Get Adobe Flash player

مقدمو:

seher

هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جادو کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ بيان ڪجي ته جادو اسلام ۽ معاشري ۾ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو،هن جا اثر الله جي مخلوق تي ڪهڙي ريت ظاهر ٿين ٿا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ اهو به بيان ڪيو ويندو ته جادو سکڻ يا سيکارڻ واري شخص لاءِ نبي اڪرمﷺ ۽ آئمه اطهار عليهم السلام ڇا فرمايو آهي؟ ليڪن سڀ کان پهريان جادوءَ جي لغوي ۽ اصطلاحي معنى کي بيان ڪيون ٿا.

علم سحر يا جادو جي تعريف :

حقيقت ۾ سحرعربي ٻولي جولفظ آهي جنهن جي معنى هي آهي ته هڪ شيء جي حقيقت ۽ ماهيت کي هڪ غير حقيقي شيءِ ۾ تبديل ڪرڻ .البته ”سحر“ کي سنڌيءَ ۾ جادو،انگريزي ۾”.MAGIC.“ چوندا آهن. هندي ۾ ”YATU“ ياتو ڪوٺيندا اٿس. جڏهن ته زردشتي زبان ۾ جادو جي معنى ڪوڙو يا ڪوڙ جي پٺڀرائي ڪرڻ وارو[1] آهي .

جادو جي لغوي معنى

مقاييس اللّغة ۾ سحر جي معنى ڌوڪو ۽ ٺڳي آهي يعني حق کي باطل جي شڪل ۽ صورت ۾ پيش ڪرڻ. [2]

جادو جي اصطلاحي معنى

قرطبي _ جيڪو اهل سنت جو مشهور مفسر ۽ محدث آهي _ لکي ٿو ته جادو هڪ خاص طريقي جو ڌوڪو ۽ ٺڳي آهي جيڪو هر انسان جي سمجھڻ ۽ پرکڻ کان ٻاهر آهي . اڪثرڪري  جادو خيالي هوندو آهي يعني حقيقت کان خالي هوندو آهي. جيڪڏهن ڪا اک انهي اسرار ۽ رمز کان واقف و آگاھ نه هجي ته اها اک جادو ڪرڻ واري کي ڪمال وارو ۽ دنيا جو بهترين انسان سمجھندي آهي. [3]

جادو جي حقيقت ۽ ماهيت

جادو هڪ عجيب ۽ غريب علم آهي جنهن سبب انسان غير عادي ڪمن جو شڪار ٿي ويندو آهي هن علم جو آغاز غير عادي ۽ غير محسوس هجڻ سان گڏ ڪن جاين تي حقيقت مطابق ۽ ڪڏهن وري حقيقت جي ابتڙ هوندو آهي .

علم جادو علم سيميا جو هڪ حصو آهي علم سيميا يعني انسان علم طلسم جي ذريعي اهي شيون جيڪي وهم ۾ اچن يا جن شين جو ڪوبه وجود نه هجي اهي شيون ماڻهن کي ڏيکاري مثلاً اهِڙا ڪم انجام ڏيڻ جن جي ڪري انسان جي اک ڌوڪو کائي وڃي ۽ ان ڪم کي حقيقت سمجھي ويهي رهي مثلاً جادوگر هڪ جادو جو منظر ڏيکاري ٿو جنهن جي باري ۾ انسان اهو تصور ڪري ٿو ته هي شخص اهڙا مشڪل ڪم ڪيئن انجام ڏئي ٿو. يعني اهي شيون جن جي ٻاهر ڪابه حقيقت ناهي هوندي انهن کي اهڙي نموني ظاهر ڪندو آهي ڄڻ ته اهي شيون حقيقت  آهن. [4]

جادو ڪڏهن اکين جي ڌوڪي جي ذريعي انجام ڏنو ويندو آهي  ته ڪڏهن فزڪس ۽ ڪميسٽري جي ذريعي  جيئن يورپ ۾ اهو طريقو تمام گھڻو رائج آهي ته ڪڏهن وري شيطان کان مدد ورتي ويندي آهي .

