Get Adobe Flash player

رمضان المبارڪ الله پاڪ جو مهينو آهي ۽ هي مهينو سڀني مهينن کان افضل آهي ،هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ جنت ۽ رحمت جا دروازا کلي ويندا آهن ۽ جھنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن ، هن مهيني ۾ هڪ رات اهڙي به آهي جيڪا هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي.

kafarh

اسلامي مهينا ٻارنهن آهن ۽ انهن ۾ چار حرمت وارا مهينا آهن پر صرف رمضان المبارڪ جو نالو قرآن پاڪ ۾ واضح ۽ صراحت سان ذڪر ٿيل آهي ” شهرمضان الذي انزل فيہ القرآن“ رمضان اهو ميهنوآهي جنهن ۾ قرآن پاڪ کي نازل ڪيو ويو. هتي اسان هتي رمضان المبارڪ جي مکيه فضيلتن ڏانهن مختصر اشارو ڪيون ٿا

1 هن مهيني ۾ قرآن جو نازل ٿيو 2 هن مهيني ۾ شب  قدر  آهي جيڪا هزار مهينن کان بهتر آهي

3 هن مهيني ۾ روزيدار جو منٽ منٽ عبادت ۾ شمار ٿئي ٿو 4 هن مهيني ۾ نيڪين جو ثواب ڏھ کان وٺي هزار تائين وڌايو ويندو آهي 5 جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن ۽ جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن 6. تمام آسماني ڪتاب ۽ صحيفه ابراهيم هن مهيني ۾ نازل ٿيا 7 . هن مهيني ۾ جنگ بدر ۽ پهرئين اسلامي فتح ٿئي 8 . هن مهيني ۾ مڪو فتح ٿيو 9. فتح  امام حسن ع جي ولادت ٿئي  10. ام المومنين بي بي خديجه ع جي وفات پڻ هن مهيني ۾  11 جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ اهم واقعو حضرت علي ع جي شهادت روزي جي حالت ۾ مسجد ڪوفه ۾ شهادت آهي.

رمضان ۽ روزي جي فضيلت بابت ڪجهه روايتون

1 .امام جعفر صادق(ع) فرمائي ٿو ته  جيڪو به شخص هن برڪتن ڀرئي مهيني ۾ نه بخشيو ويو اهو شخص ايندڙ رمضان المبارڪ تائين نه بخشيو ويندو سواءِ انهي جي ته هو عرفه ۾ حاضر ٿئي.[1]

2.جابر بن يزيد امام محمد باقر(ع) کان روايت ڪئي آهي ته رسول خدا(ص) جابر بن عبدالله انصاري کي فرمايو ته اي جابر! هي رمضان المبارڪ جو مهينو آهي جيڪو شخص هن جي ڏينهن ۾ روزورکي ۽ رات جي ڪجھ حصي ۾ عبادت ڪري ۽ پنهنجي پيٽ ۽ شرمگاھ کي حرام کان بچائي ته اهو شخص گناهن کان ائين ٻاهر ايندو جيئن تازو ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر ايندو آهي.[2]

3.شيخ صدوق روايت ٿو ڪري ته جڏهن رمضان المبارڪ جو مهينو ايندو هو ته رسول خدا(ص) غلامن ۽ اسيرن کي آزاد ڪندا هئا ۽ هر سوالي کي عطا ڪندا هئا.[3]

4.ابو حمزه ثمالي چوي ٿو ته مون امام جعفر صادق(ع) کان ٻڌو ته امام(ع) فرمايو ته توهان مان روزيدار شخص جنت جي باغن ۾ سير ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪري ٿو ۽ افطار جي وقت تائين فرشتا ان جي حق ۾ دعا ڪن ٿا. [4]

رمضان المبارڪ ۾ مومنن جون ذميواريون

شيخ صدوقؒ معتبر سند سان امام رضا عليه السلام کان ۽ امام(ع) پنهنجي والد ۽ ڏاڏن ذريعي اميرالمومنين(ع) کان روايت ڪئي آهي ته : هڪ ڏينهن رسول خدا(ص) اسان کي خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو :

