Get Adobe Flash player

مهاڳ

13_2

قرآن مجيد الله سائين جو آخري ڪتاب ۽ رسول اڪرم جي رسالت جو زنده ۽ جاويد ثبوت آهي جنهن جي زير، زبر، پيش، شد، مد ۽ لفظن جي جوڙجڪ ۾ ڪنهن قسم جو ڪو شڪ نه آهي. سڀئي مسلمان دين جا عقيدا ۽ احڪام قرآن مان حاصل ڪن ٿا. ان بنياد تي قرآن واحد بنيادي ۽ اهم سند آهي جنهن تي سڀني مسلمانن جو اتفاق آهي، جيڪو هر قسم جي تحريف کان پاڪ ۽ مٿانهون آهي، جنهن ۾ هر شي جو بيان آهي.

ٻئي پاسي امامت ۽ خلافت هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو تاريخ ۾ مسلمانن جي وچ ۾ اختلافي مسئلو رهيو آهي جنهن ڪري اسلامي امت ڪيترن ئي فرقن ۽ گروهن ۾ ونڊجي وئي آهي.

اسان چاهيون ٿا ته ان اهم مسئلي جي قرآن جي روشني ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪريون، مسلمانن جي وچ ۾ اتحاد  ۽ ايڪي کي وڌايون ۽ تفرقي کان پرهيز ڪريون، تنهنڪري اسان هر قسم جي تعصب ۽ بغض کان پاڪ ٿي هڪ علمي بحث ڪريون.

امامت جي مسئلي لاءِ اسان آيت ابتلا يا امامت جي چونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ حضرت ابراهيم جي امامت، پاڻ سڳورن جي پنهنجي اولاد لاءِ امامت جي دعا، الله طرفان ظالمن کي امامت نه ڏيڻ جو وعدو وغيره ذڪر ٿيو آهي. ان جو مکيه دليل هي آهي ته سڀئي مسلمان حضرت ابراهيم جي امامت کي قبول ڪن ٿا. اسان ان آيت جي روشني ۾ امامت جا ڪلي اصول حاصل ڪري، رسول اڪرم کان بعد ان جي اهل بابت بحث ڪنداسين. پر پهريان حضرت ابراهيم جي شخصيت ۽ قرآن ۾ خدائي عهدن بابت تمهيدي ڳالهيون عرض ڪريون:

حضرت ابراهيم جي شخصيت

حضرت ابراهيم، الله جي نبين مان هڪ جليل القدر نبي هئا، سندس نالو قرآن جي 25 سورتن ۾ آيو آهي، قرآني آيتن ۾ کيس 69 ڀيرا عظمت سان ياد ڪيو ويو آهي.[1] الله سائين کيس صالح، صديق، صابر، وفادار وغيره جي صفتن سان ذڪر ڪيو آهي.

حضرت ابراهيم ٻيون اولوالعزم نبي، خليل الرحمان ۽ شيخ الانبياءِ يا ابو الانبيا جي عنوان سان مشهور آهي. سندس هڪ پٽ اسحاق مان بني اسرائيل ۽ ٻئي پٽ اسماعيل مان عرب وجود ۾ آيا. ان بنياد تي سڀئي آسماني دين پاڻ سڳورن صه تي ختم ٿين ٿا تنهنڪري اسلام، يهوديت ۽ مسيحيت کي ابراهيمي دين سڏيو ويندو آهي.

قرآن ۾ خدائي رتبا

نبي الله جا چونڊيل انسان هوندا آهن جن جي ڪلهن تي ماڻهن تائين الله جي پيغام پهچائڻ ۽ سندن هدايت ڪرڻ جي ذميواري هوندي آهي. قرآن مجيد جي مختلف آيتن جي روشني ۾ نبي وٽ هڪ کان ٽي عهدا ٿي سگهن ٿا. هينئر نهايت مختصر نموني سان انهن ڏانهن اشارو ڪجي ٿو:

1_  نبوت وارو رتبو 

قرآن مجيد ڪيترين ئي آيتن ۾ نبين لاءِ نبوت وارو رتبو جي مقام جو ذڪر ڪيو آهي. مثلا حضرت ادريس جي لاءِ آهي: واذکر في الکتاب ادريس انه کان صديقا نبيا،[2] ۽ (اي رسول) قرآن ۾ ادريس جو به تذڪرو ڪر، بيشڪ اهو وڏو سچو (ٻانهو ۽) نبي هو.

