Get Adobe Flash player

 

سورت آل عمران آيتون 31 ۽ 32

قُلْ إِن كُنتُمْ تُحِبُّونَ اللّهَ فَاتَّبِعُونِي يُحْبِبْكُمُ اللّهُ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ * قُلْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَالرَّسُولَ فإِن تَوَلَّوْاْ فَإِنَّ اللّهَ لاَ يُحِبُّ الْكَافِرِينَ

quran1(اي پيغمبر) چؤ ته جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو ته منھنجي تابعداري ڪريو ته الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. (اي پيغمبر) چؤ ته الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي


 

شان نزول:  فرمانبرداري ، محبت جي دليل آهي.

مٿين آيتن جي باري ۾ ٻه شان نزول ”تفسير مجمع البيان، ۽ تفسير المنار“ ۾ نقل ٿيل آهن:

1. هي ته ڪجهه ماڻهن پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ الله تبارڪ و تعالى سان محبت جي دعوى ڪئي، جڏهن ته سندن الله جي فرضن تي سندن عمل گهٽ ڏسڻ ۾ پيو اچي. سندن جواب ۾مٿيون آيتون نازل ٿيون .[1]

2. ”نجران“ قبيلي جا ڪجهه عيسائي مديني ۾ پيغمبر اڪرم ﷺ جي خدمت ۾ آيا، جن پنهنجي گفتگو ۾ اهو اظهار پئي ڪيو اسان الله سان محبت سبب حضرت عيسى جو تمام گهڻو احترام ڪيون ٿا. ته سندن سڀني کان مٿاهون احترام جا قائل آهيون، اها محبت اصل ۾ اسان پنهنجي پالڻهار سان ٿا ڪريون، مٿيون آيتون نازل ٿيون سندن جواب ۾ نازل ٿيون.[2]

سورت آل عمران، آيتون 59 ۽ 60

إِنَّ مَثَلَ عِيسَى عِندَ اللّهِ كَمَثَلِ آدَمَ خَلَقَهُ مِن تُرَابٍ ثِمَّ قَالَ لَهُ كُن فَيَكُونُ * الْحَقُّ مِن رَّبِّكَ فَلاَ تَكُن مِّن الْمُمْتَرِينَ

ترجمو: الله وٽ عيسىٰ (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ته ٿي پؤ ته ٿي پيو. (اِھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج

شان نزول: حضرت عيسى (ع) جي پيدائش، حضرت آدم (ع) جي پيدائش وانگر آهي.

هن سورت جي شروعات ۾ تفصيل سان بيان ٿي چڪو آهي ته، هن سورت جو ڪيتريون ئي آيتون نجران جي عيسائين جي سوالن جا جواب ۾ نازل ٿيون آهن، ڇاڪاڻ ته ان طرفان سٺ ماڻهن تي مشتمل هڪ جٿو سندن ڪجهه بزرگن ۽ سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ رسول الله ص سان گفتگو ڪرڻ لاءِ مديني آيا هئا. سندن گفتگو ۾ شامل مسئلن مان هڪ هيءُهيو

انهن پيغمبر ﷺ کان پڇيو ته: اسان کي ڪهڙي شي جي دعوت ٿا ڏيو؟

پيغمبر ﷺ جن فرمايو ته: هڪ خدا جي طرف، ۽ سندس مقرر ڪيل رسول آهيان. حضرت عيسى پڻ سندس ٻانهن منجهان هڪ ٻانهو هيو جنهن ۾ (ٻين انسانن وانگر)انساني حالتون هيون ۽ ٻين وانگر  ئي کاڌو کائيدو هو.

