ قرآن مجيد جي تمام سورتن جي شروعات ۾ “بسم الله” جو ذڪر ٿيڻ خود ان ڳالهه جومضبوط دليل آهي، ڇاڪاڻ ته اسان خبر آهي ته قرآن مجيد ۾ ڪنهن به شئ جو اضافو نه ٿيو آهي، ۽ پيغمبر اڪرم (ص) جي زماني ۾ کان وٺي اڄ تائين هر سورت جي شروع ۾ بسم الله جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي.

پر اهل سنت جي مشهور ۽ معروف عالِم صاحب تفسير المنار اِن سلسلي ۾ مختلف اهل سنت جي عالمن جا مختلف قول نقل ڪيا آهن:

انهن عالمن وٽ اختلاف آهي ته ڇا هر سورت جي آغاز ۾ بسم الله، سورت جو جُزُ آهي يا نه؟ مڪي جا قديم عالمَ (فقيه ۽ قرآن جا قاري) جهڙوڪابن اثير ۽ اهل ڪوفه مان  ڪجه قرآن جا قاري جهڙوڪ عاصم ۽ ڪِسائي، ۽ اهل مدينه منجهان ڪجهه صحابي ۽ تابعي[1] ۽ اهڙي ريت امام شافعي پنهنجي نئي ڪتاب منجهه ۽ سندس پيروڪار، ۽ ان کان علاوه ثوري ۽ احمد (بن حنبل) پنهنجي ٻن نظرين منجهان هڪ نظريي ۾؛ انهيءَ نظريي جا قائل آهن ته بسم الله سڀني سورتن جو جُزُ آهي، اهڙي طرح شيعه عالمن ۾ (سندن قول مطابق) صحابه ۾ (حضرت) علي (ع)، ابن عباس عبدالله بن عمر ۽ ابو هريره، ۽ تابعين منجهان سعيد بن جبير، عطاء، زهري ۽ ابن المبارڪ پڻ انهيءَ عقيدي کي قبول ڪيو آهي.

ان کان بعد وڌيڪ بيان ڪن ٿا ته انهن جي سڀ کان خاص ۽ اهم دليل صحابه ۽ انهن کان بعد ۾ اچڻ وارين حڪمرانن جو اتفاق ۽ اجماع آهي ته انهن سڀني،سوره توبه کانسواءِ باقي تمام سورتن جي شروع ۾ بسم الله کي ذڪر ڪيو آهي، جڏهن ته اُهي سڀ جا سڀ ان ڳالهه تي گهڻو زور ڏيندا هئا ته جيڪا شئ قرآن مجيد جو جُزُ نه آهي قرآن کي اُن کان محفوظ رکو، ۽ انهيءَ ڪري “آمين” کي سوره حمد جي آخر ۾ ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح (امام) مالڪ ۽ ابو حنيفه جي پوئلڳن پڻ نقل ڪيو آهي ته اُهي بسم الله کي هڪ مستقل آيت مڃيندا هئا جيڪا هر سورت جي شروع ۾ سورتن جي درميان فاصلو وجهڻ جي لاءِ نازل ٿي آهي.

جڏهن ته احمد (بن حنبل) {اهل سنت جو مشهور ۽ معروف فقيهه} ۽ ڪوفي جي ڪجهه قارين کان نقل  ٿيو آهي ته اُهي ماڻهو “بسم الله” کي رڳو سوره حمد جو جُزُ سمجهندا هئا نه ٻين سورتن جو.[2]

مٿي ذڪر ٿيل قولن مان پڻ اِهو نتيجو نڪري ٿو ته اهل سنت جي اڪثر عالمن وٽ پڻ بسم الله هر سورت جو جُزُ آهي، اسان هتي شيعه توڙي سني ڪتابن ۾ نقل ٿيل روايتن مان ڪجهه بيان ڪريون ٿا :

1) “ابن عمار” امام صادق (ع) جي اصحابن مان هئو، چوي ٿو ته مون امام (ع) کان سوال ڪيو ته جڏهن نماز پڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃان ته ڇا سورت حمد جي شروع ۾ بسم الله پڙهان؟ امام (ع) فرمايو:ها، مون وري سوال ڪيو ته جنهن مهل سورت حمد تمام ٿي وڃي ۽ ان کان بعد ۾ ٻي سورت پڙهڻ چاهيان ته ڇا بسم الله جو پڙهڻ ضروري آهي؟ امام (ع) فرمايو: جي ها.[3]

2) سني عالِم دين دار قطني صحيح سند سان حضرت علي (ع) کان نقل ڪري ٿو ته هڪ شخص امام علي (ع) کا سوال ڪيو ته “السبع المثاني” مان ڇا مراد آهي؟ امام (ع) فرمايو: ان مان مراد سورت حمد آهي، اُن شخص وري پڇيو ته سورت حمد ۾ ته ڇَهه آيتون آهن؟ امام (ع) فرمايو: بسم الله الرحمن الرحيم پڻ سندس هڪ آيت آهي.[4]