جار الله زمخشري نبي جي تعريف ۾ لکي ٿو: النبي الذي ينبي عن الله عز و جل وان لم يکن معه الکتاب کيوشع،[3] نبي اهو آهي جيڪو الله جون خبرون ٻڌائي پوءِ ڀلي کڻي ساڻس گڏ ڪتاب نه هجي جئين حضرت يوشع.

علامه طباطبائي فرمائن ٿا: النبي ماخوذ من النبا سمي به النبي لانه عنده نبا الغيب يوحي من الله و قيل ماخوذ من النبوه بمعني الرفعه سمي به لرفعه قدره فمعناه تحمل النبا من جانب الله،[4]

نبي “نبو” مان ورتل آهي پيغمبر کي نبي چوندا آهن ڇو جو الله جي وحي نازل ٿيڻ ڪري ان وٽ غيب جون خبرون آهن. هڪ قول هي آهي ته نبي “نبوه” مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنا بلند مرتبه آهي الله جي پيغمبرن کي نبي چوندا آهن جو سندن رتبو عظيم ۽ بلند هوندو آهي.

2_ رسالت وارو رتبو 

ٻيو عهدو جيڪو الله سائين پنهنجي چونڊيل ٻانهن کي عطا ڪندو آهي، اهو رسالت جو عظيم رتبو آهي. جئين ته ارشاد آهي: ما محمد ابا احد من رجالکم ولکن رسول الله و خاتم النبيين،[5] (مسلمانو!) محمد اوهان مڙسن مان ڪنهن جو (در اصل) پيءُ نه آهي (پوءِ زيد جي زال ڇو حرام ٿيڻ لڳي؟) پر الله جو رسول ٻين نبين جي مهر (يعني پڇاڙي ۾ اچڻ وارو) آهي.

ٻئي جڳھ تي ارشاد آهي: واذکر في الکتاب موسي انه کان مخلصا و کان رسولا نبيا، [6]۽  (اي رسول) قرآن ۾ڪجھ موسى جي ڳالھ به بيان ڪر، بيشڪ اهو پسنديده(ٻانهو) ۽ موڪليل نبي هو.

زمخشري ان بابت لکي ٿو: الرسول الذي معه کتاب من الانبياء،[7] رسول اهو آهي جيڪو انبياء جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب رکندو هجي.

علامه طباطبائي جو بيان آهي ته : الرساله تحمل التبليغ،[8] رسالت پيغام ۽ ڳالھ پهچائڻ آهي.

روايتن ۾ نبي ۽ رسول جو فرق

جيتوڻيڪ ڪيترن ئي روايتن ۾ نبي ۽ رسول جو فرق بيان ٿيو آهي پر اسان اختصار کي سامهون رکندي صرف هڪ روايت بيان ڪريون ٿا: عن زراره قال سئلت ابا جعفر عن قوله عز و جل “وکان رسولا نبيا” ما الرسول وما النبي؟ قال النبي الذي يري في منامه و يسمع الصوت ولا يعاين الملک والرسول الذي يسمع الصوت ويري في المنام و يعاين الملک،[9]

زراره نقل ڪري ٿو ته مون امام باقر کان ان آيت بابت سوال ڪيو ته مولا رسول ۽ نبي ۾ ڇا فرق آهي؟ امام فرمايو: نبي اهو آهي جيڪو ننڊ ۾ فرشتي کي ڏسي سندس آواز ٻڌي، پر کيس ظاهري اک سان ڏسي نه سگهي. رسول اهو آهي جيڪو فرشتي جو آواز به ٻڌي، ننڊ ۾ به ڏسي ۽ ظاهري طور به ڏسي. 

3_  امامت

الله پنهنجي موڪليل ٻانهن کي هڪ ٻيو منصب پڻ عطا ڪندو آهي اهو امامت جو آهي. جئين حضرت ابراهيم لاءِ ارشاد آهي: اني جاعلک للناس اماما.

