Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 52 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

 

سوره فاتحه جون خاصيتون

قرآن مجيد جي سڀني سورتن ۾ سوره فاتحه کي – ان جي خاصيتن سبب –  نهايت اهم  مقام حاصل آهي جن کي اسان هتي ذڪر ڪريون ٿا.

1.سورت  فاتحه  قرآن جو بنياد آهي

telawatرسول الله (ص) جي حديث آهي ته (اَلحَمدُ اُمُّ القُرآنِ ) سوره الحمد قرآن جو بنياد آهي

پاڻ سڳورن (ص) هيءَ حديث تڏهن ارشاد فرمائي جڏهن جابر بن عبدالله انصاري سندن خدمت ۾ آيو ته پاڻ کيس مخاطب ٿيندي فرمايائون (اَلا اُعَلِّمُکَ أفضَلَ سُورَة أنزَلَها اللّهُ فی کِتابِهِ؟ قالَ فَقالَ لَهُ جابِرٌ بَلى بِأبی أنتَ وَاُمّی يا رَسولَ اللّهِ عَلِّمنِيها فَعَلَّمَهُ الحَمدَ اُمَّ الکِتابِ )


 

ڇا توکي الله پنهنجي ڪتاب ۾ نازل  ٿيل سڀني کان وڌيڪ افضل سورت سيکاريان؟ جابر چيو: منهنجا پيءُ، ماءُ اوهان تي قربان وڃن! جي ها مون کي سيکاريو. رسول الله (ص) کيس سوره الحمد سيکاري جيڪا ”ام الڪتاب آهي“ پوءِ کيس فرمايائون ته هيءَ سورت  سواءِ موت جي هر درد جي دوا آهي “ [1]

هڪ ٻئي حديث ۾ پاڻ سڳورن (ص) فرمايو آهي : وَالَّذی نَفسی بِيَدِهِ ما اَنزَلَ اللّهُ فِى التَّوراةِ وَلا فِى الزَّبُورِ وَلا فِى القُرآنِ مِثلَها هِىَ اُمُّ الکِتابِ

مونکي قسم آهي ان ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي.هن سورت (الحمد) جهڙي ڪا سورت الله نه تورات ۾ نازل ڪئي نه انجيل ۾ نه ئي قرآن ۾ ۽ اها ”اُمُّ الۡکِتَاب“ آهي [2]

ان ڳالهه جو ثبوت هن سورت جي مفهوم تي غور ڪرڻ سان ملي ويندو ڇاڪاڻ ته  هيءَ سورت حقيقت ۾ پوري قرآن جي مضمونن جي فهرست آهي.هن سورت جو هڪ حصو توحيد ۽ الله جي صفتن جي سڃاڻپ آهي،هڪ حصو آخرت بابت آهي،هڪ حصو هدايت ۽ گمراهيءَ بابت آهي جيڪا مومنن ۽ ڪافر جي وچ وارو ليڪو آهي

ان سان گڏ هن سورت ۾ اشارو آهي ته الله جي سراسري حاڪميت،سندس ربوبيت وارو مقام۽ اڻ کٽ نعمتون ٻن قسمن عام ۽ خاص ( رحمانيت ۽ رحيميت) ۾ تقسيم ٿين ٿيون.اهڙي طرح عبادت ۽ بندگي جي مسئلي ۽ ان جي الله جي ذات سان مخصوص هجڻ ڏانهن به اشارو ٿيو آهي.

حقيقت ۾ هيءَ سورت توحيد ذاتيءَ سان گڏ توحيد افعالي ۽ توحيد عباديءَ کي بيان ڪري ٿي يا ٻين لفظن ۾ هيءَ سورت ايمان جي ٽنهي مرحلن: دل ۾ يقين،زبان سان اقرار ۽ جسم سان عمل  تي مشتمل آهي

اسان کي خبر آهي  ته ”اُمّ“ عربيءَ ۾ اساس ۽ بنياد کي چوندا آهن .ان سبب ئي مشهور مفسر ابن عباس چوي ٿو إنَّ لِکُلِّ شَیء أساساً... وَأساسُ القُرآنِ الفاتِحَةُ هر شيءِ جو هڪ بنياد آهي ۽  قرآن جو بنياد سوره فاتحه آهي [3]