جهڙي طرح گذريل زماني ۾ جادو جا ڪيترائي قسم مشهور آهن تهڙي طرح اڄ جو دور به انهن شين کان خالي ڪونهي پر اڳين زماني ۾ ڪافي اهڙا ڪم جيڪي جادو جي نالي تي انجام ڏئي ماڻهن کي ٺڳيو (ڌوڪو ڏنو) ويندو هئو انهن مان کوڙ سارن جي اصل حقيقت اڄ جي دور ۾ عيان ٿي چڪي آهي.

بهرحال جادو اهڙي شيء نه آهي جنهن جي وجود جو انڪار ڪيو وڃي يا انهي کي خالي وهم يا خرافات چئي رد ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته جادو هڪ مسلم حقيقت آهي. [5] جيتوڻيڪ ان جي نالي تي ٺڳي ۽ ڌوڪو به جام آهي

جادو جي شروعات

انساني زندگيءَ ۾ جادوءَ جي عمل دخل جو  آغاز ڪڏهن کان ۽ ڪهڙي دور کان ٿيو .ان بابت انساني تاريخ خاموش آهي ليڪن ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو  جادو ۽ انساني زندگيءَ جو تعلق تمام پراڻو آهي ۽ انسانن مان ڪجهه ماڻهو هزارين سالن کان جادوءَ کي استعمال ڪري رهيا آهن. [6]

قديم زماني کان انسان اهو محسوس ڪري  رهيا آهن ته هو ته ڪجھ شرارتي وجودن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽جڏهن ته قديم زماني کان وٺي ئي قومون  جادو کي هميشه خراب ڪمن لاءِ ئي استعمال ڪنديون رهيون آهن . جادو حضرت نوح ۽ حضرت سليمان نبي عليهما السلام جي دور ۾ اوج تي رهيو [7] جادوگري تقريبا هر معاشري ۾ موجود رهي آهي.خاص ڪري مصري يوناني ۽ رومي و اڳتي رهيا آهن. [8]

رومي بادشاهت واري  دور ۾ هي علم فلسفي جي ويجھو ٿيو ۽ اهوئي زمانو هيو جنهن ۾ (ڪيمياگري )يعني ڪميسٽري ترقي ڪئي [9] وچين صدين  جي آخر ۾ شيطاني دروازو باقاعده کليو يعني (ڪارو علم ) ترقي ڪرڻ لڳو ۽ انهي دور ۾ جادوگري جا گھڻا قسم وجود ۾ آيا . جن کي يهودين پنهنجي ڪتاب ”مقدس “ ۾ جادو سحر جي نالي سان متعارف ڪرايو انهي کان پوء جادو جا ڪجھ حرف ٺاهيا ويا [10] پر آخري نبي ؐ جي زماني ۾ اسلام ۽ مسلمانن سان مقابلي لاء انهي فن کي باقاعدي ڪتب آندو ويو . جنهن جي ذريعي دين اسلام کي غلط رنگ ڏيڻ شروع ڪيو ويو ۽ اهو چيوويو ته هي علم اسان حضرت سليمان عليہ السلام کان سکيا آهيون ۽ انهي علم  جو اهوئي باني آهي [11]

جيتوڻيڪ جادو حضرت سليمان عليہ السلام کان پهريان به موجود هيو ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪو نبي نبوت جو اعلان ڪندو هيو ته سندس مٿان جادوگر هجڻ جي تهمت هئي ويندي هئي كَذَٰلِكَ مَا أَتَى الَّذِينَ مِن قَبْلِهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا قَالُوا سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ “ [12] اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.

تاريخ ۾ آيو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام جي زماني ۾ هڪ گروھ  زمين تي جادوگري ڪندو هو حضرت سليمان کين روڪيو. ليڪن حضرت سليمان جي رحلت کان پوء اهي سڀئي ظاهر ٿيا. ۽ جادوگري کي ترقي ڏيڻ لڳا انهي سان گڏو گڏ اهو اعلان به ڪيائون ته حضرت سليمان نبي نه هيو پر هڪ جادوگر هو ۽ جادو جي مدد سان سڄي سلطنت تي قابض هيو . انهي تي بني اسرائيل جي سڄي قوم انهن جي پيروي ڪرڻ لڳي ۽ جادو جا ديوانه ٿي ويا اهوئي سبب هيو جو اها قوم الله جي ڪتاب تورات تان به هٿ کڻي وئي [13]