راغب اصفهاني، امامت جي تعريف ۾ لکي ٿو:

الامام الموتم به انسانا کان يقتدي بقوله او کتابا او غير ذالک محقا کان او مبطلا و جمعه آئمه،[10]

امام ان کي چوندا آهن جنهن جي پيروي ڪئي وڃي، انسان هجي جو سندس قول جي پيروي ڪجي يا ڪتاب وغيره هجي، حق تي هجي يا باطل تي، ان جو جمع “آئمه” آهي.

علامه طباطبائي لکن ٿا: الامام هاد يهدي بامر ملکوتي يصاحبه فالامام بحسب الباطن نحو ولايه للناس في اعمالهم و هدايتها،ايصالها اياهم الي المطلوب بامر الله دون مجرد ارائه الطريق الذي هو شان النبي والرسول،[11]

امام اهڙو هادي آهي جيڪو آسماني حڪم سان ماڻهن جي هدايت ڪندو آهي ان بنياد تي امامت ماڻهن جي عملن تي هڪ قسم جي ولايت آهي. امام جي هدايت ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته ماڻهن کي الله جي مقصد تائين پهچائيندو نبي ۽ رسول وانگر صرف رستو نه ڏيکاريندو.

روايتن ۾ امام، نبي ۽ رسول جو فرق

امام صادق فرمائن ٿا: الله سائين حضرت ابراهيم کي نبي چونڊڻ کان اڳ پنهنجي بندگي لاءِ چونڊيو، رسالت کان اڳ کيس نبي بڻايو، خليل ٺاهڻ کان اڳ کيس رسول بڻايو، امام بڻائڻ کان اڳ خليل بڻايو، جڏهن اهي سڀ صفتون گڏ ٿيون ته کيس خطاب ڪندي فرمايو: اني جاعلک للناس اماما.[12]

آيت جي اهم لفظن جي تشريح

آيت جي اهم لفظن جي تشريح کان اڳ بهتر آهي ته پهريان سڄي آيت کي معنا سان گڏ ذڪر ڪريون: واذا ابتلي ابراهيم ربه بکلمات فاتمهن قال اني جاعلک للناس اماما قال و من ذريتي قال لا ينال عهدي الظالمين،[13] ۽ (ياد ڪريو اهو وقت) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو، پوءِ هن انهن کي پورو ڪيو، تڏهن فرمايو ته آءُ تو کي ماڻهن جو امام (پيشوا) بڻايان ٿو. چيائين ته منهنجي اولاد مان به (امام بڻائيندين؟!)فرمايائين (ها! پر) منهنجو هيءُ عهد ظالمن کي نصيب نه ٿيندو

هاڻ اهم لفظن جي تشريح جيڪي هن ريت آهن:

1. ابتلاء

آيت انهي لفظ سان شروع ٿئي آهي. هي لفظ مختلف صورتن ۾ ڪيترين ئي آيتن ۾ ذڪر ٿيو آهي. لغت نويسن ان لفظ جي اصل “بلا” ڄاڻائي آهي.[14]

راغب اصفهاني لکي ٿو: بلوته “مون ان کي آزمايو”   جي معنا ۾ آهي. جڏهن چيو ويندو آهي “ابليت فلانا” مون ان کي آزمايش ۾ وڌو. غم کي به بلا چوندا آهن ڇو جو ان ذريعي انسان جي جسم کي آزمايو ويندو آهي.[15]

هي امتحان ئي آهي جنهن وسيلي انسان جون اندريون صفتون ظاهر ٿين ٿيون ۽ حقيقيت عيان ٿئي ٿي نه ته ڳالهين ۾ ته هر ڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، علامه طباطبائي امتحان جي ضروري هجڻ بابت لکن ٿا:  انسان جون اندريون صفتون مثال طور اطاعت، شجاعت، سخاوت، عفت ۽ پاڪدامني وغيره يا انهن جا ضد، امتحان وسيلي اهو به عمل ۾ ظاهر ٿين ٿيون ڇو جو عمل آهي جيڪو انهن صفتن کي ظاهر ڪري ٿو نه ته ماڻهن جي ڳالهين ۾ ته سچ ۽ ڪوڙ جو امڪان آهي، تنهنڪري صرف ڳالهين تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي.[16]