ان ئي سلسلي ۾ هن سورت جي فضليت ۾ رسول الله (ص) کان حديث نقل ٿي آهي ته :

اَيُما مُسلِم قَرَأَ فاتِحَةَ الکِتابِ اُعطِىَ مِنَ الأجرِ کَأنَّما قَرَأَ ثُلُثَىِ القُرآنِ وَاُعطِىَ مِنَ الأجرِ کَأنَّما تَصَدَّقَ عَلى کُلِّ مُؤمِن وَ مُؤمِنَة

جنهن به مسلمان هڪ دفعو سوره الحمد پڙهي ته سندس اجر ان شخص جيترو آهي جنهن قرآن جي ٽن مان ٻه حصا ( )  پڙهيا هجن ۽ کيس ايترو اجر ڏنو ويندو جو ڄڻ ته هر مومن مرد ۽ عورت کي صدقو ڏنو هجائين.هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي ته ” جيڪو مسلمان سوره فاتحه پڙهندو سندس اجر ان شخص وانگر آهي جنهن سڄي قرآن جي تلاوت ڪئي هجي ۽ هر مومن مرد ۽ عورت کي تحفو ڏنو هجائين. [4]

ٻه ڀاڱي ٽي ( ) جي تعبير شايد ان لاءِ آئي آهي جو قرآن جو هڪ حصو الله جي ياد ٻيو حصو آخرت جي ياد ۽ ٽيون حصو ٻين حڪمن تي مشتمل آهي جڏهن ته پهريون ۽ ٻيون حصو سوره الحمد ۾ آيو آهي. جڏهن ته پوري قرآن واري تعبير ان لاءِ آهي ته سـڄي قرآن جو خلاصو ايمان ۽ عمل کي ۾ ٿئي ٿو جڏهن ته اهي ٻئي سوره الحمد ۾ موجود آهن.

2.  ڪلام الهي  جو  نرالو  انداز

هيءَ سورت قرآن جي ٻين صورتن جي ڀيٽ ۾ ڪلام الهي جو نرالي انداز تي مشتمل آهي .ان ۾ موجود لهجو ۽ انداز  ٻين سورتن جي لهجي ۽ انداز کان مختلف آهي. ڇاڪاڻ ته  قرآن جي ٻين سڀني سورتن ۾ الله (پنهنجي ٻانهن سان)  مخاطب آهي .جڏهن ته هن سورت ۾ ٻانهو (الله سان)  سان مخاطب آهي .

هن سورت جي شروع ۾ الله سائينءَ جي حمد ۽ ثنا وچ ۾ مبدا ۽ معاد ( يعني الله جي سڃاڻپ ۽ قيامت تي ايمان) ۽ آخر ۾ ٻانهن جون گهرجون ۽ محتاجيون ذڪر ٿيون آهن.

هڪ آگاهه ۽ زنده دل انسان جڏهن هن سورت کي پڙهي ٿو ته محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ فرشتن جي پرن تي سوار ٿي آسمان ڏانهن پيو پرواز ڪري ۽ روحاني جهان ۾ هر لمحي الله جي ويجهو پيو ٿئي .

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسلام  _ ٻين ڪيترن ئي هٿ ٺوڪيل  يا تحريف ٿيل مذهبن جي برخلاف  جيڪي خدا ۽ مخلوق وچ ۾ واسطي جا قائل ٿين ٿا _ حڪمن ڏئي ٿو ته انسان پنهنجي پروردگار سان سڌو سنئون رابطو جوڙي .

هيءَ سورت هڪ اعلى  نمونو آهي انسان جي خدا ۽ مخلوق جي خالق سان سڌي سنئين  رابطي جو، جتي فقط کيس ڏسي ٿو،ساڻس ڳالهائي ٿو،سندس پيغام دل سان ٻڌي ٿو ايستائين جو ڪو مقرب ملائڪ ۽ موڪليل رسول به سندن وچ ۾ ناهي .جڏهن ته عجيب اهو آهي ته اهو ان سڌي سنئين رابطي سان  ئي قرآن جو آغاز ٿيو آهي.

