Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 206 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

مفضل بن عمر جعفي ڪوفي

pastarchives ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ئي ناهي ته اهل بيت عليهم السلام جي پاڪ مشن ۽ مذهب کي بچائڻ ۾ سندن لائق شاگردن ۽ وفادار اصحاب جو تمام وڏو ڪردار رهيو آهي، هي مجاهد انسان زماني جي تلخ حالات ۾ به هر سازش جو مقابلو ڪري ائمه عليهم السلام جي مذهب جي حفاظت ۾ پنهنجي وظيفي کي پورو ڪندا رهيا، مفضل بن عمر جعفي ڪوفي جو شمار به اهڙن ئي شاگردن ۽ اصحاب ۾ ٿئي ٿو، سندن ولادت پهرين صدي جي آخر ۾ يا وري ٻي صدي جي شروعات ۾ ڪوفي شهر ۾ ٿي. [1]سندن نالو “مفضل”، والد جو نالو “عمر” ۽ سندن ڪنيت “ابو محمد” يا “ابو عبدالله” آهي.[2]

 

ڪوفي ۾ امام جعفر صادق (ع) جو نمائندو

محمد بن مقلاص (ابي الخطاب) ڪوفي شهر ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جن جو نمائندو هو، پر جڏهن هو ائمه عليهم السلام جي ولايت کان منحرف ٿي ويو ۽ ڪوڙيون دعوائون ڪرڻ شروع ڪيائين ته امام جعفر صادق عليه السلام سندس مذمت ڪئي ۽ کيس سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيائون، ان جي برطرف ٿيڻ کان پوءِ امام عليه السلام جا شيعا سندن خدمت ۾ آيا ۽ عرض ڪيائون ته انهن لاءِ ڪنهن کي نمائندو مقرر ڪن ته جيئن ديني مسائل ۽ احڪام جي سلسلي ۾ ڏانهنس رجوع ڪري سگهون، امام عليه السلام جن فرمايو: ڪا ضرورت ناهي جيڪو مسئلو پڇڻوهجي ته مون کان پڇي سگهو ٿا، تنهن تي انهن وري عرض ڪيو مولا اسان سڀني لاءِ توهان تائين پهچڻ ممڪن ڪونهي، ته امام عليه السلام جن فرمايو: مفضل بن عمر کي توهان لاءِ نمائندو مقرر ڪيان ٿو، ان جي ڳالهه ٻڌو ۽ سندس اطاعت ڪيو، هو حق کان سواءِ ڳالهائيندو ئي ناهي.

صلح جو نمائندو

مفضل بن عمر امام جعفر صادق عليه السلام جن جي حڪم سان ماڻهن جي ديني، مالي ۽ معاشرتي مشڪلات کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ شيعن جي تڪليفن کي حل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو هو، امام جعفر صادق عليه السلام مفضل کي فرمايو: جڏهن اسان جي شيعن ۾ ڪو اختلاف ڏسين ته ان کي حل ڪرڻ لاء منهجو مال به خرچ ڪر.[3] شيخ ڪليني سندس ڪتاب اصول ڪافي ۾ ان سلسلي ۾ ابو حنيفه سابق الحاج کان هڪ دلچسپ واقعو نقل ڪري ٿو، هن جو چوڻ آهي ته هڪ دفعو آئون ۽ منهنجو داماد (ناٺي) هڪ جڳهه تي ڪنهن ميراث جي ڳالهه تي جهڳڙو ڪري رهيا هياسين، ته مفضل جو اسان وٽان گذر ٿيو جيئن اسان کي ان حالت ۾ ڏٺائين ته اتي ڪجهه وقت لاءِ بيهي رهيو، پوءِ اسان کي چيائن ته منهجي گهر اچو، جڏهن اسان سندس گهر وياسين ته اسان ٻنهي جي درميان چار سو درهم سان صلح ڪرائي ڇڏيائين، ۽ اسان کان اهو عهد وٺڻ کان پوءِ ته وري ان بابت اختلاف نه ڪنداسين چيائين ته هي منهنجو مال نه هو پر امام جعفر صادق عليه السلام جن مون کي اهو فرمايو هو ته جڏهن اسان جي شيعن مان ٻن ڄڻن ۾ ڪو مالي اختلاف ٿي پوي ته سندن مال مان اها رقم ادا ڪيان، ۽ هي مال حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جو ئي آهي.[4]