2. ڪلمات

ڪلمات جو مفرد “ڪلمه” آهي، هي لفظ قرآني آيتن ۾ مختلف معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي. عرب لغت نويسن هن لفظ جو اصل  مادو “ڪلم” ٻڌايو آهي جنهن جي معنا هي لکي اٿن: ڪنهن شي جو اثر ڏيکارڻ جيڪو اک يا ڪن سان محسوس ٿئي.[17]

پر تفسيرن ۾ ان لفظ جون مختلف معنائون لکيون اٿن جنهن جي بنياد روايتون آهي، ڪجھ مفسرن ڪلمات مان “دين ابراهيم ۾ واجب ڪمن” کي ڄاڻايو آهي جيڪي اسلام ۾ سنت جي عنوان سان ذڪر ٿيندا آهن جهڙوڪ سيرب ڪرڻ، ڏندڻ ڪرڻ، طهر ڪرڻ، غسل ۽ وضو وغيره.[18]

ڪجھ شيعه مفسرن ڪلمات مان مراد اها عبارت ورتي آهي جنهن ڪري حضرت آدم جي توبه قبول ٿي، سندن دليل امام صادق جي ورايت آهي جنهن جو مضمون هي آهي: اسئلک بحق محمد و علي و فاطمه والحسن والحسين ان تبت علي فتاب الله عليه انه هو التواب الرحيم، پوءِ راوي امام کان “فاتمهن” جو مطلب پڇيو، امام فرمايو: حضرت ابراهيم انهن نالن کي ٻارنهين امام تائين ڳڻيو جيڪو اولاد حسين مان نائون امام آهي.[19]

3. امام

امام جو لفظ، علم ڪلام ۾ هڪ خاص معنا رکي ٿو، متڪلمين وٽ امام اهو آهي جيڪو اسلامي معاشري کي هلائڻ ۾ رسول الله جو جانشين هجي ۽ ماڻهن جي ذميواري آهي ته سندس پيروي ڪن.

اهل سنت جو نامور متڪلم قاضي اليجي لکي ٿو: (الامامة خلافة الرسول في اقامة الدين بحيث يجب اتباعه علي کافة الامة.) [20]

علامه حلي لکن ٿا: الامامه خلافه عن الرسول في اقامه الدين و حفظ المله بحيث يجب اتباعه علي کافه الامم.[21]

پر اصل اختلاف ان ۾ آهي ته ان شخص جي چونڊ ڪير ڪندو؟ ان جا شرط ڇا آهن؟ اسان اماميه جو عقيدو آهي ته امام جي چونڊ الله سائين پاڻ ڪندو ۽ عصمت ان ۾ شرط آهي جڏهن ته اهل سنت انهن شرطن کي نٿا مڃين ۽ هو امام لاءِ اهي ئي شرطون ذڪر ڪن ٿا جيڪي امام جماعت وغيره ۾ آهن.

ڌيان جوڳي ڳالھ هي آهي ته امام جي قرآني معنا، ڪلامي معنا کان مختلف آهي انهن ٻنهي کي هڪٻئي سان ملائڻ ڪري ڪافي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، ڇو جو قرآن جي نظر ۾ امامت، نبوت ۽ رسالت کان مٿانهون رتبو آهي.[22] تو پوءِ جهڙي نموني اسان نبي کي چونڊڻ جو حق نٿا رکون امام کي به نٿا چونڊي سگهون.

جئين ته الله سائين حضرت ابراهيم لاءِ فرمايو: اني جاعلک للناس اماما، مان تو کي ماڻهن جو امام بڻايان ٿو.

4. ظالمين

ظالمين، ظالم جو جمع آهي جيڪو ظلم مان ورتل آهي. لغت نويسن ظلم کي عدل جو ضد سمجهي هن ريت ڄاڻائين ٿا: ڪنهن شي کي نامناسب جاءِ تي رکڻ.

