Get Adobe Flash player

حضرت آيت الله ناصر مڪارم شيرازي

روزي جا مختلف پهلو آهن جيڪي انسان اندر مادي ۽ روحاني لحاظ کان پڻ تمام گهڻا اثر رکن ٿا، جن مان سڀ کان اهم “اخلاقي پهلو” ۽ “تربيتي فلسفو” آهي.

روزي جي سڀ کان وڏو فائدو هي آهي ته روزي جي ذريعي انسان جو روح “پاڪ” ۽ سندس “ قوت فيصله” جي مضبوط ٿئي ٿي ۽ خواهشن ۾ “ اعتدال ۽ وچٿرائي” پيدا ٿئي ٿي.

ramzan2

روزيدار کي گهرجي ته روزي جي حالت ۾ بُکَ ۽ اُڃَکي بَرداشت ڪندي جِنسي لذتن کان به پاسو ڪري، ۽ پنهنجي عمل سان اِهو ثابت ڪريته هو جانورن وانگر ڪنهن چراگاهه ۽ گاهُه جهڙي شين جو محتاجُ نه آهي، سَرِڪَش نفس جو لَغامُ سندس هٿ ۾ ئي آهي ۽ ان جا جذبا ۽ خواهشون پڻ سندس ڪنٽرول ۾ آهن.

اصل ۾ روزي جو سڀ کان فلسفو اهو ئي روحاني ۽ معنوي اثر آهي، جنهن انسان وٽ کائِڻُ ۽ پئڻ جون شيون موجود هجن ۽ جنهن مهل کيس بُک يا اُڃ لڳندي آهي  ته هو فورا کائي پئي وٺندو آهي، بلڪل اُنهن وڻن وانگر جيڪي ڪنهن واهه جي ويجهو هوندا آهن ۽ هر وقت پاڻي مان سَيرابُ ٿيندا رهن ٿا .اهي سهولتن جا هوندا آهن جنهن ڪري ڏکيائين جو مقابلو تمام گهٽ ڪندا آهن اُنهن  ۾ باقي رهڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي جيڪڏهن کين ڪجهه  ڏينهن تائين پاڻي نه ملي ته  اهي ڪومائٽجي ۽ نيٺ سڪي ويندا آهن.

ليڪن جهنگ،بيابانن ۽ جبلن ۾ ڦُٽڻ وارا وڻ هميشه سخت طوفان، نٽهڻ اسَ ۽ سخت ٿَڌ کي منهن ڏيڻ جا عادي هوندا آهن ۽ هر طرح جي مشڪلاتن ۽ آفتن سان مقابلو ڪندا آهن، تنهنڪري اهڙا محڪم ۽ مضبوط هوندا آهن.

روزو پڻ انسان جي روح ۽ جانِ سان اهڙو ئي ورتاءُ ڪري ٿو. روزو عارضي پابندين ذريعي انسان ۾ دفاعي قوت ۽ ارادي جي مضبوطي پيدا ڪري ٿو ۽ کيس سختين سان مقابلو ڪرڻ جي سَگههَ عَطا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته روزو سَرِڪَش خواهشن ۽ انساني جذبن تي ڪنٽرول ڪندو آهي  ان ڪري ئي روزي سبب انسان جي دل تي نور  جي بارش ٿئي ٿي، مختصر هي ته روزو انسان کي حيوانيت  جي دنيا  کان  ڪڍي فرشتن جي صِف اچي بيهاري ڇڏي ٿو. جيئن هِن ڀلاري آيت ۾ روزي جي واجب هجڻ جو فلسفو بيان ٿيو آهي.

( لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ.[1](شايَد توهان پرهيزگار بڻجي وڃو)

يا جيئن  هن مشهور ۽ معروف حديث ۾ ارشاد ٿئي ٿو:الصَّوْمُ جُنَّةٌ مِنَ النَّارِ.[2]

(روزو جهنم جي باهه کان ڍالَ  آهي).

هڪ ٻئي حديث ۾ حضرت علي (ع) کان منقول آهي ته نبي سڳوري (ص) کان پڇيو ويو ته اسان ڇا ڪيون جو شيطان اسان کان پري رهي؟ پاڻ فرمايائون: روزو شيطان جو مُنهُن ڪارو ڪري ڇڏي ٿو، الله جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ سان سندس چيلهه ڀڄي پوي ٿي، خدا جي لاءِ محبت ۽ دوستي ۽  چڱن ڪمن جي پابندي سان اُن جو پُڇُ ڪٽجي وڃي ٿو ۽ استغفار ڪرڻ سان سندس دل جي رڳَ پڻ ڪٽجي وڃي ٿي.[3]

نهج البلاغه ۾ عبادت جي فلسفي ۽ حڪمت کي بيان ڪندي اميرالمومنين علي (ع) روزي جي باري ۾ فرمائن ٿا: وَ الصِّيَامَ ابْتِلَاءً لِإِخْلَاصِ الْخَلْقِ.[4] خداوندعالَم روزي کي شريعت ۾ اِن ڪري شامل ڪيو آهي ته جيئن ماڻهن ۾ اخلاقي روح  پرورش پائي. پيغمبر اڪرم (ص) کان هڪ ٻئي حديث ۾ نقل ٿيو آهي: إِنَّ لِلْجَنَّةِ بَاباً يُدْعَى الرَّيَّانَ لَا يَدْخُلُ مِنْهُ إِلَّا الصَّائِمُونَ.

