Get Adobe Flash player

مهاڳ :

mahdi1سن 260 هجري ۾ امام حسن عسڪري (ع) شهادت کان پوءِ امام مهدي (عج) سان جتي ڊاريڪٽ رابطو ممڪن هيو اتي وري ڪجهه خاص ۽ قابل اطمينان نمائندا پڻ ان رابطي جو ڪم ڪندا هئا ليڪن امام(ع) جي غيبت ڪبرى کان پوءِ اهي ٻئي طريقا ممڪن نه رهيا ڇاڪاڻ ته امام پرده غيب ۾ هليو ويو .اهڙي طرح اسان سڀني کي خبر آهي ته جڏهن امام حاضر آهي ته امام جي مڃڻ وارن تي ڪجهه فرض ۽ ذميواريون آهن اتي سوال اهو آهي ته ڇا امام جي غيبت واري زماني ۾ به سندن مڃڻ وارن تي ڪي ذميواريون آهن يا نه ؟ جيڪڏهن آهن ته ڪهڙيون ؟

ان سوال جي جواب ۾ اسان جي ڪيترن ئي عالمن مفصل ڪتاب لکيا آهن مثلا مرحوم دبير الدين ميرزا علي اڪبر صدر الاسلام همداني پنهنجي هڪ ڪتاب ۾31 ذميوارين کي وضاحت سان پيش ڪيو آهي .(1) ۽ مرحوم آيت الله سيد محمد تقي موسوي اصفهاني (قدس سره) پڻ پنهنجي هڪ انتهائي اهم ڪتاب ۾ شيعيان اهل بيت (ع) لاءِ کوڙ ساريون ذميواريون بيان ڪيون آهن (2)

اسان هن مقالي ۾ انهن ذميوارين منجهان ڪجهه اهم ذميوارين کي ذڪر ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته اڄ جي هن پرفتن دور ۾ اهو ئي انسان بچي سگي ٿو ۽ پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪري سگهي ٿو جيڪو پنهنجي ذميوارين کي سمجهي ڪري صحيح نموني ادا ڪري

غيبت ڪبرى ۾ اسان جون ذميواريون

1_ اهلبيت (ع) جي دامن کي نه ڇڏڻ

هڪ مومن جي غيبت ڪبرى ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ذميواري اها آهي ته حق ۽ هدايت جي واٽ تي ثابت قدم رهي،ته جيئن پاڻ کي گمراهيءَ کان بچائي سگهي .۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان قرآن پاڪ سان گڏ محمد وآل محمد (ع) جي پاڪ سيرت کي سمجهون ۽ ان تي عمل ڪريون جيئن حديث ثقلين پڻ ان مطلب ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي:

عَنِ النَّبِيِّ ص أَنَّهُ قَالَ إِنِّي تَارِكٌ فِيكُمُ الثَّقَلَيْنِ مَا إِنْ تَمَسَّكْتُمْ بِهِمَا لَنْ تَضِلُّوا كِتَابَ اللَّهِ وَ عِتْرَتِي أَهْلَ بَيْتِي وَ إِنَّهُمَا لَنْ يَفْتَرِقَا حَتَّى يَرِدَا عَلَيَّ الْحَوْضَ (3)

” آئون توهان وٽ ٻه قيمتي شيون ڇڏيو پيو وڃان، جيڪڏهن مضبوطيءَ سان انهن کي پڪڙيوَ ته ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندو ، هڪ الله پاڪ جو ڪتاب (قرآن) ۽ ٻيو منهنجي عترت اهل بيت ، اهي ٻئي هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيندا ايستائين جو حوض ڪوثر وٽ مون تائين پهچن

هاڻي ان ۾ ڪو فرق نه ٿو پوي ته ان دور ۽ زماني ۾ معصوم (ع) حاضر هجي يا وري خدا جي حڪمت ۽ مصلحت خاطر پردي ۾ ۽ اسان جي نظر کان غائب هجي

2_ حضرت امام زمان (عجل الله فرجه الشريف) جي معرفت

حضرت امام صادق (ع) جن فرمائن ٿا :