اي انسانو! توهان وٽ برڪتن ۽ رحمتن ڀريو مهينو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ گناھ معاف ٿيندا آهن. هي الله پاڪ وٽ سڀني مهينن کان افضل ۽ بهتر آهي، جنهن جا ڏينهن ٻين مهينن جي ڏينهن کان بهتر ۽ جنهن جو راتيون ٻين مهينن جي راتين کان بهتر آهن . هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله پاڪ توهان کي پنهنجي مهماني نوازي جي دعوت ڏني آهي ۽ هن مهيني ۾ الله پاڪ توهان کي عظيم ماڻهن ۾ قرار ڏنو آهي. هن مهيني ۾ توهان جو ساھ کڻڻ تسبيح ۽ اوهان جي ننڊ عبادت جي درجي تي سمجھي وڃي ٿي هن مهيني ۾ اوهان جا  سڀ عمل قبول ڪيا وڃن ٿا ۽ دعائون منظور ڪيون وڃن ٿيون، توهان پنهنجون نيتون صاف رکو ۽ خراب ڳالهين کان پاسو ڪرڻ سان گڏوگڏ الله پاڪ کان اهو سوال ڪريو ته توهان کي هن مهيني ۾ روزي رکڻ ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ڇاڪاڻ ته جيڪو به شخص هن ڀلاري مهيني ۾ الله پاڪ جي بخشش کان محروم رهجي ويو اهو بدبخت هوندو.

هن مهيني جي بک ۽ اڃ ذريعي قيامت واري بُک ۽ اُڃ جو تصور ڪريو هن  مهيني ۾ فقيرن ۽ مسڪينن کي صدقو ڏيو ٻڍڙن جي جي تعظيم ڪريو. ننڍڙن تي رحم ڪريو، پنهنجي مائٽن سان نرمي سان پيش اچو. پنهنجي زبانن کي انهن ڳالهين کان بچايو جيڪي نه چوڻ گھرجن جن شين جو ڏسڻ حلال نه آهي ان شين کان پنهنجي اکين کي بچائي رکو ،جن ڳالهين جو ٻڌڻ اوهان لاءِ صحيح نه آهي ان ڳالهين کان پنهنجي ڪنن کي بند رکيو

يتيمن تي رحم ڪريو ته جيئن اوهان کان پوءِ اوهان جي ٻارن تي ماڻهو رحم ڪن، پنهنجي گناهن کان توبه ڪريو، الله پاڪ ڏانهن  رخ ڪريو. نماز کان پوءِ پنهنجي هٿن کي دعاء لاءِ بلند ڪريو ڇاڪاڻ ته اهو بهترين وقت آهي جنهن ۾ الله پاڪ پنهنجي ٻانهن تي رحمت جي نظر ڪندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ان وقت دعا گهرندا آهن ته الله پاڪ انهن کي جواب ڏيندو آهي ۽ جيڪي الله پاڪ کي سڏيندا آهن ته سندن سڏ تي لبيڪ چوندو آهي ،

اي انسانو! انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اوهان جون جانيون گروي پيل آهن توهان الله پاڪ کان مغفرت طلب ڪري ان کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ اوهان جو بدن گناهن جي وزن هيٺان دٻيل آهي توهان گھڻا سجدا ڪري ان وزن کي هلڪو ڪريو ڇاڪاڻ ته الله پاڪ پنهنجي عظمت جو قسم کنيو آهي ته هن  مهيني ۾ نمازون پڙهڻ ۽ سجدي ڪرڻ واري کي عذاب نه ڏئي ۽ قيامت ۾ انهن کي جھنم جو ڊپ نه ڏياري . اي انسانو! جيڪو هن مهيني ۾ ڪنهن مومن کي روزو افطار ڪرائيندو ته ان جا گناھ بخشيا ويندا ۽ کيس هڪ غلام کي آزاد ڪرڻ جو ثواب ملندو.

