Get Adobe Flash player

الله تعالى جي پاڪ ذات جو نامحدود هجڻ ۽ اسان جي عقل، علم ۽ دانش جو محدود هجڻ ئي هن مسئلي جو بنيادي نڪتو آهي.

human-eye-thumb2109618خداوندعالم جووجود هر لحاظ کان نامحدود آهي، سندس ذات، سندس علم ۽ قدرت ۽ ٻين صفتن وانگر نامحدود ۽ ختم نه ٿيڻ واري آهي، ٻئي طرف اسان ۽ جيڪي شيون اسان سان واسطو رکن ٿيون، پوءِ چاهي اسان جو علم هجي يا قدرت، زندگي هجي يا اسان جي اختيار ۾ موجود ٻيون شيون هجن سڀ جون سڀ محدود آهن.

 

انهيءَ ڪري اسان پنهنجي محدود وجود جي آڌار تي ڪهڙي ريت خداوندعالم جي غيرمحدود وجود ۽ سندس نامحدود صفتن کي درڪ ڪري سگهون ٿا؟ اسان جو محدود علم ان غيرمحدود وجود جي پوري طرح آگاهي ڪيئن ڏئي سگهي ٿو؟.

جي ها! جيڪڏهن اسان ڪنهن شئ کي پري کان ڏسون توڙي جو اسان کي سمجهه ۾ نه به اچي رهي هجي پر پوءِ به ان ڏانهن هڪ مختصر اشارو ڪري سگهجي ٿو، پر خدا ۽ سندس صفات جي حقيقت تائين پهچڻ ممڪن نه آهي يعني تفصيلي طور تي سندس ذات جي باري ۾ علم حاصل نٿو ڪري سگهجي.

ان کان علاوه هو هڪ غيرمحدود وجود آهي جنهن جو ڪوبه مٽ ۽ مثل ڪونهي، هو اڪيلو ۽ تنها آهي، ڪو ٻيو هن جهڙو نه آهي، ڇوجو جيڪڏهن ڪوئي ٻيو ان جهڙو هجي ها ته ٻئي محدود ٿي وڃن ها.

هاڻي اسان ڪهڙي طرح ان وجود جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪريون جنهن جو ڪو مٽُ نه آهي، ان کان علاوه جيڪو ڪجهه به آهي ممڪنات جي دائري ۾ شامل آهي، ۽ سندس صفتون خداوندعالم سان پوري طرح فرق رکن ٿيون.[1]

هتي ان شيءِ کان آگاهي حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته اسان اهو نٿا چئي سگهون ته ان جي اصل وجود کان آگاهه نه آهيون، ان جي علم، قدرت، ارادي ۽ سندس حيات کان بي خبر آهيون، بلڪه اسين انهن سڀني شين جي باري ۾هڪ اجمالي معرفت رکون ٿا، اصل مطلب اهو آهي ته انهن جي گهرائي ۽ باطن کان بي خبر آهيون، دنيا جي وڏن وڏن علمن ۽ دانشورن جا عقل ان مقام تي حيران ۽ سرگردان نظر اچن ٿا، يا شاعر چواڻي:

به عقل نازي حکيم تا کي؟ به فکرت اين ره نمي شود طي!

به کنه ذاتش خرد برد پي اگر رسند خس و به قعر دريا![2]

اي حڪيم تون ڪيستائين پنهنجي عقل تي ناز ڪندين، تون پنهنجي فڪر ذريعي هن راهه کي طي نٿو ڪري سگهين.

ان جي ذات جي حقيقت تائين عقل نٿو پهچي سگهي، جهڙي ريت ڪکَ، پنَ سمنڊ جي تهه تائين نٿا پهچي سگهن.

حضرت امام صادق عليه السلام کان حديث نقل ٿيل آهي:إِذَا انْتَهَى الْكَلَامُ إِلَى اللَّهِ تَعَالَى فَأَمْسِكُوا.[3]

جنهن وقت ڳالهه خدا تائين پهچي وڃي ته ان مهل خاموش ٿي وڃو.

يعني خدا جي حقيقت جي باري ۾ بحث نه ڪيو، ڇوجو ان راهه ۾ عقلون حيران رهجي وڃن ٿيون ۽ ڪنهن به جاءِ تائين نٿيون پهچي سگهن، سندس نامحدود ذات جي معرفت محدود عقلن وسيلي ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا به شئ عقل ۽ فڪر جي دائري ۾ اچي وڃي، اها محدود ٿي وڃي ٿي ۽ خدا جو محدود هجڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ئي ڪونهي.[4]

يا واضح ۽ روشن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته جنهن وقت اسان هن دنيا جي اچرج ۾ وجهندڙ شين ۽ انهن جي نزاڪتن ۽ عظمت جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪيون ٿا، يا پنهنجي پاڻ تي نگاهه وجهون ٿا ته اجمالي طور تي معلوم ٿي وڃي ٿو ته انهن سڀني شين کي ڪوئي پيدا ڪرڻ وارو آهي، جڏهن ته اهو ساڳيوئي علم اجمالي آهي جنهن جي ذريعي انسان خدا جي معرفت ۽ سندس شناخت جي آخري مرحلي تائين پهچي ٿو، (پر انسان جيتري قدر ا ڪائنات جي رازن جي باري ۾ آگاهه ٿيندو ويندو ۽ ان جي عظمت واضح ٿيندي ويندي ته سندس اُها مختصر معرفت وڌيڪ قوي ۽ مضبوط ٿيندي ويندي آهي) پر جنهن مهل اسان پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيون ٿا ته هو ڪير آهي؟ ۽ ڪهڙي ريت آهي؟ ۽ سندس ذات پاڪ ڏانهن نظرون ڪيون ٿا ته حيرت ۽ سرگرداني کان سواءِ ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي، هي اُهائي ڳالهه آهي جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته خدا جي سڃاڻپ جو رستو مڪمل طور تي کليل آهي جڏهن ته (ٻئي طرف کان ڏسون ٿا ته اهو) پوري طرح بند آهي.