بهشت جي هڪ دروازي جو نالو رَيان (يعني سيراب ڪرڻ وارو) آهي جنهن مان فقط روزيدار ئي جنت ۾ داخل ٿيندا.

شيخ صدوق معاني الاخبار ۾ هِن حديث جي تَشرِيحَ ۽ وضاحت ڪندي لکن ٿا: بهشت ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ان در جو انتخاب ڪيو ويو آهي  ڇاڪاڻ ته روزيدار کي(روزي جي حالت ۾) گهڻي تڪليف ۽ ڏکيائي اُڃ جي ڪري ٿيندي آهي تنهنڪري جنهن مهل روزيدار ان دروازي مان داخل ٿيندو ته ائين سيراب ٿي ويندو جو وري ڪڏهن به کيس اڃ محسوس نه ٿيندي.[5]

روزي جا معاشرتي اَثرَ:

روزي جو اجتماعي ۽ معاشرتي اثر پڻ ڪنهن کان لِڪل نه آهي، روزو انسان معاشري ۽ سماج لاءِ برابريءَ جو درسِ آهي ڇاڪاڻ ته هِن مذهبي فرض کي انجام ڏيڻ سان سڀ شاهوڪار ۽ دولت مند ماڻهو بُکايلن ۽ معاشري جي محروم ماڻهن جي درد محسوس ڪري سگهندا ۽ ٻئي پاسي ڏينهن ۽ رات جي غذا ۾ گهٽتائي آڻي سندن  جلدي مدد ڪندا.

ڪنهن حد تائين ممڪن آهي ته بُکايل ۽ محروم ماڻهن جي واکاڻ ڪري خدا امير ماڻهن   جو ڌيان انهن ڏانهن ڇڪائڻ چاهيندو هجي ۽ جيڪڏهن اِها ڳالهه  عملي طريقي سان انجام پائي ته ان جو هڪ ٻيو اثر ٿيندو آهي. روزو ان اهم اجتماعي مسئلي کي عملي جامو پهرائي ٿو، هڪ مشهور حديث ۾ حضرت امام صادق (ع) کان روايت آهي ته هشام بن حڪم روزي جي علت ۽ سبب جي باري ۾ سوال ڪيو ته امام (ع) فرمايو:

روزو اِن ڪري واجب ٿيو آهي ته امير ۽ فقير جي درميان مُساوات ۽ برابري قائم ٿئي ۽ ان ذريعي ته امير ماڻهو به بُک جو مزو چکي ۽ فقِير ۽ مُفلِس جو حق ادا ڪري، ڇاڪاڻ ته امير ماڻهو گهڻو ڪري جيڪو ڪجهه چاهن ٿا کين ملي وڃي ٿو. خدا چاهي ٿو سندس  ٻانهن ۾ برابري ۽ مساوات برقرار ٿئي ۽ اميرن کي پڻ بُک،  ڏک ۽ درد جو احساس ٿي وڃي ته جيئن هو بُکايل ماڻهن تي رحم ڪن.[6]

روزي جا طِبي اثرَ:

علم طب جي نئين ۽ پراڻين تحقيقن جي روشني ۾ اِمساڪُ (کائڻ پيئڻ کان پرهيز) ڪيترين ئي بيمارين جي علاج لاءِ مُعجزانه اثر رکي ٿو جيڪي نا قابل انڪار آهن. شايد ئي ڪوئي حڪيم هوندو جنهن پنهنجي تفصيلي ڪتابن ۾ ان حقيقت ڏانهن اشارو نه ڪيو هجي ڇاڪاڻ  ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڪيتريون ئي بيماريون گهڻو کائڻ سان پيدا ٿين ٿيون، ۽ اهو اِضافي مَوادُ بدن ۾ جذب نٿو ٿئي.جنهن جي ڪري خَطرنَاڪُ ۽ اضافي چرٻي (سڻڀ) پيدا ٿئي ٿي يا اِها چرٻي ۽ خون ۾ اضافي شوگر جو باعث بڻجي ٿي، عضون ۾ اِهو وڌيل مواد اصل ۾ بدن ۾  هڪ بدبودار بيماري جي جراثيم جي پلجڻ لاءِ گندَگِيءَ جو ڍيرُ بڻجي ويندو آهي، تنهنڪري انهن بيمارين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بهترين حل اهو آهي ته گندگيءَ جي انهن ڍيرن کي اِمساڪ ۽ روزي جي ذريعي ختم ڪيو وڃي، روزو انهن اضافي غَلاظَتُن ۽ جسم ۾ جذب نه ٿيڻ واري مواد کي ساڙي ختم ڪري ڇڏي ٿو، حقيقت ۾ روزو بدن کي صاف شفاف ۽ اڇي اُجرو بنائي ڇڏي ٿو.