اتي رسول خدا (ص) جي اصحابن منجھان ڪجھ اصحابن عرض ڪيو ته اي الله جا رسول(ص) اسان سڀ ته هن عمل جي انجام ڏيڻ جي طاقت نٿا رکون ؟

انهي تي پاڻ سڳورن(ص) فرمايو ته توهان افطار ۾ ڪتل جي اڌ ڳڙي يا ٿورو شربت ڏئي ڪري پاڻ کي جھنم جي باھ کان بچائي سگھو ٿا ڇاڪاڻ ته الله پاڪ ان کي به پورو اُجورو ڏيندو جيڪو انهي کان وڌيڪ ڏيڻ جي توفيق نه رکندو هجي.

اي انسانو! جيڪو شخص هن مهيني ۾ پنهنجو اخلاق درست ڪري ته الله پاڪ قيامت ۾ ان کي پل صراط تان آساني سان گذاريندو جڏهن ته ماڻهن جا پير تِرڪي رهيا هوندا، جيڪو شخص هن مهيني ۾ پنهنجي غلام ۽ ڪنيز کان گھٽ ڪم وٺندو ته قيامت ۾ الله پاڪ ان سان حساب ۾ آساني ڪندو،۽ جيڪو شخص هن مهيني ۾ ڪنهن يتيم کي عزت ۽ مهرباني جي نظر سان ڏسندو ته قيامت جي ڏينهن الله پاڪ ان کي احترام جي نگاھ سان ڏسندو، جيڪو شخص هن مهيني ۾ پنهنجي رشتيدارن سان نيڪي ۽ چڱائي ڪندو ته الله پاڪ قيامت ۾ ان شخص کي پنهنجي رحمت سان نوازيندو۽ جيڪو پنهنجي ويجھي عزيزن سان خراب ورتاءُ ڪندو ته الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي پنهنجي رحمت جي ڇانؤ کان محروم رکندو جيڪو شخص هن مهيني ۾ مستحب نماز پڙهندو ته الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي جھنم کان آزاد ڪندو ۽ جيڪو شخص پنهنجيون واجب نمازون ادا ڪري ته الله پاڪ ان جي عملن جو پلڙو وزنائتو رکندو. جڏهن ته ٻين ماڻهن جا پلڙا هلڪا هوندا، جيڪو شخص هن مهيني ۾ قرآن پاڪ جي هڪ آيت جي تلاوت ڪري ته الله پاڪ ان جي لاءِ ڪنهن ٻي مهيني ۾ ختم قرآن جو ثواب لکندو . اي انسانو! بيشڪ هن مهيني ۾ جنت جا دروازا کليل آهن بس الله پاڪ کان دعا گھرو ته هو اهي دروازا توهان تي بند نه ڪري دوزخ جا دروازا بند آهن اهي توهان تي نه .... [5]

روزيدار جون ذميواريون

1. امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ جڏهن توهان روزو رکو ته توهان جي ڪنن، اکين، ۽ سڄي بدن جو روزو هجڻ کپي يعني انهن کي حرام بلڪه مڪروھ ڪمن کان به روڪي رکو ۽ اوهان جي روزيدار هجڻ جو ڏينهن ائين نه هجي جيئن توهان بغير روزي جي ڏينهن گذاريندا هئا روزو صرف کائڻ پيئڻ کان روڪڻ جو نالو نه آهي بلڪه پنهنجي زبانن کي ڪوڙ ۽ پنهنجي اکين کي حرام کان پري رکو، روزي جي حالت ۾ ڪنهن سان جھيڙو نه ڪريو، نه ڪنهن سان حسد ڪريو، ڪوڙو قسم نه کائو، بلڪه سچي قسم کڻڻ کان به پاسو ڪريو، ڪنهن کي گارگند نه ڏيو ڪنهن تي ظلم نه ڪريو.