اڄوڪي زماني ۾ به جادو تي اعتماد ڪرڻ ۾عام ماڻهن کان علاوه معاشري جي سلجھيل ماڻهن ۾ به شامل آهن جيڪي جادو کي هڪ حقيقت سمجھن ٿا ۽ جادو انهن جي دلين ۾ جڳھ ڪري ويو آهي. [14]

جادو قرآن مجيد جي نظر

جادو قرآن جي نظر ۾هڪ حقيقت آهي جنهن جو استعمال سان شيطان جي مدد ٿئي ٿي . سحر يا ان جي معنى ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ قرآن پاڪ ۾ 50 کان وڌيڪ دفعا ذڪر ٿي آهي .انهن سڀني آيتن کي مد نظر رکندي اڪثر مفسرن جادوءَ کي ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي جن مان ٻه قسم قرآن ۾ واضح   ذڪر ٿيا آهن ۽ ٽئين قسم  ڏانهن پڻ اشارا ٿيا آهن .

1. موثر جادو

اهو جادو جيڪو حقيقت آهي ۽ اثر رکي ٿو[15] جيئن قرآن پاڪ ۾ آيو آهي ته

فقال ان هذا الّا سحر يؤثر “ هي قرآن جون آيتون جادو جو اثر رکن ٿيون.

قرآن پاڪ ۾ ٻي آيت به واضح بيان ٿيو آهي ته جادو جو وجود اثر رکي ٿو جيئن سوره بقره آيت 102 ۾ آيو آهي ته ” فَيَتَعَلَّمُونَ مِنْهُمَا مَا يُفَرِّقُونَ بِهِ بَيْنَ الْمَرْءِ وَزَوْجِهِ

هو کانئن اُھو سکندا هُئا جنھن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ جدائي وجھندا هُئا.

هيءَ جدائي دليل آهي ته اهو جادوءَ جو هڪ اثر آهي جنهن کي ڪتب آندو وڃي ٿو [16]

2. خيالي جادو

مجازي سحر (يا خيالي جادو ) هن جادو کي چشم بندي يا اکين جو ڌوڪو به چيو ويندو آهي جنهن جي ڪابه حقيقت نه آهي. بلڪه ماڻهن کي اکين جو ڌوڪو ڏئي خيالي شيون ظاهر ڪيون وڃن ٿيون جهڙي طرح قرآن پاڪه ۾ آهي ته فَإِذَا حِبَالُهُمْ وَعِصِيُّهُمْ يُخَيَّلُ إِلَيْهِ مِن سِحْرِهِمْ أَنَّهَا تَسْعَىٰ[17] اوچتو انهن جون رسيون ۽ هٿ واريون لٺيون جادو جي ڪري ائين لڳن پيون ڄڻ ته اهي ڊوڙي رهيون آهن .

3. ڪيميائي جادو

پهريان به اشارو ڪيو ويو آهي هن قسم ۾ جادو ڪيميائي عملن ذريعي انجام ڏنا ويندا آهن. پر جيڪڏهن اهڙي قسم جا جادو ماڻهن کي ڌوڪي جو سبب نه بڻجن ته پوء ڪو حرج ۽ عيب ڪونهي پر جيڪڏهن خراب نيت ۽ ٻين کي نقصان پهچائڻ لاءِ انجام ڏنو وڃي ته حرام آهي

روايتن  ۾ آيو آهي ته اهڙي قسم جو جادو حضرت موسى جي دور ۾ انجام ڏنو ويو انهن پنهنجن رسن ۽ ڏنڊن جي ۾ ڪجھ خاص ڪيميڪل وجھي ڪري کڻي آيا صبح جي روشنيءَ جڏهن انهن تي پئي ته اهي حرڪت ڪرڻ لڳا۽ ڏسڻ وارن اهو خيال ڪيو ته هي زندھ ٿي ويا آهن جيئن ته هي ڪم ماڻهن کي خداﷻ جي نبيءَ کان غافل ڪرڻ ۽ ته الله جي نبي کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ لاء ڪيو ويو انهي ڪري مذمت جوڳو آهي . [18]

معجزي ۽ جادو ۾ فرق

1 : جادو انسان جي طاقت تي مشتمل آهي پر معجزو الله جي قدرت ۽  طاقت آهي.

