Get Adobe Flash player

گهڻو ڪري ماڻهن جي ذهن ۾ اِهو سوال جنم وٺي ٿو ته جڏهن خداوندعالم جي لاءِ ڪو (خاص) مڪان نه آهي. ۽ هو هر جاءِ تي موجود هوندي به ڪنهن جاءِ جو محتاج ناهي ته پوءِ (اسين) دعا گهرڻ وقت (پنهنجي) هٿن کي آسمان ڏانهن ڇو بلند ڪندا آهيون؟ ڇاجي ڪري اکين کي  آسمان جي طرف  مٿي کڻون ٿا ؟ نعوذ بالله ڇا خداوند آسمان منجهه آهي؟

اِهو مسئلو ائمه معصومين عليهم السلام جي زماني ۾ به کنيو ويو هيو.هشام بن حڪم کان روايت آهي ته : هڪ زِندِيقُ[1] حضرت امام صادق (ع) وٽ آيو ۽ اچي ڪري هيٺ ڏنل آيت جي باري ۾ سوال ڪيو: الرَّحْمنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوى‏.[2] ( رحمن عرش تي قائم آھي.) مان مراد ڇا آهي ؟

امام (ع) وضاحت ڪندي فرمايو: الله سائين کي ڪنهن مڪان ۽ ڪنهن مخلوق جي ڪا ضرورت نه آهي، جڏهن ته سڄي مخلوق سندس محتاج آهي.

سواليءَ عرض ڪيو: دعا گهرڻ مهل چاهي هٿ آسمان طرف بلند هجن يا زمين جي طرف ڪو فرق ناهي؟!

اُن وقت امام (ع) فرمايو: خدا جي علم ۽ اِحاطي ۾ اهي ٻئي برابر آهن (۽ انهن ۾ڪو به فرق نه آهي) پر الله تعالى پنهنجي نبين ۽ ولين کي پاڻ حڪم ڏنو آهي ته سندن هٿن کي آسمان ۽ عرش ڏانهن بلند ڪن، ڇاڪاڻ ته رزقُ ۽ روزي جي کاڻ اُتي ئي آهي، جيڪو ڪجهه قرآن ڪريم ۽ حديثن ۾ ثابت آهي اسان ان کي مڃون ٿا جئين ارشاد خداوندي ٿئي ٿو: پنهنجي هٿن کي خدا جي بارگاهه ۾ بلند ڪيو. ۽ اِن ڳالهه تي سڄي اُمت جو اتفاق ۽ اجماع  پڻ آهي.[3]

اهڙي طرح شيخ صدوق جي ڪتاب خصال ۾ اميرالمومنين علي (ع) کان منقول آهي:

إِذَا فَرَغَ أَحَدُكُمْ مِنَ الصَّلَاةِ فَلْيَرْفَعْ يَدَيْهِ إِلَى السَّمَاءِ وَ لْيَنْصَبْ فِي الدُّعَاءِ.

جنهن مهل تون نماز کان فارغ ٿي وڃين ته پنهنجي هٿن کي آسمان ڏانهن بلند ڪر ۽ دعا ۾ مشغول ٿي وڃ.

اُن وقت هڪ شخص عرض ڪيو: يا اميرالمومنين! ڇا خدا هر هنڌ موجود نه آهي؟

امام (ع) فرمايو: جي ها! هر جاءِ تي موجود آهي.

اُن شخص عرض ڪيو: ته پوءِ ماڻهو آسمان جي طرف هٿن کي ڇو بلند ڪندا آهن؟

ان موقعي تي امام (ع) هيٺين آيت جي تلاوت فرمائي:وَ فِي السَّماءِ رِزْقُكُمْ وَ ما تُوعَدُونَ.[4]

۽ آسمان منجهه توهان جو رزق آهي ۽ جن ڳالهين جو تو سان واعدو ڪيو ويو آهي (سڀ ڪجهه موجود آهي).[5]

انهن روايتن جو نتيجو اهو آهي ته جيئن ته انسان جو  اڪثر رزق آسمان کان آهي، (مِينهُن، جنهن سان بَنجَرَ ۽ غيرآباد زمين زراعَتَ ۽ پوک جي قابل ٿي وڃي ٿي، آسمان منجهان نازل ٿئي ٿو، سج جي روشني جيڪا زندگيءَ  جو مرڪز آهي، آسمان تان آچي ٿي، هوا پڻ آسمان ۾ آهي جيڪو جيئڻ لاءِ ٽيون وڏو سبب آهي) ۽ آسمان رزق ۽  الله جي برڪتن جو خزانو آهي، تنهنڪري دعا گهرڻ مهل آسمان ڏانهن  هٿ  بلند ڪيا ويندا آهن ۽ رزق و روزي جي مالڪ جي بارگاهه پنهنجي مشڪلن جي حل لاءِ دعا ڪئي ويندي آهي.

البته ڪجهه روايتن ۾ هِن ڪم جي لاءِ هڪ ٻيو فلسفو پڻ بيان ڪيو ويو آهي. اُهو  انسان کي خداوندعالم اڳيان نياز ۽ نوڙت اختيار ڪرڻ ڇاڪاڻ ته اسان ڪنهن ماڻهوءَ يا شئ اڳيان نياز ۽ نوڙت اختيار لاءِ هٿ ڏانهن بلند پنهنجي هٿن کي بلند ڪندا آهيون.[6]

حوالا ...



[1] . زِندِيقُ يعني: بي دين ، ڪافِرُ ، بي ايمان ، مشرڪ ، ملحد. (مترجم)

[2] . سوره طه، آيت:5

[3] . بحارالانوار، ج3 ص:33 ؛ توحيد صدوق، ص:248، حديث:1، باب:36 (باب الرد علي الثنويه والزنادقه).

[4] . سوره ذاريات، آيت:22

[5] . بحارالانوار، ج90 ص:308 ، حديث:7 ؛ اِها ساڳي حديث تفسير نورالثقلين، ج5 ص:124۽125 ۾ پڻ ذڪر ٿيل آهي.

[6] . تفسير پيام قرآن، ج4 ص:270