راغب اصفهاني لکي ٿو: الظلم عند اهل اللغه و کثير من العلما وضع الشي في غير موضعه المختص به.

وري اڳتي لکي ٿو ته ظلم، پنهنجي حد کان نڪرڻ يا اڳتي وڌڻ کي چئبو آهي تنهنڪري وڏي ۽ ننڍي گناھ کي ظلم چيو ويندو آهي ڪجھ حڪمت وارن جو چوڻ آهي ته ظلم جا ٽي قسم آهن، انسان ۽ الله جي وچ ۾ ظلم جنهن جا وڏا نمونا هي آهن شرڪ، ڪفر، نفاق. تنهنڪري فرمايو: ان الشرک لظلم عظيم،[23] بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي. هڪ انسان جو ٻئي انسان تي ظلم، ان لاءِ فرمايو اٿس، والله لا يحب الظالمين،[24] ۽ الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري. پنهنجو پاڻ تي ظلم “ اني ظلمت نفسي”[25] مون پڪ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو،  ۾ اها ئي معنا مراد آهي.[26]

ڌيان جوڳي ڳالھ هي آهي ته آيت ۾ هي لفظ جمع جي صورت ۾ آهي ٻيو ته الف لام سان گڏ آهي جيڪو استغراق تي دلالت ڪري ٿو ۽ هر قسم جي ظلم کي شامل آهي جئين ان آيت ۾ آهي: ان الانسان لفي خسر،[27] بيشڪ انسان نقصان ۾ آهي.[28]

ان مان نتيجو هي نڪرندو ته جنهن به انسان زندگي جي ڪنهن به موڙ تي ڪو ظلم ڪيو چاهي ننڍو يا وڏو ڀلي کڻي پاڻ تي ڇونه ڪيو هجيس ، اهو امامت جو اهل نه آهي بلڪه الله جو هي منصب صرف انهن کي ملندو جن پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪو معمولي ظلم به نه ڪيو هجي سندن ڪردار، رفتار ۽ گفتار پاڪ هجن.

آيت جي تفسير

هي آيت  حضرت ابراهيم جي زندگي جي اهم رخ کي بيان ڪري ٿي جو جڏهن پيري جي زماني ۾ الله تعالى جي سخت آزمايش ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي صلاحيت ظاهر ڪيائين ته الله سائين کيس نبوت ۽ رسالت کان وڏو رتبو عطا ڪيو، ڇو جو نبوت ۽ رسالت کين ته پهريان کان ئي عطا ٿيل هيو. تڏهن حضرت ابراهيم دعا گهري ته يا الله اهو عظيم رتبو ۽ عهدو منهنجي اولاد کي به عطا فرما. الله سائين جواب ۾ فرمايو ته منهنجو هي عهدو ظالمن کي نه ملندو. در حقيقت پالڻهار حضرت ابراهيم جي دعا کي رد نه ڪيو ۽ ائين نه فرمايو ته تنهنجي اولاد مان ڪنهن کي به هي عهدو نه ڏيندس بلڪه فرمايائين هي عهدو انهن کي ڏيندس جيڪي پنهنجي رفتار، گفتار ۽ ڪردار ۾ ذري برابر به ظلم نه ڪندا. مطلب ته تنهنجي اولاد مان جيڪي هر قسم جي عيب ۽ گناھ کان پاڪ هوندا تن کي هي عهدو ڏيندس.

هن آيت مان شيعه نظرئي کي تقويت ملي ٿي ۽ ان سان سندن نظرئي جا هيءُ نڪتا ثابت ٿين ٿا

شيعه نظرئي جا اهم نڪتا هي آهن ته

1_ امامت جو رتبو نبوت ۽ رسالت کان الڳ آهي.

2_ امام، الله سائين پاڻ بڻائيندو

۽ صرف ان کي بڻائيندو جيڪو هر قسم جي ظلم کان پاڪ هجي يعني معصوم هجي.