عَنْ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ ع قَالَ خَرَجَ الْحُسَيْنُ بْنُ عَلِيٍّ ع عَلَى أَصْحَابِهِ فَقَالَ أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّ اللَّهَ جَلَّ ذِكْرُهُ مَا خَلَقَ الْعِبَادَ إِلَّا لِيَعْرِفُوهُ فَإِذَا عَرَفُوهُ عَبَدُوهُ فَإِذَا عَبَدُوهُ اسْتَغْنَوْا بِعِبَادَتِهِ عَنْ عِبَادَةِ مَا سِوَاهُ فَقَالَ لَهُ رَجُلٌ يَا ابْنَ رَسُولِ اللَّهِ بِأَبِي أَنْتَ وَ أُمِّي فَمَا مَعْرِفَةُ اللَّهِ قَالَ مَعْرِفَةُ أَهْلِ كُلِّ زَمَانٍ إِمَامَهُمُ الَّذِي يَجِبُ عَلَيْهِمْ طَاعَتُهُ (4)

هڪ ڏينهن امام حسين (ع) پنهنجي اصحاب وٽ آيو: الله پاڪ جي واکاڻ ۽ نبي سڳوري تي درود موڪلڻ بعد ارشاد فرمايائون :اي انسانو الله پاڪ فقط ان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته کيس سُڃاڻو ۽ جڏهن سڃاتوَ ته سندس عبادت ڪريو ۽ جڏهن عبادت ڪيوَ ته سندس معرفت ۽ عبادت ذريعي ٻين جي پوڄا ۽ عبادت کان بي نياز ٿيو. هڪ شخص عرض ڪيو : ته اي فرزند رسول منهنجا ماءُ پيءُ توهان تي قربان وڃن اهو ٻڌايو ته الله پاڪ جي معرفت مان ڇا مراد آهي؟ پاڻ فرمايائون: ته هر شخص پنهنجي وقت جي امام جي معرفت ۽ سڃاڻپ حاصل ڪري ، اهو امام جنهن جي فرمانبرداري سندن مٿان واجب آهي

حديث نبوي آهي:مَنْ مَاتَ وَ لَمْ يَعْرِفْ إِمَامَ زَمَانِهِ مَاتَ مِيتَةً جَاهِلِيَّةً (5)

جيڪو شخص ان حالت ۾ مري وڃي جو کيس پنهنجي وقت جي امام پاڪ جي نه هجي ته ان جو موت ،جاهليت وارو موت آهي

نامياري عالم شيخ صدوق (ره) پنهنجي ڪتاب ڪمال الدين هڪ دعا ۾ هيءُ جملا ذڪر ڪيا آهن :

اللَّهُمَّ عَرِّفْنِي نَفْسَكَ فَإِنَّكَ إِنْ لَمْ تُعَرِّفْنِي نَفْسَكَ لَمْ أَعْرِفْ نَبِيَّكَ اللَّهُمَّ عَرِّفْنِي نَبِيّکَ فَإِنَّكَ إِنْ لَمْ تُعَرِّفْنِي نَبِيّکَ لَمْ أَعْرِفْ حُجَّتَكَ اللَّهُمَّ عَرِّفْنِي حُجَّتَكَ فَإِنَّكَ إِنْ لَمْ تُعَرِّفْنِي حُجَّتَكَ ضَلَلْتُ عَنْ دِيني (6)

اي منهنجا پاڪ پروردگار: مون کي پنهنجي معرفت ۽ ڄاڻ نصيب ڪر ،جيڪڏهن تو مون کي پنهنجي معرفت نصيب نه ڪئي ته آئون تنهنجي نبي(ﷺ) جي معرفت حاصل نه ڪري سگهندس، اي منهنجا پاڪ پروردگار: مون کي پنهنجي نبي جي معرفت نصيب ڪر، جيڪڏهن تو مون کي پنهنجي نبي جي معرفت نصيب نه ڪئي ته آئون تنهنجي حجت جي معرفت حاصل نه ڪري سگهندس، اي منهنجا پروردگار : مون کي پنهنجي حجت جي معرفت نصيب ڪر جيڪڏهن ته مون کي پنهنجي حجت جي معرفت نصيب نه ڪئي ته آئون پنهنجي دين کان ڀٽڪي ويندس

3_ شڪ کان بچڻ

حضرت امام جعفر صادق (ع) غيبت واري دور بابت فرمائن ٿا :

.... فَإِيَّاكُمْ وَ الشَّكَّ وَ الِارْتِيَابَ انْفُوا عَنْ نُفُوسِكُمُ الشُّكُوكَ وَ قَدْ حُذِّرْتُمْ فَاحْذَرُوا وَ مِنَ اللهِ...(7)

شڪ کان بچو، پنهنجي نفس کي شڪ شبهي کان بچايو ۽ بيشڪ توهان کي ڊڄاريو ويو آهي پوءِ الله پاڪ کان ڊڄو...