ڪنهن سان جاهلن وانگر پيش نه اچو، بيزاري جو اظهار نه ڪريو، ۽الله پاڪ جي ياد ۽ نماز کان غافل نه رهو، هر ڳالھ جيڪا نه ڪرڻ گھرجي ان تي خاموشي اختيار ڪريو، صبر کان ڪم وٺو، سچ ڳالهايو، خراب ماڻهن کان پاسو ڪريو،ڪنهن تي تهمت نه هڻو گلا غيبت ۽ چُغلي جھڙين خراب شين کان پاسو ڪريو، پنهنجو پاڻ کي آخرت جي ويجھو سمجھو، حضرت قائم آل محمد(عج) جي انتظار ۾ رهو، آخرت جي ثواب جي اميد رکو، الله پاڪ جي عذاب کان ڊڄو ۽ ان جي رحمت جي اميد رکو

اي روزيدارو توهان جون دليون عيبن کان ۽ اوهان جو اندر مڪر فريب کان ۽ اوهان جو بدن گندگي کان پاڪ هجڻ گھرجي

جيڪڏهن توهان انهن سڀني شين تي عمل ڪري رتو جيڪي روزي لاءِ مناسب آهن ته پوءِ توهان خدا جي فرمائش تي عمل ڪيو، ۽ جن شين جو مون ذڪر ڪيو جيڪڏهن انهن مان ڪجھ گھٽ ڪندوء ته توهان جي ثواب ۽ فضيلت ۾ گھٽتائي اچي ويندي. بيشڪ منهنجي والد فرمايو ته رسول خدا(ص) ٻُڌو ته هڪ عورت روزي جي حالت پنهنجي ڪنيز کي گارگند ڏئي رهي هئي ته رسول خدا کاڌو گھرايو ۽ انهي عورت کي چيائين ته هي کاءُ ته ان تي عورت عرض ڪيو ته مان روزي سان آهيان پاڻ سڳورن(ص) فرمايو ته هي ڪهڙي قسم جو روزو آهي جڏهن ته تون پنهنجي ڪنيز کي گاريون ڏئي رهي آهين [6]

2. روزو فقط بُک ۽ اُڃ جو نالو نه آهي بلڪه الله پاڪ ته روزي کي هر خراب ڪم کان يعني بد ڪرداري بد گفتاري کان محفوظ قرار ڏنو آهي، بس اصلي ۽ حقيقي روزيدار تمام گھٽ آهن بُک ۽ اُڃ مرڻ وارا تمام گھڻا آهن، امير المومنين(ع) جو فرمان آهي ته ڪيترائي روزيدار آهن انهن جي لاءِ انهي روزي ۾ سواءِ اُڃ ۽ بک جي ٻيو ڪجھ به ڪونهي، ۽ ڪيترائي عبادت گذار آهن انهن جي لاءِ انهي عبادت ۾ سواءِ بدن کي تڪليف ۽ ٿڪجڻ جي ٻيو ڪجھ به ڪونهي.[7]

روزي جو فلسفو

روزو نفس جي پاڪائي ۽ الله پاڪ جي قرب حاصل ڪرڻ جو بهترين رستو آهي، جيڪڏهن شرعي احڪام جي مطابق روزو رکيو وڃي ته دل مان غفلت۽ گناھ جي مٽي کي ڌوئي پاڪ  پاڪيزه ۽ نوراني بڻائي ڇڏي ٿو، دل مان شيطان کي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو اهڙو ئي شخص حقيقي روزيدار آهي

ائين ته روزي جا ڪيترائي فلسفا آهن پر اسان هتي انهن مان ڪجهه اهم فلسفن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا

1.روزو الله تي ڪامل يقين جوسبب بڻجي ٿو

حضرت امير المومنين(ع) رسول خدا(ص) کان نقل ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن(ص) معراج جي رات الله رب العزت کي عرض ڪيو ته يا الله! پهرين عبادت ڪهڙي آهي؟ آواز آيو پهرين عبادت روزو آهي، رسول خدا(ص) عرض ڪيو ته روزي جو نتيجو ڇا آهي؟ آواز آيو ته روزي جو نتيجو حڪمت آهي حڪمت معرفت جو سبب آهي ۽ معرفت يقين جو سبب بڻجي ٿي ۽ جڏهن انسان اهل يقين ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان کي انهي ڳالھ جي پرواھ ناهي هوندي ته هن جي زندگي مشڪل سان گذري ٿييا آساني سان. . [8]