اِن کان علاوه روزي رکڻ سان انسان جي مِعدي[7] کي به آرَامُ  ملي ٿو جنهن سان هاضِمي[8] جو نِظام صحيح ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته معدو انساني جسم جي اها نازُڪُ مشينري آهي جيڪا سڄو سال ڪم ڪندي رهي ٿي.تنهنڪري ان لاءِ آرام انتهائي ضروري آهي.

اِها ڳالهه واضِح پڻ آهي ته اسلامي حڪم جي مطابق روزيدار کي اجازت نه آهي ته هو سحر ۽ افطار وقت کاڌي ۾   حد کان وڌي، اِهو ان ڪري آهي ته جيئن اِن ذريعي علاج  سان پورو نتيجو حاصل ڪري سگهجي  ورنه  ممڪن آهي ته گهُربل نتيجو حاصل نه ٿي سگهي.

جهڙوڪ “الڪسي سوفرين”  نالي هڪ روسي دانشور لکي ٿو:

روزو هنن بيمارين لاءِ خاص طور مفيد آهي: خون جي گهٽتائي، آنڊرن[9] جي ڪمزورِي، سوڄ (Appendicitis) (يعني جسم بعض عضون جو سُڄي وڃن)، اَندرُونِي ۽ بيرُونِي پُراڻا زخم، سلهه [10] (T.B.) اسڪيلروز(Sklerose)، نقرس (Gout) ، اِستِسقاء (جلندر،تمام گهڻي اُڃَ لڳائيندڙ هڪ بيماري، جنهن ۾ پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي ۽ پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي)، سَنڌُن جو سُورُ، نور استني، عِرقُ النِساءُ[11]، خزاز (چمڙي جو ڪِرڻ)، اکين جون بيماريون، شوگر (Sugar)چَمِڙي جون بيماريون، جِگَرُ جون بيماريون، ۽ ٻيون بيماريون.

اِمساڪ ۽ روزي جي ذريعي علاج رڳو مٿي ذڪر ٿيل بيمارين سان مَخصُوص نه آهي بلڪه اُهي بيماريون جيڪي جسم جي اُصُولُ سان متعلق آهن ۽ جسم جي جزن (Cell) سان تعلق رکن ٿيون: جهڙوڪ، سرطان،سفليس، سلهه[12]، ۽ طاعُون لاءِ پڻ شفا بخش آهي.[13]

هڪ مشهور ۽ معروف حديث ۾ رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:

صُومُوا تَصِحُّوا.[14]روزا رکو ته جيئن تندرست رهو.

نبي سڳورن (ص) کان هڪ ٻئي حديث ۾ منقول آهي ته پاڻ فرمايائون:

الْمَعِدَةُ بَيْتُ كُلِّ دَاءٍ وَ الْحِمْيَةُ رَأْسُ كُلِّ دَوَاءٍ.[15]

معدو هر بيماري جو گهر آهي ۽ اِمساڪ (روزو) هر مَرضُ جي دوا آهي.[16]

حوالا ....



[1]. سوره بقره، آيت:183

[2]. بحارالانوار، ج96 ص:256

[3]. بحارالانوار، ج96 ص:255

[4]. نهج البلاغه، ڪلمات قصار، ڪلمو نمبر:252

[5]. بحارالانوار، ج96 ص:252

[6]. وسائل الشيعه، ج7 باب پهريون، ڪتاب صوم، ص:3

[7]. مِعدو، يعني: پيٽ ۾ کاڌي رهڻ ۽ هضم ٿيڻ جي جڳهه، اوجهري، گُجي. (مترجم)

[8]. هاضِمو، يعني: کاڌي جو پيٽ ۾ پوريءَ طرح ڳري وڃڻ جي حالت. (مترجم)

[9]. آنڊو (آنڊرو)، جمع آنڊا (آنڊرا)، يعني: انسان يا جانور جي پيٽ جو  رودو. (مترجم)

[10]. تپ دِق: ڦڦڙن جي خرابيءَ کان ٿيندڙ تپ ، سِلهه جو تپ.  سِلَهه: وَڏي کنگهه واري بيماري. (مترجم)

[11]. عِرقُ النِساءُ: هڪ رڳ جو نالو. ان رڳ جي بيماريءَ ، ٽَنگن ۾ سخت سور جي بيماري. (مترجم)

[12]. سِلَ: بيماريءَ جو هڪ قسم ، سِلهه ، تَپُ دِقُ ، وڏي کنگهه ، ڦڦڙن جي بيماري. (مترجم)

[13]. روزه روش نوين بَراي درمان بيماريها، ص:65، ڇاپو پهريون

[14]. بحارالانوار، ج96 ص:255

[15]. بحارالانوار، ج14 ڇاپو پراڻو

[16]. تفسير نمونه، ج1 ص:628