3) اهل سنت جي مشهور ۽ معروف عالِم بهيقي، صحيح سند  سان ابن جبير ۽ ابن عباس کان هِن ريت نقل ڪيو آهي:

اِسْتَرَق‏الشَّيطان مِن النَاسِ ، اَعظمُ آية مِنَ القُرآنِ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ.[5]

شيطان صفت ماڻهن قرآن جي سڀ کان وڏي آيت يعني بسم الله الرحمن الرحيم کي چوري ڪري ورتو آهي، (اِهو ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته سورتن جي منڍ ۾ بسم الله نٿا پڙهن).

ان کان علاوه سدائين مسلمانن جي اِها سيرت رهي آهي ته هر سورت جي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ بسم الله پڙهندا هيا ۽ اها ڳالهه تواتر سان ثابت آهي ته پيغمبر اڪرم (ص) پڻ هر سورت جي شروعات ۾ بسم الله الرحمن الرحيم پڙهندا هئا، اهڙي صورت ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪا شئ قرآن جو حصو نه هجي خود رسول خدا (ص) ۽ سندن اُمت کيس هميشه قرآن سان گڏ پڙهن؟!.

پر جهڙي طرح ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بسم الله هڪ مستقل آيت آهي ۽ قرآن جو جُزُ آهي ليڪن سورتن جو جُزُ نه آهي، اِهو نظريو پڻ ضعيف آهي، ڇاڪاڻ ته بسم الله جي معنى ئي اهڙي آهي ،جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته  ڪنهن شيءَ جي ابتدا ۽ آغاز ٿي رهيو آهي، جيڪا ان جي هڪ مستقل ۽ جدا آيت سان سازگار ڪانهي

اصل ۾ اهڙي قسم جو شديد تعصب ته اسان پنهنجي ڳالهه تي  اڙيل رهون  ته بسم الله هڪ مستقل آيت آهي، جنهن جو ان کام اڳ ايندڙ آيتن يا بعد ۾ ايندڙ آيتن سان ڪو به ربط نه آهي،جڏهن ته  بسم الله جي معنى بلند آواز ۾ اعلان ڪري رهي آهي  ته بعد ۾ شروع ٿيندڙ بحث  جو آغاز آهي.

البته مخالفن جو صرف هڪڙو اعتراض توجه لائق آهي ۽ اهو هي  ته قرآن مجيد جي سورتن ۾ (سورت حمد کان علاوه) بسم الله کي هڪ پوري آيت شمار نٿو ڪيو وڃي بلڪه بعد واري آيت کي پهرين آيت شمار ڪيو وڃي ٿو.

هن اعتراض جو جواب  ڏيندي “فخر الدين رازي” پنهنجي تفسير ڪبير چوي ٿو: ان ڳالهه ۾ ڪو به عيب ناهي ته ته بسم الله کي رڳو سورت حمد ۾ هڪ پوري آيت شمار ڪيو وڃي جڏهن ته قرآن جي ٻين سورتن ۾ ان کي پهرين آيت جو هڪ حصو شمار ڪيو وڃي، (ان اعتبار سان مثلا سورت ڪوثر ۾ :(بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمنِ الرَّحيمِ إِنَّا أَعْطَيْناكَ الْكَوْثَرَ) هڪ آيت شمار ٿئي.

بهرحال اِهو مسئلو ايترو ته واضح ۽ روشن هيو جو تاريخ لکيو آهي ته معاويه پنهنجي حڪومت واري زماني ۾ هڪ ڏينهن نماز جماعت ۾ بسم الله نه پڙهي ، ته نماز کان فورا بعد ۾ مهاجرن ۽ انصارن ملي ڪري بلند آواز ۾ کيس چيو: اسَرَقْتَ أَم نَسِيتَ‏؟

(اي معاويه! تون بسم الله جي چوري ڪئي آهي يا ڀلجي ويو آهين؟[6])[7]

حوالا .....



[1] . تابِعِين، يعني: پيروي ڪندڙ. اُهي اوائلي مسلمان جن نبي صلي لله عليه و آله وسلم جن جي ڪنهن صحابيءَ کي ڏٺو هجي. (مترجم)

[2] . تفسير المنار، ج1 ص:39 ؛ 40

[3] . اصول ڪافي، ج3 ص:312

[4] . الاتقان، ج1 ص:136

[5] . بهيقي، ج2 ص:50

[6] . بهيقي جلد 2 جي 49 نمبر صفحي تي ۽ حاڪم پڻ مستدرڪ ۾ ج1 ص:233 تي هن حديث کي نقل ڪيو آهي ۽ هن حديث کي صحيح سمجهن ٿا.

[7] . تفسير نمونه، ج1 ص:17