2.  غريبن جي درد جو احساس پيدا ڪري ٿو

روزي جو هڪ فلسفو هيءُ به آهي ته امير ماڻهو روزو رکي بک ۽ اُڃ جو مزو چکِين ۽ انهن جي دلين ۾ محتاجن جو خيال پيدا ٿئي ۽ هو انهن ماڻهن جي مدد جي باري ۾ سوچين جن جي اڪثريت غذا کان محروم رهي ٿي حديثن ۾ به ان موضوع جي طرف اشارو ٿيل آهي

هشام بن حڪم امام جعفر صادق(ع) کان روزي رکڻ جي فلسفي جي باري ۾ سوال ڪيو، امام (ع) جواب ۾ فرمايو ته: الله پاڪ روزي کي انهي ڪري واجب ڪيو آهي ته امير ۽ فقير پاڻ ۾ برابر ٿي وڃن   ڇاڪاڻ امير شخص بُک جو مزو چکيو ئي ناهي جو فقير تي رحم ڪري .ڇاڪاڻ ته امير شخص جڏهن به ڪنهن شي جو ارادو ڪندو آهي ته ان کي ڪرڻ جي قدرت به رکي ٿو،  الله جو هي ارادو آهي ته مخلوقات جي وچ ۾ برابري قائم ڪري ۽ روزي جي ذريعي امير انسان کي بُک ۽ اُڃ جو مزو چکائي ته جيئن امير ماڻهو ڪمزورن جي مدد ۽ بکين ۽ محتاجن تي رحم ڪن. [9]

جيڪڏهن روزي جي انهي فلسفي کي نگاھ ۾ رکيو وڃي ته دنيا ۾ بُک جي مسئلي ته وڏي حد تائين قابو اچي سگھي ٿو جيڪڏهن دنيا جا سڀئي امير پئسي وارا ماڻهو پنهنجي هڪ وقت جو کاڌو گڏ ڪن ۽ رمضان المبارڪ جي آخر ۾ ان گڏ ڪيل کاڌي يا ان جي رقم پنهنجن شهرن ۾ رهڻ وارن يا اسلامي دنيا ۾ موجود ضروتمند ماڻهن جي حوالي ڪن ته اهڙي طرح غريب ماڻهن جي تمام گھڻي مدد ٿي سگھي ٿي

3. روزو تقوى ۽ پرهيزگاريءَ جو سبب بڻجي ٿو

روزي جو ٽيون فلسفو نفس جي رياضت، گناھ ڇڏڻ جي مشق ۽ تقوى جي صفت حاصل ڪرڻ آهي حقيقي روزيدار رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ تمام بُردباري ۽توجھ سان هر قسم جي گناھ کان پرهيز ڪري ٿو. ايستائين جو روزي جي ڪري جائز لذتن جهڙوڪ کائڻ پيئڻ کان به پاسو ڪري ٿو ۽ قربتاً الى الله هڪ مهينو لڳاتار روحاني ۽ جسماني مشق جاري رکي ٿو

اهڙو شخص جيڪو پورو مهينو اهڙي احتياط ۽ پرهيز سان گذاري ٿو هو هڪ اهڙي قدرت ۽ مضبوط ارادي جو مالڪ بڻجي ويندو آهي جنهن جي ذريعي رمضان المبارڪ جي مهيني کان پوءِ به پنهنجي زهد ۽ تقوى جي حفاظت ڪري سگھي ٿو ۽ هي روزي جي نتيجي ۾ هڪ اهم اثر آهي جيڪو انسان جي مٿان اثر انداز ٿئي ٿو ۽ انهي جي طرف قرآن پاڪ ۾ به اشارو آهي

يا ايها الَّذِينَ آمَنُواْکتب عَلَيکم الصِّيَام کماکُتب عَلَى الَّذِينَ مِن قَبْلکم لَعَلّکم تَتَّقُونَ [10]

اي مؤمنؤ جئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.

حوالا ....



[1]- اصول ڪافي ج 4 ص66

[2]- امالي صدوق، ص 19

[3]_ امالي صدوق، ص 59

[4]_ وسائل الشيعه  ج 7 ص 296

[5]- امالي صدوق، ص 41

[6]- امالي صدوق،ص 73

[7]_ بحارالانوار، ج 71 ، ص345

[8]- وسائل الشيعه ج 7 ص296

[9]- وافي ج11 ص33

[10]- بقره/183