شيعه تفسير جا دليل

1_ الله سائين اهو فرمايو ته مان بڻائيندس “جعل” کي پاڻ ڏانهن نسبت ڏيندي فرمايو: “اني جاعلک” ان مان خبر پوي ٿي ته امامت هڪ وهبي منصب آهي ۽ الله سائين چونڊيل ماڻهن کي اهو عهدو عطا ڪندو آهي.  ٻيو هي ته الله سائين امامت کي “عَهدي” منهنجو منصب چيو آهي ته هو جنهن کي چاهيندو عطا ڪندو ۽ پوءِ مومن اهو آهي جيڪو الله جي فيصلي تي اعتراض نه ڪري جئين ته ارشاد آهي: و ربک يخلق ما يشاءُ و يختار ما لان کان لهم الخيره،[29] ۽ تنهنجو پالڻهار جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو (جنهن کي چاهي ٿو سو) چونڊي ٿو ۽ اهو پسند ڪرڻ (چونڊڻ) ماڻهن جي اختيار ۾ نه آهي.

ٻئي جڳھ تي آهي ته :وما کان لمومن ولا مومنه اذا قضي الله و رسوله امرا ان يکون لهم الخيره من امرهم،[30] ۽ جڏهن خدا ۽ سندس رسول ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ته نه ڪنهن  به ايمان واري مرد يا عورت لاءِ ته  کين ان ڪم ۾ ڪو اختيار نه ٿو رهي.

2_ ادبي لحاظ کان “جاعل” اسم فاعل جو صيغو آهي جنهن پنهنجي فعل وارو عمل ڪندي مفعول (اماما) کي زبر ڏني آهي ۽ لغت جي قانون مطابق اسم فاعل جي عمل جي شرط هي آهي ته حال ۽ استقبال جي معنى تي دلالت ڪري. ان بنياد تي آيت جي معنا هي ٿيندي ته مان تو کي هاڻي ماڻهن لاءِ امام بڻايان ٿو. مطلب ته حضرت ابراهيم پهريان نبي، رسول هو پر امام نه هو اڄ الله سائين کيس امام بڻائي رهيو آهي ان جو نتيجو هي ٿيندو ته نبوت ۽ رسالت الڳ عهدا آهن امامت الڳ عهدو آهي.

3_ حضرت ابراهيم جي دعا جي جواب ۾ الله سائين “لا ينال” استعمال ڪيو. هي فعل مستقبل آهي ۽ فعل مستقبل استمرار ۽ دوام تي دلالت ڪندو آهي. “الظالمين” جو لفظ هر قسم جي ظلم کي شامل آهي ان جو مطلب هي آهي ته الله سائين مستقبل ۾ به پنهنجو هي عهدو (امامت) معصوم انسانن کي عطا ڪندو رهندو ۽ ظالم ۽ غير معصوم هميشه ان رتبي کان محروم رهندا ۽ امام بڻجي نه سگهندا. نتيجو هي ته “عصمت” ۽ معصوم هجڻ امامت لاءِ بنيادي شرط آهي.

4_ امام يا نبي ماڻهن کي توحيد جي دعوت ڏيڻ لاءِ هوندو آهي ۽ عملي طور تي ماڻهن لاءِ نمونو تنهنڪري جيڪو به انسان پنهنجي زندگي ۾ پاڻ بت پرستي ۾ مبتلا رهيو هجي اهو گذريل آيت (ان الشرک لظلم عظيم) جي روشني ۾ ظالم آهي ۽ ظالم امامت جو عهدو نٿو ماڻي سگهي.

امالي شيخ طوسي ۾ روايت آهي ته ابن مسعود رسول خدا کان روايت نقل ڪري ٿو ته الله سائين فرمايو آهي: من سجد لصنم دوني لا اجعله اماما... انا و علي لم يسجد احدنا لصنم قط،[31] جيڪو به بت کي سجدو ڪندو مان ان کي امام نه بڻائيندس....مون ۽ علي مان ڪنهن، ڪڏهن به بتن کي سجدو نه ڪيو آهي”. ان روايت جو مطلب هي آهي ته رسول خدا کانپوءِ جيڪڏهن ڪو امام آهي ته اهو علي عليه السلام آهي ڇو جو علي عليه السلام ئي آهي جنهن ڪڏهن به بتن کي سجدو نه ڪيو آهي.