ان حديث مان خبر پوي ٿي ته غيبت واري زماني مومن جي هڪ ذميواري پنهنجي يقين واري منزلت ۽ مقام باقي رکڻ آهي.پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪري ڇا ڪاڻ جو حضرت امام زمانه (عج) جي طولاني غيبت کوڙ سارن ماڻهن جي ايمان جي ڪمزوري ۽ شڪ جو سبب بڻبي،جيئن ته ڪتاب “ الغيبه ” ۾ آيو آهي :

جيڪڏهن روايتن جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته خبر پوندي ته غيبت وارو دور مڙني مسلمانن لاءِ هڪ قسم جو امتحان آهي جنهن ۾ اهي شيعه ڪامياب ٿيندا جي ذهين ۽ پڪي ايمان جا مالڪ هوندا. جن کي يقين هوندو ته حجت خدا ۽ ان جو واعدو ڪوڙو ناهي ،اهو ممڪن ئي ناهي جو الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حجت کانسواءِ ڇڏي ڏئي. اها ٻئي ڳالهه آهي جو ڪن مصلحتن خاطراهي کيس ڏسي نٿا سگهن ،بهرحال انهن مومنن کي ڪو به شڪ شبهو نه هوندو آهي بلڪه اهي الله پاڪ طرفان ٿيل فيصلن تي راضي ۽ خوش هوندا آهن . (8)

4 - شروع کان آخر تائين مضبوط ۽ ثابت قدم رهڻ

هڪ اهم ذميواري مومن جو شروع کان آخر تائين نهنجي ايمان تي ثابت قدم رهڻ آهي . شروع مان مراد نبي پاڪ جي اعلان نبوت کان وٺي امام زمانه غيبت امام (ع) تائين ايندڙ تمام حڪمن تي ايمان رکڻ ۽ ان تي ثابت قسم رهڻ .هيءُ اهو انمول خزانو آهي جنهن کي اسان جا امام انمول فرمانن ۽ اقوالن جي صورت ۾ ڇڏي ويا آهن۽ اسان جي فقيهن ۽ عالمن وڏين زحمتن سان اهي اسان تائين پهچايا آهن . ۽ آخر مان مراد حضرت امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف ) جي ظهور وارو دور ۽ زمانو آهي. جنهن کي امر اول ۽ امر آخر چيو وڃي ٿو.

امام جعفر صادق(ع)ارشاد فرمائن ٿا :فَتَمَسّکُوا بِالأمرِ الأوّلِ حَتّى يُبّينَ لَکُم الآخَر (9)

امر اول جنهن تي توهان آهيو ان کي مضبوطي سان پڪڙيو ايسيتائين جو امر آخر ظاهر ٿئي.”

انهي ءَ باري ۾ مولا وري فرمائن ٿا :کُونُوا عَلَى مَا أنتُم عَلَيهِ حَتّى يُطلعَ اللَّهُ لَکُم نَجمَکُم (11)

جنهن مقام ۽ حالت تي توهان آهيو باقي رهو ايستائين جو الله پاڪ توهان جي ستاري کي نه اڀاري

انهي ءَ باري ۾ امام پاڪ فرمائن ٿا :فَتمَسّکُوا بِمَا فِى أَيدِيکُم حَتّى يصِحّ لَکُمُ الأمرُ (12)

پوءِ جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي ان کي مضبوطي ءَ سان پڪڙيو ايسيتائين جو توهان لاءِ امر صحيح ٿئي(يعني ظهور امام زمانه عجل الله تعالى فرجه الشريف ٿئي)”

هڪ ٻئي روايت ۾ به آيو آهي ته امام فرمايو :إلَى مَا أنتُم عَلَيهِ حَتّى يَأتِيکُمُ اللَّهُ بصَاحِبهَا (13)

جنهن تي توهان آهيو ان تي عمل ڪيو ايستائين جو الله ان جي صاحب کي توهان لاءِ آڻي

انهن سڀني روايتن جو مقصد ۽ مطلب هڪ آهي ۽ اهو هي ته قرآن ۽ اهل بيت (عليهم السلام) جي موجود ميراث جي حفاظت ۽ ان کي عملي رنگ ڏنو وڃي ته جيئن امام زمان (عج) جو ظهور ٿئي ۽ ڪو شڪ شبهو باقي نه رهي .