3.سوره فاتحه رسول الله (ص) لاءِ وڏو اعزاز

قرآن مجيد جي آيتن ۾ سوره الحمد کي رسول الله (ص)  لاءِ هڪ وڏي نعمت طور پيش ڪيو ويو آهي ۽ سندس مقابلي ۾ پوري قرآن کي پيش ڪيو ويو آهي. جيئن ارشاد ٿيو آهي وَلَقَدْ آتَيْنَاکَ سَبْعًا مِنَ الْمَثَانِى وَالْقُرْآنَ الْعَظِيمَ (اسان توکي سوره حمد ۽ قرآن عظيم عطا ڪيو آهي) [5]

هن آيت ۾ قرآن پنهنجي تمام عظمتن باوجود سوره الحمد جي برابر آندو ويو آهي ۽ هن سورت جو ٻيهر نازل ٿيڻ به سندس غير معمولي اهميت سبب ئي آهي.

حضرت علي عليه السلام کان نقل ٿيل رسول الله (ص) جي هڪ حديث ۾ پڻ ان ئي ڳالهه جي تاييد ٿي آهي انَّ اللّهَ تَعالى أفرَدَ الإمتِنانَ عَلَىَّ بِفاتِحَةِ الکِتابِ وَجَعَلَها بِإزاءِ القُرآنِ العَظیمِ وَإنَّ فاتِحَةَ الکِتابِ أشرَفُ ما فی کُنوزِ العَرشِ

الله تعالى سوره فاتحه ڏئي مون تي احسان ڪيو ۽ ان کي قرآن عظيم جي برابر قرار ڏنائين .۽  اها سوره فاتحه الله جي عرشي خزانن مان بهترين خزانو آهي [6]

4.هن سورت جي تلاوت لاءِ تيل تاڪيد

سوره فاتحه جي مٿي ذڪر ٿيل  فضيلتن مان – جيڪي هن جي فضيلتن جو فقط هڪ ننڍڙو حصو آهن –  خبر پوي ٿي ته شيعه توڙي سني ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل حديثن ۾ هن جي تلاوت ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي .هن سورت جي تلاوت، انساني روح کي ايمان عطا ڪري ٿي ، الله جي ويجهو ڪري ٿي، دل جي پاڪائي ۽ روحانيت وڌائي ٿي .انسان جي عزم کي مضبوط ۽ الله ۽ سندس مخلوق جي راهه ۾ جدوجهد ۾ اضافو ڪري ٿي،انسان کي گناهه ۽ گمراهيءَ کان پري ڪري ٿي

امام جعفر صادق عليه السلام جي هڪ حديث آهي : رَنَّ إبليسُ أربَعَ رَنّات أوَّلُهُنَّ يَومَ لُعِنَ وَحينَ اُهبِطَ إلَى الأرضِ وَحينَ بُعِثَ مُحَمَّدٌ(صلى الله علیه وآله) عَلى حينِ فَترَة مِنَ الرُّسُلِ وَحينَ اُنزِلَت اُمُّ الکِتابِ

شيطان  چار دفعا دانهون(۽ڪوڪون)ڪيون آهن. 1 . جڏهن الله جي دربار مان تڙيو ويو 2. جڏهن جنت مان زمين تي لاٿو ويو 3.جڏهن رسولن جي سلسلي ۾ وقفي اچڻ کان پوءِ حضرت محمد مصطفى  صلى الله عليه وآله وسلم کي موڪيلو ويو 4. جڏهن سوره الحمد نازل ٿي.[7]

 

سورت فاتحه جي تلاوت ٻڌڻ لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

 

 

 

حوالا ۔۔۔۔



[1] .  ڏسو تفسير مجمع البيان سوره حمد جو آغاز

[2] . ساڳيو

[3] - مجمع البيان، ج 1، ص 47

[4] .  ڏسو تفسير مجمع البيان سوره حمد جو آغاز

[5] - سوره حجر ،آيت 87.

[6] _ تفسير برهان ج 1 ص 26

[7] _ تفسير نور الثقلين ج1، ص 4