نجرانين ان ڳالهه کي قبول نه ڪيو ۽ حضرت عيسى (ع) جي بنا پيءُ  ولادت ڏانهن اشارو ڪيائون ۽ ان کي  حضرت عيسى (ع) جي خدا هجڻ لاءِ  دليل  طور پيش ڪيو ته مٿيون آيتون نازل ان جي جواب ۾ نال ٿيون، جڏهن ان دليل کي به قبول نه ڪيائون ته کين ”مباهلي“ جي دعوت ڏني وئي، جنهن جي تفصيل عنقريب اچڻ واري آهي.[3]

سورت آل عمرآن (آيت 61)

فَمَنْ حَآجَّكَ فِيهِ مِن بَعْدِ مَا جَاءكَ مِنَ الْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْاْ نَدْعُ أَبْنَاءنَا وَأَبْنَاءكُمْ وَنِسَاءنَا وَنِسَاءكُمْ وَأَنفُسَنَا وأَنفُسَكُمْ ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَل لَّعْنَةُ اللّهِ عَلَى الْكَاذِبِينَ

ترجمو: پوءِ اُن پڄاڻا جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون.

شان نزول : آخري رستو مباهلو

چيو ويو آهي ته: هيءَ آيت ۽ هن کان پهريان واريون آيتون نجرانين جي هڪ وفد  جنهن ۾ عاقب،سيد۽ ڪجهه ٻين ماڻهن - جيڪي ساڻن گڏ هئا – جي باري ۾ نازل ٿيون آهن جن  پاڻ سڳوري ﷺ جي خدمت ۾ اچي ڪري چيائون: ڇا ڪڏهن توهان بنا پيءُ  ڪو ٻار پيدا ٿيندي ڏٺو آهي؟ ان وقت آيت” إِنَّ مَثَلَ عِيسَى عِندَ اللّهِ كَمَثَلِ آدَمَ خَلَقَهُ ...“ نازل ٿي ۽ جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ انهن کي مباهلي[4] جي دعوت ڏني ته انهن هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ۽ نجران جي  مکيه  شخصتين سان مشورت ڪيائون . اسقف ( جيڪو سڀني کان وڏو پادري هو) کين چيو ته: ” توهان محمد ﷺ کي ڏسجو، جيڪڏهن پنهنجي اولاد ۽ خاندان کي مباهلي لاءِ وٺي اچي ته ان وقت مباهلي کان ڊڄو ۽پر جيڪڏهن پنهنجي ساٿارين سان اچي ته ساڻس مباهلو  ڪجو ڇاڪاڻ ته وٽس (الله طرفان) ڪجهه ناهي.“

جڏهن ته ٻئي (مباهلي واري) ڏينهن،  حال ۾ ظاهر ٿيا جو سندن هٿ، علي بن ابي طالب (ع) جي هٿ ۾ هو، حسن، حسين عليهما السلام اڳيان هئا، ۽ سائڻ فاطمة الزهرا (س) سندن پويان هئي، جيئن ئي ٻاهر نڪتا، ته نصراني پڻ ٻاهر آيا جڏهن ته اسقف سڀن کان اڳيان هو.جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ کي ڪجهه ماڻهن سان گڏ ايندي ڏٺو ته سندن بابت سوال ڪيائين ؟ کيس ٻڌايو ويو ته: هي سندن سؤٽ ، نياڻو ۽ مخلوق خدا مان کيس سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي. هي ٻه سندن نياڻيءَ جا ٻچڙا ۽ حضرت علي (ع) جا فرزند آهن۽ اها عورت سندن ڌيءُ فاطمه (س)کيس سڀني کان وڌيڪ عزيز ۽ پياري آهي.

سيد، اسقف کي چيو ته : مباهلي لاءِ اڳتي وڌ.

هن چيو: هرگز نه ،آءُ اهڙو ماڻهو ڏسي رهيو آهي جيڪو شجاعت سان مباهلو ڪندو آءُ ڊڄان ٿو ته متان سچو هجي، ۽ جيڪڏهن هي سچو آهي ته مونکي خدا جو قسم آهي ته هڪ سال اندر عيسائيت جو ڪو به ماڻهو جيڪو هن ڌرتيءَ جو پاڻي پئي ڳولهي نه ملندو(يعني سڀ ختم ٿي ويندا).