5_ دوستي، دشمني ،پيروي ۽ اڳواڻيءَ ۾ ائمه معصومين (ع)جي معيارن کي اپنائڻ

مومن کي دوستي،دشمني، پيروي،۽ اڳواڻيءَ ۾ ائمه معصومين (ع) جي معيارن کي اپنائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جيڪا ڳالهه اسان کي ائمه معصومين (ع) ۽ سندن سچن اصحابن جي ويجهو ڪري ٿي ، اها هي آهي ته اسان سندن ڏسيلَ معيارن مطابق زندگي گذاريون.

جيئن امام صادق (عليه السلام) ارشاد فرمائن ٿا ته :

إِذَا أَصْبَحْتَ وَ أَمْسَيْتَ يَوْماً لَا تَرَى فِيهِ إِمَاماً مِنْ آلِ مُحَمَّدٍ فَأَحِبَّ مَنْ كُنْتَ تُحِبُّ وَ أَبْغِضْ مَنْ كُنْتَ تُبْغِضُ وَ وَالِ مَنْ كُنْتَ تُوَالِي وَ انْتَظِرِ الْفَرَجَ صَبَاحاً وَ مَسَاءً (14)

اگر تنهنجي زندگي ۾ ڪواهڙو ڏينهن اچي جنهن ۾ ڏينهن تو وٽ آل محمد (ع) منجهان ڪو امام موجود نه هجي ته تون ان سان محبت رک هر ان شخص سان جنهن کي هن سان وقت محبت رکين ٿو ۽ دشمن رک هر ان شخص کي جنهن کي هن وقت دشمن رکين ٿو ۽ تون پيروي ڪر هر ان شخص جي جنهن جي هن وقت پيروي ڪرين ٿو۽ صبح شام امام زمان (ع) جي ظهور جو انتظار ڪر .

6- تقوى اختيار ڪرڻ

ذميوارين مان هڪ اهم ذميواري تقوى ۽ پرهيزگاري اپنائڻ آهي، يعني واجب ڪمن کي انجام ڏيڻ ۽ حرام ڪمن کان پاسو ڪرڻ ۽ هر ممڪن حد تائين مستحب ڪمن کي انجام ڏيڻ مڪروهه ڪمن کان پاسو ڪرڻ آهي جيئن ته امام صادق (ع) جن فرمائن ٿا :

إِنَّ لِصَاحِبِ هَذَا الْأَمْرِ غَيْبَةً فَلْيَتَّقِ اللَّهَ عَبْدٌ عِنْدَ غَيْبَتِهِ وَ لْيَتَمَسَّكْ بِدِينِهِ (15

بيشڪ امام زمان (عج) جي لاءِ هڪ غيبت آهي پوءِ ان غيبت واري زماني ۾ الله پاڪ جو ٻانهوان کان ڊڄي ۽ پنهنجي دين کي مضبوطيءَ سان پڪڙي

7- غيبت جو انڪار نه ڪرڻ

مومن جي هڪ ذميواري اها آهي ته غيبت امام (ع) جو منڪر نه ٿئي ڇاڪاڻ ته جيڪا به خبر اسان وٽ پهچي ٿي ان جو پهريون مرحلو هي آهي ته ان جو انڪار نه ڪجي بلڪه ان بابت تحقيق ڪجي ان جي سچ ۽ ڪوڙ بابت يقين حاصل ڪجي. جيئن ته امام صادق (عليه السلام) جن فرمائن ٿا :

إِنْ بَلَغَكُمْ عَنْ صَاحِبِكُمْ غَيْبَةٌ فَلَا تُنْكِرُوهَا (17)

اگر توهان جي صاحب (امام) جي غائب هجڻ جي خبر توهان وٽ پهچي ته ان جو انڪار نه ڪجو.