مفضل، امام جعفر صادق (ع) ۽ امام موسى ڪاظم (ع) جي زباني

مفضل بن عمر جي عظمت جو صحيح اندازو تڏهن لڳائي سگهجي ٿو جڏهن سندس فضيلت ۾ آيل روايات تي نگاهه ڪيون ٿا، سندس شان ۽ فضيلت ۾ جيڪي روايتون آيون آهن، تن مان ڪجهه هيٺ ذڪر ڪجن ٿيون

1- شيخ مفيد صحيح سند سان روايت ڪئي آهي ته امام جعفر صادق عليه السلام جن مفضل کي مخاطب ٿي فرمايو:

الی يا مفضّل! فوربی انّی لاحبك و احبّ من يحبك يا مفضّل، لو عرف جميع اصحابی ما تعرف ما اختلف اثنان .

اي مفضل! خدا جو قسم توکي دوست رکان ٿو ۽ تنهنجي دوستن کي به دوست رکان ٿو، اي مفضل! جيڪڏهن منهنجا اصحاب اهو ڪجهه ڄاڻن ها جيڪو تون ڄاڻين ٿو ته ڪڏهن به انهن جي درميان اختلاف پيدا نه ٿئي ها.[5]

2. محمد بن سنان روايت ڪري ٿو: امام موسى ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾ ويس، جڏهن ته سندن فرزند بزرگوار امام علي رضا عليه السلام جن ويٺا هيا، امام موسى ڪاظم عليه السلام جن مون کي فرمايو: اي محمد! مفضل منهنجي لاءِ سڪون جو سبب هو ۽ تون پڻ (ان وانگر) هن ٻنهي (امام علي رضا عليه السلام ۽ امام محمد تقي عليه السلام) لاءِ سڪون ۽ اطمينان جو سبب آهين.[6]

3. يونس بن يعقوب روايت ڪري ٿو: امام جعفر صادق عليه السلام مون کي حڪم ڪيو ته مفضل وٽ وڃان ۽ (امام عليه السلام جي فرزند) حضرت اسماعيل جي وفات جي کيس تسليت عرض ڪيان، تنهن وقت امام عليه السلام جن فرمايو: مفضل کي سلام ڏجانءِ ۽ کيس چئجانءِ ته: اسماعيل جي (وفات جي) مصيبت اسان مٿان آئي ۽ اسان صبر ڪيوسين، تون پڻ اسان وانگر ان مصيبت تي صبر ڪجان...[7]

آية الله العظمى خوئي رحمة الله عليه هن حديث جي ذيل ۾فرمائن ٿا: هي روايت ٻڌائي ٿي ته امام عليه السلام جي مفضل بن عمر سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هي روايت صحيح آهي.[8]

4. فيض بن مختار روايت ڪري ٿوته: امام جعفر صادق عليه السلام جن کي عرض ڪيم منهنجي جان توهان تان قربان ٿي وڃي ، آئون جڏهن به ڪوفي جي دانشمندن جي درميان ويهان ٿو ته انهن جي عقيدي ۾ اختلاف ئي پايان ٿو، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن شڪ ۾ پئجو وڃان ٿو، پر جڏهن مفضل بن عمر وٽ وڃان ٿو ته مون کي اهڙو مطمئن ڪري ڇڏي ٿو جو منهنجي دل کي سڪون اچيو وڃي، امام عليه السلام جن جواب ڏنو ته ها اي فيض! حقيقت ائين ئي آهي جيئن تون چوين ٿو.[9]