اسقف پيغمبر اڪرم (ص) کي عرض ڪيو ته: ” اي ابوالقاسم! اسان تو سان مباهلو نٿا ڪريون بلڪه صلح ڪرڻ چاهيون ٿا ،اسان سان صلح ڪيو، رسول الله ساڻن صلح ڪيو ته ٻه هزار حُله (هڪ بهترين قسم جو ڪپڙو آهي) جن مان هر هڪ جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ چاليهه درهم هئي ان کان علاوه  امانت طور ٽيهه زرهون، ٽيهه نيزا، ٽيهه گهوڙا   وڃن جن سان يمن جي سرزمين تي جيڪڏهن مسلمانن جي خلاف بغاوت ٿئي (ته ان کي منهن ڏنو وڃي البته) پاڻ سڳورا ﷺ  جيستائين اهي موٽائي ڏين انهن جا ضامن هوندا ۽ پوءِ ان بابت معاهدو لکيو ويو

هڪ روايت  ۾ آيو آهي ته، اسقف  عيسائين کي چيو ته: آءُ اهڙا چهرا ڏسي رهيو آهيان جيڪڏهن خدا کان دعا گهرن ته جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃن ته هٽي ويندا . ساڻن  هرگز مباهلو نه ڪجو  ورنه  هلاڪ ٿي ويندؤ ۽ قيامت تائين زمين تي ڪو عيسائي نه بچندو.[5]

حوالا



[1] _ تفسير قرطبي، ذيل آيات مورد بحث؛ درالمنثور، ج2، ص17 .

[2] _ مجمع البيان، مورد بحث آيتن جي ذيل ۾؛ تفسير قرطبي، مورد بحث آيتن جي ذيل ۾؛ درالمنثور، ج2 ص17

[3] _ مجمع البيان، مورد بحث آيتن جي ذيل ۾؛ بحارالانوار، ج21، ص 277،345،348 .

[4] _ لفظ ”مباهله“ اصل ۾ ”بهل“ (بروزن اهل) قيد مان رهاڪرڻ ۽ ڳنڍ کي کولڻ جي معنا ۾ آهي، ان ڪري ڪنهن جانور کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ ۽ ان جي ٿڻن کي آزاد ڇڏي ڏيڻ ان ڪري جو هن ڦلڙو مزي سان کير پئي سگهي، ان کي ”باهل“ چيو ٿو وڃي ۽ ابتهال جو دعا ۾ استعمال ڪرڻ جي معنا آهي پنهنجو ڪم خدا تي ڇڏي ڏيڻ.

مذڪوره آيت، انهيءَ لفظ جي ڪري آيت مباهله جي نالي سان مشهور آهي. جيتوڻيڪ ”مباهله“ جي معنى ٻن مخالف ٽولن جو ڌڻيءَ درٻار ٻاڏائڻ ۽ مالڪ کان ٻئيءَ ٽولي جي برباديءَ ۽ ڦٽڪار جو سوال ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اهو ٽولو، سندس نظر ۾ ناحق تي آهي، مباهلي جي لغوي معنى هي هئي.

۽ مفهوم جي اعتبار سان جيڪو مٿين آيت مان پڻ ورتو ويو آهي، يعني ٻن ڄڻن جو هڪ ٻئي تي ڦٽڪار وجهڻ آهي. اهي اشخاص جيڪي مهم مذهبي مسئلي تي گفتگو ڪن ۽ هڪ جڳهه تي گڏ ٿين ۽ ڌڻي در ٻاڏائين ته جيڪو به ڪوڙو آهي ان تي خدا جي لعنت هجي.

[5] _ تفسير مجمع البيان آيت مورد نظر جي ذيل ۾ ، ٿورڙي تت سان هي شان نزول ڪجهه فرق سان ٻين تفسيرن جيتوڻيڪ: ابوالفتح رازي، ۽ تفسير ڪبير ۽ ٻين ۾ پڻ آيو آهي ۽ فخر رازي اها ادعا ڪئي آهي هي روايت علماءِ حديث۽ تفسير وارن جي نزديڪ مورد اتفاق آهي. بحارالانوار، ج21، ص321،322،342،344،345 ۽ ...؛ ارشاد مفيد،ج1، ص166،167 ۽ 168 (ڪنگره شيخ مفيد، 1413 هه، ق)