8- فقها ۽ مراجع تقليد سان لاڳاپو رکڻ

امام جي هر حقيقي منتظر تي لازم آهي ته غيبت واري دور ۾ پنهنجي پاڻ کي آزاد نه سمجهي ، پنهنجي پاڻ کي هر ذميواريءَ کان آجو تصور نه ڪري بلڪه ائمه معصومين (ع) اسان لاءِ معين ڪري ويا آهن ته غيبت واري زماني ۾ اسان جي جامع الشرائط فقيهن ڏانهن رجوع ڪريون ، جيئن ته خود امام زمانه (عج) اسحاق بن يعقوب جي جواب ۾ هڪ خط ۾ لکن ٿا :

أَمَّا الْحَوَادِثُ الْوَاقِعَةُ فَارْجِعُوا فِيهَا إِلَى رُوَاةِ حَدِيثِنَا فَإِنَّهُمْ حُجَّتِي عَلَيْكُمْ وَ أَنَا حُجَّةُ الله عليهم (18)

جيڪي نون پيش ايندڙ واقعن جي حل لاءِ اسان جي حديثن کي روايت ڪرڻ وارن ڏانهن رجوع ڪيو ڇاڪاڻ ته اهي توهان لاءِ منهنجي طرفان حجت آهن ۽ آئون انهن مٿان حجت آهيان .

نتيجو :

امام جي دور ۾ مومن ذميوارين کان آجو ناهي ۽ امام جي حضور وانگر سندس غيبت جي زماني ۾ به مومن مٿان ڪجهه ذميواريون آهن جن کي نڀائڻ امام جي حقيقي منتظرن لاءِ نهايت ضروري آهي. اسان کي گهرجي ته انهن ذميوارين کي نڀائي ڪري امام جي حقيقي منتظرن ۾ شامل ٿيون ۽ پنهنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪري ان کي مولا جو حقيقي ۽ سچو منتظر بڻايون. آخر ۾ ڌڻيءَ در دعا ٿا گهرون ته اسان سڀني کي امام زمانه (عج) جي معرفت عطا ڪري ۽ ان جو حقيقي منتظر ٿيڻ جي توفيق ڏي .

حوالا :

(1). همداني ، مرحوم دبير الدين ميرزا علي اڪبر ، تڪاليف الانام في غيبة الامام، تهران، انتشارات بدر، بهار 1361 (نيمه شعبان 1402).

(2). موسوي اصفهاني ، سيد محمد تقي ، مڪيال المڪارم في فوائدِالدعاء للقائم عليه‏السلام (در معرفت و ولايت امام زمان عليه‏السلام) ج 2، ترجمه سيد مهدي حائري قزويني، تهران، انتشارات بدر، زمستان 1372 (نيمه شعبان 1414)

(3)‏. حرّعاملي، محمد بن الحسن، وسائل‏الشيعة ج : 27 ص : 34.

(4). مجلسي ، بحارالانوار : ج: 5 ، باب 15 ، ص: 312 .

(5).ساڳيو ، ج : ‏8، ص : ‏368 ، و ينابيع الموده ، القندوزي ، ج : ‏3 ، ص : ‏372 .

(6). ڪمال الدين، ج‏2، ص‏512 .

(7) .بحارالانوار ، ج : 51 ، باب : 6 ، ص : 146 .

(8). نعماني ، محمد بن ابراهيم بن جعفر (معروف به ابن ابي زينب ، ٽي هجري جي عالمن منجهان آهي )ڪتاب الغيبة، بيروت، مؤسسة الاعلمي للمطبوعات، ص:107.

(9).ساڳيو ، ص : 104.

(10).ساڳيو ، ص : 105.

(11). ساڳيو .

(12). ساڳيو.

(13). ساڳيو .ص : 106

(14). بحارالانوار ، ج : 52 ، باب : 22 ،ص : 133

(15). ساڳيو ، ص : 135

(16). ڪامل سليمان، روزگار رهائي ، ترجمه علي‏اڪبر مهدي پور، ج : 1، تهران، آفاق، 1405.ق، ص : 344.

(17). ڪليني ، محمدبن‏يعقوب ، ڪافي ، ج : 1 ، ص : 340 .

(18). حرّعاملي، محمد بن الحسن ، وسائل‏الشيعة ، ج : 27 ، باب : 11 ، ص : 140