5. هشام بن احمد روايت ڪري ٿو ته: هڪ دفعوسخت گرمي واري ڏينهن ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جن ٻني ٻاري جي ڪم ۾ مشغول هئا ۽ سندن سيني مان پگهر وهي رهيو هو، سندن خدمت ۾ ويس ته جيئن کانئن مفضل بن عمر جي باري ۾ ڪجهه سوال ڪيان، ڳالهه ڪرڻ کان پهرين امام عليه السلام جن فرمايو، ان خدا جو قسم جنهن کان سواءِ ڪوئي پوڄا لائق ڪونهي، مفضل بن عمر جعفي هڪ نيڪ انسان هو، جيتري قدر مون کي ياد آهي پاڻ اهو جملو ٽيهه دفعن کان مٿي دهرايائون.[10]

مفضل بن عمر اسلامي دانشورن جي نگاهه ۾

علم رجال جي ڪيترن ئي عالمن ۽ ٻين دانشمندن مفصل بن عمر جي مقام ۽ مرتبي کي بيان ڪيو آهي، هتي رڳو ڪجهه بزرگن جي زباني سندن فضيلت ۽ مقام کي بيان ڪجي ٿو.

1- شيخ صدوق رحمة الله عليه پنهنجي ڪتابن ۾ ڪافي اهڙيون حديثون آنديون آهن جن جي سندي سلسلي ۾ مفضل بن عمر جو نالو اچي ٿو جڏهن ته ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته شيخ صدوق جو طريقه ڪار خاص طور تي سندن ڪتاب “ من لا يحضره الفقيه” ۾ اهو رهيو آهي ته رڳو اهي حديثون ذڪر ڪن ٿا جيڪي سندس ۽ سندس خدا جي درميان حجت ۽ معتبر هجن، پر تنهن جي باوجود ڪيترا ئي مرتبا مفضل کان نقل ڪيل احاديث تي اعتماد ڪيو اٿس، تنهن جو مطلب ته شيخ صدوق جي نزديڪ مفضل تمام وڏي مقام ۽ عظمت جو مالڪ آهي.[11]

2- محمد بن يعقوب ڪليني رحمة الله عليه پڻ سندن مايه ناز ڪتاب اصول ڪافي ۾ مختلف جاين تي اهي روايتون آنديون آهن جن جو راوي مفضل بن عمر آهي، خاص طور تي يونس بن يعقوب جي پهرين ذڪر ٿيل روايت جيڪا سندس شان ۽ عظمت کي روشن ڪري ٿي.

3- شيخ مفيد رحمة الله عليه مفضل جي عظمت جي باري ۾ هن ريت لکي ٿو: هو اهڙي شخصيت آهي جنهن امام موسى ڪاظم عليه السلام جن کان سندن فرزند ارجمند امام جعفر صادق عليه السلام جي امامت تي بيان ڪيل نص کي نقل ڪيو آهي، هو امام جعفر صادق عليه السلام جو خاص، سندن وڏي مانَ وارو صحابي۽ نيڪ فقيه ۽ اعتماد جوڳي شخصيت هو.[12]

4- شيخ طوسي رحمة الله عليه به ڪتاب الغيبة ۾ لکيو آهي ته: هو (مفضل بن عمر) ائمه عليهم السلام جي حقيقي اصحاب مان ۽ وٽن اعتماد جوڳي شخصيت هو ۽ هميشه سندن راهه جو راهي هو.[13]

5- آية الله ابوالقاسم خوئي رحمة الله عليه مفضل بن عمر جي فضيلت ۾ بيان ڪندي هن ريت لکيو آهي: مفضل جي عظمت ۽ بزرگي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته امام جعفر صادق عليه السلام جن مٿس ايترو ته مهربان هوندا هئا، جو سندن مشهور ڪتاب “توحيد مفضل” کيس لکرايو هيائون، هي اهو ئي ڪتاب آهي جنهن کي نجاشي “فڪر” جي نالي سان ياد ڪيو آهي، هي ڳالهه پڻ دليل آهي ته مفضل امام جعفر صادق عليه السلام جي خاص اصحاب مان هو ۽ سندن عنايت مٿس شامل حال رهي آهي، ان کان علاوهه ابن قولويه ۽ شيخ مفيد سندس اعتماد کي واضح لفظن ۾ بيان ڪيو ۽ شيخ مفيد کيس تعريف جوڳي سفير جي عنوان سان ياد ڪيو آهي.[14]