هن مسئلي کي هڪ مثال جي ذريعي واضح ڪري سگهجي ٿو ۽ اُها هي آهي ته هن ڳالهه کي اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته قوتِ جاذبه وجود رکي ٿي ۽ ان جي دليل هي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شئ کي ڇڏيون ٿا ته اُها ڪِري پوي ٿي ۽ زمين جي طرف اچي ٿي، ۽ جيڪڏهن اها قوتِ جاذبه نه هجي ها ته زمين تي رهڻ واري ڪنهن به موجود کي چين ۽ سڪون نه ملي ها، پر هن قوتِ جاذبه جي باري ۾ علم هجڻ ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي جيڪا رڳو دانشمندن سان مخصوص هجي، بلڪه ننڍڙا ٻار پڻ هن ڳالهه کي چڱي ريت ڄاڻن ٿا باقي قوتِ جاذبه جي حقيقت ڇا آهي؟ ڇا نظر نه اچڻ واريون لهرون ۽ ڇوليون آهن، يا نامعلوم ذرڙا يا ڪوئي طاقت؟ هيءُ هڪ ڏکيو مرحلو آهي.

۽ تعجب جي ڳالهه هيءُ آهي ته اِها قوتِ جاذبه، مادي دنيا ۾ ظاهري طور ڪنهن شئ کي ٻي جڳهه تي پهچائڻ ۾ ڪنهن زماني ۽ وقت جي محتاج نه آهي، پر نور ائين ناهي نور جيتوڻيڪ مادي دنيا ۾ سڀ کان تيز رفتار آهي، پر ڪڏهن هن نور کي هڪ جاءِ تان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ لکين سال گهربل هوندا آهن، جڏهن ته قوت جاذبه کيس دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هڪ لمحي ۾ منتقل ڪري ڇڏي ٿي، يا گهٽ ۾ گهٽ اسان جيڪا سرعت ۽ تيزي ٻڌي آهي ان کان وڌيڪ هن جي رفتار هوندي آهي.

اِها ڪهڙي طاقت آهي جنهن جا آثار اهڙا (عجيب ۽ اچرج ۾وجهندڙ) آهن؟ سندس حقيقت ڇا آهي؟ ڪوئي به ان جو واضح ۽ چٽو جواب نٿو ڏئي، جڏهن هن قوتِ جاذبه (جيڪا هڪ مخلوق آهي) جي باري ۾ اسان جو علم رڳو اجمالي پهلو رکي ٿو ۽ ان جي باري ۾ تفصيلي علم نه آهي، ته پوءِ ڪهڙي طرح اُن مقدس ذات جي حقيقت جي باري ۾ باخبر ٿي سگهون ٿا جيڪا هن دنيا ۽ طبيعت کان مٿانهين شين جي خالق آهي جنهن جو وجود غيرمحدود آهي، پر هرحال ۾ اسان کيس هر جڳهه تي حاضر ۽ ناظر مڃون ٿا ۽ ڪنهن به اهڙي جاءِ جو تصور نٿا ڪريون جتي سندس وجود نه هجي.

با صد هزار جلوه برون آمدي که من با صد هزار ديده تماشا کنم تو را.[5]

تون لکن جلون سان گڏ جلوه افروز ٿيو آهين ته جيئن آئون لَکين اکين سان تنهنجو ديدار ڪريان.

حوالا



[1]- جيڪڏهن توهان کي ان تي تعجب ٿئي ته جيڪڏهن اسان لامتناهي (نامحدود) مفهوم جو تصور به نٿا ڪري سگهون، ان ڪري ڪهڙي طرح لفظِ لامتناهي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو؟ ۽ ان جي باري ۾ خبر ڏني وڃي ٿي ۽ ان جي احڪام جي باري ۾ گفتگو ٿيندي آهي ته ڇا ڪنهن شيءِ جو تصور ڪرڻ ۽ ان کي ذهن ۾ سمائڻ کان سواءِ ان جي تصديق ڪري سگهجي ٿي؟

جواب: لفظِ لامتناهي ٻن لفظن مان ملي ڪري ٺهيو آهي، (لا) جيڪو عدم ۽ نهڪار جي معنى ۾ آهي ۽ (متناهي) جيڪو محدود جي معنى ۾ آهي يعني انهن ٻنهي کي جدا جدا تصور ڪري سگهجي ٿو، (نهڪار ۽ محدود) ان تصور کان بعد ٻنهي کي ملايو ويندو آهي ۽ ان جي ذريعي اهڙي وجود ڏانهن اشارو ڪيو ويندو آهي جيڪو ذهن ۾ سمائجي نه ٿو سگهجي، ۽ ان جي باري ۾ رڳو اجمالي علم حاصل ڪري سگهجي ٿو.

[2]- پيام قرآن، جلد4 ص:33

[3]- تفسير علي بن ابراهيم، نورالثقلين، جلد5 ص:170 جي نقل مطابق.

[4]- تفسير نمونه، جلد22 ص:558

[5]- پيام امام (شرح نهج البلاغه)، جلد1 ص:91.