2 : جادو تجربي ۽ تمرين جو محتاج آهي پر معجزو تمرين ۽ تڪرار جو محتاج نه آهي

3 : جادوگر ڪڏهن به ماڻهن جي  تقاضا ۽ گهرج مطابق  ڪم انجام نٿا ڏئي سگھن . مگر اتفاقي طور ائين ٿئي جڏهن ته معجزو الله جا پيغمبر هميشه ماڻهن جي تقاضا ۽ مطالبي سان انجام ڏيندا آهن .

4 : جادو جو پيغام شڪست ۽ گمراهي آهي پر معجزي جو پيغام ڪاميابي آهي [19]

5 : معجزو حق آهي ۽ جادو باطل آهي.

6 : جادوگرن جو عمل هڪ جهڙو ڪم آهي جنهن جو ڪوبه هدف ۽ مقصد نه آهي. نه وري ان جي ڪا حيثيت آهي پر انبياء جي معجزن جو هدف واضح، اصلاحي،انقلابي ۽ تربيتي آهي. [20]

7 : جادوگرن جو جادو انهن جو ذاتي عمل آهي جيڪو غلط ذريعي سان پيدا ٿيو آهي ۽ انهي جا معاشري تي غلط ۽ ناقص اثر پون ٿا پر معجزو اللهﷻ جي نبين کي الله جي طرفان عنايت ٿيل آهي انهي ڪري انهي جو اثر صحيح ۽ ڪامل آهي

8 : جادوءَ جو اثر صرف انهيءَ  ۾ ظاهر ٿئي ٿو جنهن تي جادو ڪيو وڃي ٿو .ليڪن معجزو پوري عالم تي اثر انداز ٿئي ٿو   جيئن ته موسى عليہ السلام جي عصى حقيقت ۾ بلا ٿي وئي ۽ پٿر حقيقت ۾ چيرجي ويو ۽ انهي مان پاڻي جو چشمو جاري ٿي ويو[21]

9.جادو غير معصوم جي هٿان ظاهر ٿئي ٿو . پر معجزو الله جي قدرت آهي جيڪو معصوم پيغمبرن جي ذريعي ئي ظاهر ٿئي ٿو . [22]

10. معجزو نبيءَ يا پيغمبر جي سچائي ۽ حقانيت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ئي هوندو آهي جڏهن ته جادو فقط ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءِ

انهي کان علاوه ٻيا به ڪافي فرق موجود آهن جن کي هتي ذڪر نٿو ڪري سگھجي.

جادو اسلامي فقه جي نظر ۾

اسلام ۾ جادو کي گمراهي جو سبب قرار ڏنو ويو آهي . حديثن ۾ اهو واضح ۽ روشن آهي ته جيڪي حضرت آدم کان وٺي آخري نبي  اڪرم ص تائين آيل سڀني نبين ۽ وليَّن جادوءَ جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ انهي کان روڪيو آهي . حضرت علي عليہ السلام فرمائي ٿو جيڪو جادو سکي ٿو ياسيکاري ٿو اهو ڪافر  آهي . ۽ انهي جو الله سان رابطو مڪمل طور ڪٽجي وڃي ٿو [23]

اسلامي شريعت ۾ جادو جو سکڻ يا سيکارڻ يا ان ذريعي ڪمائڻ  حرام ۽ گناهه ڪبيره آهي  جڏهن ته ڪجھ روايتن جادو سکڻ۽ سيکارڻ ڪفر جو سبب قرار ڏنو ويو آهي. [24]

سڀئي اسلامي فقيه  متفق آهن ته جادوءَ  جو استعمال حرام آهي

البته ڪن جاين تي جادوءَ سکڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي جڏهن ته ڪن جاين تي جادوءَ جو سکڻ واجب ڪفائي آهي.