توحيد مفضل، حقيقتن جو خزانو

مفضل بن عمر جي شهرت ۽ سندس نالي کي جي نروار ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب “توحيد مفضل” جي نالي سان هڪ علمي خزانو آهي، هي علمي خزانو جيڪو کيس امام جعفر صادق عليه السلام جن جي دنل درسن جو مجموعو آهي جيڪو پاڻ مفضل کي چئن ڏينهن ۾ (چئن ڪلاسن) جي صورت ۾ لکرايو هو، جيڪو چئن حصن ۾ ورهايل آهي، پهريون حصو انساني خلقت جي عجائب جي باري ۾، ٻيو حصو، حيوان جي عجيب خلقت جي باري ۾، ٽيون حصو عالم طبيعت جي خلقت جي عجائب جي باري ۾، چوٿون حصو مصيبتن ۽ مشڪلات جي رازن جي باري ۾.

مفضل جي وفات

مفضل بن عمر تمام گهڻيون تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻ کان پوءِ امام موسى ڪاظم عليه السلام جي امامت دوران ولايت ۽ امامت جي راهه ۾ ڪوفي شهر ۾ وفات ڪري ويو، سندس وفات سان حقيقت ۾ علم ۽ تقوى جي آسمان جو هڪ ستارو غروب ڪري ويو۽ امام موسى ڪاظم عليه السلام ان لاءِ رحمت جي دعا گهري، عيسى بن سليمان چوي ٿو، امام موسى ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾ هيس ته پاڻ فرمايائون ته مفضل تي الله تعالى رحمت ڪري، هو (دنيا جي تڪليفن کان) آجو ٿي ويو، عيسى بن سليمان چوي ٿو، جڏهن پنهنجي دوستن وٽ آيس، چيم ته الله جو قسم مفضل دنيا مان ويو هليو، ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪوفي ۾ آياسين، خبر پئي ته مفضل (امام عليه السلام جي چوڻ مطابق) ٽي ڏينهن پهرين وفات ڪري ويو.[15]

موسى بن بڪر روايت ڪري ٿو ته جڏهن مفضل جي وفات جي خبر امام موسى ڪاظم عليه السلام کي ڏني وئي ته پاڻ فرمايائون الله تعالى مٿس رحمت ڪري، منهنجي بابا جي رحلت کان پوءِ هو منهنجي بابا جي جاءِ تي هو، بيشڪ هو (زماني جي مصيبتن کان) آزاد ٿي ويو.[16]

حوالا ۔۔۔



[1] . توحيد المفضل، ڪاظم مظفر ص4

[2] .الذريعه الى تصانيف الشيعه، ج 4، ص482

[3] . اصول ڪافي ، ڪتاب الايمان والڪفر، باب الاصلاح بين الناس حديث 3

[4] . ساڳيو حوالو حديث 4

[5] . الاختصاص، ص216

[6] . عيون اخبارالرضا(ع) ج2، باب 4، حديث 29

[7] .اصول ڪافي ج2 ڪتاب الايمان والڪفر،باب صبر، حديث 16

[8] . معجم رجال الحديث، ج18، ص302

[9] .ساڳيو حوالو، ص303

[10] .رجال ڪشي، زندگينامو مفضل بن عمر جعفي.

[11] . من لا يحضره الفقيه، ج1، ص3.

[12] .الارشاد في معرفة حجج الله على العباد، ص208

[13] .الغيبة ، ص210

[14] . معجم رجال الحديث، ج18، ص300

[15] . اختيار معرفه الرجال ص329

[16] . ساڳيو حوالو ص 323