نتيجو هي ته پيغمبر اڪرم ۽ علي عليه السلام کان سواءِ ڪو به بت پرستي کان پاڪ نه هو. ان بنياد تي جيڪڏهن پاڻ سڳورن کان پوءِ ڪو امام ٿي سگهي ٿو اهوعلي عليه السلام ئي آهي.

نتيجو

اسان هن مختصر لکڻي ۾ امامت جهڙي اهم موضوع کي آيت ابتلا يا امامت جي روشني ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن۾الله  سائين حضرت ابراهيم کان سخت امتحان وٺي پوءِ اهو عهدو کيس عطا ڪيو ۽ حضرت ابراهيم جڏهن ان عهدي جي پنهنجي اولاد لاءِ گهر ڪئي ته الله سائين جواب ۾ فرمايو منهنجو هي عهدو ظالمن کي نه ملندو.

ان آيت جي روشني ۾ معلوم ٿيو ته امامت، الله جو عهدو آهي، جيڪو نبوت ۽ رسالت کان الڳ ۽ مٿانهون آهي. امام، الله سائين پاڻ بڻائيندو اهو به صرف معصوم انسانن کي.

هاڻ جڏهن قرآن جي روشني ۾ امامت جي معيار جي خبر پئي ته اچو ڏسون الله سائين رسول اڪرم کان بعد ڪنهن کي امام بڻايو آهي. سڀني مفسرين جو اتفاق آهي ته آيت بلغ (يايها الرسول بلغ ما انزل اليک من ربک وان لم تفعل فما بلغت رسالته،[32] اي رسول جو حڪم پنهنجي پروردگار طرفان توڏي نازل ڪيو ويو آهي سو پهچاء ۽ جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ته (سمجھ ته) تو سندس ڪو به پيغام نه پهچايو) واقعه غدير ۽ حضرت علي جي ولايت بابت نازل ٿئي. ان مان معلوم ٿيو ته الله سائين علي عليه السلام کي امام بڻايو آهي.

ٻئي شرط بابت هي ته آيت تطهير[33] ۾ الله سائين علي عليه السلام جي عصمت کي بيان ڪيو آهي. مطلب ته امامت جو پورو معيار علي عليه السلام ۾ پاتو وڃي ٿو ان بنياد تي رسول اڪرم کان پوءِ علي عليه السلام ئي امام آهن.

آخر ۾ دعا اهي ته اللهم وال من والاه و عاد من عاداه وانصر من نصره واخذل من خذله وجعلنا من اعوانه وانصاره.

حوالا ...



[1] ڏ تفسير نور، ج1، ص 196.

[2] _ سورت مريم، آيت 56

[3] _ الڪشاف، ج3، ص22

[4] _ الميزان، ج2، ص134

[5] _ سورت احزاب، آيت40

[6] _ سورت مريم، آيت 51

[7] _ الڪشاف، ج3، ص22

[8] _ الميزان، ج1، ص271

[9] _ ڪافي، ج1، ص176

[10] _ مفردات، ص

[11] _ الميزان، ج1، ص275

[12] _ الاختصاص، ص22

[13] _ سورت بقره، آيت 124

[14] _ لسان العرب، ج15، ص42

[15] _ مفردات، ص145

[16] _ الميزان، ج

[17] _ صحاه اللغه، ج5، ص2023

[18] _ در منثور، ج1، ص60

[19] _ مجمع البيان، ج1، ص200

[20] _ المواقف، ص 345

[21] _ دلائل الصدق، ج2، ص4

[22] _ الميزان، ج1،  ص275

[23] _ سورت لقمان، آيت 13

[24] _ سورت آل عمران، آيت 57

[25] _ سورت نمل، آيت 44

[26] _ مفردات، 537

[27] _ سورت عصر، آيت 2

[28] _ مغني اللبيب، ص26

[29] _ سورت قصص، آيت68

[30] _ سورت احزاب، آيت 36

[31] _ تفسير نور، ج1، ص199 کان نقل ٿيل.

[32] _ سورت مائده، آيت 67

[33] _ سورت احزاب، آيت 33