مثال طور: جتي جادوگر پنهنجي جادو جي زور تي ماڻهن کي الله پاڪ کان غافل ڪري يا انهن کي گمراھ ڪري يا جادو جي ذريعي ڪوڙي دعوى ڪري  رهيو هجي ته آئون امام معصوم آهيان يا نبي آهيان، اهڙي مقام تي جادو جو سکڻ ضروري آهي ته جيئن هن جي ڪوڙي دعوى کي غلط ثابت ڪري رد  ڪري سگھجي .

انهي استثنى تي دليل به موجود آهي. امام جعفر صادق ؑ  کان نقل ٿيو آهي ته: هڪ جادوگر جيڪو جادو جو عمل ڪندو هو ۽ انهيءَ جادو جي مقابلي ۾ پئسا وٺندو هو هڪ ڏينهن امام جعفر صادق ؑ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين اي فرزند رسول ؐ آئون هڪ جادوگر آهيان ۽ منهنجي زندگيءَ جو خرچ به انهي ذريعي هلي رهيو آهي ۽ انهن پئسن مان خانه ڪعبه جو حج به انجام ڏنو اٿم پر هاڻي اهو ڪم ڇڏي ڏنو اٿم ۽ توبه به ڪئي اٿم ڇا منهنجي لاء ڪو نجات جو رستو موجود آهي ؟ انهي تي امام ؑ جواب ۾ فرمايو: ته جادو جي ڳنڍين کي کول،پر جادو جون ڳنڍيون ٻَڌَندو نه ڪر

هن حديث مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جادو جي اثر کي ختم ڪرڻ ۽ جادو جي ڳنڍين کي کولڻ جي لاءِ جادو جو عمل اعتراض جوڳو نه آهي يعني اعتراض کان خالي آهي. [25]

اهڙي طرح ڪجھ ٻين جڳهن تي به اسلام جادو جي سکڻ کي جائز قرار ڏنو آهي.جهڙوڪ1 :جادو جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ 2 : نبوت جي ڪوڙن دعويدارن جي دعوى  رد ڪرڻ لاءِ

جادو روايتن ۽ حديثن جي روشنيءَ ۾

امام علي عليہ السلام فرمائي ٿو ته هڪ عورت الله جي رسول ؐ جي خدمت ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رسول ﷺ منهنجو مڙس تيز طبيعت جو آهي مونکي هر وقت دڙڪا ڏيندو آهي مون هڪ ڪم ڪيو آهي جادوگر کان مدد ورتي اٿم ته جيئن منهنجو مڙس مون تي مهربان ٿئي . الله جي رسولﷺ فرمايو ته :اي عورت توتي افسوس آ جو تو پنهنجي دين جا ٽڪڙا ڪري ڇڏي. توتي الله جا نيڪ فرشتا لعنت ڪري رهيا آهن اهو جملو الله جي رسولﷺ ٽي دفعا دهرايو. [26]

جادوءَ جي باري ۾ هڪ معتبر حديث امام جعفر صادق ؑ کان ڪتاب الاحتجاج (طبرسي) ۾ نقل ٿي آهي ته : مصر جي هڪ دهريي (ملحد/ زنديق)  شخص امامؑ سان هڪ تفصيلي مناظرو ڪيو ۽ امامؑ کان پڇا ڪيائين ته اصل جادو ڇا آهي؟ ۽ ڪهڙي طرح جادوگر عجيب ۽ غريب ڪم انجام ڏئي ٿو؟ امام فرمايو جادوءَ جا ڪجھ قسم آهن. هڪ قسم ڊاڪٽري وانگر آهي جهڙي طرح ڊاڪٽر هر مرض لاء علاج جو رستو پيدا ڪندا آهن اهڙي طرح جادوگر هر صحيح شيءِ کي غلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ هر عافيت کي دور ڪندا آهن ۽ ٻيو قسم هٿن جي راند آهي يعني هٿ جي صفائي به چوندا آهن ٽيون قسم شيطانن کان مدد وٺڻ آهي.

زنديق پڇيو شيطانن جادو ڪرڻ ڪٿان سکيو آهي ؟ امام ؑ جواب ڏنو ته اتان جتان ڊاڪٽر صحيح علاج کي سکندو آهي يعني ڪجھ تجربي جي ذريعي ته ڪجھ علاج جي ذريعي. زنديق پڇيو آيا جادوگر وٽ ايتري طاقت آهي جو هو جادو جي زور سان انسان کي ڪتي يا گڏھ جي صورت ۾ تبديل ڪري . فرمايائون اها شيء انهن جي وس ۾ نه آهي جو هوخدا جي مخلوق کي تبديل ڪري سگھن جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ها ته پاڻ کان غربت، مرض۽ پوڙهائپ کي ختم ڪن ها. [27]

الله جو رسولﷺ به فرمائي ٿو ته : مسلمان جادوگرن کي قتل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سحر يا جادو شرڪ جي ويجھو آهي. [28]

حضرت علي عليہ السلام فرمايو ته : جيڪو به شخص جادو سکي ٿو ۽ انهي کي ياد رکي ٿو . ان جي سزا قتل آهي جيڪڏهن توبه ڪري ته سزا معاف اٿس.[29]

هنن سڀني حديثن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جادو اسلام ۾ حرام ۽ وڏو عظيم گناھ آهي جادوگر ڪڏهن به جنت نه ويندو ڇاڪاڻ ته جادو ڪرڻ وارو شخص، انسانن کي خدا کان غافل ۽ کين گمراھ ڪري ٿو ۽ اهي ئي وصفون (يعني غافل ڪرڻ ۽ گمراھ ڪرڻ ) شيطان جون آهن جيڪڏهن اهي ٻئي صفتون انسان ۾ اچي وڃن ته اهو به شيطان پليد کان گھٽ نه آهي.

نتيجو

هن سڄي مقالي مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته جادو اسلام ۾ حرام آهي پر ڪجھ جڳهن تي جادو جو سکڻ  جائز آهي جن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو ۽ انهيءَ کان علاوه حرام آهي. ۽ انسانن کي گھرجي ته جادوگرن جي ڌوڪي ۾ نه اچن ۽ نه وري انهن جي ڪنهن عمل تي اعتبار ڪن ڇاڪاڻ ته جادوگرن جو عمل الله ۽ ان جي پياري رسول ﷺ کي پسند نه آهي .

حوالا ....



[1] تاريخ جادوگري ڊاڪٽر ايرج گلسرخي ص 16 ، 17

[2] معجم مقاييس الغة احمد بن فارس ابن زڪريا ج 3 ص 138 ماده سحر

[3] دائرة المعارف جامع اسلامي . سيد مصطفى حسيني دشتي ج 6 ص 212

[4] تفسير جامع . حاج سيد ابراهيم بروجردي ج1 ص 231

[5] تفسير نمونه ج 13 ص 240 ، 241

[6] تفسير نمونه ج 13 ص 23

[7] تفسير الميزان ج 1 ص 237

[8] دائرة المعارف فارسي ج 1 ص 717

[9] تاريخ جادوگري ص 10

[10] تاريخ جادو گري ص 11

[11] تفسير تسنيم ج 5 ص 692

[12] . سوره ذاريات آيت 52

[13] تفسير نمونه ج 1 ص 261

[14] دائرة المعارف فارسي ج 1 ص 717

[15] قرآن پڙوهي ج 2 ص 1194

[16] قرآن پڙوهي ص 1194

[17] . سوره طہ آيت 66

[18] تفسير نمونه ج 1 ص 261

[19] تفسير نمونه ج 12 ص 242

[20] تفسير نمونه ج 8 ص 358

[21] تفسير تسنيم ج 5 ص 698، 699

[22] تفسير جامع ج 1 ص 222

[23] وسائل شيعه باب 25 حديث 7 ج1 ص 37

[24] تحريرالوسيله ص 498

[25] بيع ڪتاب المڪاسب  ج ص 270 ، 274

[26] ميزان الحڪمة مادو ”سحر “ ج 5 ص 2411

[27] احتاج طبرسي ج 2 ص 81 ميزان الحڪمة ج 5 ص 2412 ماده سحر

[28] آثآر الصادقين ج 8 ص 348

[29] وسائل شيعه ج 18 ص 577